سراج
هڪ مرد ٽي لاشا
اصغر جڏهن باريسٽري ڪري آيو، تڏهن پڻس نه
رڳو شهر جي وڏن ماڻهن جي، پر پنهنجي تڪ جي سمورن
زميندارن جي هڪ شاندار دعوت ڪئي هئي ۽ ان دعوت جو
نتيجو ڪو برو نه ٿيو هو. اصغر جي وڪالت جو ڌنڌو
ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ اصغر
جڏهن پنهنجي هتي اچڻ واري وقت کان پوءِ جي ماضيءَ
۾ گهوري نهاريو ته هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته
کيس ڪنهن ڪاري ککر ڏنگي وڌو هو. اڳي جو هو ڪا
سماجي برائي ڏسندو هو ته سندس دل ڪڙهڻ لڳندي هئي،
هاڻي ساڳي برائي ڏسي هن کي هڪ اڻ لکي خوشي محسوس
ٿيندي هئي. اڳي ڪنهن جانور جي موٽر هيٺان اچڻ تي
ٻه ٻه ڏينهن ماني کائي نه سگهندو هو ۽ هاڻي اسپتال
۾ ڪهاڙين سان چچريل انسان يا اسپتال جي مڙدا – گهر
۾ ڪو انساني لاش ڏسندو هو ته هن کي هلڪو اطمينان
ٿيڻ لڳندو هو. اڳ هو جڏهن به خواب ڏسندو هو ته هن
کي اڪثر پيارا پيارا سٻاجهڙا ماڻهو سفيد گلابن جا
تاج پهريو، حسين جسمن سان رقص ڪندا نظر ايندا هئا،
۽ هاڻي هن جي خوابن ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪندڙ ماڻهو،
ڪهاڙين ۽ لوڙهين سان چچريل لاش، ڇُرن ۽ چاقن سان
چيريل پيٽ، رت ۾ ڳاڙهيون حسين جوانڙيون، تاش جي
پتن جا تاج پهريل ڳڀرو جوان نظر ايندا هئا، ۽ اهڙي
خواب کان پوءِ هن جو سارو ڏينهن هڪ عجيب سڪون ۽
اطمينان ۾ گذرندو هو، ۽ سندس ڪنوار اهو سڪون ۽
اطمينان ڏسي، سمجهي ويندي هئي ته ان ڏينهن کيس ڪو
خون جو ڪيس مليو هوندو، ۽ هوءَ ڪنهن نئين ساڙهيءَ،
ڪنهن نئين تحفي جي اميد ۾ سارو ڏينهن اطمينان ۽
خوشيءَ ۾ ڇال ڏيندي رهندي هئي.
اصغر جو دوست فلپ، انگلينڊ کان گهمڻ
لاءِ آيو، ته هن کي وري اهي ڏينهن ياد پيا جڏهن هو
ٻئي انگلينڊ ۾ ڪنهن پب يا ڪلب ۾، لئٽن – آمريڪن
رقص جي ڌنن تي ٿڙڪندا، ٿاٻڙندا ساري رات گذاريندا
هئا. هو منجهي پيو ته هو فلپ کي هتي ڪهڙا ڪهڙا هنڌ
گهمائي. هن کي هڪ خون جي ڪيس ۾ بدين وڃڻو هو. هن
فلپ کي پاڻ سان کنيو ۽ کيس بدين گهمائي آيو. فلپ
چپ چاپ بدين جي شهر، ڪورٽ ۽ ماڻهن کي ڏسندو رهيو،
۽ جڏهن هو جيپ ۾ چڙهي واپس حيدرآباد هلڻ لڳا تڏهن
به فلپ چپ رهيو. اصغر کان رهيو نه ٿيو، پڇي ويٺو
”ڇو، فلپ! تون ماٺ ڇو ٿي ويو آهين؟“
فلپ پهرين ته ڪو به جواب نه ڏنو، پوءِ
چيائين ”مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ان ڪري
چپ آهيان!“
اصغر به کلي ڏنو– ”هي ويچارو ڇا سمجهندو
هِتان جي وڪالت!“
”تون منهنجي جواب تان کلين ڇو ٿو؟“
”دوست، تون هن وقت پنهنجي ملڪ جي معيار
سان سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهين، ان ڪري توکي ڪجهه
سمجهه ۾ نه ايندو. تنهنجي ملڪ ۾ وڪالت نهايت ڏکي
آهي، ۽ هت نهايت مهانگي.“
”اُهو ڏکئي مهانگي جو ضد ته ڪجهه نئون فلسفو آهي!“
فلپ جي آواز ۾ ڪجهه ٽوڪ هئي.“
”مون کي پڪ هئي ته تون اهو سوال ڪندين، پر حقيقت ۾
ائين آهي. تنهنجي ملڪ ۾ ڏوهه جي قيمت سزا آهي ۽
هتي ڏوهه جي قيمت ڏوڪڙن ۾ ٿي ڪٿجي!“
فلپ جي منهن تي هاڻي ته اٻوجهائيءَ سان
گڏ هڪ ڊپ گاڏڙ حيرت به هئي.
”سو ته تون تڏهن سمجهي سگهندي، جڏهن-“
۽ عين ان وقت هن کي زور سان جيپ کي بريڪ
ڏيڻو پيو. جيپ اڳيان، رستي جي پوري وچ تي، هڪ
پيرمرد پنهنجي جُتيءَ ۾ ڪنهن پٿر سان ڪوڪو ٺوڪي
رهيو هو. اصغر جي وات مان گار نڪرندي رهجي وئي:
”پريا مڙس...... کُٽيءَ کنيو اٿئي ڇا!“
پريو مڙس رستي تان هٽي پري ته ٿيو، پر
هن جي چهري تي ڪا خاص گهٻراهٽ نه هئي، يا سندس
چهري تي چڙهيل لٽ ۾، ڊپ ۽ گهٻراهٽ جا احساس به
لڪي ويا هئا. هن فقط ايترو چيو: ”جي سائين!“
باوجود ڪاوڙ جي، اصغر کلي ڏنو. فلپ
ويچارو ڪجهه نه سمجهندي، رڳو پرئي مڙس کي چتائي
ڏسي رهيو هو. پرئي مڙس جي منهن ۾ هڪ عجيب ياسيت جو
عالم هو. چاپئين ڏاڙهي، هونئن ته ڪجهه اڇي به هئي،
ڪجهه لٽ جي ڪري ڀوري ٿي نظر آئي. سندس نرڙ ۾ گهنج
اهڙا هئا، جن کي ڏسي ائين ٿي خيال ٿيو ته هن پرئي
مڙس سڄي عمر پَهڻ ڪٽيندي گذاري آهي. اڇي پر مُرٽيل
کَسي ڳلي جي قميص ۽ ڪاري سٿڻ ۽ مٿي تي ڪارو پٽڪو،
جنهن جي ڪاراڻ ۾ الاجي ڪيترا فريبيءَ جا عيب لِڪل
هئا، ۽ هٿ ۾ ڇنل گهيتلو.
اصغر پرئي، مڙس کان پڇيو: ”پريا مڙس،
ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
”حيدراد“ (حيدرآباد)
”پوءِ ڪڏهن پهچندين؟“
”سائين، ڏينهڪ،“
۽ اصغر کان به کل نڪري وئي ۽ هن جيپ کي
اڳتي وڌايو.
فلپ کانئس اوچتو سوال ڪيو: ”ڪهڙي ڳالهه
تان کلئين؟“
”هتي جا ماڻهو به عجيب آهن. پڇيومانس ته
”موت کنيو اٿئي ڇا؟“ ته بنا ڪنهن هٽڪ جي جواب
ڏنائين ته ”هائو!“
هنن ماڻهن لاءِ موت ۽ حياتيءَ ۾ ڪو فرق
ڪونهي!“
”ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه هئي؟“
اصغر کي هاڻي فلپ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي هئي.
هي ته ڪو فيلسوف ٿي ويو آهي. مزاح جي پهلو ۾ پيس،
کل نظر نه ٿي اچي.... هون!،
”ٻيو ڇا پڇيئين؟“
”پڇيومانس ته، ”ڪيڏانهن پيو وڃين؟“
چيائين ته، ”حيدرآباد“ ۽ هِتان پنڌ حيدرآباد، هڪ
ڏينهن ۾ پهچڻ، تي مون کي کل اچي وئي!“
”پوءِ تو ڇو نه کيس حيدرآباد تائين کڻي
هلڻ جي آڇ ڪئي!،
”فلپ! هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ماڻهن کي پنهنجي
گاڏين ۾ کڻڻ جي آڇ ڪرڻ لڳون، ته سارو سال ماڻهو
ڍوئيندي گذري وڃي.“
اصغر کي پنهنجي انهيءَ ”ماڻهو ڍوئڻ“ تي
به کلي اچي وئي ۽ فلپ هڪ عجيب نگاهه سان هن کي
تڪيندو رهجي ويو. ۽ ان نگاهه ۾ ڪاوڙ، پشيماني ۽
بيوسيءَ جا احساس گڏجي، محض اٻوجهائي بڻجي ويئي.
ٻئي ڏينهن اصغر فلپ کي حيدرآباد جون
ڪورٽون ڏيکارڻ نڪتو. ڪار کي پارڪ ڪرڻ لاءِ، جيئن
موڙي رهيو هو ته ”اڳيان ڪا شيءَ ڏسي بريڪ ڏنائين.
ڪاوڙ مان هيٺ لٿو، ته سندس منشي ڊوڙندو آيو ۽ ان
شيءِ کي ٿڏو هڻي، چيائين ”او پوڙها، مرڻو اٿئي
ڪيئن، جو اتي سمهي رهيو آهين؟“ ستل پوڙهو، اوٻاسي
ڏيندو. ڪَرَ موڙي اٿي بيٺو. اصغر پوڙهي کي ڏسي،
ڪاوڙ مان ٿڙڪڻ لڳو. هن جي ذهن ۾ اهو ئي خيال آيو
ته ڪالهه کان وٺي پوڙها ماڻهو، سازش ڪري، کائونس
ائڪسيڊنٽ ڪرائڻ جي خيال ۾ هئا. ڪالهه رستي تي، ته
اڄ بنهه ڪورٽ ۾! جوابدار جي حيثيت ۾ ڪورٽ جي پڃري
۾ بيهڻ جي تصور کان ئي هن کي پنهنجي پيٽ ۾ هڪ عجيب
کڏ پوندي محسوس ٿي، پر منشيءَ پوڙهي کي گاريون
ڏيئي، اتان ڌڪا ڏيئي ڪڍيو ۽ پوءِ سلام ڪري، چوڻ
لڳو: ”سائين، ڪو اڌ چريو ٿو ڏسجي! چوي ٿو ته سندس
اباڻي زمين کسجي ويئي آهي، ۽ ان جي اپيل سيشن ٻڌڻ
جوڳي ٺهرائي آهي. وڪيل اٿس ڪونه، سو پاڻئي وڪالت
لاءِ آيو آهي!“ منشي کلڻ لڳو.
اصغر کي الاجي ڪهڙو خيال آيو، سو منشيءَ
کي پنجين جو نوٽ ڏيندي چيائين، ”چئينس ته مون کي
وڪيل ڪري، پئسو پائي نه وٺندو سانس!“ ۽ اصغر کي به
کل اچي ويئي.
اهو سارو ڏينهن هن فلپ کي ڪورٽون
گهمائيندي گذاريو. شام جو پنجين بجي، فلپ سان
گڏجي، اچي آفيس ۾ ويٺو، ته ايندي شرط خون جي ڪيس
جا اصيل مليس. ان مان هڪڙي ڪيس ۾ ته فوتيءَ جو لاش
اسپتال ۾ اچي پهتو هو ۽ هو فلپ کي وٺي، اسپتال ۾
مُڙدا- گهر ڏانهن هليو. مُڙدا – گهر ۾ گهڙڻ سان ئي
کيس ٿاٻو آيو، اڳتي ڪرندي بچيو. مُڙدا – گهر جي
نگهبان کلندي چيو: ”سائين، جيڪي ماڻهو بي موت مري
ٿا وڃن، سي مورڳو جيئرن کي ٿا ٿاٻا کارائين!“ فلپ
به هن لاش وٽ اچي بيهي رهيو، ۽ ان کي گهوري ڏسڻ
لڳو. لَٽ سان ڀريل چاپئين ڏاڙهي، منهن ۾ به گهرا
کهرا گُهنج، ڪاري سُٿڻ، ۽ اڇا ڪارا کليل وار، ڪارو
پٽڪو کليل حالت ۾ پوڙهي جي ڇاتيءَ تي پيو هو، ۽
پٽڪي جي هڪ ڪنڊ ۾، ڳنڍ ٻڌل، ڪا شيءِ پوڙهي جي هٿ ۾
ايتري مضبوطيءِ سان جهليل هئي، جو موت کان پوءِ
نيريون نيريون نسون جهڪيون نه ٿيون هيون. سڄي لاش
۾، ائين ٿي ڀانيو ته اها مُٺ اڃا نه مئي هئي. فلپ
هري هري اصغر کي چيو: ”هن پوڙهي جي مُٺ ۾ ڇا آهي؟“
اصغر کي پوڙهي تان ٿاٻي اچڻ جي اڳي ئي ڪاوڙ هئي،
سو خار مان چيائين: ”ٽڪي جا ڀڳڙا!“ فلپ کي هن
پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ جواب ڏنو هو. سو وائڙو ٿي
اصغر جي منهن ۾ نهارڻ لڳو. هڪ ڌارئين جي دلچسپي
ڏسي، مُڙدا – گهر جي نگهابن، زور ڏيئي، پوڙهي جي
هٿ مان پٽڪي جي ڳنڌ ڇڏائي کولي، ته ان مان ڪارسري
چيڪيءَ مٽيءَ جي مُٺ وهي، پڙهي جي اکين تان ڍرڪندي
ويئي!
اتان واپس اچڻ تي فلپ ۽ اصغر ۾ ان ڳالهه
تي بحث ڇڙيو ته پوڙهو ساڳيو، جيپ هيٺان اچڻ وارو ۽
ڪورٽ ۾ ڪار هيٺان اچڻ وارو پوڙهو هو. انهن واقعن ۾
ٽي مختلف پوڙها هئا، ۽ ڳچ رات تائين بحث ڪرڻ
کانپوءِ، ڪنهن فيصلي تي پهچڻ کان سواءِ، ٻئي ڄڻا
هڪٻئي کي دوستيءَ جو يقين ڏياريندا، الوداع چئي
وڃي سمهي پيا.
(مهراڻ: 2 – 3 – 1964ع)
خيرالنساء جعفري
پيڙا
جو پڙلاءُ
ڪڏهن ڪڏهن ڪتابي علم به انسان کي ڪيڏو ته بيويساه
۽ بزدل بڻايو وجهي، ان جي شايد توکي سڌ نه هجي. جو
تون ان ماحول ۾ اچڻ کان پوءِ به ان لِڇ کان آجو ئي
رهين، ورنه هيڏو ڏيسارو ڏورڻ. پئسا خرچ ڪرڻ-
پنهنجن کان پري ٿيڻ سڀ اجايا ته ڪين هئا!!
”بوسٽن“ اچي ته تنهنجون رَوِشون اهي ئي رهيون جي
شايد تنهنجون پنهنجي ديس ۾.....
ها دوست، تون جو ايتري لوڏ سان ٿي هلين. بارش ۾ ٿي
ويٺين ۽ گرل فرينڊز سان ٿي گهمين.
مان به هتي تعليم سانگي آئي هيس ۽ تون به، پر هت
اچي اسان ٻنهي جا ”مطلب“ ساڳيا هوندي به ”منزلون“
بدلجي ويون هيون يا منزلون ساڳيون هجڻ کان پوءِ به
گس مٽجي ويا هئا....
پاڻ ٻنهي مان غلط ڪير هو ۽ صحيح ڪير؟- ان جو فيصلو
ته وقت به نه ڪري سگهيو. جو چڱائي ۽ لڱائي غلط ۽
صحيح جون جوڙون اسان پاڻ ئي ته جوڙيون آهن. وقت ۽
حالتن، جا سانچا انسان کي به ميڻ جيان مٽايو ڇڏين
ته معيارن کي به اڄ به تون چوندين ته تون صحيح
هئين ۽ مان ڀائيندس مان. باقي ”حقيقت“ جو ”ڪاٿو“
اچي سو ڪٿان؟
تون ۽ مان هڪ ڪناري جون ڄڻ ٻه ڪنڌيون هئاسين، جن
جا رخ ڄڻ ازل کان جدا.
تون دريا جي مست وهڪري جيان جتان چاهئي اتان
لنگهندو وئين. زندگي جي هر تجربي کي پاڻ ۾ پائي-
بي فڪر ٿي روم ۾ هلندو وئي: جيئن جو، جيئن ڀانيهءِ
تيئن ڪيهءِ، سوچڻ ۽ لوچڻ تنهنجي اڳيان اجايا هئا.
تو آڏو زندگي جو ساز رڳو موج ۽ مستي جي آواز لاءِ
هو. پنهنجي هر ڪرڻي کي بهادري ۽ ويساهه ڀانيهءِ
شايد اعتماد جي اها گهڻائي هئي تو ۾، جو مون هميشه
توکي پُرسڪون ۽ سانتيڪو ڏٺو.
ان جي ابتڙ مان هميشه کان بي اعتمادي جو شڪار. ازل
کان بيويساه ۽ بزدل- ماڻهو ته ماڻهو ڪڏهن ته خدا
تي به اجايا..... مان پاڻ کي هميشه دريا ۾ ان ڪُن
جيان ڀانيو، جو ماٺ کان پري، هميشه مانڌاڻ جي چڪرن
۾ هوندو آهي. سنگين کان سنگين حقيقتون پاڻ ۾ لڪائي
۽ ڏيکاءَ ۾ ڪجهه نه ڏيکاري. مون جيون جي جهورين کي
پاڻ ۾ ملائي هڪ ڪيو آهي جو غمن جي غرقابي، هاڻ ڄڻ
حيات جي فطرت بڻجي وئي آهي.
هاڻي ته من جون مرادون ڪجهه اهڙيون وڃي ٿيون آهن،
جو هينئر به جيڪر مون آڏو اهنج ۽ سهنج سامهون
ڪرين. ته مان هٿ ڊگهيرينديس اهنجن ڏانهن. جو من کي
هاڻي انهن ۾ ئي مزو ملي ٿو. ڇو؟ ان جي شعوري ڪارڻ
جي ته خود مونکي به ڪل ڪانهي.
دوست، اڄ دنيا. توکي ڇا به چوي پر تون پاڻ ته جيل
جي چوديوارين ۾ چين سان آهين نه ته اڄ تون به مون
وانگيان سوچ جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهين ها.
مون کي ياد آهي ته جڏهن مان هتي نئين نئين آئي هيس
تڏهن ڪيترو وقت ايڊجسٽ ڪرڻ ۾ لڳو هو. جيڪڏهن ڀيڻي
به هجي ۽ ڀرجهلو به، ته پوءِ مقصد ماڻڻ هروڀرو
ڏکيو ڪونه لڳندو آهي. سمرڪ ايندي ئي مان پنهنجي
مقصد ۾ جنبي ويس. ڪتابن جي دنيا ۾ مون پاڻ کي ڪافي
حد تائين گم ڪري ڇڏيو جو منهنجي آڏو پهريون مقصد
ئي اهو هو.
همت افزائي لاءِ جتي استادن جي همت افزائي هئي اتي
ادي عبدالقادر جي رفاقت به پاڻ هتي ٻه سال مون کان
سينئر هو. شڪارپور جو هو، ڇريءَ ۽ نيت بريءَ جي
چوڻي جي بنهه ابتڙ. بيشڪ هتي جي ماحول ۾ کپي وڃڻ ۾
مون کي ادي قادر جي ڏاڍي مدد هئي. چڱي دوست جو
ملڻ به ته خوش نصيبي آهي نه. تڏهن مان به پاڻ کي
ڏاڍو نيڪ نصيب ڀائيندي هيس.
پر هڪ ڳالهه ٻڌايانءِ ته تن ڏينهن اسان جي خوش
نصيبيءَ جو معيار ئي ڪجهه اهڙو هو. خوشيون ايتريون
سستيون ڀانئبيون هيون جو ڪٿي اگر پرائي باغ ۾ ڪو
گل ٽڙندو هو ته دل پنهنجي پئي خوش ٿيندي هئي. ڪٿي
ڪو سٺو راڳ ٻڌم يا سٺو ڪتاب هٿ آيو ته ڀائيندي هيس
ته ڄڻ قاروني خزانو ملي ويو. ٻيو ته ٻيو چانهه جو
هڪ سٺو ڊوز به خوش نصيبيءَ جي علامت پئي لڳندي
هئي. ۽ هاڻي حالتون ٻيون. ماڻهو ٻيا، ۽ ماڻهن سان
گڏ معيار به ٻيا......
منهنجي هتي اچڻ کان ٻارنهن مهينا پوءِ تون آئين.
جڏهن پهريون دفعو قادر کان تنهنجو بوسٽن اچڻ جو
ٻڌم ته دل خوشيءَ کان ٻلهار ٿي وئي. نه ته توکي
سڃاڻندي هيس، پر پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي.
جڏهن تون آئين ۽ ادي قادر تنهنجي مون سان سڃاڻ
ڪرائي ته مون تو مان ڪو خاص امپريشن نه ورتو.
سواءِ ان جي ته تون بلڪل سادڙو، هاٺي ڪاٺيءَ جو
مضبوط، ٿورڙو بي ترتيب ۽ ڪافي رف شيءِ هئين، باقي
ان کان وڌيڪ مون توکان ڪوبه تاثر ڪونه ورتو، جو تو
۾ متاثر ڪرڻ جي ڪا ڳالهه ئي ڪانه هئي. ان لاءِ نه
ته ڪو تون ديار غير ۾ اچڻ ڪري ڪو هيسيل هئين، بلڪ
تو ۾ ڪو لڇڻ ئي ڪونه هو. گهٽ ۾ گهٽ ان وقت مون
اهوئي محسوس ڪيو.
مون کي تنهنجي اوائلي ڏينهن جي ڪابه خبر ڪانه هئي
ته تو ڪٿي پئي گهاريا ۽ ڪيئن پئي گهاريا البته
ايتري سا خبر پيم ته توکي رهڻ لاءِ ايم.سي اسٽريٽ
۾ ئي روم مليل آهي! يعني منهنجي هاسٽل جي اڳيان.
ورانڊي جي ونجهين ۾ منهن هڻي جي سڌي نهار ڪبي هئي
ته لائين ۾ ٻئي پورشن جي مڙني فليٽن جون دريون
قطار ۾ ڏسڻ ۾ اينديون هيون، قادر ٻڌايو هو ته توکي
ٻئي فلور ۾ ٻيو نمبر روم رهڻ لاءِ مليل آهي.
آءُ ڪڏهن ڪڏهن اسٽڊي کان پوءِ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ انهن
ونجهين مان نهاريندي هيس ته تنهنجي روم جون بتيون
رات جي ٻارهين وڳي سوڌي بند ئي رهنديون هيون. ان
کان پوءِ البته هڪ ڏيڍ وڳين ڌاري تنهنجي روم جي
شيشي مان روشني جا پاڇولا اچي ۽ لڙي ويندا هئا.
جنهن مان منهنجو اندازو هو ته تون ڇڙو روم ۾ اچيو
۽ سمهيو رهين. خدا ڄاڻي تون اسٽڊي اورس ڪٿي صرف
ڪندو هئين؟
ڪنهن لائبريريءَ ۾، ڪنهن دوست وٽ يا ڪنهن هوٽل يا
بار ۾، تن ڏينهن مون کي تنهنجي ڪا خبر ڪانه هئي.
باقي سو توسان ڪڏهن ڪڏهن رسمي طور ملڻ ٿيندو ئي
رهندو هو. جو اسين سڀئي، ڏيساور کان آيل هم زبان
هئڻ جي ناتي ۾ محفلون ڪندا ئي رهندا هئاسين. جتي
ٻين ٽاپڪس سان گڏ، اڪثر ٽاپڪ پنهنجي سوني ڌرتي جو
به هوندو هو.
تون هوندو ته ماٺ ماٺ ئي هئين، پر قادر ٻڌايو هو
ته سخت قوم پرست آهين. توکي پنهنجي ديس جي محبت ۾
ڪافي دفعا اسٽرائڪون ڪرڻيون پيون هيون ۽ ڪئي ڀيرا
جيل به وڃڻو پيو هو، تو ديس ۾ رهي جو ڪجهه ڪيو هو
ان ۾ جيتري صداقت هئي تنهن لاءِ آءُ ڇا چوان.
اڄ تنهنجي سار سان گڏ ”مارٽن“ به ٿومن ۾ هُريم.
مارٽن اسان واري پورشن جي انچارج جو پٽ هو. 18-19
سالن جو ڏاڍو ٺاهوڪو جوان. اڪثر شام جو چاڪليٽ
چٻاڙيندو ۽ گٽار وڄائيندي نظر ايندو هو. ”بوب“
سندس ڪتو هر وقت ساڻس گڏ. اهڙو ذهين اهڙو ٽرينڊ جو
ماڻهوءَ کي مات ڪري. مارٽن ۽ بوب منهنجا پڪا دوست
هئا. آءُ هر روز شام جو لان ۾ بسڪوٽ کڻي ويندي هيس
بوب لاءِ. جتي مارٽن پيو گٽار وڄائيندو هو ۽ بوب
پاسي کان اکيون بند ڪيو شايد سرن مان پيو سرور
وٺندو هو. اتي اسان جون خوب ڳالهيون ٿينديون هيون.
مارٽن مون کان سنڌ متعلق ايڏي ته پڇ پڇ ڪندو هو،
جو منهنجي خيال ۾ هاڻي سندس ناليج به سنڌ متعلق
اوترو وئي هئي جيتري منهنجي.
بوب بسڪوٽن جو ايترو عادي ۽ شوقين هوندو هو جو
مجال آهي اڌ ڪلاڪ کن دير ٿئي کيس ڏيڻ ۾. زنجير
ڇڏائي، کڙڪائيندو سڌو منهنجي روم ۾. اڳيان بوب
پٺيان مارٽن. سزا جي طور تي بوب کي ته بسڪوٽ ملندا
ئي هئا، پر مارٽن جي به چانهه لڳندي هئي مٿي تي.
حقيقت ۾ منهنجي مارٽن جي دوستي پڪي ٿي هئي، هڪ
رليءَ تي. مارٽن کي منهنجي پاڻ سان آندل رلي ڏاڍي
وڻي هئي. اڪثر ان رليءَ کي مفلر جيان گلي ۾ ويڙهي
پيو گهمندو هو.
هڪ دفعي اندر روم ۾ آيو ته نظر وڃي پيس سامهون
رکيل ڪئلينڊر تي. جنهن تي عمر ۽ مارئيءَ جي ڏاڍي
سهڻي تصوير چٽيل هئي. تصوير ۾ عمر مارئيءَ کان
پاڻيءَ جي آڇ ڪري رهيو هو، ۽ مارئي اڳيان وڌي پاڻي
پيش ڪري رهي هئي، پاسي کان هڪ اُٺ پڻ بيٺل ڏيکاريل
هو. جيڪو رليءَ سان خوبصورت ڪجاوو اوڍيل هو. مارٽن
ڪئلينڊر ڏسندي ئي هميشه جيان سوال جواب ڪرڻ شروع
ڪري ڏنا هئا، ۽ مون جواب ۾ کيس سڄو عمر مارئيءَ جو
داستان ٻڌايو هو. ان سان گڏ ڪجهه لوڪ گيت به ٻڌايا
مانس جي مون پاڻ سان گڏ ٽيپ ڪري آندا هئا.
هڪ ڏينهن آيو ته ڏاڍو سرهو هو. رليءَ واري چادر
ڪلهن ۾- ڪنڌ ۾ گٽار. ڪئلينڊر ڏانهن ڏسندي چيائين،
”ڪمال آهي هڪ عورت ۾ ايڏو عزم، وفا ۽ پوترتائي!“
چيومانس ته، ”شابس ته ان مرد کي به ڏي نه مارٽن،
جو وڏو حاڪم هوندي به ايترو بااصول، بهادر ۽
ديموڪريٽ هو.
”بيشڪ بيشڪ“ چئي کن ڏسي پنهنجي گلي ۾ چادر ڏانهن
ڏسندي هڪ شرارتي مرڪ مرڪي چيائين، ”فرينڊ، هيءَ
چادر به ڪٿي اوريجنل ته ناهي. جا مسٽر عمر جي اُٺ
تي ڏيکاريل آهي؟“
”ها، ها ڀائي“ مون چيو.
اُٺ به ته هي اوريجنل ئي آهي نه، جنهن تي رلي
اوڍيل آهي!“ مون ڏانهنس اشارو ڪندي وراڻيو.
اهڙي طرح مارٽن اسان جي تهذيب، اخلاق ۽ بهادري کان
ڏاڍو متاثر هو. ڪڏهن ڪڏهن کلي چوندو هو ته، ”فرينڊ
جڏهن تون پنهنجي ديس موٽي واپس ويندينءَ ته توکي
مان ڪمپني ڏيندس ۽ پنهنجي اکين سان ان ڌرتي کي
ڏسندس جنهن جا رهواسي ايڏا سندر ۽ سٻاجها آهن.“
توکي ياد آهي ته هڪ دفعو تون اسان واري فلور تي
وڃڻ لاءِ ورانڊي ۾ بيٺل هئين. ان مهل مان به
يونيورسٽيءَ مان موٽي هئس آءُ مٿي وڃڻ لاءِ لفٽ جي
انتظار ۾ هئس ۽ تون به جڏهن اسان ٻئي لفٽ تي سوار
ٿياسين، تڏهن تون منهنجي وجود کان بيخبر ٿي چپ چاپ
بيٺو رهين، ۽ مون پاڻ ئي توسان ڳالهايو هو.
”توهان اڄ هن پاسي ڪيئن؟“
”قادر ڏانهن.“
”توهان پنهنجو وقت ڪيئن گذاريو؟“
دوستن سان، دوستن وٽ.“ تو تمام مضبوط لهجي ۾ ننڍڙو
جواب ڏنو.
”پر وقت جي گهرج توهان کان ڪجهه ٻيو به چاهي ٿي؟“
”دوستن لاءِ منهنجي جان به حاضر آهي، ۽ ان کان
وڌيڪ ڪا گهرج، گهرج ناهي.“
ان کان پوءِ تون مون کي نو لفٽ ڪري خاموش ٿي وئين
۽ مان به هروڀرو ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو هو.
پوءِ هوريان هوريان مون محسوس ڪيو ته قادر وٽ
تنهنجا پنڌ پير وڌي ويا آهن. اڪثر يا تون قادر وٽ
ايندو هئين يا قادر تو وٽ. شايد تنهنجي دوستن ۾
هاڻي قادر به شامل ٿي ويو هو.
مون کي پن- ڇڻ رت جي اها پيلي پيلي شام ياد آهي
جڏهن ته پهريون ڀيرو مون کي پاڻ هرتو سلام ڪيو هو.
مان لان ۾ ويٺي هئس. بوب بسڪوٽن ۾ مگن هو. مارٽن
گٽار تي هلڪا هلڪا سُر پي ڇيڙيا. سڪل سڪل پن هوا
جي رخ تي هيڏي هوڏي ٿي وکريا. موسم تي اداسيءَ جو
عجيب اثر هو.
مان رکي رکي غير ارادي طور تنهنجي درين ڏانهن ٿي
ڏٺو جي هميشه جيان اڄ به بند هيون. شاهه لطيف ان
ئي ويل لاءِ چيو هو:
ڪڏهن تاڪيون ڏين، ڪڏهن در کلن دوستن جا،
ڪڏهن اچان ته اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڳجهاندر.
ايئن ٿي لڳو ڄڻ درين تي صدين جي دز وري وئي هجي.
انهن جي ماٺ ۾ ڪڏهن ڪا چرپر ئي نه ٿي هجي.
سوچيم ڪڏهن ڪڏهن بند دروازا به من کي ڪيڏو ڏکيا
لڳندا آهن. اهڙين ڳالهين جي چت ۾ چنتا ڪري وجهندا
آهن، جن جو ڏسڻ ۾ ڪو سبب ئي ڪونه هوندو آهي.
اسان به نادانيءَ ۾، ٻه ڪتاب پڙهي پاڻ کي سمجهه جو
صاحب ڀانئي ويهندا آهيون. ايئن ڇو ڀائيندا آهيون
ته حالتن جا حاڪم اسان پاڻ آهيون؟ هر ڳالهه جي
نفعي ۽ نقصان تي ويچارڻ تي آتا! ان ڳالهه کان قطعي
بيخبر ته ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڳالهين جا ڪارڻ، حالتن ۾
نه، ازل کان ڪرم ۾ جڙيل هوندا آهن. جن ڳالهين تي
اسان کي پهرين کل ايندي هئي ۽ اسين انهن کي ٻين
جون بيوقوفيون ڀائيندا هئاسين اهي ئي اسين اڻ
ڄاڻائيءَ ۾ پاڻ تي لاهي ويهندا آهيون. ان لاءِ جو
اهي ڳالهيون اسان جي جنم پتري ۾ جنم کان ئي جڙيل
هونديون آهن. جن کان جند ڇڏائي ئي نه سگهبي آهي.
ان شام پهريون دفعو مون ڏٺو ته درين تان دز ٿوري
وکري هئي. ماٺ ۾ هلڪو تحرڪ ۽ مستي هئي، ۽ درين جا
تاڪ کلي پيا هئا، تنهنجي روم ۾ روشني ڦهلي هئي ۽
تون شايد شام جي سوگواريءَ کان ڇڪجي اچي دريءَ ۾
بيٺو هئين. تو سگريٽ جا ڊگها ڊگها ڪش ٿي هنيا، ۽
هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي تنهنجي اوچتي نظر مون تي
پئي.
عزت مان تو سگريٽ وارو هٿ هيٺ ڪري ڇڏيو، ۽ نوِڙي
ڇاتيءَ تي هٿ رکي ڏاڍي اخلاق سان سلام ڪيو هيئي.
اسان جي روايت مطابق.
مون کي تنهنجي اها ادا ايتري وڻي هئي جو مان خوش
ٿي پڪي اڌ ڪلاڪ جو مارٽن سان تنهنجي پرپٺ سڃاڻپ
ڪرائيندي رهيس.
ڪڏهن ڪڏهن روشنيءَ جو ننڍڙو ترورو به من جي
ڏنگيندڙ اونده کي ڪيڏو نه منور ڪري ڇڏيندو آهي.
روشنيءَ ۽ روح جو به ڪيڏو نه اٽوٽ ناتو آهي هڪ ٻئي
سان.
حيران آهيان گوتم به ته انهن روشنين جو ڳولهائو
هو. پوءِ ان کي ڇو زندگي تياڳڻ ۾ روشني ملي هئي؟
جڏهن ته روح زندگيءَ جي انهن روشنين مان ئي نور
پايو وڃي، ۽ من کي جا ان روشنيءَ مان آسيس ملي ٿي
سا وري تياڳڻ ۾ ڪٿي؟
وقت جو وهڪرو وهندو رهيو. منهنجي ٿيسز گهڻي ڀاڱي
پوري ٿيڻ واري هئي. هونئن به من آڏو ڪو مقصد هجي
ته زندگي ڏاڍي روان دوان گذرندي آهي.
تن ڏينهن ادو قادر مليو. ان ڪجهه اگري تاثر سان
تنهنجي لاءِ ٻڌايو ته تون هتي اچي لاپرواه ٿي ويو
آهين ۽ بنهه وساري ويٺو آهين ته تون هت ڪهڙي سانگي
آيو هئين؟ تنهنجي دوستيءَ جو دائرو وڌندو ٿي ويو.
جنهن ۾ ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪريون به شامل آهن.
توکي تنهنجي دوستن ۾ خاص مرڪزي حيثيت حاصل آهي.
هوٽلن ۽ بارن جا بل گهڻو ڪري تون ڀريندو آهن.
تنهنجون پسنديون ايتريقدر ته بدلجي ويون آهن جو
چوندو آهين ته ڪوڪ ۽ پاڻي ته فقط موڊ ۾ اچي هارڻ
لاءِ هوندا آهن. اهو پيئڻ ڪهڙو جو جيئڻ لاءِ نه
جاڳائي. جو چڪو تکو نه لڳي سو چڪو ڪهڙو؟
اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي دل کي ايڏو ته ڌڪ لڳو هو جو ان
ڏينهن مان ڪو ڪم ڪري ڪانه سگهي هيس، ۽ سارو ڏينهن
ڪافي پي ۽ رڪارڊ ٻڌي گذاريو هئم.
سچ ته هتي توکي روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪير هو. مستيءَ جي
انڌ ۾ اچي تون اهو رستو وڃائي ويٺو هئين جنهن لاءِ
هيترا ڏورڻ ڏوري هتي آيو هئين.
مون کي نڪو حق هو ۽ نڪا حيثيت جو توکي انهن ڀليل
رستن تان ورائي وٺان ها.
شايد ڪم جي گهڻائي هئي. وطن جي سڪ به هئي ۽ ڪجهه
من جو ذاتي خلفشار به. مان اوچتو بيمار ٿي پيس.
اڪيلائيءَ ۾ ڏيل اصل ائين پئي ڏريو جو مجبورن
اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو. هتي اچي پنهنجي اهميت جي
اصل خبر پوندي آهي. دوستن جي پرگهور لاءِ اچ وڃ،
استادن جي خبر گيريءَ لاءِ فونن مٿي فون. مطلب ته
مون ڀانئيو، هيل تائين مان پاڻ کي شايد
Under estimate
ڪندي رهي آهيان.
شايد توکي به قادر جي ذريعي خبر پئي سو تون به
ڀلائي ڪري پڇڻ آيو هئين. آئين ته پڇيئي ڪي به ڪين.
چپ چاپ ويهي هليو وئين. ويندي ويندي سو ڏاڍي
نهٺائيءَ سان چيو هيئي. ”ڪو ڪم ڪار هجي ته مان
حاضر آهيان.“ ۽ جواب ۾ مان تنهنجي مهرباني به مڃي
ڪانه سگهي هيس.
اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کان پوءِ مون ٿوري وقت لاءِ
پنهنجو ڪم هڪ پاسيرو ڪري ڇڏيو هو. مارٽن ۽ سندس
ماءُ منهنجي ايتري ته چاڪري ۽ پرگهور لڌي جو مان
پنهنجي بيماريءَ کي شرم جو ڪارڻ محسوس ڪرڻ لڳي
هئس.
ان وچ ۾ قادر تنهنجي لاءِ هڪ ننڍڙي ڳالهه ٻڌائي،
ته تون اڪثر منهنجي خيريت پڇندو رهندو آهين. پر
پاڻ پڇڻ ان ڪري نه ايندو آهين جو اهو مون کي الائي
ڪيتري قدر مناسب لڳي! مٿان ادي قادر چيو هو ته،
”اسان هڪ ئي پاسي کان آيل پرديسي هڪ ٻئي جي خبر نه
لهنداسون ته ٻيو وري ڪير لهندو؟ پر جي جڙون اتي جي
ماحول جون هميشه کان اندر ۾ کتل آهن، تن جي ڪري
لحاظ به آخري رکڻو ئي پوي ٿو.“
۽ مان اڄ تائين سوچي ڪانه سگهي آهيان ته اسان جي
ماحول جون جڙون ته ڪيتريون ئي اسان ۾ کتل هونديون
آهن، پوءِ انهن مان ڪجهه اسين قائم رکيو اچون ۽
ڪجهه کي ايئن ڇنيو اڇليون جو اهي ڄڻ اسان جي ميراث
مان ئي ڪين هيون. ايئن آخر ڇو آهي؟
پوءِ ڪيترا ڀيرا مون پنهنجين اکين سان ڏٺو: تون
اتي جي ديسي ڇوڪرين جي وچ ۾ راجا اندر بڻيو گهمندو
وتندو هئين ٻڌو هئم ته تو انهن مان ڪي دل پسند
ڇوڪريون پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيون آهن، ۽ تون
چوندو هئين، ”انهن کي اگر ڪڏهن مان ڪنهن ”ٻئي سان“
ڏٺو ته غيرت جي ثبوت لاءِ ٽي گوليون هميشه لوڊ ڪري
رکندو آهيان.“
انهن گولين جو ليکو به ٻڌو هئن. هڪ گولي شايد تون
ان ڇوڪريءَ لاءِ ڳڻيندو هئين، ٻي ان جي آشنا لاءِ
۽ ٽين گولي!! ٽين گوليءَ جو حساب وسري ويو اٿم.
غالبن تو پنهنجي لاءِ چونڊي هوندي اها ٽين گولي!!
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته تنهنجي ۽
قادر جي وچ ۾ ٿوري اڻ بڻت ٿي پئي آهي، جو توهان جو
هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ بنهه ڪونه ٿيندو هو.
ڳالهين مان ڳالهه تي قادر پاڻ ٻڌايو هو ته توهان
ٻنهين ۾ رنجشون ويتر وڌنديون وڃن.
مون کانئس سبب پڇيو هو، پر هو اهو چئي لنوائي ويو
هو ته بس مڙئي نظرياتي اختلافن ڪري ويڇا وڌيا آهن
ورنه ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. ان ڏينهن مان هيڏي هوڏي
ويچارڻ بدران ڪافي دير ويهي پنهنجي ٿيسز کي فائينل
ٽچز ڏنا هئا، ۽ پنهنجي پٽاندر پڪوپهه ڪيو هئم ته
آئنده سيرئس ٿي صرف پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏبو جو مون
کي آخر پنهنجي وطن به ته واپس وڃڻو هو.
ڪافي ڪم ڪرڻ کان پوءِ اها رات آءُ ڏاڍي گُهري ننڊ
ستي هئس. روشنيون جي پري هجن ته انڌاري ۾ هونئن به
گهري ننڊ ايندي آهي. سو مان به ننڊ ۾ الائي ڪيترو
پري پري وڃي نڪتس جو تڪڙا تڪڙا ۽ زورائتا دروازي
تي گهنٽين جا آواز ٿيا. جيسين اٿي دروازو پٽيان
تيسين لاڳيتو گهنٽي وڄندي رهي.
”پرور، پت رکجانِ.“
دروازو کوليم ته سامهون مارٽن بيٺو هو. منڌل متيون
۽ جسم ۾ ڪنبڻي.
”ڇا ٿيو مارٽن؟“
”قتل، قادر قتل ٿي ويو.“
منهنجو مٿو ڀوانٽي کائي ويو.
”ڪنهن قتل ڪيو. ڇو ٿيو قتل، ڪٿي ٿيو؟“
هڪ ئي ساهه ۾ مون الائي ڪيترا سوال پڇيا هئا.
مارٽن سامهون ٻئي فلور جي ٻئي نمبر روم اشارو ڪندي
رکائي سان هليو ويو ۽ ويندي ويندي تنهنجو نالو به
وٺندي ويو.
تنهنجو نالو ٻڌي مون کي محسوس ٿيو ڄڻ، ڄڻ عبادت
ڪندي، منهنجي تسبيح جا داڻا ڇڄي پيا هجن.
دوست، تون شايد ذهن جي انهن حالتن مان نه لنگهيو
هجين ته ذهن تي جڏهن سانحا گذرندا آهن تڏهن دل
پنهنجن جون قربتون چاهيندي آهي ۽ هروڀرو ڀانئبو
آهي ته ڪن پنهنجن وٽ وڃي وهجي جو لمحن جي اذيت
ايترو نه ستائي. مان تڪڙ ڪري بي سمجهائيءَ وچان
اٿيس. چيم، ”قادر کي وڃيو ٿي پنهنجو ڏوهه ڏسيان ان
سان وڃي ٿي تنهنجون ڳالهيون ڪريان.“
”پر قادر ته ڪڏهوڪو ڪسجي ويو.“ الائي ڪٿان کان
سمجهه موٽي آئي، ۽ پوءِ مان چپڙي ڪري ليٽي پيس جو
ويهڻ جو ست ئي ته ڪونه هو. اهو سڄو ڏينهن مان
اندران دروازو بند ڪري پئي هئس. ٻاهر طرح طرح جا
آواز هئا. اچڻ وڃڻ جا آواز، گوڙ گهمسان، قتل جون
خبرون، قياس آرائيون. اهو سارو ڏينهن مون اڪيلو
روم ۾ گذاريو، نه مارٽن ئي لڙي آيو نه ئي بوب ڪا
سار لڌي.
تنهنجي ڪيتي تي ٻين ڪيترن کي لوڙڻو پيو. ڪيترا
رولز ريگوليشنز پاس ڪيا ويا. ڪيتريون ئي تبديليون
آيون ۽ اسان ڌارين تي سختيون برتيون ويون.
مارٽن پنهنجا آدرش بدلائي ڇڏيا هئا ۽ بوب پنهنجي
عادت مٽي ڇڏي ۽ مان تڏهن پهريون ڀيرو ڀانيو هو ته
پرائي ڌرتي تي ڪو ڌاريون ماڻهو بيٺي آهيان جنهن کي
هتي رهڻ جو هاڻي ڪوئي حق ناهي.
۽ جڏهن ڊگري پيتيءَ ۾ وجهي وطن ڏي واپس وڃڻ جي ڪئي
هئم، ان ڏينهن دل جهڙو ويٺي ويٺي پئي ڀانيم. مارٽن
سان ملڻ ويس ته هُو ڏاڍي پاٻوه سان مليو. بوب کي
پيار ڪري هڪ نظر قادر جي روم ڏانهن وڌم. پر اتي ته
ڄڻ ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا هئا. سندس روم اڃا
تائين سيل ٿيو پيو هو. نوڙي نوڙي پٽ کي ڏسڻ چاهيم
متان ڪي ماضيءَ جا ميساريل داغ ئي نظر اچن، پر وقت
ڪا ريلا ته ڄڻ رت جي رشتن کي ريٽڻ لاءِ ڪي آتا
هوندا آهن، ڪي به ته ڪونه هو اتي! جوڳين کان سواءِ
جايون سڃيون سڃيون پئي لڳيون. پولارن مان ڄڻ هر
سئو آواز ٿي اٿيا، ”اڄ... ماٺ مڙهين.... ۾
جوڳي.... جيڪس ويا..... اڄ ماٺ.... مڙهين ۾
ماٺ..... مڙهين ۾! ۽ مان انهن آوازن کان گهٻرائجي
روم ۾ هلي آيس. عجيب طرح جي آنڌ مانڌ هئي من ۾!
ڀانيم اڃا به ڪا ميخ آهي اندر ۾ جا اٽڪي ٿي. ڪا
تند آهي جا ڪجهه تنواري ٿي ۽ مان ان پيڙا کان بچڻ
ڪاڻ ڪيترو وقت اڳ ۾ ئي ائروڊرم هلي آيس.
ايندي ايندي الائي ڪهڙو رحم پيو پاڻ تي جو چيم اڄ
هڪ ڦيرو ڇونه تنهنجي چوديواريءَ جو به ٿي وڃي. هتي
جا بوجهه هتي ئي ڇڏي وڃجن. پوءِ متان پنهنجو من
پاڻ کي ئي ميارون نه ڏي.
تنهنجي بلڊنگ جو ٽيڪسيءَ ۾ چڪر ڏيندي سوچيو هوم هي
ڦيرا ته ڪنهن مذهب ۾ قسمتن جي سنجوڳ جا امين ڪري
ڀانئبا آهن، پر مان اڄ هنن ڦيرن جي تعبير بدلائڻ
آئي هئس. چيم، ”اڄ توکي ارپڻ آئي آهيان پنهنجي
لکئي جا اهي ڏينهن جي منهنجي لاءِ يقينن ڏاڍا ڏکيا
هئا، پر هاڻ اڄ توکي اهي بوجهه ارپڻ کان پوءِ انهن
جو منهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن گذر نه ٿيندو. ڪڏهن نه!“
اهو منهنجو عزم هو. منهنجو فيصلو هو.
جهاز ۾ ويٺي ويٺي الائي ڪٿان ”غازيءَ“ جا لفظ تري
آيا ذهن تي.
”اسٽيشن تي عزيزن کي ”الوداع“ چوڻ وقت ڀاسندو آهي،
ڄڻ اسان جي وجود ۾ ڪجهه آهي جو مري رهيو آهي ۽
جڏهن اتان موٽبو آهي تڏهن ڀانئبو آهي ڄڻ اسين
پنهنجي ئي وجود جي هڪ حصي کي خدا حافظ چئي آيا
هجون.“
۽ جڏهن جهاز رن.وي تي ڊوڙڻ لڳو هو تڏهن مون به
دريءَ مان منهن ڪڍي فضا ۾ آخري دفعو توکي ”خدا
حافظ“ چئي هميشه لاءِ ان ڪهاڻيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو
هو: هميشه لاءِ! |