ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
عام سنڌي شاعري ۽ عام سنڌي سگهڙپائي
اسان جي نج سنڌي ادب يعني دهقاني ادب جا ٻه مکيه
ڀاڱا آهن (1) عام سنڌي شاعري ۽ (2) عام سنڌي سگهڙ
پائي. حقيقت ۾ شاعري ۽ سگهڙ پائي پنهنجي اعليٰ ۽
معياري درجي تي ٻئي طبع سليم ۽ خداداد لياقت جي
پيداوار آهن. البت ٻنهي ۾ ذرا هيءُ فرق آهي ته
شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ سگهڙ پائي اڪثر هڪ خاص ارادي عمل
جو نتيجو آهي، جنهن موجب سگهڙ هن فن جي ڪن خاص
مقرر ۽ معلوم عنوانن ذريعي پنهنجي خيال کي ڪن خاص
سانچن ۾ سموهي، ڪي خاص معنائون پيدا ڪري ٿو. لهٰذا
سگهڙپائي لاءِ تڪلف ۽ تصنع لازمي آهي. البته سگهڙ
پائي جو فن صرف سگهڙن لاءِ مخصوص ناهي، شاعر به
سگهڙپائي جي عنوانن ۾ طبع آزمائي ڪري سگهي ٿو ۽
انهيءَ حالت ۾ سندس شاعرانه طبع، تصنع ۽ تڪلف جي
نقطن کي به فطري نموني ۾ چمڪائي ٿي. ٻي طرف وري هڪ
سگهڙ به شاعريءَ جي ميدان ۾ قدم رکي سگهي ٿو مگر
سندس نظم تي اڪثر تڪلف ۽ تصنع جو رنگ غالب هوندو.
هن وضاحت بعد اسان ’عام سنڌي شاعري‘ ۽ ’عام سنڌي
سگهڙپائي‘ کي ذرا وڌيڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون.
اسان جي خيال ۾ ’عام سنڌي شاعري‘ مان اسان جي مراد
اهو سنڌي شعر آهي، جو سنڌ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج
آهي. اهو شعر جو صرف پڙهيلن تائين محدود ڪونهي،
بلڪه سنڌ جي هر اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي، ڪڙمي خواه ڪاسبي،
هاري توڙي ٻيلي جي ذوق جي ورد وظيفو آهي. اهو شعر
جو سنڌ جي جهر جهنگ، واهڻ وسين، جاءِ بجاءِ جاري
ساري آهي. (ٻيلاين جا ٻول ص 40) عام شاعري در
حقيقت اهل سنڌ جي حيات جو آئيندو آهي، جنهن ۾ هتي
جي ماڻهن جي ريتن رسمن، اٿڻي، وهڻي، خوبين خامين،
جهيڙن جهڳڙن سميت سڄي تمدني تاريخ سمايل آهي. عام
سنڌي شاعريءَ جا مکيه پهلو ٻه آهن (الف) بيت ۽ (ب)
ڪافيون.
سنڌي بيت:
سنڌي بيت هندي شاعريءَ جي ’دوهي‘ يا ’دوهري‘ مان
سرجيو. قاضي قاضن، شاهه ڪريم ۽ ٻين اوائلي شاعرن
ان کي نج سنڌي صورت ۾ پيش ڪيو ۽ شاه عنايت رضوي ۽
ڀٽائي صاحب ان ۾ نج سنڌي روح ڦوڪي ان کي هميشه
حيات ۽ جيئرو ڪري ڇڏيو، بلڪه ان جي پيماني کي خالص
سنڌي احساسات ۽جذبات سان لبريز ڪري ’کاالکوثر‘ مثل
عوام ۾ عام ڪري، هن ملڪ جي مڙني ماڻهن کي ان نشي ۾
مخمور ۽ مست بنائي ڇڏيو. ٻي طرف وري ديني تبليغ کي
دلچسپ بنائڻ لاءِ ان کي نظم جي قالب ۾ اوتيو ويو ۽
مخدوم ابوالحسن، شهيد عبدالرحيم گرهوڙي، مخدوم
محمد هاشم، مخدوم عبدالله وغيره عالم شاعرن نه صرف
’الف اشباع‘ واري دستوري قافيه (ڪريجا، سڻيجا
وغيره) تي اڪتفا ڪئي مگر ٻين حرفن ۾ متعدد قافيا
پيدا ڪري، ’ننڍي سنڌي بيت‘ جي برعڪس ’ڊگهي نظم‘ جو
بنياد وڌو جو تبليغي حيثيت سبب عوام ۾ مقبول پيو ۽
مشهور ٿي ويو. انهن ٻن اثرن هيٺ يعني، ’ننڍي سنڌي
بيت‘ جي روح ۽ ’ڊگهي تبليغي نظم‘ جي قالب مان
’ڊگهو سنڌي بيت‘ نمودار ٿيو جو ٻن خاص سببن ڪري
عوام ۾ نهايت مقبول پيو. پهريون ته ڊگهي بيت ذريعي
سنڌ جي مشهور قصن ۽ ڪهاڻين کي منظوم ڪرڻ ۾ آساني
ٿي، فارسي مثنويءَ جي بدلي اسان جي عوام کي هاڻي
هيءُ پنهنجو نج سنڌي سانچو ملي ويو، جنهن جي ذريعي
متعدد شاعرن مختلف قصا منظوم ڪيا، مثلاً شيخ
ابراهيم ’مومل راڻي‘ جو قصو منظوم ڪيو، ڇٽي کٽي
’بانڪي بهرام‘ جو، حفيظ تيوڻي ’مومل راڻي‘ جو،
موريي فقير ’سسئي پنهونءَ‘ جو، حاجي خانڻ ’سيف
الملوڪ بديع الجمال‘ جو، وغيره وغيره. ٻيو ته
پاڙيسري بلوچي ادب ۽ تمدن جي اثر هيٺ (جتي بلوچي
داستان سرندي ۽ رباب جي ميلاپ سان ڳائجن ٿا) سنڌ ۾
هن
’ڊگهي
سنڌي بيت‘
۾ چيل قصن کي
’نڙ‘
جهڙي ساز جي درديلي لئي تي بلند آواز سان ڳائڻ جي
رسم وجود ۾ آئي، جنهن ڪري
’نڙ
۽ بيت‘
ڄڻ ته لازم ملزوم جز بڻجي سنڌ جي عام ڪچهرين جو
سينگار ٿي پيا، جنهن ڪري عام سنڌي بيتن جي شهرت
ويتر وڌي وئي.
اسان جي خيال ۾ شيخ ابراهيم ۽ سيد ڪبير شاهه انهن
عام سنڌي بيتن جا پهريان ماهر ۽ وڏا استاد هئا،
جيئن ته ڪبير شاهه جي زندگيءَ جو گهڻو عرصو
ڪوٽڙيءَ ۾ گذريو انهيءَ ڪري سنڌ جي عام شاعرن تي
سندس وڏو اثر پيو. ڪبير شاهه جي بيتن جي مطالعي
مان سندس بيتن کي هيٺين خاص ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي
ٿو: (1) مجاز ۽ سڄڻ جي حسن ۽ سينگار جا بيت (2)
قصن جا بيت جن ۾ قصي جي بيان کانسواءِ شاعر جي
شخصيت کي دخل آهي، جنهن ڪري سندس ذاتي محبت ۽
مجاز، سوز ۽ درد به قصي سان گڏوگڏ سمايل آهي. (3)
قصن جا اهي بيت جن ۾ مارئي،
سسئي، نوري، مومل وغيره کي صرف بياني طور ڳايو ويو
آهي. سندس انهن خاص پهلوئن جو اثر سنڌ جي عام
شاعرن جي بيتن ۾ به نمايان آهي.
(1) ڪبير شاهه بعد گهڻن ئي شاعرن عشق ۽ درد، مجاز
۽ محبت کي ڳايو مگر هت صرف سيد راڄن شاهه جو
پنهنجي طرز جو اڪيلو ۽ ممتاز شاعر هو تنهن جو
مختصر ذڪر پيش ڪجي ٿو: سيد راڄن شاهه کي گذر ئي
ذري گهٽ سؤ سال کن ٿيا. اڪثر عمر ميرپورساڪره
تعلقي ۾ گذاريائين. محبت ۽ مجاز ۾ راڄن شاهه جي
شعر ۾ قدري ڪبير شاهه جي خيالن جي جهلڪ نظر اچي
ٿي، مثلاً ڪبير شاهه چوي ٿو ته:
نينهن پرين ناتو، توڙان ٿو نه ڪرڻ هو،
پرعشق جي الول جو جڏهن پيچ پرين پاتو،
کسي ساهه سنگين پرين جڏ چشمن سان جاتو،
تڏهڪڙي هئي خبرخدا کي اي من اندر مان ت،
تڏڇڻ جي ڇاتو، ڪرين ’ڪبير شاهه‘ چئي.
راڄن شاهه چوي ٿو ته:
هڏ نه يانتم هيئن، اڳ اوهان کان سپرين،
پهرين ريهي ريب سان، منهنجي دل ڌتاريو جيئن
جيئن ڏينهن جي جاءِ پئي منهنجو تن وٺي نيپ تيئن،
سا رهي ته راڄن شاهه چوي، تنهنجو ترت طبو ڪج تيئن
مان به توئي سين، هي ڳنڍڻ ڇنڻ لاءِ نه ڪيو.
راڄن شاهه سنڌ جو اڪيلو شاعر آهي، جنهن پنهنجي
بيتن جي مضمون کي قصن ڪهاڻين جي ذريعي نه، پر سڌو
سنئون صرف محبوب جي ذڪر اذڪار سان مخصوص ڪيو آهي.
هن نه صرف مجاز جو ساز ڇيڙيو آهي، مگر مجاز جون
لوليون ڏئي ڇڏيون آهن. چوي ٿو ته:
عشق جو احوال، چوڻ کان چئوڻو ٿيو،
هڪ تون ٿو سمجهين سپرين ٻيو هادي ڄاڻي حال،
تو سماءَ ناهي سور جو ته ڪو هنئين سين هي حال،
سڪ جو موريو ساهه تي سندو نينهن نهال،
تنهن ۾ ڦر ڦٽي طلب جو سو پڇي ڦٽو پيمال،
تنهنجي ريشي کان روح تي ڪنهن ڳڻ نه تڪي ٿي ڳالهه
هاڻي سگهو موٽ سقيم تي وري ڪر و صال
روح ۾ راڄن شاهه چوي ماريس جانب جي جمال،
هاڻي سائين لڳ سوال سڻج منهنجو سيد چئي.
—
جئن ٿامون جهلين، تيئن ٿو مون تاڪيد ٿئي،
هو ڀانئين هن کي مديون ٿيون مارين،
پر طعنا تنهن سپرين مونکي جانب! جيارين
روح ۾ ’راڄن شاهه‘ چوي پڻ وحدت وڌائين،
جيئن سرتيون سيکارين، تيئن ٿي پڙهان باب پريت جا.
تن من تاري تات، مون کي هئي دل ۾ داور دوست جي،
جن ريءَ ساعت ’سيد‘ چئي روز نه گذري رات،
سو دوست پيهي در آئيو، هيس اها وائي وات،
تنهن محبت ڪري گن مات، منهنجي جهوني دل جوان ڪئي.
—
تن من تاڻو واڻ، مون کي هئي دل ۾ داور دوست جي،
سو آيو اوطاقن ۾ پرين سڃاڻي پاڻ،
تن خاصي خلوت خوب خلاصي اچي ريجهي ڪئي رهاڻ،
تنهن ساجن سهڄن ساڻ، منهنجي جهوني دل جوان ڪئي
(2) سنڌ جي عام افسانن ذريعي پنهنجي سور ۽ سور کي
بيان ڪرڻ ۾ ڪبير شاهه کانپوءِ، سانوڻ خاصخيلي هن
ميدان ۾ ممتاز آهي. درحقيقت هو ڪبير شاهه جو حقيقي
شاگرد آهي، جنهن ظاهري قصن جي صورت ۾ ويهي پنهنجي
سڪ ۽ سوز جو داستان سڻايو آهي. مثال لاءِ سسئي جي
سُر ۾ ڪبير شاهه ۽ سانوڻ جا بيت ملاحظه هجن:
ڪبير شاهه:
ڪاڪيون ڪيچين ڪاڻ، پاڻ ڪرينديس پرزا
حيف حياتي جندڙو، هوت بنا هت هاڻ
ڪا ساعت اوهان وٽ سرتيون، مادر آهيان مهمان
ٽرنديس تور ٽڪر ڏي، ٻڌيس، ٻول ٻنڌاڻ
ڪيچي ڪبير شاهه چوي، منهنجو ساهه وٺي ويا ساڻ
رونديس جرنديس پاڻ، هيءَ سڀ حال حبيب کي.
سانوڻ:
درد بنا دانهن نه نڪري، الا ڙي الا!!
ڪانڌ مونکي ڪهي ويو، ڪري ڪربلا
اٺ ته آري، جام جا اٿاريئون اولا
آري جي اٺن کي ڏيندس وندر منجهه ولا
هاڙهي، وندر وچ ۾ ڏنم وي ولا
پر سورن جا سائين! مون آهن ٿڪيءَ تي ٿلا
پر سورن جا، سائين! مون آهن ٻانهي تي ٻيلا
پر سورن جا، ’سانوڻ‘ چئي، اڄ آهن ڪوڙا ڪوء نسلا
اهي حسن حوصلا، منهنجا پنهونءَ کؤن پوءِ ويا.
(3) قصن جي ڊگهن بياني بيتن ۾ به سانوڻ ساڳي ڪبير
شاهه جي واٽ ورتي. سر سسئي ۾ ڪبير شاهه ۽ سانوڻ جا
هيٺيان ٻه بيت ملاحظه هجن، جن ۾ سانوڻ نه صرف
اندروني قافيي جي وارو وار ۾ ڪبير شاهه جو تتبع
ڪيو آهي، مگر ڪبير شاهه جو ’لنگهن ڊگها وڃن سگها‘
وارو ساڳيو اصطلاح پنهنجي بيت ۾ به آندو آهي:
ڪبير شاهه:
باري بلوچن جون هيون ارڙهن ويهون اٺن،
تن ڪاري ڪڪر ڏونگرتان اچي گس ٻڌو گؤنرن،
تن ائونرن، گؤنرن، لبن ليڙن، ڏاگهن ڏيرن پوڙهن
ٺوڙهن،
گهٽن گهيڙن، لاهن چاڙهن، مون سان جيڏي ڪي جتن،
جن جون پوچون پلاڻن سين، جماتون جتن،
ڳاڙهي چندن ڪاٺ جون، ناڪيليون نڪن،
ٽَنگن ڊگها وڃن سگها، ڪه ۾ ڪين ڪڇن،
ڪچيءَ نوڙي ٻڌا، چوريءَ ويا، جن جا کر نه کڙڪو ڪن،
منزل مارڻ، پوءِ نهارڻ، اهو عيب اٺن،
چرن ڄاريون، وره ويچاريون، مدي نه پئي منجهن،
پڇن پيارا، سدا سونهارا، جيريا جپ چرن،
سي ڪڇن ڪين ’ڪبير شاهه‘ چئي، ٿا نرمل ننگ کڻن،
اهي بندي بلوچن، ڌاڙي خاطر ڌاريا.
سانوڻ:
ٻاروچي ٻولي ۾ ڪيون ٿي سيڻن صلاحون،
پوءِ ميا مون مٺيءَ ڏي، وڃي مخفي مُڪائون،
سي ٽنگن ڊگها وڃن سگها، ليڙا ڏين لاهون،
اهي اُٺ به اوري، ڏٺم ڏوري، ڍريا ڍوري، چانگا ڏيئي
چاهون،
سير ڇير ڇانئي، هليا رانئي، گهٽ به گهائي، بديون
بخشائي،
ان جي ٿينديس گولي غلامون،
سي جبل جوڙ، ٻڌيو موڙ، کڻيو ڊوڙ، هليو لوڙ، ايندم
اٺ به اوراهون،
سي بغدي بره، پڇي پره، نيندا نره، ٻانڀڻ! تنهنجون
ٻانهون،
تنهنجو آري ايندو، ڪين ڇڏيندو، وٺي ويندو، ڏک به
نيندو،
لهندءِ سورن سيراهون،
هوءَ هڪ حرفن، چئني طرفن، ماري شرفن، ڏيئي بره جون
باهون،
تنهنجو پنڌ پري، وک نه وري، ڪامڻ ڪري اڄ پئي درد
منجهان دانهون
توڏن تئونس، لاٿين غوث، وڃن هونش، منهنجا پرديسي
پاهون
ستي مئيءَ کي ’سانوڻ‘ چئي، ڏيئي ويا وير به
ويساهون
هاڻي سسئي صلاحون، پئي ڪري ڪيچ وڃڻ جون.
هنن بيتن مان ظاهر آهي ته سانوڻ ساڳئي ڪبير شاهه
واري واٽ ورتي ۽ سندس طرز ۽ اسلوب بيان کي سنڌ ۾
عام رائج ڪيو. ساڳئي طرح ڪوهستان جي شاعر
مريدپالاري به ڪبير شاهه واري نقش قدم تي هلي، هن
طرز کي ٻين سنڌي شاعرن لاءِ هڪ نمونو بنايو. جيئن
ته مريد عمر ۾ وڏو هو، انهيءَ ڪري هن پاڻ سانوڻ
لاءِ هي رستو صاف ڪيو. سانوڻ کان سواءِ سندس همعصر
ساٿياري ۽ سندس مد مقابل بچائي فقير رند، جو اڃا
حيات آهي، تنهن به اها ساڳئي واٽ ورتي. ازانسواءِ
مولابخش خاصخيلي، جنهن سان جوانيءَ ۾ ئي حياتيءَ
وفا نه ڪئي، سو به سانوڻ جي نقش قدم تي هليو.
گذريل پنجاهه سالن ۾ هن سلسلي ۾ پانڌي پنوهر ۽
محمد ٽالپر ٽنڊي باگي جا لعل محمد کوسو ۽ عثمان
پرهياڙ بدين جا، پاهڙ دل ۽ مغل فقير، عالم پلي ۽
منٺار پلي، ٿرپارڪر ضلع جا، سونهارو فقير ۽ سالار
ورياڻي مانجهند جا، يوسف موندرو لس جو، مريد
پالاري، ٻٻر سونهيرو ۽ خميسو سهڻو ٿاڻي بولاخان،
جي طرف جا، صالح گراڻو، حاجي طاهر گراڻو، محمد علي
ٻٻر ۽ صالح ٻٻر سال، محمود شيخ ڳوٺ ڪرم نظاماڻي
هالن جي تَر جو، الهڏني نوناري ۽ جمعو ٻارچ
حيدرآباد جي تر جا جمعو خاصخيلي، حاجي ۽ ٻاجهي
خاصخيلي سنجهوري جي طرف جا مشهور ۽ مقبول شاعر ٿي
گذريا آهن. هن وقت انهن بيت گو شاعرن ۾ بچايو فقير
رند (جهول تعلقي سنجهورو جو) هن سلسلي جو شايد
آخري چراغ آهي. حالانڪه کانئس سواءِ هن سلسلي جا
ٻيا شاعر جهڙوڪ سانوڻ جا طالب توڏو فقير مري، مدو
فقير نظاماڻي، موريو خاصخيلي ۽ سليمان مير بحر اڃا
’نڙ بيت‘ جي ڪچهرين جا مور آهن. جي اسان پڙهيلن جي
نرالي ادبي ذوق ۽ بي توجهي جي باوجود سنڌ جي هن
خالص دهقاني ادب جي هن اهم حصي يعني عام سنڌي
شاعريءَ کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڌائي ويجهائي رهيا
آهن.
نج سنڌي ادب جي ٻئي حصي يعني سنڌي ڪافين متعلق
گهڻو ڪري هر ڪنهن کي قدري واقفيت آهي ۽ هر ڪو ڄاڻي
ٿو ته ڪافي ۽ ڪلام هن ملڪ جي گوشي گوشي ۾ ڪيتري
قدر مقبول آهن ۽ اها اسان جي احساسات ۽ جذبات ۽
سوز ۽ درد جي ڪهڙي نه چٽي تصوير آهي.
عام سنڌي سگهڙپائي:
هاڻي اسان پنهنجي ادب جي ٻئي ڀاڱي يعني ’عام سنڌي
سگهڙپائي‘ جو مختصر جائزو وٺون ٿا. ’عام سنڌي
سگهڙپائي‘ جي فن جي گهري مطالع جي بنا تي ان فن کي
هيٺين ڇهن مکيه شعبن ۾ وراهي سگهجي ٿو:
(1) پرولي (2) ڏور (3) دوراهو (4) هنر (5) ڏهسنامو
۽ (6) سينگار. انهن شعبن مان پرولي، دراهو ۽ هنر
ساڳئي نوع يا ڪلاس (Class)
۾ اچي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته مڙني جو محور يا مرڪز
’صنعت تجنيس‘ آهي، جنهن جي مختلف ترڪيبن ۽
استعمالن تي انهن شعبن جي سِٽا سٽيل آهي. ’ڏور‘ جو
شعبو هڪ علحيده نوعيت جو آهي جنهن جو تعلق اسلامي
روايات، خصوصاً نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم ۽
سندن صحابه جي معجزات سان آهي. آخرين ٻه شعبا،
يعني ’ڏهسنامه‘ ۽ ’سينگار‘، درحقيقت شاعري جي دفعي
۾ به شمار ڪري سگهجن ٿا، مگر ’ڏهسنامه‘ ۾ خالص
لغات جو استعمال ۽ ’سينگار‘ ۾ محبوب جي حسن جو
بيان ۽ ان سلسلي ۾ تشبيهات جو تلازم انهن شعبن کي
هڪ خاص فني نوعيت ڏين ٿا، جنهن موجب سندن سٽاءَ ۽
قالب کي سموهڻ لاءِ ارادي عمل جي ضرورت آهي ۽ جنهن
جي لاءِ تڪلف ۽ تصنع لازمي آهي، انهيءَ ڪري انهن
شعبن کي فن سگهڙپائي ۾ شمار ڪرڻ وڌيڪ مناسب آهي.
درويش فقير الهه ڏني، سگهڙپائيءَ جي انهن مڙني
شعبن کي پنهنجي هڪ بيت ۾ يڪجا جمع ڪيو آهي ته:
ڳهي ڳجهارت کي ڪي ڳوليندڙ ڳولين
هنر جي حساب جو خزانو کولين
ڏهسنامه ڏور کي، فلڪ سان ڦولين
درائو دل سان الله ڏنا! اولين
ڪي وير وڙولين، سينگار کي سوچ سان.
انهن مان وري هر هڪ شعبي کي ان جي لفظي ۽ معنوي
سٽاءَ جي لحاظ سان مختلف مخصوص انواع ۽ اقسام ۾
وراهي سگهجي ٿو. هن موقعي تي انهن جملي شعبن جي
ماهيت تي روشني وجهڻ طوالت جو باعث ٿيندو انهيءَ
ڪري هن وقت اسان صرف شعبي ’پرولي‘ تي مختصر طور
روشني وجهون ٿا.
پرولي: اسان مان هر هڪ ’پرولي‘، ’ڏٺ‘ ۽ ’ڳجهارت‘
اهي ٽيئي نالا ٻڌا هوندا. لاڙ طرف ’پرولي‘
کي ’هيماري‘ به چون. هن ساڳئي شعبي جي ٻي هڪ شاخ
کي ’مام‘ يا ’معما‘ چئجي ٿو ۽ اڃا به ٻئي هڪ ڀاڱي
کي ’سلوڪ‘ به سڏجي ٿو. اهي مڙيئي رمزون هن شعبي
جون جدا جدا شاخون آهن، مگر هن سڄي شعبي کي اسان
’پرولي‘ جي نالي سان سڏڻ موزون ۽ مناسب سمجهون ٿا،
ڇاڪاڻ ته لفظ پرولي ۾ عموميت آهي. جنهن جي برعڪس
’ڏٺ‘، ’معما‘، ’سلوڪ‘ ۽ ’ڳجهارت‘ مان هر هڪ نالو
پنهنجي فني لحاظ سان هڪ خاص معنيٰ رکي ٿو ۽ اهو
نالو فقط انهيءَ شاخ لاءِ مخصوص آهي. ڳجهارت کي
’ڏٺ‘ نه چئبو ۽ نڪي ’ڏٺ‘ کي ڳجهارت چئبو، مگر
پروليءَ جو لفظ نسبتاً عام آهي، جنهن جو اطلاق
’ڏٺ‘، ’ڳجهارت‘، ’معما‘ بلڪه ’ڏور‘ تي به ٿي سگهي
ٿو. مثلاً: ڏٺ کي پرولي سڏڻ تي اصطلاح ’ڏٺ پرولي‘
جو عام استعمال شاهد آهي. لس ٻيلي جو هڪ سگهڙ حقي
متعلق هڪ ’معما‘ پيش ڪئي مگر ان کي پرولي به سڏي
ٿو. چوي ٿو ته:
باهه مٽيءَ جي ڀرسان، سلو موريو سچ،
ڳولي هيون ڳچ، ڪر پرولي پڌري.
مشهور شاعر درويش ڇتو سانگي (لاڙڪاڻي) پنهنجي هڪ
بيت ۾ ’پرولي‘ ۽ ’ڏور‘ کي ساڳئي معنيٰ ۾ استعمال
ڪري ٿو ته: ڀڃ پرولي ان جي ڏنگي ڏور ڏين ملڪ دلين
جو موڪرو عرش زمين آسڻ‘ الخ. هن ضروري وضاحت بعد
اسين هيئن چونداسون ته ’پرولي‘ جو فن سنڌي
سگهڙپائيءَ جو هڪ عام شعبو آهي، جنهنجون چار خاص
شاخون آهن: (1) ’ڏٺ‘ (2) ’معما‘ (3) ’سلوڪ‘ ۽ (4)
’ڳجهارت‘. اسان ڳجهارت تي قدري تفصيلي روشني وجهڻ
کان اڳ، پهرين ٽن شاخن يعني ’ڏٺ‘، ’معما‘ ۽ ’سلوڪ‘
جو مختصر طور ڪجهه ذڪر ڪنداسون.
(1)
ڏٺ:
ڏٺ هن شعبه جو بنيادي ڏاڪو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
ته ڪنهن ڏٺل شيءِ، حقيقت يا واقعي کي رمز سان پڻ
رکي اهڙي نموني پيش ڪجي جو ٻڌندڙ حيران ٿي، ان
ڳالهه جي مطلب سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. اسان چيو ته ڏٺ
هن سڄي فن پرولي جو بنيادي ڏاڪو آهي ۽ ان جي
شروعات غالبن انهيءَ مقصد سان ٿي ته ننڍڙن ٻارن کي
ان جي ذريعي ريجهائجي. ٻارڙن جي سمجهه موافق سولي
۾ سولي اها ڏٺ آهي، جا صرف هڪ شيءِ تي هڪ ئي جملي
۾ ادا ڪيل هجي، مثلاً: هيڏڙو هيڏڙو پاڻ جنهن کي
سئو موتين جو ساڻ (ڏاڙهون)، هيڏڙو هيڏڙو پاڻ جنهن
کي سئو کلن جو ساڻ (بصر)
ان بعد ڏٺ ۾ اڃا به وڌيڪ ارتقا ٿيو ۽ ذرا وڏي عمر
۽ وڌيڪ سمجهه وارن ٻارن لاءِ هڪ شيءِ تي هڪ جملي ۾
ادائگيءَ جي بدلي (الف) هڪ کان زياده شين جي بناوت
تي يا (ب) شين جي استعمال تي يا (ج) شيون ۽ انهن
جي ماحول تي يا (د) شيون ۽ انهن جي تبديليءَ تي
’ڌنون بڻايون ويون‘، مثلاً:
(الف) شين جي بناوت: لچڪ ٽچڪ ٽن ٽنگن تي، ڪاٺ ڪلهي
تي، ٽوپ مٿي تي(يعني ديڳڙو ٽن مارنگن تي بيٺل،
منجهس ڏوئي پيل ۽ ڍڪڻ ڏنل).
(ب) شين جو استعمال: جيئن ته “جان ڏسان ته ڏين پيا
جي نه ڏين ها ته ڏين ها پرجي ڏين پيا سي ڪٿان
ڏيندا (يعني ڦڻي، جا اڳيئي استعمال ۾ آهي سا
گهرندڙ کي ڪٿان ملندي). ’هلي ته ڦنڊي ۽ ويهي ته
ڍڪي‘ (جتي)
(ج) شيون ۽ انهن جو ماحول: مثلاً: ’پنج وٽڻ وٽيندا
اچن، ٻٽيه ڪٽڻ ڪٽيندا اچن ۽ سليما گنجي نچندي
اچي.‘ (يعني پنج آڱريون جي کاڌي جو گراهه پيون
ٺاهين ٻٽيهه ڏند ان کي پيا چٻاڙين ۽ زبان پيئي
اٿلي پٿلي.)
’جن ڏنو تن کنيو ئي نه، جن کنيو تن کاڌو ئي نه، جن
کاڌو تن رکيو ئي نه، جن رکيو تن سانڍيو ئي نه‘.
(يعني اکين کاڌو ڏٺو مگر کنيو آڱرين، کاڌو وات ۽
ڏندن، رکيو پيٽ مگر انهي به سانڍيو نه.)
(د) شيون ۽ انهن ۾ تبديل: مثلاً لڏي لڏي لڏڻ ڄائو
تنهن مان ڄائي ماڻس، ماڻس مٿو ڪوڙايو پوءِ ڄائو
پڻس. (گوگڙو جنهن مان ڪپهه پيدا ٿي جنهن مان وري
ڪڪڙو نڪتو.) اُس ڏسي اُسريو وڃي، ڇانو ڏسي ڇپيو
وڃي ۽ واءُ کان پيو ونءُ وڃي. (پگهر)
اهي ’ڏٺ‘ جا بلڪل سولي يا ابتدائي درجي وارا مثال
آهن، ڏٺ جي انهيءَ بنيادي درجي کي عمومن ’پرولي‘
به چئجي ٿو. درحقيقت ’ڏٺ‘ جي نالي جو خاص اطلاق
اڃا به وڌيڪ ڳوڙهي پرولي تي آهي، حقيقي معنيٰ ۾
’ڏٺ‘ اها آهي جا ڪنهن ڏٺل مشاهدي مثلاً انوکي ڏٺل
شيءِ، حقيقت يا واقعي تي مبني هجي مگر ان کي ڪافي
نزاڪت سان پن رکي پيش ڪيو وڃي. مثلاً:
’کنيو بيٺي هئي ڪڇ تي پٽ پرائو، پر منجهانس ڄائو‘.
ڪنهن درويش ٻير جي وڻ جي پور ۾ ڪرڙ بيٺل ڏٺو ۽ اهو
موقعو به حيرت جو هو، جنهن ڪري اها ’ڏٺ‘
جوڙيائين.‘ جان اچان واٽ وٺيو ته: ’گهوٽ بنايو گهر
ان کي رازق روزي، آڻيو ڏئي به اندر. مون ڏٺو اهڙي
پر ڪو سالڪ ڳالهه سهي ڪري‘. هن ڏٺ جو ٺاهيندڙ فقير
الله بخش لغاري، گهوگهيتڙي يا چور جيت جو مٽيءَ ۾
ٽنگائون گهر ڏسي بيهي رهيو ۽ تعجب ۾ پئجي ويو ته
اهو جيت کائي ڇا ٿو ۽ ايتري ۾ ٻيو هڪ سنهڙو جيت
انهيءَ ٽنگ ۾ ڪري پيو، جنهن کي گهوگهيتڙو پنهنجي
قوت لاءِ جهلي کائڻ لڳو، انهيءَ مشاهدي تي اها ڏٺ
جوڙيائين.
(2)
معما:
فن پرولي جي ٻي شاخ مام يا معما آهي. معما درحقيقت
ڏٺ جو اڃا به زياده ڳوڙهو نمونوآهي. معما جو مفهوم
هي آهي ته اها ڪنهن اکين ڏٺل مشاهدي يا صرف ذهني
تصور تي مبني هجي ۽ ان کي ڳوڙهي بنائڻ لاءِ، ان جا
ظاهري توڙي ذهني پهلو ملائي سهڻي سليقي سان منظوم
ڪجي ۽ ان جو جواب به اڪثر نظم ۾ مختصر طور يا
تفصيل سان ورجائي ڏجي. مثلاً:
(الف) لس ٻيلي ۾ شيخ صديق، شاعر نم ڏانهن هي معما
چوائي موڪلي ته: باهه مٽيءَ جي ڀر مان سلو موريو
سچ، ڳولهي هنيئون ڳچ، ڪر پرولي پڌري. هي معما هڪ
ڏٺل مشاهدي جو مثال آهي: شيخ صديق هڪ حقي جي خاص
ٺهيل چلم، جنهن جي چوڌاري سوراخ هئا، ان ۾ڪو سائو
سلو ڦٽل ڏٺو، جنهن تي اها مام موڪليائين ۽ شاعر نم
انهيءَ کي هن طرح پروڙي پڌرو ڪيو ته:
قابو قلعي ڪوٽ کي، ڳڙکيون آهن ڳچ،
آڻيو اوتين آب جو تنهن منجهه رمز چڱي سين رڇ،
نت سلو ڪنهن سوراخ مان ثابت موريو سچ،
عام آڇين آکين ان کي ڪوڙو ڪجسو ڪچ،
پر حقو جنهن جي هٿ ۾ سو وٺي ويندو وچ،
سا مون نم چئي، نروار ڪئي تون عاقل اوري اچ.
سو ٿو ٽوپي تي ٽانڊو ٻري.
(ب) دلشاد ٻروچ ۽ ولو واڍي جون هيٺيون معمائون
ملاحظه هجن جن ۾ ڏنل مشاهدي توڙي ذهني اضافي جو
ميلاپ موجود آهي. مثلاً دلشاد ڏٺ ڏني ته: ڄولي
ڄولي ڄام، هڪڙي منڌ ڏني سين ماڙهئا! سي ٻه نغن
ٻروچ چئي، ٿي طرح پچائي طعام تن مان هڪڙو کڻي
حرام، ٻيو درس کڻي دلشاد چئي. انهي تي ولو ووڙي
ورندي ڏني ته:
ڏوري ڏوري ڏس، ڪٿان پيو ڪام جو
وڻن منجهه ولو چئي، تو ڪيو ووڙڻ سان وس،
متان ماکي مٺو رس، تنهنجو مانارو مڪروه ٿيو.
هن مان ظاهر آهي ته دلشاد ماکي ڏٺي مگر ماکي کي
منڌ ڪوٺڻ ۽ ان جون ٻه مانيون (رس ۽ مانارو) پڄائڻ
وارو خيال هن سگهڙ جو ذهني تعبير ۽ اضافو آهي. ٻيو
مثال ملاحظه هجي: دلشاد:
چوڏهن ۽ چار، ارڙهن مون ايندا ڏٺا،
هئن قيمتي ڪپڙا ويا ٿي دوساڻي درٻار
هاڻي دلو! ڪر ويچار- ته هو ڪير هئا ڪيڏانهن ويا؟
ولو: جي چوڏهن چار تو ڏٺا-ارڙهن ئي اورنگ جن جو،
چاهه چڪ سين- تن جا مور نه ميرا
انگ تو جي ڏٺا ڪنگ- تن کي ڏٺا واحد ويس دلو چئي.
هاڻي هت به دلشاد ارڙهن ڍنڍ جا ڪنگ اڏامندا ڏٺا
مگر سندن اڇن ۽ ڪارن کنڀن کي قيمتي ڪپڙا سمجهڻ ۽
سندن رخ کي ’دوساڻي درٻار‘ ڏانهن وڃڻ سان تعبير
ڪرڻ اهو سگهڙ طرفان خاص ذهني اضافو آهي.
(ج) ڪي سگهڙ معما کي اڃا به زياده مشڪل ۽ ڳوڙهي
بنائڻ لاءِ ان کي رڳو ڪنهن ذهني خيال تي مبني ڪندا
جنهن جو مشهور مثال هِيءَ خيالي تصوير آهي ته: نر
هرڻ تلاءَ تي بيٺو هجي ۽ هوڏانهن ٽوٻو پکي گهت هڻي
مڇي چهنب ۾ جهلي مٿي اڏامي، ان وقت شڪاري هرڻ کي
بندوق هڻي، بندوق لڳڻ سان هرڻ بل کائي ۽ ان بل ۾
سندس سنڱ ٽوٻي پکي کي چيري ماري ۽ هرڻ به ڪري مري
پئي. هوڏانهن شڪاريءَ کي بندوق هڻڻ وقت نانگ کائي،
ماري نانگ ماري پر پوءِ پاڻ به ڪري مري پوي ۽ اهڙي
طرح مڇي، پکي، هرڻ، نانگ ۽ ماري پنجئي گڏ مري پون.
انهيءَ ذهني تصوير تي مختلف سگهڙن مختلف نمونن تي
معمائون سٽيون آهن، جن مان هڪ جيڪا وڌيڪ سليس آهي
سا مثال طور هت ڏجي ٿي:
معما: هڪ مرندي ٻه مئا ٻه مرندي ٽي، چوٿين پنجون
ماريو- پنجئين چوٿين کي.
مواد: جر مڇي، ٿر مرون، پکيڙو انگاس، شڪاري ۽
نانگاس- پسو جي پنجئي مئا.
(3)
سلوڪ:
سلوڪ به فن پرولي جي شاخ آهي، جنهن جي سٽاءَ نه
صرف لفظي گهڙ ڀڃ، عقلي ڪڇ وهٽ يا ذهني دلچسپي
تائين محدود آهي، مگر ان جي خاص خصوصيت هي آهي ته
ان ۾ ڪا نه ڪا نئين ڄاڻ، نصيحت يا حڪمت سمايل هجي.
سلوڪ جو سرچشمه هندي ادب آهي، مگر سنڌي ادب ۾ ان
جي اوسر ۽ ارتقا خاص طرح سنڌ جي سگهڙن جي ذهن جي
پيداوار آهي. ’سلوڪ‘ جا ٻه مکيه پهلو آهن: (الف)
گرو چيلي جا بيت ۽ (ب) حڪمت ۽ ڪاريگري.
(الف) گرو چيلي جا بيت حالانڪه هندي مارواڙي زبان
۾ چيل پيا معلوم ٿين مگر انهن جو گهرو مطالعو
ڏيکاري ٿو ته انهن ۾ ڪي نج سنڌي الفاظ استعمال ٿيل
آهن ۽ جنهن مان ظاهر آهي ته اهي سنڌي سگهڙن جي ذهن
جي پيداوار آهن. البت اهي گرو چيلي جا سوال جواب
اول ۾ هندي مان ’جوڳ جي شاعري‘ جي ذريعي سنڌ ۾
پهتا آهن ۽ دراصل اهي سوال جواب گرو پنهنجي چيلي
کي سکيا ڏيڻ ۽ آزمائڻ لاءِ کانئس پڇندو هو ۽ چيلو
پنهنجي پختي ڄاڻ ۽ قابليت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوشش
ڪري هڪ لفظ ۾ ئي ان جو جواب ڏيندو هو. سنڌ جي
سگهڙن انهن سوالن جوابن جي اصلوڪي مذهبي ۽ تبليغي
پهلوءَ کي ترڪ ڪري ان کي خاص سگهڙپائي جي سانچي ۾
سموهيو. هنن سوالن جوابن جو دارومدار پرولي تي
آهي. گرو چيلي جا اهي سوال جواب سنڌ ۾ مشهور آهن.
هت صرف هڪ مثال ڪافي ٿيندو: گرو: چلم رسيلي نه
رهي، تري ٽپ نه کاءِ، ڪتا هرڻين نه پڄي، ڪهو چيلا
ڪس ڀاءَ؟ چيلو: گروجي! ’تازي‘ نهين.
يعني ته چلم رسيلي ناهي ڇاڪاڻ ته تازي ٺهيل ناهي،
گهوڙي ڇال نه ٿي ڏئي ڇاڪاڻ جو تازي يعني عربي نسل
جي ناهي ۽ ڪتو هرڻ کي نٿو پڄي سو به ڇاڪاڻ جو تازي
نسل جو ناهي. وري به هن نقطي کي واضح ڪرڻ لاءِ ته
اهي سوال جواب سنڌ جي سگهڙن جي ذهن جي پيداوار
آهن، اسان نموني طور لاڙ جي مشهور خوش طبع ڪلياڻي
لغارين جو اهڙو ٺاهيل هڪ سوال جواب، باوجود ان جي
ذرا غير شائستگي جي پيش ڪريون ٿا. ولي محمد خان
لغاري وٽ نورو، غلام ۽ ڏني نالي شخصن پئي ڪمايو ۽
کانئن مان ڏلهن تي مٽي پئي کنئي. رئيس ولي محمد
کين روزانو گرو چيلي جي بيتن سان وندرائيندو هو
مگر کين ماني رڳو ڇڊي لسيءَ سان کارائيندو هو، سو
هنن سوچيو ته ڇو نه اسين به ڪو سوال جواب رئيس کي
وندرائڻ لاءِ ٺاهي رکون. چناچه هنن هڪ ڏينهن
هيٺيون سوال جواب جوڙيو ۽ جيئن رئيس ولي محمد کين
هن سلوڪ جا سوال جواب ٻڌايا ته غلام ۽ ڏني به پاڻ
۾ گرو چيلو بڻجي هڪ ٻئي کي مخاطب ٿي سوال جواب ڪرڻ
لڳا ته:
غلام: ڇاڇ ولوڙي نه رهي ڏلها واري هاءِ
نورو چاڙهي نه چڙهي، ڪهو چيلا ڪس يار؟
ڏنو: گرو جي ’گڏي‘ نهين.
يعني لسي پوري طرح ولوڙيل ناهي ڇاڪاڻ ته کير پوري
طرح گڏيل ناهي. ڏلهو واري ٿو هاري ڇاڪاڻ ته ان جي
مٿين ڪمان پوري طرح گڏيل ناهي ۽ نورو چاڙهي تي
چڙهي نٿو سگهي، تنهن کي به چاڙهي تي چڙهڻ جي همت
ناهي.
سلوڪ جو ٻيو ڀاڱو سنڌي حڪمت ۽ ڪاريگري آهي، جنهنجي
ذريعي سنڌ جي سگهڙن اڪثر ڪن اطوارن ۽ عادتن جي
خوبين ۽ خامين کي نروار ڪرڻ لاءِ عدد شماري جي
ترڪيب ذريعي ورجايو آهي، يعني ته هڪ فلاڻي شيءِ يا
ٻه فلاڻيون شيون يا ٽي يا چار يا پنج فلاڻيون شيون
هن طرح ريت آهن يا هئڻ گهرجن. مثلاً
هڪ جو مثال: سوال: هڪ ڄڻي کي ننڊ پياري،
هڪ ڄڻي کي ننڊ پياري؟
جواب: نڪو گهر، نڪو تڙ، نڪا گهرواري،
انهيءَ شخص کي ننڊ پياري.
ٻن جو مثال: س: ٻئي نه هوءَ، نه هوءِ؟
ج: ڇنل جتي پير ۾ ۽ گهر جهرڪڻي جوءِ، اهي
ٻئي نه هوءِ.
ٽن جو مثال: س: ٽيئي اڀاڳ، ٽيئي اڀاڳ؟
ج: ڏچر گهوڙي، سچر زال، سهڻو مڙس تتل ڀاڳ،
اهي ٽيئي اڀاڳ.
چئن جو مثال: س: چارئي ٽڪا روڪ ڀلا،
جواب:سڄڻ جي تان سڪ ڀلي، محبت جي تان وک ڀلي،
منڊيءَ مٿي ٽڪ ڀلي، اهي ٽڪا چارئي روڪ ڀلا، اهي
چارئي ٿوڪ ڀلا.
پنجن جو مثال: س: پنجئي مئي مت، پنجئي مئي
مت؟
ج: مرد مسلي (ريهه ڏاڙهي) منهن ۾، ارهه سٽ عورت،
سوئر سنگها ڪڍيا، ڪڙهي (شينهن) پهرئين گهٽ، تازي
طبيلن جڙيو پانجاريو ڪهڪٽ، اهي پنجئي مئي مت.
س: پنجئي نه ڄاءِ، پنجئي نه ڄاءِ.
ج: گهاٽو تر، ڇڊو ڳهون، سڙه ڍڳو، سچر
جوءِ، اڻ پليو وياءُ، اهي پنجئي نه ڄاءُ.
ٻارهن جو مثال: س: ٻارهنئي ٻن پيا، ٻارهن
ئي ٻن پيا؟
ج: هڪ چڪر گهوڙو، ٻيو کريل ڇورو ٻار، ٽي گرم ڪرهڻي
ڪامڻي، چوٿون يالاڪو (پرديسي) يار، پنجون ڪنيءَ
ساقي سکڻو، ڇهون کوهيءَ ڪوڙو نار، ستون ڀلي مارڪي
شل اچين نه ايڙ پنهوار، اٺين سوڙهي جتي پير ۾،
نائين ڀتي ڊونڊيءَ بار، ڏهون هاٿي هاريائو م ٿئي،
يارهون مَ ٿئي کهيو زميندار، شال ڪنهين جو ڪيم ٿئي
ٻارهون گنگيءَ ساڻ گذار، جي حاصل هون هزار، توءَ
اهي ٻارهنئي ٻن پيا.
هنن مثالن مان معلوم ٿيندو ته هن سلوڪ ۾ ڪهڙا نه
نصيحت ۽ حڪمت جا نڪتا سمايل آهن. ’پرولي‘ جي هن
پرمعنيٰ فن جي ٽن شاخن يعني ڏٺ، معما ۽ سلوڪ جي هن
مختصر اُپٽار بعد هاڻي اسان هن فن جي چوٿين ۽ مکيه
شاخ يعني ڳجهارت جو قدري جائزو وٺون ٿا.
(4)
ڳجهارت:
ڳجهارت هن فن پرولي جو نهايت اهم، ڳوڙهو ۽ شاندار
حصو آهي، بلڪه جملي سنڌي ادب جو نهايت نتيجا خيز
ڀاڱو آهي جنهن جي ذريعي سنڌي لغت جي گهڙ ڀڃ ۽
الفاظ جي وڍ ٽڪ سان سنڌي ٻولي جي سرمايي ۾ وڏو
اضافو ٿيندو رهيو آهي. ڳجهارت سنڌي لغت جي کاڻ جي
کوٽائي جي هڪ پيچيده مشين آهي، جنهن پئي لفظن کي
سهيڙيو، سموهيو ۽ سنواريو آهي. پهريون اديب جنهن
هن فن جي اهميت کي محسوس ڪيو سو اسان جي خيال ۾سنڌ
جو سگهڙ مرحوم رمضان فقير واڍو هو، جنهن ڳجهارتن
تي هڪ قلمي ڪتاب لکيو جو خوش قسمتي سان جناب مخدوم
طالب الموليٰ صاحب جن جي وساطت سان دستياب ٿي
سگهيو آهي. اسان جي پڙهيلن مان مرهيات ڪوڙي مل
کلڻاڻي کي جس جڳائي جنهن هن صديءَ جي شروعات ۾ هن
فن طرف توجهه ڪيو ۽ اٽڪل پنج سئو ڳجهارتون گڏ ڪري
ان مان 363 منتخب ڪري ’سنڌي ڳجهارتون‘ جي عنوان
سان سن1901ع ۾ هڪ ڪتابڙو ڇاپارائي پڌرو ڪيو. لفظ
’ڳجهارت‘ جو ظاهري اشتقاق ’ڳجهان + ارٿ‘ يا ’ڳجهو+
ارٿ‘ مناسب نظر اچي ٿو مگر اسان جي خيال ۾ هي لفظ
’ڳجهه‘ مان اسم ڳجهارت بروزن تجارت نمودار ٿيو
آهي. اسان جي سگهڙن ۽ سالڪن هن فن کي ڄاڻ ۽ پروڙ
جو فن ڪري تسليم ڪيو آهي ۽ هن ’ڳجهه‘ يا ’ڳجهائي‘
جي سطحي عنصر کي معنوي لحاظ سان نظرانداز ڪيو آهي.
انهن نئين ڄاڻ ۽ پروڙ جي لحاظ سان هن کي ’ڳجهارت‘
نه بلڪه ’ٻجهارت‘ (مقصد ٻُجهڻ) ڪري ڪوٺيو آهي،
چناچه هن پوئين زماني جي هڪ سگهڙ ٻڍي خان، پٻڻ جي
ڪوڻي تي پنهنجي هڪ پرولي ۾ ’ٻجهارت‘ جو لفظ
استعمال ڪيو آهي. چوي ٿو ته: ’پاڙون جنهن جون
پاتار ۾، لهن جنهن جون لس، ٻجهارت ٻڍي خان جي ڪي
مير ڀڃندا مس.‘ ازانسواءِ خود سنڌ جي شاعرن، سگهڙن
۽ سالڪن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ هن فن کي
’ٻجهارت‘ جي نالي سان سڏيو آهي. رامڪلي جي سر
(فصل-9) جي هڪ بيت ۾ فرمائي ٿو:
ٻولي ٻجهارت، جوڳيان سندي ذات جي،
ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو، هلڻ ۾ حيرت،
عجب عبادت، به پروڙڻ ان جو.
هن بيت مان ظاهر آهي ته اسان جي بزرگن هن فن کي
ڄاڻ، پروڙ ۽ دانائي جو علم ڪري تسليم ڪيو آهي ۽ ان
جي ڳجهائي، پيچيدگي يا ابهام واري پهلو کي ايتري
اهميت نه ڏني آهي، مگر اڃا به عجب اهو ته ڀٽائي
صاحب نه صرف لفظ ’ٻجهارت‘ استعمال ڪيو آهي مگر ان
جي متعلقات، يعني ڳجهارت ڏورڻ يا ڳولڻ ۽ ان جي به
يعني خيال يا پائي ۽ لپي کي پروڙڻ ۽ سمجهڻ جا به
پڌرا اهڃاڻ ڏنا آهن، جنهن مان ثابت آهي ته هي فن
ڀٽائيءَ جي ڏينهن ۾ به عام مروج ۽ مقبول هو.
ڳجهارت جي تاريخي حيثيت: هن نڪتي مان اسان جو
توجهه لازمي انهيءَ طرف ڇڪجي ٿو ته هيءُ فن ٻجهارت
ڪڏهين کان شروع ٿيو؟ هن سوال جو سڌوسنئون فيصله ڪن
جواب مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ هن ادبي پچار جو
ڪو به قديم رڪارڊ موجود ڪونهي. البته هن فن جي
مقصد ۽ منتهيٰ تي غور ڪرڻ سان ڪن نتيجن تي پهچي
سگهجي ٿو، جي هن فن جي تاريخي حقيقت تي قدري غمازي
ڪن ٿا. ڳجهارتن جي جهجهي ذخيري جي گهري مطالع مان
هن فن جا هيٺيان مقصد معلوم ٿين ٿا:
(الف) ذهني تربيت: ’ڳجهارت‘ جيئن اسان اڳيئي چئي
آيا آهيون، پرولي جي فن جي هڪ شاخ آهي حالانڪه
آهستي آهستي هيءَ شاخ ترقي ڪري بذات خود هڪ فن
بڻجي ويو آهي. درحقيقت هي عام فهم ساده پرولي جو
ئي هڪ سلو هو جو پوءِ وڌي وڻ ٿيو. پرولي جو هڪ
ابتدائي مقصد جيئن اڳ، بيان ڪري آيا آهيون، گهرو
وندر ۽ ٻارڙن جي ذهني تربيت آهي. لهٰذا هن فن جي
ترقي سنڌ جي ماڻهن جي گهرو نظام جي ترقيءَ سان
وابسته آهي، جنهن جي شروعات ڪافي جهوني عرصي کان
قرار ڏيئي سگهجي ٿي.
(ب) ٻوليءَ جي سکيا: ذهني تربيت سان گڏ هن فن جو
واسطو ٻوليءَ جي سکيا سان به آهي ۽ ظاهر آهي ته هي
فن جنهن جو دارومدار ’صنعت تجنيس‘ تي آهي، سو
تيستائين وجود ۾ نه آيو هوندو جيستائين خود سنڌي
ٻولي ڪنهن حد تائين ترقي نه ڪئي هوندي. اسان جي
خيال ۾ اسان جي ٻوليءَ جي ترقي عربي دور حڪومت جي
زماني يعني تقريباً 800-1000ع واري عرصي ۾ ٿي ۽
انهيءَ ڪري هن فن جي ابتدا جا آثار انهيءَ عرصي ۾
فرض ڪري سگهجن ٿا.
(ج) مخفي پيغام: ڳجهارت جي موجوده سٽاءَ جي وجود ۽
ترقي جو دارومدار غالبن انهيءَ حقيقت تي رهيو آهي
ته هيءُ فن ’مخفي پيغام‘ پهچائڻ جو هڪ بهترين
ذريعو ٿي رهيو آهي. هن ’مخفي پيغام‘ جا ٻه پهلو
آهن: اول راز و نياز جون ڳالهيون يا نينهن نياپا.
ٻيو بادشاهن ۽ امراء جي وچ ۾ مخفي پيغام. عاشق ۽
معشوق جي درميان راز و نياز ۽ مجاز جي مخفي نياپن
تي هيٺيون ڳجهارتون شاهد آهن:
(1) هڪ محبوبا پنهنجي گذرگاهه جو پيغام عاشق ڏي هن
طرح ٿي چوائي موڪلي ته: نار نالي، نرنان= ليء شهر
لنگهندي پيار.
(نار نالي= حرمت، نرنان= حبيب، شهر= سال.)
مراد: حرمت نالي حبيب ليء سال لنگهندي پار.
(2) هڪ محبوبا پنهنجي دوست کي اطلاع طور هن طرح
مخفي پيغام ٿي موڪلي ته: ڪانئين نه آءُ ته حاڪماڻي
نه ڪن ئي.
(ڪاٺي= در، حاڪماڻي= صحيح) مراد: هر هر نه آءُ ته
صحي نه ڪن ئي.
(3) هڪ دوست پنهنجي طرفان مخفي مام ۾ هن طرح ٿو
ڏوراپو ڏئي ته: نالو تو وٽ ناهي، آءُ کاڄ جي ڇا
ڪريان.
(نالو = محبت، کاڄ جي= ٽڪي.)
مراد: محبت تو وٽ ناهي آءُ ٿڪي ڇا ڪريان؟
(4) هڪ عاشق پنهنجي محبت کي محفوظ رکڻ لاءِ ظاهري
طرح پنهنجي محبوب کي گويا بد دعا ٿو ڏئي ته: زحمت
ويڙهيا سپرين، زحمت ڏسڻ نه ڏين، شل هميشه هجين،
زحمت ۾ منهنجا پرين.
(زحمت 1. بگ، ڪڻڪ جو مرض 2. رتي، ڪڻڪ جو مرض ۽ 3.
مهلو، وونئڻ جو مرض.)
مراد: بگ ويڙهيا سپرين، رتي نه ڏسڻ ڏين، شل هميشه
هجين، محلن ۾ منهنجا پرين.
(5) هڪ عاشق ذري ذري محبوبا وٽ اچڻ لاءِ هن طرح
ٿو معذرت پيش ڪري ته: جر بشر جون جن لڳيون، ڪاٺ
مال جي سي ڪنديون.
(جرجون: نيون، بشرجون = دليون، ڪاٺ= هر، مال جا=
گهيرا).
مراد: نيون دليون جن لڳيون، هر هر گهيرا سي
ڪنديون.
هنن مثالن مان واضح ٿيو ته ڳجهارت، مجاز جي مخفي
نياپن، ڏوراپن ۽ عذرن جي ادا ڪرڻ جو هڪ خاص ذريعو
رهيو آهي، جنهن ڪري هن فن جي تاريخ به هڪ حد تائين
هن مجاز جي تاريخ سان وابسته آهي جا ڪافي جهوني ۽
پراڻي آهي. اندازن سنڌ جي رومانن ۽ افسانن جي عروج
وارو دور سومرن جو دور آهي، جنهن ڪري فن جي تاريخ
جي ابتدا اندازن اهو دور سمجهڻ گهرجي. انهي نظريي
لاءِ هڪ دليل اهو آهي ته مومل راڻي وارو قصو حمير
سومري جي زماني جو آهي ۽ هڪ مشهور روايت موجب:
’چني
آيو چير- چني آيو چير‘
واري پروليءَ جو تعلق حمير سومري ۽ سندس زال (يعني
راڻي مينڌري جي ڀيڻ) سان آهي. هاڻي هن
’مخفي
پيغام‘
واري مقصد جي ٻئي پهلو کي وٺو، جنهن جو تعلق
بادشاهن ۽ امرائن جي سياست سان آهي. انهي ۾ ڪو به
شڪ ڪونهي ته سنڌ جي درٻارن ۾ فن ڳجهارت اهو مقصد
پئي ادا ڪيو آهي، جو اڄڪلهه
’مخفي
ڪوڊس‘
(Codes)
۽ ملٽري جا
’ڪوڊ
ورڊ‘
(Code
words)
ادا ڪن ٿا. هن سلسلي ۾ هيٺيون ڳجهارتون جي سومرن ۽
علاوالدين جي جنگي افسانن سان وابستا آهن، قابل
غور آهن:
(1) ميڙي ذات ڪک آندا مرد مسيت ۾.
(ذات= چنو، ڪکه= سر، مرد ۽ مسيت= علاء دين) مراد:
چوري چنيسر آندو علاء دين کي.
(2) ڪرمال جون مڙن لک، آءُ سو وڻ جي ڏيان نه
هيڪڙي. (مال جون=
ديهيون، وڻ جي =
مري)
مراد: ڪر ديهيون، مڙن لک، آءُ سومري ڏيان نه
هيڪڙي.
(3) نرناءُ ايندو، راند جي نه ڏيندو
(نرناءُ=
دودو،
راند جي=
ٻيگهي) مراد: دودو ايندو ٻاگهي نه ڏيندو. ممڪن آهي
ته انهن مان ڪي ڳجهارتون خود انهيءَ وقت جون هجن
جنهن وقت جي حاڪمن رعيت ۾ انهن راين ۽ نظرين کي
ڦهلائڻ لاءِ هلايون ويون هجن. بهرحال اهڙيون
ڳجهارتون به ڪنهن حدتائين هن فن جي سومرن جي ڏينهن
۾ ابتدا جي غمازي ڪن ٿيون.
خوش قسمتيءَ سان اسان کي هڪ ڳجهارت هٿ آئي آهي جا
يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سمن جي مشهور بادشاهه
ڄام نظام الدين جي ڏينهن جي آهي. ٺٽي جي آس پاس جو
ڪو مرد (يا ڪا عورت) پنهنجي ڪنهن رسوخ واري ساٿيءَ
کي ٿو مخفي طرح پيغام چوائي موڪلي ته:
انهن ذاتين سين، منهنجي وهٽ جئن نه وڻ جئن، اهي
ذاتيون اڳيئي ڪک جا ڪن جو نرنانءَ کي ته پٽي گاهه
ڏئين ۽ چوي ذاتين کي ته ولات سي وڃن. (ذاتيون=
رنون، وهٽ جئن=
منو، وڻ جئن=
هنو، ذاتيون=
رنون،
ڪکه جا=
توتڙ (ياتهه)، نرنانءَ=
ڄام نندو، گاهه=
ڀونگڙو، ذاتيون،=
رنون، ولات=
سال)
مراد: انهن رنن سين منهنجو هنو نڪي پنو، اهي رنون
اڳيئي توتڙ ڪن، چئو ڄام نندي کي ته پٽي ڀونگڙو
ڏئين ۽ چوي رنن کي ته سال سي وڃن.
ڳجهارت جي هن مراد ۾
’نڪي
هنو نڪي پنو‘
توڙي
’توتڙ
ڪرڻ‘
ٻئي سنڌي جا غير معروف ۽
جهونا محاورا آهن. ڄام نندي مان مراد يقيني ڄام
نظام الدين آهي.
’سال‘
جو تر جهمپير جي اوريان آهي، اهي سڀ اهڃاڻ جتائين
ٿا ته اها ڳجهارت تاريخي آهي. ڄام نندي سن 1509ع ۾
وفات ڪئي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 15
صدي عيسويءَ ۾ فن ڳجهارت اڳيئي ڪمال کي پهچي چڪو
هو. انهيءَ نقطه نظر کان هن فن جي شروعات سومرن جي
دور ۾ بلڪل قرين قياس معلوم ٿئي ٿي. انهيءَ عرصي
کان وٺي هن فن ۾ وڏي وسعت پيدا ٿي آهي. چنانچه هن
وقت سنڌ جي مشهور قصن يعني سسئي، مارئي، مومل،
ليلان، نوري، سيف الملوڪ، ڦل وڌوئي، بوبنا جراڙ،
مري. مڱٿر، سورٺ، مورڙي، وغيره وغيره قصن مان هرهڪ
متعلق ڪوڙين ڳجهارتون مروج آهن. نه صرف ايترو مگر
هن فن کي سنڌ کان ٻاهر جي قصن مثلاً بانڪي بهرام،
توڙي ٻين تاريخي واقعن حتيٰ ڪه بخت نصر ۽ بني
اسرائيل جي جنگ و جدل جي واقعن تائين وڌايو ويو
آهي. مثلاً ڳجهارت آهي ته: نرنان=
ذاتين کي مسجد ۾ قرآن جو ڪيو. (نرنانءَ=
بخت نصر، ذاتيون= بني اسرائيل، مسجد= بيت المقدس،
قرآن جو= مثال )
مراد: بخت نصر بني اسرائيلن کي بيت المقدس ۾ مثقال
(ذرا ذرا) ڪيو. ازانسواءِ ڳجهارتن جي دائري کي
محبت ۽ مجاز جي هر گوشه، انساني جذبات جي هر نوع،
دل جي هر اُمنگ ۽ هر خيال ۽ هر راءِ بلڪه زندگيءَ
جي هر شعبه ۽ راهه تائين وڌايو ويو آهي. ڳجهارت
آهي ته: الله ذات آهي، نوڪر اٿس ئي ڪونه، پر جي
نالو ٿئي (ذات ڏيٿو، نوڪر= ڪمي، نالو=
راضي)
مراد: الله ڏئي ٿو،
ڪمي اٿس ئي ڪانه، پر جي راضي ٿئي.
هن مثال مان ظاهر آهي ته ڳجهارت اسان جي ملڪ جي
ماڻهن جي هر خيال جي ترجماني جو ذريعو بڻي آهي.
انهيءَ هوندي به افسوس جو اڄڪلهه هن بي بها فن جو
چرچو صرف عوام تائين محدود آهي ۽ اسان پڙهيلن ان
تي ڪو به توجهه نه ڏنو آهي. مون کي اميد آهي ته
آئينده ڳجهارت توڙي اسان جي نج سنڌي ادب جي ٻين
شعبن کي تعليم جي نصاب ۾ داخل ڪيو ويندو جيئن اسان
جا ٻارڙا ٻين ٻولين جي ادب جي بدلي اول پنهنجي
مادر وطن جي ٻولي ۽ ان جي ادب جي گهراين کان واقف
ٿين. ازانسواءِ مون کي اميد آهي ته اسان جي سنڌ جا
جملي سربرآورد حضرات، پير، فقير، رئيس، سردار
وغيره پنهنجي ڪچهرين ذريعي، پراڻي دستور موجب سنڌ
جي سگهڙن کي نوازيندا ۽ اهڙي طرح سنڌ اندر بيت،
ڳجهارت، هنر، دراوي، ڏهس، ۽ سينگار جي ٻڌندڙن ۽
ٻڌائيندڙن جو ذوق وڌائيندا ۽ اهڙي طرح پنهنجي ادب
جي گلستان کي سرسبز ۽ آباد رکندا. |