سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2019ع

باب:

صفحو:14 

حزب الله يوسفاڻي

 

 

 

منهنجو بابا سائين

(محمد عمر ’معمور‘ يوسفاڻي تي تاثر) 

علامه محمد عمر معمور يوسفاڻي (بابا سائين) اعليٰ پايي جو عالم، اديب، استاد، شاعر، دانشور، مقرر، محقق، مفڪر، مهذب، مهربان، محب وطن، اداڪار، صداڪار، ڪهاڻيڪار، موسيقار، ڊرامه نگار، مقاله نگار، مضمون نگار، تاريخدان، ماهرِ علم طبعيات، جاگرافيدان، ڪيمياگر، ماهرِ فڪليات، ماهر علمِ نجوم، فوٽوگرافر، پامسٽر، پهلوان، حڪيم، نشاني باز، وڪيل، هاري، ماهِر زراعت، هنرمند، بهادر، سخي، راڄوند، پارکو، سگهڙ، صحافي، رياضيدان. ماهرِ علم صرف و نحو ٻهراڙين جي راندين جو ڄاڻو ۽ کيڏندڙ ۽ همت افزائي ڪندڙ، نوجوان شاعرن ۽ اديبن جو رهنما، راڄوڻي فيصلن جو منصف ۽ سنڌ جي سماجي ريتن ۽ رسمن جو پاسدار هو. مذڪوره انيڪ خوبين ۽ خصلتن کان علاوه، پنهنجي ذاتي ڪردار ۾ متقي، متوڪل، موحد، عاشقِ رسول، حق ڳالهه چوڻ ۽ حق تي پير کوڙي بيهي رهڻ ۽ هميشه حق جو طرفدار هجڻ سندس زندگي جو حصول رهيو. ڪوڙ کان سخت نفرت، رشوت جي خلاف، حلال رزق جو مشتاق، غريبن سان محبت، ڏکن ۾ سندن مشڪل ڪشائي ڪرڻ، ڪڏهن ڀُلجي به مهمانن مان بيزار نه ٿيا. هنن هيڏين خصلتن جي مالڪ انسان تي هڪ نشست ۾ نٿو لکي سگهجي. آئون بابا سائينءَ جي يادگيرين مان ڪجهه ڳالهيون پڙهندڙ آڏو رکان ٿو.

بابا سائين پنهنجي اولاد، عزيزن، پاڙيوارن، دوستن ۽ شاگردن تي سدائين مهربان هوندا هئا. انهن کي تمام گهڻو قرب ڏيندا هئا. انهيءَ جو مثال اسان وٽ رهندڙ هڪ شخص محمد صديق ماڇي هو جنهن کي سڀ واقفڪار ڏاڏو صديق چوندا هئا. هِن کي بابا سائين جي وفات جو ايترو ته ڏک ٿيو جو هو بيمار ٿي پيو. پهرن جا پهر ويٺو بابا جي تربت وٽ لڙڪ هاريندو هو ۽ جلدي بابا کانپوءِ هي جهان ڇڏي ويو.

بابا سائين کي سندن اولاد عزيزن ۽ سندس ٻنهي گهر وارين سان حد کان وڌيڪ محبت هئي. بابا سائين کي سندن پهرين گهر واري (اسان جي والده) سان ايتري ته محبت هئي جو ان جي وفات جي ڏک ۾ سندن طبيعت سانده ڪيتري عرصي تائين خراب رهي. مون کيس ڪافي وقت راتين جون راتيون جاڳندي روئندي ۽ الميه شاعري جهونگاريندي ڏٺو ۽ ٻڌو. اها حالت گهڻو وقت رهي، اڪثر ڏينهن جو به بابا سائين اتي ئي گهڻو وقت وهندو هو اِها شاعري جهونگاريندو هو، جتي هن وقت سندن آخري آرامگاهه ٺهيل آهي.

اسان جي والده، سخي، پرهيزگار، محنتي، باهمت ۽ پنهنجي اولاد سان گڏ ٻين جي اولاد کي به ڀائيندڙ عورت هئي. سندس انهيءَ پيار ۾ ڪيترائي يتيم ٻار پَلجي وڏا ٿيا. سندن اُها شفقت ۽ محبت ذات پات جي متڀيد کان مٿاهين هئي. پاڙي جو هڪ يتيم ٻار جيڪو ذات جو ڀيل هو، ان کي پالي نپائي وڏو ڪيائين. وڏو ٿيڻ بعد به هُن سان اگر امان جي ڳالهه ڪجي ٿي ته لڙڪ روڪي نٿو سگهي. ان کان علاوه هڪ پنجابي ڇوڪرو مشتاق ۽ هڪ آريسر جيڪو پوءِ ”ڪامل فقير“سڏائيندو هو ۽ محمد هاشم ولد ڪاڪو وَليو راڄڙ، اهي سڀ ننڍي هوندي ڄڻ اسان جي گهر جا ڀاتي هئا. اهڙي طرح اسان جو ننڍو ”ماما محمد“ ته هو ئي امان جي حصي ۾ ۽ ڳموري ڪڏهن ڪڏهن ويندو هو، پڙهندو به بابا وٽ هو.

امان نعتون ۽ مولود ته پڙهندي هئي پر ڳيتارين جي اڳواڻ هئي. گهر جي ڪم ڪار ۾ سليقيمند ۽ ڀرت جي سگهڙ هئي. سندس پچايل طعام ۾ ايترو سواد هو جو پاڙي واري ڳوٺن جون عورتون بغير ڪنهن بهاني صرف ”امان“ جو رڌل ٻوڙ کائڻ لاءِ اينديون هيون.

امان، بابا جي محنت ۽ مزدوري جي ڪمن ۾ به مڪمل ساٿ ڏيندي هئي. بابا ۽ امان گڏجي لابارو به ڪندا هئا ۽ شام جو جڏهن امان ڪڻڪ جا آڀون پچائي منهنجي لاءِ ۽ ڊاڪٽر لاءِ کڻي ايندي هئي. ان جو سواد ته اڃان به نٿو وسري. بابا ڪجهه وقت نوڪري سانگي ٻاهر به رهندو هو ته امان اسان کي اها ڪمي محسوس ٿيڻ ڪونه ڏيندي هئي. اڱڻ تي ڪَچري جي کُنڌي، اڌوتا برتن، ميرا ۽ ڦاٽل، وکريل ڪپڙا امان لاءِ ڄڻ عيب هئا. ٿڌي پاڻي جا مَٽ ۽ گهڙا هميشه ”گهڙا منجيءَ“ تي رکڻ کي ترجيح ڏيندي هئي.

امان کي الله پاڪ سهڻي صورت سان گڏ اعليٰ سيرت سان نوازيو هو. نماز ۽ روزي جي پابندي ۽ سدائين مهذب گفتگو ڪرڻ واري هئي. حضرت پير غلام رسول جان سرهندي، مٽياري شريف جي دستِ بعيت هئي. بابا ۽ امان ٻنهي گڏ بعيت ڪئي هئي. انهيءَ سلسلي جون سَنَدَون به اسان وٽ موجود آهن. پير صاحب جي ڏنل ذڪر کي هميشه وردِ زبان رکيائين. الله پاڪ کيس پنج فرزند ۽ ٽي نياڻيون عطا ڪيون. سندس ٻه وڏيون نياڻيون دورِ معصومي ۾ فوت ٿي ويون. سندس پنجين ۽ آخري فرزند جي ولادت دوران پاڻ دم ڌڻي جي حوالي ڪيائون. عالمن ۽ فقيهن وٽ ”توليد“ جي وقت وفات شهادت جي ’درجي‘ ۾ شامل آهي.

بابا سائين ڪڏهن ڪنهن دوست کان گهري کائڻ ۽ قرض کڻڻ کي پسند نه ڪيو. هميشه حلال رزق لاءِ پنهنجي هٿن کي هلايو ۽ صبر ۽ شڪر جي نعمتن کي پسند ڪيو. پنهنجي ’پلي قوم‘ جي گهڻگهرن مان ڪي سندس محبتي دوست هئا، جن اسان ڀائرن جي ابتدائي تعليم ۾ ڪجهه رقم جي اعانت ڪئي، جيڪا به ”ريءَ گهري“ ۽ حال ڀائي هجڻ سبب ۽ ٿورووقت پر اها به ان وقت وڏي ڳالهه هئي ۽ سندن دوستي جو ثبوت هو. انهن ۾ مرحوم محسن ولد نصرالله پلي ’منعم پلي‘ جي ڳوٺ وارو ۽ محترم حاجي عبدالرحيم پلي شامل آهن. مرحوم حاجي محبوب علي پلي ۽ عبدالعليم پلي به سندس گهڻگهُرا دوست هئا. ان کان علاوه محترم خانصاحب عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي ۽ راڄ محمد پلي ته ’بابا‘ کي پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهندا هئا. اهي چاهيندا هئا ته معمور صاحب جو علمي ڪم به جاري رهي ۽ اولاد به پڙهي. بابا وري کين انهي مالي امانت جو اجورو علمي ۽ ادبي ڪمن جي شڪل ۾ ادا ڪندو رهيو. الله پاڪ سڀني کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ رکي.

بابا سائين جا حق ڳالهه چوڻ ۽ حق جي طرفداري ۾ غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ جا ڪافي مثال مون اکين سان ڏٺا ۽ ڪنن سان ٻُڌا. اسان جي رشتيدار مرحوم محمد رحيم پلي جي زمين جڏهن سندس سؤٽن ڦٻائي ته سندس مدد ڪرڻ جي هام سڄي راڄ ڀري پر پڙ تي پُختا پير ڪري صرف بابا بيٺو. ٻيا سڀ مصلحتن ۽ وڏماڻهپي جي اثر هيٺ منهن موڙي ويا. ماٺ ٿي ويا، يا وري الٽو مخالف ٿي ويا. محمد رحيم مرحوم کي پنهنجو حق وٺي ڏيارڻ ۾ ’پلي برادري‘ جا اڪثر سگهارا ماڻهو بابا سائين جا مخالف ٿي ويا. ڀت بند ٿيا، سندن رشتيدارن مان ڪيترا ڦلهيار ۾ ڦوڪون ڏيڻ لڳا. کين طرحين طرحين تڪليفون آيون، مٿن دشمنن حملا ڪيا، ٻه دفعا جيل به وڃڻو پيو، پر سندن ايمان ذرو به لوڏو ڪونه کاڌو.

ان مشڪل وقت ۾ سندس ويجهن رشتيدارن کان علاوه ڪجهه پاڙي جي ماڻهن به سندن ساٿ ڏنو، جن ۾ علي بخش بنگلاڻي مرحوم ۽ مير محمد بنگلاڻي مرحوم جو ذڪر ضروري آهي.

جن ماڻهن بابا سائين کي ناحق رنجايو، تڪليفون ڏنيون ۽ ڪوڙا ڪيس ڪيا. اهي اسان جي اڳيان پنهنجي موت پاڻ مري ويا ۽ جيڪي آهن سي وري ڏکيا آهن ۽ سندن دنياوي هستي ته ڪجهه رهي ڪونهي، پر الله کين آخرت جا عذاب معاف فرمائي. بابا سائين کانپوءِ اسان به انهن سان سٺا ناتا نباهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

چڱا ڪن چڱايون مٺايون مَٺن،

جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن.

انهن ڪوڙن ڪيسن بابا کي تڪليف ته پهچائي، پر سندس همت ۽ مردانگي وارو پهلو وڌيڪ نمايان ٿيو. وڪيل ’روچي رام‘ جي صلاح سان بابا وڪالت جا ڪتاب مطالع ڪرڻ شروع ڪيا ۽ پنهنجن ڪافي ڪيسن جي وڪالت خود ڪيائون. اهي ڪتاب اڄ به سندن لئبرريءَ ۾ موجود آهن.

بابا سائين هارپي جي ڪم کي به هڪ سڄاڻ هاريءَ وانگيان نباهيو. جڏهن آئون ۽ ڊاڪٽر به ٻني جو ڪم ڪندا هئاسين ته بابا ٻنيءَ جا ٻنا بلڪل سڌا ٺهرائيندو هو ۽ اسان کي سيکاريندو هو ته ٻنا سڌا ڪيئن ٺاهجن. ٻني جي سنوت رکڻ ۽ نالين ۾ گاهه نه ٿيڻ ڏيندو هو. ٻج ڇَٽڻ کان وٺي، هر، ناڙي، کيڙي، سانور ۽ سلامي جو سڄو ڪم اسان کي سيکاريائين. اوائلي دور ۾ کين هڪ سال ٻني مان 100 (هڪ سو رپيه بچيا ته وڏي ڳالهه چئي وئي ۽ اوڙي پاڙي جا ٻيا هاري کين مبارڪون ڏيڻ آيا.

بابا سائين واڍڪي هنر جو به خوب ماهر هو. سَرن جي ڪانن مان پکا ۽ چڪون ۽ ڪانهن ۽ پن جا ٽوئا عاليشان ٺاهيندو هو. ڊڀن مان نوڙيون ۽ مُڃ مان زبردست قسم جو واڻ ٺاهيندو هو، بابا سائين گهرن ٺاهڻ جو به وڏو ماهر هو. ان جو مثال هڪ وڏي لاڪُڙِ جي لانڍي هئي، جنهن کي پاڻ اهڙي ڪاريگري ۽ محنت سان ٺاهيو هئائون جو ڏسندڙن کي حسرت پئي ٿيندي هئي. لانڍي جي ٻنهي جنڊن کي گول رکيائون ۽ ۽ وچ ۾ ڪا به ٿوڻي استعمال نه ڪيائون. لاٽڻيون ۽ مُنا گهڙي اهڙا ته سهڻا ۽ سڌا بيهاريائون جو ٻاهران کان اها ٿوڻين تي بيٺل پئي محسوس ٿيندي هئي ۽ اندران هڪ يڪو هال ٺهيل هو.

بابا سائين کٽون واڻڻ جو به تمام سئڄو هو. واڻڻ جا طريقا به ڄاڻندو هو ته ان ۾ خاص طرح مينڍي واري کٽ ۾ ته ڪيئي شڪليون ۽ ڊزائنون ٺاهيندو هو. بابا اهو هنر به مون کي ۽ ڊاڪٽر کي سيکاريو، جيڪو اڃان به وسريو نه آهي. بابا سائين گهر ۾ ڇِنل ۽ ڍري واڏاڻ واري کٽ اصل برداشت نه ڪندو هو.

بابا سائين ننڍي هوندي سندس ڀاڻيجي ڪامريڊ محمد عثمان سان گڏ گابا به چاريا ۽ سنڀاليا. گابن جو تعداد به ڳچ هوندو هو. اهو ڏکيو ڪم هو جيڪو بابا چڱي طرح ڪندو هو.

بابا سائين هر ڪنهن مشڪل گهڙيءَ ۾ الله پاڪ جي ذات تي ڀروسو رکيو. ڪڏهن به پاڻ کي ڪمزور هيڻو، اڪيلو ۽ خوفزده محسوس نه ڪيو. سندس بهادري جا ڪئين مثال موجود آهن.

هڪ دفعي بابا سائين سندس ساهرن جي ڳوٺ ڳموري ۾ ترسيل هو ته کيس ڪنهن اطلاع ڏنو ته بس اسٽينڊ تي ڪجهه ماڻهو لٺين، ڪهاڙين ۽ بندوقن سان انهيءَ انتظار ۾ ويٺا آهن ته معمور صاحب هِتان مٽيندو ته ان سان وڙهنداسين. اهي ماڻهو هڪ بااثر وڏيري جا موڪليل هئا. آئون به اتي موجود هئس. بابا خبر ٻڌڻ شرط اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي لٺ هٿ ۾ کڻي بس اسٽينڊ ڏانهن روانو ٿيو. ساڻس گڏ فقط حبيب الله عرف مٺل پلي ساٿي ٿي هليو. ٻين مِٽن- مائٽن جهليو ته نه وڃو پر بابا سائين بقول ڀٽائي ته:

مڙڻ موٽڻ مِهڻو، ٿيا نظاري نروار،

ڪسڻ جو قرار، اصل عاشقن جو.

بس اسٽينڊ تي پهتو ته همراهن پير کسڪايا ۽ واپس روانا ٿيا. ڪِن ته تڪڙ ۾ لٺيون به اتي ڇڏيون، اهڙا بهادري جا واقعا بابا جي زندگي ۾ جام آهن.

1971ع واري جنگ ۾ دشمن ملڪ جون فوجون عمرڪوٽ شهر جي ويجهو هيون. شهر سڄو خالي ٿي ويو. بابا جي ڊيوٽي ٻين ڪجهه استادن سان گڏ شهر جي خالي گهرن جي حفاظت خاطر لڳي، بابا اتي ڪيتريون ئي راتيون جاڳي ته صرف ڊيوٽي ڏني بلڪ ٻين ساٿين جي به همت وڌائي ۽ ٻين جي ملڪيت جي حفاظت جي تربيت ڏني. اهڙي طرح هڪ منظم گروهه ٺاهي ورتو، جنهن جي ڪري ڪنهن به چور ۽ تخريبڪار کي شهرين جي سامان کي هٿ لڳائڻ جي جرئت نه ٿي سگهي ۽ جڏهن ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ آيا ته سامان سلامت ڏسي دعائون ڏيندا رهيا. ٻي طرف ڇاڇري شهر جو اهڙو حال ٿيو ڄڻ مدد خان پٺاڻ ٻيو دفعو آيو هجي.

1965ع جي جنگ ۾ سندن قومي شاعري جهرجهنگ ۾ مشهور ٿي. ريڊيو تان ڳائي وئي ۽ جڏهن سندن ڪتاب ”آڏي ڍال مَ ڍار“ ڇپيو ته ان وقت جي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان تمغي ۽ سَند سان گڏ روڪ رقم پڻ ڏني. اُها سَند سندن لئبرري ۾ موجود آهي.

بابا سائين نوجواني ۾ ملهه وڙهڻ سان گڏ ڪٻڍي، ڏڙهو، وانجهي (ونجهوٽي) ۽ ٻين ٻهراڙيءَ جي راندين جو به سجاڳ رانديگر هو. پڃريون کڻڻ جو به شوقين هو. بابا سائين کي راندين جي وڏن مقابلن ۾ ’امين‘ پڻ مقرر ڪندا هئا. بابا سائين ڪنهن جو به طرف نه وٺندو هو، سندن فيصلو سڀ مڃيندا هئا.

بابا سائين جو پڙهڻ ۽ مطالعي ڪرڻ جو طريقو به نِرالو هو. ڪڏهن به ڪا شيءِ ڀيرا ڏئي ۽ رَٽي ياد نه ڪندا هئا، مفهوم سمجهندا هئا پنهنجن لفظن ۾ اظهاريندا هئا. ڪڏهن اسٽيج تي پَنو لکي نه پڙهيائون. هميشه پنهنجا وڏا وڏا تحقيقي گرامر جهڙي خشڪ مضمون وارا ڊگها مقالا به مفهوم جي شڪل ۾ ڳالهائي، سمجهائيندا هئا.

پاڻ في البديهه شاعري جا به مڃيل استاد هئا. سندن ڪيتري شاعري اهڙي آهي، جيڪا ڇپيل ته ٺهيو پر لکيل ئي ڪونهي. مون کي ياد آهي ته بابا سائين اسان سڀني تي ننڍي هوندي نظم جا ڪيئي بند ٺاهي ڇڏيندو هو ته پوءِ جيڪو به ٻار روئندو هو، ان کي سر سان اهو نظم ٻڌائيندو هو ته ٻار جي توجه روئڻ ۽ کيٽو ڪرڻ تان هٽي ويندي هئي. مثال طور اسان جي ننڍڙي ڀيڻ ”شبانه“ کي جڏهن پيار ڪندو هو ۽ ڌتاريندو هو ته هي لفظ ترنم سان چوندو هو جيڪي پوءِ اسين به اچاريندا هئاسين ۽ ننڍڙي ’شبانه‘
توجه سان ٻڌندي ۽ خوش ٿيندي هئي:

شبانه بشانه

دردانه رخسانه

فرزانه فرحانه

تانانا ڌانانا.

ان کان علاوه ننڍن ٻارن لاءِ ڪهاڻيون به ٺهيل هيون، جن ۾ عبدالواحد لاءِ ٺهيل ڪهاڻي مشهور هوندي هئي، جيڪا رات جو ننڍن ٻارن کي وندرائڻ لاءِ اڪثر ٻڌائيندو هو. بابا رات جو اسان کي ’راڳ‘ سمجهائڻ سان گڏ جهونگاري به ٻڌائيندو هو. سندن ان فن مان ’ماما مٺل‘ خوب فاعدو ورتو ۽ راڳ جو سڄاڻ شخص ٿي پيو. پنهنجي ڀائٽي ۽ داماد حمزي پلي تي به راڳ جي سلسلي ۾ خوب محنت ڪيائين. بابا کي راڳ سانونتي سارنگ، درباري ۽ مالڪوس بيحد پسند هئا. ٽريننگ ڪاليج جي دوران ”ڪئمپ فائر“ ۽ ٻين فنڪشنن ۾ بابا سائين راڳن ۽ راڳڻين جو خوب مظاهرو ڪري انعام حاصل ڪيا. بابا سائين ڪڏهن ڪڏهن سڏ ڪرڻ، ڪا ڳالهه ٻڌائڻ، نصيحت ڪرڻ ۽ ڪاوڙجڻ ۾ به ’سرن‘ جو استعمال ڪندو هو. بابا کي لتا منگيشڪر، نورجهان، نسيم بيگم ۽ مالا جا ڳايل گانا ۽ محمد رفيع ۽ مهدي حسن جا غزل ڏاڍو پسند ايندا هئا. بابا ڪڏهن ڪڏهن نورجهان جو ڳايل لوڪ گيت:

اڙيا! باجري دي راکهي،

ماهيا مئن نا بيندي هي.

تيري باجري دي راکهي.

اهڙي مٺاس ۽ سوز سان آلاپيندو هو جو ماحول سوڳوار ٿي ويندو هو. پوءِ وري پاڻ ڍاٽڪي ٻولي ۾ ٻاجهريءَ جي پيهي تان جهار هڪلڻ بجاءِ پنڌ جي تڪليف ۽ سواريءَ لاءِ آلاپڻ وارو هڪ گيت لکيائون جنهن جو سَرو ۽ هڪ بند هن طرح آهي ته:

مانجا مِٺا او!

مانجي پڳا گڏهيولي آ.

تان جو وڇوڙو، ماري ٿو موڙو،

ڏينهن تتوڙو، ٻيجا بائرا لڳا!

مانجي پڳا....!

ٻنهي گيتن ۾ جيڪو ڏک، سور ۽ پيڙا جو اظهار آهي پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. انهيءَ زماني ۾ ريڊيو پاڪستان تي هڪ ساليانو محفل موسيقي جو پروگرام ايندو هو جيڪو رات جا ٻه ڪلاڪ روزانه هلندو هو ۽ ٽي راتيون هلندو هو. آخري رات جو مَلڪئه موسيقي روشن آرا بيگم جا تان ۽ پلٽا هلندا هئا. بابا اهي ٽئي راتيون وڏي اهتمام سان اهو پروگرام ٻڌندو هو ۽ ايترو ته سناٽو ۽ خاموشي هوندي هئي ان وقت، جو وڏو ته کنگهي به نه، پر ٻار به روئڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا.

بابا سائين گوين ۾ استاد نزاڪت علي، سلامت علي، خانصاحب منظور علي ۽ زاهده پروين کي بيحد پسند ڪندا هئا. سازندن ۾ استاد بسم الله خان پسند هو. بابا سائين پاڻ به نڪ مان ستار جو هوبهو آواز ڪڍندا هئا. بابا سائين جانورن جا آواز ۽ پکين جون ٻوليون هوبهو ڪري سگهندا هئا. ماڻهن جي آوازن جا نقل ۽ لهجا به ڪري سگهندا هئا. اهي هنر وري سيف الله به خوب سکيا. بابا سائين جي انهن آوازن ۽ لهجن جي جهلڪ سندن هڪ مضمون ”جديد مشاعرو“ ۾ ڏسي سگهجي ٿي، جنهن ۾ پاڻ جديد سنڌي ادب جي ڪيترن شاعرن جا لهجا پيش ڪيا آهن. بابا سائين پڳ ٻڌل عالم نه هو پر عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين جو ڄاڻو هو ۽ هندي ۽ انگريزي کي ڪم ڪڍڻ جي حد تائين سمجهي سگهندو هو. کيس پنهنجي دين اسلام جي شريعت جي مڪمل ڄاڻ هئي. تقابلِ اديان جي معلومات هئي ۽ يهوديت، عيسائيت، ٻڌمت ۽ هندو ڌرم جو به ڄاڻو هو. بابا سائين بائيبل جي ابتدائي ٽيڪسٽ جا امتحان پاس ڪيا، جن جا سرٽيفڪيٽ اسين ننڍي هوندي سندن ڪمري ۾ لڳل ڏسندا هئاسون. ساڳيا ئي امتحان وري مطالعي ۽ شوق پوري ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر به ڏنا ۽ پاس ڪيا. ان کانسواءِ بابا نه صرف پاڻ رياضي ۽ گرامر جو ماهر هو ۽ سنڌي فائنل پهرئين نمبر سان پاس ڪيائين، پر ٻين به ڪيترن شاگردن سندن رهنمائي ۽ رهبري ۾ فائنل پاس ڪيو ۽ روزگار ماڻيائون.

بابا سائين هوميوپيٿي جا امتحان به ڏنا ۽ حڪمت سان گڏ ايلوپيٿي جو علم به ڄاڻندو هو. انهيءَ زماني ۾ اگر ڪنهن کي ڦڦڙن جي ٽي.بي ٿيندي هئي ته ”اسٽيپٽوماءِ سن“ جون سٺ سُيون ڪلهي (گوشت) ۾ لڳنديون هيون. بابا اهي انجڪشن هڻي سگهندو هو ۽ ٽي بي جا ڪيترائي اوڙي پاڙي وارا مريض سُيون کڻي بابا وٽ اسڪول يا ڳوٺ اچي سُيون لڳرائيندا هئا. ان کان علاوه ملم- پٽي به ڪندا هئا. سندن تحرير ڪيل حڪمت جا نسخا سندن لئبرري ۾ موجود آهن. حياتي رهي ته اهي به ڇپائبا. بابا سائين حڪمت جو علم پنهنجي چاچي حڪيم حاجي محمد کان سکيو. سندن همشيره ۽ اسان جي ”ڀوئا مريم مرحومه“ به وڏي حڪيم ۽ زناني بيمارين جي ماهر هئي. ڀوئا مرحومه کي اوڙي پاڙي جا ڪيترائي ڳوٺن وارا ”ويم“ جي لاءِ ڪوٺڻ ايندا هئا. ڀوئا مرحومه نه صرف دوائون ٺاهي ڏيندي هئي. بلڪ ڪيترين بي اولاد عورتن جو علاج به ڪندي هئي، جن کي اولاد نه ٿيڻ جو سبب ڪانه ڪا بيماري هوندي هئي، ڀوئا مرحومه ڳورهاري عورت جي وک مان سمجهندي هئي ته سندس پيٽ ۾ هڪ ٻار آهي يا ٻه ٻار آهن ۽ پٽ آهي يا ڌيءَ آهي، سندن علاج سان ڪيترن عورتن جو نه صرف علاج ٿيو بلڪ سندن ديني علم جي ڄاڻ مان به ڪيترين عورتن فاعدو ورتو. ”ڀوئا مرحومه“ کي هڪ عالم جيترو علم هو، صوم وصلوات جي سخت پابند هئي. قرآن مجيد جو دور ۽ صبح جو ذڪر سندس معمول هو. امان جي وفات بعد ”ڀوئا مرحومه اسان جو گهر سنڀاليو جيستائين بابا سائين ٻي شادي ڪئي. الله پاڪ کيس جنت جي مٿاهين منزلن تي رکي ۽ سندس دنياوي لغزشون معاف ڪري. بابا جو وڏو ڀاءَ ۽ اسان جو چاچا عبدالخالق آسي مرحوم به وقت جو وڏو جيد عالم، شاعر، مصنف ۽ حڪيم هو. سندس سوانح تي به ڪنهن ٻي نشت ۾ تفصيلي لکبو. هن وقت تائين به اسان جي سؤٽ ميان احمد پلي حڪمت جا ’کرل‘ استعمال ۾ رکيا آهن.

بابا سائين نماز، روزي ۽ خير خيرات ڪرڻ جا پابند هئا. جيستائين حياتي هئا عيد نماز ۽ خطبو پڙهائيندا رهيا. سندن خطبي پڙهڻ ۾ ايترو ته سرور هو جو ٻڌڻ وارا روئي وهندا هئا. قرآن مجيد جي قرائت ۾ ايڏو رس هوندو هو جو ٻڌندڙ مسحور ٿي ويندو هو. انهن خوبين جي ڪري وڏا وڏا عالم سندن قدردان هئا. مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب ته ڪافي دفعا اعتراف ڪري چڪو آهي ته هي صاحب شريعت شخص اسان باريش عالمن کان گوءِ کڻي ويو آهي.

اسان جي خاندان ۾ به تمام وڏا عالم، مفتي، سياستدان ۽ دانشور ٿي گذريا آهن. جن خلافت تحريڪ، حر تحريڪ، تحريڪِ پاڪستان کانپوءِ مذهبي تحريڪن ۽ ملڪي سياست ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجو ديني ۽ سماجي فرض پورو ڪيو. انهن بزرگن ۾ علامه ارشد پلي، مولانا مبارڪ پلي، علامه عبدالقيوم پلي، ڪامريڊ محمد عثمان پلي ۽ مولانا عبدالخالق پلي جا نالا اهم آهن. بابا سائين انهن سڀني بزرگن جو احوال پنهنجن مضمونن ۽ مقالن ۾ قلمبند ڪري نه صرف خانداني تاريخ کي محفوظ ڪيو بلڪ پاڻ به ون- يونٽ کان وٺي، استادن جي حقن جي تحريڪ تائين مڪمل جدوجهد ڪئي. جڏهن ون يونٽ جي تحريڪ مان الحاد جي تحريڪ جنم ورتو ته بابا سائين هڪ مرد مجاهد وانگيان سربڪف انهي علمي ۽ قلمي جهاد ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو، جنهن جا شاهد انهيءَ وقت جا رسالا ۽ اخبارون به آهن ته سندن دوست ۽ شاگرد به آهن.

هن وقت به اسان جي خاندان ۾ علم جي جوت روشن ڪرڻ ۾ گهر ۾ اسلام ۽ شريعت جي پابندي ڪرائڻ ۾ خاندان جا اڪثر افراد متحرڪ آهن. هِن تحريڪ جو هڪ اهم رُڪن مرحوم حاجي نبي بخش پلي تازو وفات ڪري ويو آهي، ان کانپوءِ به علي اڪبر پلي صاحب هڪ مبلغ جي طور تمام گهڻو سرگرم آهي. ان سان گڏ مولوي عبدالقيوم، مولوي عبدالحميد، حافظ فريد احمد، حافظ انعام الله، حافظ فاروق احمد، حافظ آصف احمد، حافظ حاڪم، حافظ محمد عثمان، علي محمد ۽ احسان الله سان گڏ الماس اسد ۽ مريم اڪبر پڻ دين جي گس تي مستحڪم ۽ ٻين گهر ڀاتين لاءِ تائيد ۽ تاڪيد ۾ مصروف عمل آهن. اسان جي والده نه صرف اسان جي لاءِ دعائن جو در کليل آهي پر، پرائمري اسڪول ۾ نياڻين جي تعليم ۽ تربيت لاءِ رات ڏينهن ڪوشان پڻ آهي. بابا سائين جي زندگي جا معمولات به تمام سهڻا هئا. روزي ۽ نماز جي برڪت سان سويل سمهندا ۽ سويل اٿندا هئا. ٽيڪ ڏيئي وهڻ کان منع ڪندا هئا. پينگهي ۾ لڏڻ تي سخت برهم ٿيندا هئا، چوندا هئا ته ان طرح اوهين ٽوٽي ٿي ويندا.

بابا سائين هميشه سفيد رنگ جا بنا استري ڪپڙا استعمال ڪندا هئا. سڄي زندگي ۾ اسان کين هڪ دفعو سائي رنگ جي قميص ۽ هڪ خاڪي رنگ جو وڳو ٿوري وقت لاءِ استعمال ۾ ڏٺو، سياري ۾ ڪوٽ ۽ مفلر استعمال ڪندا هئا. ۽ کٿو پڻ سندن زيبِ تن رهيو. سڄي عمر ريشمي لباس استعمال نه ڪيائون. رومال اڪثر کيسي ۾ رکندا هئا. پيرن ۾ سدائين سليپر استعمال ڪندا هئا. سليپر ۾ مٽي اصل برداشت نه ڪندا هئا. چاهي شهر ۾ هجن چاهي ٻني جو ڪم ڪندا هجن. اگر ڪنهن جي جُتي ۾ مٽي ڏسندا ته يڪدم صاف ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪندا هئا. سئنڊل ۽ چپل اصل ڪونه استعمال ڪندا هئا. سڄي زندگي ۾ صرف هڪ دفعو تاج ڪمپني جو هوائي چپل ورتئون پر اهو به گهڻو استعمال نه ڪيئون، سندن ٻنهي پيرن ۾ ’پدم‘ جا نشان هئا.

چنڊ چوانءِ سچ، جي مَٺو مور مَ ڀائين،

ڪڏهن اڀرين ٿورڙو ڪڏهن اڀرين ڳچ،

جو منهن ۾ ٻرئي مچ، سو پدم پِرين جي پير ۾.

بابا سائين جا مٿي جا وار گهاٽا ۽ پوئتي وريل، وارن ۾ ٻه سبتيون ڀوريون ٺهيل هيون. ڪڏهن به هٿن ۾ ڇلا ۽ منڊيون نه پاتائون نه وري ٻانهن ۾ واچ پاتائون نه واچ کيسي ۾ رکيائون. شروع جي ڏينهن ۾ ڪُراڪلي ٽوپي ۽ سياري ۾ ڪڏهن ڪڏهن گرم ٽوپي استعمال ڪندا هئا. ٽريننگ ڪاليج جي ٽريننگ دوران پينٽ شرٽ به استعمال ڪيائون. موقعي جي مناسبت مٿي تي ٽوال يا اجرڪ جو پٽڪو ٻڌاندا هئا. نماز وقت مٿي تي رومال ٻڌندا هئا. چوندا هئا ته مٿي تي ڪپڙو ٻڌڻ يا ٽوپي پائڻ سان مٿي ۾ سور ٿو پوي.

کائڻ پيئڻ ۾ ساگي پسند هئا. سايون ڀاڄيون ۽ دال ته سندن پسند ۾ شامل هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪڻڪ کانسواءِ ٻاجهري، جوئر ۽ مڪئي به استعمال ڪندا هئا. طهري ڀت جو به ڪڏهن ڪڏهن شوق سان استعمال ڪندا هئا. خاص طرح ڪونڊي ۾ ڪُٽيل چٽڻين جا نه صرف شوقين هئا پر مختلف ذائقن جون چٽڻيون خود ٺاهيندا هئا. ڦودنو، بصر ۽ ڳڙ گڏ ڪُٽي ان ۾ ٿورا مصالا استعمال ڪري مختلف ذائقن واريون چٽڻيون ٺاهيندا هئا ۽ اسان کي به سيکاريندا هئا. هميشه پٽ تي ويهي اسلامي طريقي سان هڪ گوڏو اُڀو ڪري بسم الله سان طعام کائيندا هئا. اگر ڪڏهن ڪٿي ڪنهن طعام ۾ ڪا ڪسر ۽ عيب هوندو هو ته کائڻ وقت اصل منهن نه گهنجائيندا هئا، بعد ۾ چوندا هئا ته هي ڪمي آهي.

بابا سائين فوٽو گرافي جو به تمام گهڻو شوقين هو. سندس تمام گهڻا فوٽو هن وقت به سندن لئبرري ۾ موجود آهن. بابا سائين کي اسان ننڍي هوندي موٽر سائيڪل هلائيندي به ڏٺو، ان وقت اڃان ٻهراڙين ۾ موٽر سائيڪل پهتا ئي نه هئا. ان بعد هڪ موٽر سائيڪل وفا صاحب آندو، جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن عبدالقادر جوڻيجو کي کڻي تلي واري اسڪول پهچائيندو هو. بابا سائين گهوڙي تي به سواري ڪندا هئا. ڍڳي گاڏي تي سواري خواهه وزن به کڻڻ ته عام ڳالهه هئي.

رات جو سمهڻ وقت کٽ جي پاسي ۾ لٺ رکي سمهندا هئا. هڪ عام ٻهراڙيءَ جو ماڻهو هجڻ سبب ’نانگ‘ مارڻ جا ماهر هئا. مشڪل سان ڪو اهڙو نانگ هجي جيڪو بابا ڏٺو هجي ۽ ماريو نه هجي. اسان کي سمجهائيندا هئا ته هميشه نانگ جي پاسي کان ڊوڙي ڌڪ هڻجي. نه اڳيان نه پٺيان. رات جو نانگ کي منهن ۾ ٽارچ جي روشني ڏيئي پوءِ ڌڪ هڻجي. ڌڪ هميشه ڪياڙيءَ ۾ هڻجي.

بابا سائين گهر جو لوڙهو هميشه وڏو ۽ پردي جي حساب سان رکندا هئا. سمجهائيندا هئا ته لوڙهو ڪيئن ڏجي جو هوائن ۽ طوفانن ۾ به مضبوط رهي. لوڙهي ۾ دروازو ۽ انهي جي مٿان ٻير جي ڪنڊن جي ڇَٽي ضرور ٺاهيندا هئا ته جيئن دروازي تي چڙهي نه سگهجي. دروازي وٽ وري وڏي گهير واري ڏيڍي ’ڍڪ‘ جي حساب سان ضرور ڏيندا هئا.

بابا سائين نه ڪڏهن ڪتو ڌاريو نه وري اڱڻ تي برداشت ڪيو. ٻلن کي البته پڇ مان جهلي کيڏائيندا هئا. ڪڪڙ کي اڱڻ تي اچڻ اصل نه ڏيندا هئا.

بابا سائين پئسن لاءِ کيسي ۾ ٻٽون ڪڏهن ڪونه رکيو، باقي ننڍي پاڪيٽ سائيز ڊائري کيسي ۾ رکندا هئا. لکڻ لاءِ اڪثر ايگل پين رکندا هئا. ننڍي هوندي اسان کي بابا سائين ڪانيءَ مان قلم ٺاهڻ به سيکاريو ۽ پڙين واري مس جو استعمال به سيکاريو.

الله پاڪ کين ’نشي‘ جهڙي برائي کان سخت نفرت ڏني هئي ۽ سندن انهيءَ عمل ۾ ايتري پابندي جو الله پاڪ انهي عمل جي برڪت سان سندن پوين کي به انهيءَ خرابيءَ کان محفوظ رکيو.

بابا سائين اگر چاهين ها ته پنهنجي پاڻ کي پئسي سان وڏو مالدار ٺاهي ڇڏين ها. مگر پاڻ علم جي دولت جو انتخاب ڪيائون ۽ ايمانداري، وفاداري، دوستي، ناتا نباهڻ، دنيا کي ڌوڙ وجهڻ ۽ آخرت جي تياري ڪرڻ کي اوليت ڏني، ان جا تمام گهڻا مثال سندن زندگي ۾ موجود آهن.

هڪ دفعي خانصاحب عبدالرحمان مرحوم چاچا عبدالخالق کي چيو ته اوهان جو ڀاءُ لکيل پڙهيل آهي، مون کي ڏيو جو مون کي هڪ منشيءَ جي ضرورت آهي. چاچا چيو ته اهو سرڪاري نوڪري ۾ ماستر آهي. خانصاحب پڇيو ته ڪيتري پگهار آهي. چاچا وراڻيو ته سٺ روپيا (RS.60/=) خانصاحب چيو ته آئون ڏيڍ سو روپيه (150) ڏيندس ۽ سيريءَ جا ٻه ايڪڙ ان کانسواءِ چاچا جڏهن بابا کان پڇيو ته بابا قبول نه ڪيو ۽ ماستري کي ترجيح ڏني جيڪا علم جي حصول خواهه ڦهلاء جو اهم ذريعو هئي.

بابا سچ ڳالهه چوڻ وقت اهو ڪونه ڏسندو هو ته اڳئين ماڻهوءَ جي سماجي حيثيت ڪهڙي آهي، سچي ڳالهه منهن تي چوندا هئا پوءِ کڻي اڳلو وڏيرو هجي يا آفيسر سچ معنيٰ سچ.

بابا سائين اڪثر اسان کي ادبي ميڙاڪن، مولودن جي محفلن ۽ مشاعرن ۾ وٺي ويندو هو. صوفي فقير ۽ ميان جان محمد جي ميلي تي اسان کي اڪثر موڪليندو هو. صوفي ۾ اسين ڪاڪي محمد ابراهيم پرواز جي گهر رهندا هئاسين ۽ ميئين صاحب جي ميلي تي مرحوم محمد يعقوب ڪيرئي جي گهر رهندا هئاسين جيڪو مرحوم احمد ڪيرئي جو مامو هو. انهن ٻن ميلن کانسواءِ ٻي ڪنهن به ميلي تي نه ڇڏيندو هو. بابا ملاکڙي ڏسڻ جو شوقين هو. هڪ دفعو صوفي فقير جي ميلي ۾ هڪ سهتو ذات جو ملهه اچي پهتو. هي سهتا وري بابا جي ناناڻن آريسرن جا مائٽ هئا. هن کي هڪ ٽوال جي گوڏ ٻڌل ۽ هڪ ٽوال ڪلهي تي هو. مڙس زوراور پهلوان هو. بابا کي چيائين سائين مونکي ڪنهن کان شلوار وٺي ڏيو ته آئون ملهه وڙهان. پهرين ته ٻانهي ۾ ويٺل کليا پر جڏهن بابا کيس هلندڙ ملاکڙي ۾ هڪ ”خاصخيلي“ کان شلوار وٺي ڏني ۽ هن وڃي مَلهون ڪيون ته ملاکڙي ۾ رڙ پئجي وئي. سڀني چيو ته هي ’ٿريو‘ ڪٿان آيو آهي جو ملهن کي پيو نپوڙي پوءِ اهو ٿريو مَلهه مشهور ٿيو ۽ پنهنجي نيڪ ڪردار، پرهيز ۽ محنت سان وڏو نالو ڪڍيائين. هلندي ملاکڙي ۾ نماز ڪونه ڇڏيندو هو. هن وقت پنهنجي خاندان سميت ڳوٺ ڄارڪي، ٽنڊوالهيار ۾ خوش ۽ آباد آهي ۽ هن پهلوان جو نالو ”سائينداد سهتو“ آهي جنهن پهرين جوڙ ۾ پهچي لاڙ اتر ۽ پنجاب جي ملهن ۾ ’ڪوڪريا‘ وجهي ڇڏيا، بابا کيس چوندو هو ته ڪڏهن به صلاح واري ملهه نه وڙهجان، اهڙو وقت اچي ته ڇڏي ڏجان. هن سڄي عمر پنهنجي ملهه جي ڪيريئر ۾ انهيءَ ڳالهه تي عمل ڪيو.

بابا سائين ’لطيف نگر‘ جي گرائونڊ تي ٻه عاليشان ملاکڙا ڪرايا، جن ۾ مرحوم حاجي فتح محمد راڄڙ جو ڀرپور ساٿ رهيو. انهن ملاکڙن ۾ سنڌ جو مشهور پهلوان ”سرور جتوئي“ پڻ آيو. ملهن جي رهائش جو انتظام حاجي صاحب مرحوم جي ڳوٺ ۽ اسان جي اوطاق تي رکيو ويو. ٻئي ملاکڙا پنهنجو يادگار اثر ڇڏي ويا.

بابا سائين لطيف نگر جي گرائونڊ تي مرحوم حاجي عبدالسميع راڄڙ جي شوق ۽ تعاون سان هڪ والي بال جي ٽورنامينٽ به ڪرائي جيڪا ”پبلڪ اسڪول حيدرآباد“ جي ٽيم کٽي جنهن جو ڪئپٽن عبدالصبور ۽ ڪوچ ميون عبدالرشيد مرحوم هو.

بابا سائين جي زندگي جا ايترا ته واقعا ۽ يادون آهن جيڪي هڪ مضمون ۾ سمائجي نه سگهنديون. وري ڪنهن ٻي نشت ۾ ٻيون ڳالهيون ڪبيون. سندن سڄي زندگي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. اگر اسين سندن زندگي جي جدوجهد ۽ معمولات کي رهنما ٺاهي اڳتي وڌون ته ڪڏهن به ناڪامي اسان جي نصيب ۾ نه ايندي. ڌڻيءَ در دعا آهي ته الله سائين اسان کي بابا جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. رب پاڪ بابا سائين کي بهشت جي اعليٰ عليين تي پهچائي. (آمين)

وکر سو وهاءِ، جوپئي پراڻو نه ٿئي،

ويچيندي ولات ۾ ذرو ٿئي نه ضائع،

سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي اڀهين.

                                    (شاهه)

****

ڪتاب ”جيڏو سِجَ سُهاءُ“ (مطالعو معمور جو-

(جلد ٻيو)، ص 88 کان 101 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org