سوچ - لوچ
اجتمائي جياپو مهذب سماجن جي سڃاڻپ ٿئي ٿو. جنهن ۾
لاڳاپيل سماج جو هر فرد اجتمائي جياپي لاءِ پنهنجو
پنهنجو ڪردار ادا ڪري پنهنجو پاڻ کي ان مهذب سماج
۾ ڳاڻيٽو ڪرائي ٿو. ادب بنيادي طور سماج ۾ هڪ
تنقيدي نقط نگاهه سان گڏ اوڻاين جي نشاندهي ۽
تنقيدي سوچ لاءِ سجاڳيءَ جو بنياد پيدا ٿو ڪري.
ڀلي هاڻي سماج جيڪي جديد دور جا سرموڙ سماج ليکجن
ٿا، پر انهن سماجن ۾ اهڙي لکيل ۽ ڇپيل ادب ئي
يقينن بنيادي ڪردار ادا ڪيو هوندو. اسان ٻين سماجن
جو تقابلي جائزو وٺڻ بجاءِ ويجهڙائي ۾ سرجندڙ سنڌي
ادب جو ئي جائزو وٺون ته سنڌ جي سرموڙ اديبن جي
نثر توڙي شاعريءَ جا اسان جي سماج تي اهڙا نشان
آهن، جن ادب جي ميدان ۾ ٻين سماجن سان ڪلهوڪلهي ۾
ملائڻ ۽ سماجي جاڳرتا جو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي
۽ ڪيترائي اهڙا مثال سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سونهري
باب جي حيثيت رکن ٿا. اهڙي ادب سِرجڻ جي بهرحال هر
دور ۾ ضرورت پوي ٿي، جيڪو سماج جي اوڻاين ۽
ڪوتاهين جي نشاندهي ڪري، صحي دڳ لائي ۽ سماج ۾
سجاڳيءَ سان گڏ اجتماعي سوچ پيدا ڪري. اهڙي
اجتماعي سوچ جيڪا هر شعبي ۾ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري
سگهي، اهو ادارن جي ترقي هجي، تعليم جو ميدان هجي
يا اخلاقي ۽ سماجي قدرن کي هٿي وٺرائڻ هجي. سماجي
قدر خود سماج جي پٺڀرائيءَ لاءِ اهم جاءِ والارين
ٿا. سنڌي ادب ذريعي سنڌي ادب جي هر ٽهيءَ جي اديب
توڙي شاعر هميشه پنهنجي قلم کي ڪم آندو آهي ۽ اهو
عمل هڪ ٽهيءَ کان نئين ٽهيءَ تائين منتقل ٿيندو
سماجي قدرن جي بهتري لاءِ اهم ثابت ٿيو آهي. سنڌي
ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ٻوليءَ جو پڙهڻ، لکڻ،
ڳالهاڻ پڻ بنيادي گُهرجون آهن. ضرورت ان ڳالهه جي
آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڇپجندڙ
ادب کي پڙهڻ سان گڏ جديد دور جي تقاضائن جي مدنظر
ادب جو هر صنف ۾ سرجڻ ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ
ضروري آهي. سٺو ادب بهتر سماج جي جُڙڻ ۾ مدگار
ٿيندو. اهڙو ادب جيڪو هر ٽهيءَ کي پڙهڻ لاءِ
اُتساهي، اهڙو ادب جيڪو سماج کي سنواري مضبوط ڪري،
جو ان ادب جي پٽاندڙ اسان جو سماج ترقي يافته
سماجن جي صنف ۾ ڳڻيو وڃي. ان سان گڏ باشعور قوم جي
تاڃي پيٽي ۾ اهو پڻ ضروري آهي ته هر باشعور فرد
عورت يا مرد کي گهرجي ته تعليم جي ترقيءَ لاءِ
پنهنجو ڪردار ادا ڪري پنهنجي اولين ذميواري
سمجهندي تعليم جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ جيترو ٿي
سگهي عملي طور ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري.
سُندري
اُتمچنداڻي ۽ ريٽاشهاڻيءَ جو وڇوڙو:
سنڌي ٻوليءَ جون سَٻاجهڙيون شخصيتون ۽ سرموڙ
ليکڪائون سُندري اُتمچندائي ۽
ريٽا شهاڻي هن دنيا مان موڪلائي ويون. ٻنهي شخصيتن
جا سنڌي ادب تي اڻمٽ نشان ڇڏيل آهن. سندن مرتيو
سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. سندن
مرتئي تي سنڌ توڙي هند جي اديبن سان گڏ سندن
پڙهندڙن ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. سُندري اُتمچنداڻي
۽ ريٽاشهاڻي سنڌ ڄايون هيون. سنڌ جي اديبن کي سندن
لاءِ وڏي محبت ۽ عزت آهي ۽ رهندي.
سُندري اتمچنداڻيءَ
جو جنم سن 1924ع ۾ 28- سيپٽمبر تي حيدرآباد سنڌ ۾
ٿيو. هن سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ڊگريون حاصل ڪيون.
سُندري اُتمچنداڻي ڪهاڻيڪار ناول نگار ۽ شاعره هئڻ
سان گڏ ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج تي اداڪاري پڻ ڪئي.
سُندري اتمچنداڻي جو شمار سنڌي ادب جي چوٽيءَ جي
اديبن ۾ ڪيو وڃي ٿو. سندس سنڌي ادب لاءِ خدمتون
هميشه سونهري باب طور ياد رهنديون.
ريٽا شهاڻيءَ
کي سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا طور هميشه ياد رکيو
ويندو. هوءَ سنڌ جي حيدرآباد شهر ۾ سن 1934ع ۾ 24
آگسٽ تي ڄائي. هن ٽيهارو کان وڌيڪ ڪتاب تخليق ڪيا
۽ ڪافي ڪتابن تي هن کي مڃتا طور ايوارڊ پڻ ملي چڪا
آهن. ريٽا شهاڻي وڏي پائي جي ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول
نگار، ۽ سوانح نگار سان گڏ بهترين نقاد هئي. هن
سفرناما پڻ لکيا جن کي پڻ گهڻي مڃتا حاصل ٿي. ريٽا
شهاڻي ادب جي صنفن تي گهڻو ۽ تيزيءَ سان لکندڙ،
ڇپجندڙ ۽ پڙهندڙن وٽان مان وسمان حاصل ڪندڙ سنڌي
ادب جي مهان ليکڪا طور هڪ الڳ سڃاڻپ ماڻي. ريٽا
شهاڻيءَ کي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هميشه اهم ليکڪا
طور شمار ڪيو ويندو ۽ سندس سنڌي ادب لاءِ خدمتون
سدائين ياد رهنديون.
ڊاڪٽر مدد علي قادريءَ جو لاڏاڻو:
سنڌ جو عالم، عربيءَ ٻوليءَ ۾ پهريون پي.ايڇ.ڊي ۽
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زندگيءَ جو وڏو عرصو علم کي
ارپيندڙ ڊاڪٽر مدد علي قادري 6- نومبر 2013ع تي
ڪراچيءَ ۾ آغا خان اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. سندس
وفات ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن لاءِ يقينن دکدائڪ
خبر آهي. ڊاڪٽر مدد علي قادري سڄي عمر علم ۽ تحقيق
سان لاڳاپيل رهيو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مختلف
ٻولين جي تحقيق توڙي ترويج ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
ڊاڪٽر قادري عربي ٻوليءَ ۾ پهريون پي.ايڇ.ڊي
اسڪالر هئو ۽ هن عربيءَ ۾ تحقيق کي فروغ ڏنو.
ڊاڪٽر قادري هڪ بهترين معلم، عالم ۽ استاد هئو.
هُو ڪيترن ئي انتظامي شعبن تي پڻ فائز رهيو. سندس
علمي ۽ تحقيقي خدمتون هميشه سونهري حرفن ۾ لکيون ۽
ياد ڪيون وينديون.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر (انچارج) ”مهراڻ“
احمد خان ”آصف“
آبڪلائي جي مند آئي، وهيا واهه نياڻ:
ڍولڻ تون به هلي اچ هاڻ.
رَهيو کهيو لوسڻ لُڻيو،
جهولا گُهليا، سڱر ڇيڻو،
هارين پاڻي ڇَٽَ تي ڇڏيا، ڪي ٿا ڍوئن ڀاڻ:
ڍولڻ تون به هلي اچ هاڻ.
’گهڙ گهٽ‘ جاٿي ڪاٿي جاري،
’وَسهن‘ ڏني آ هرهڪ هاري،
اُٿلاڻي جا هر هَلي ويا، رونبا پوندا ڄاڻ:
ڍولڻ تون به هلي اچ هاڻ.
وَنيون ٿي ته وَرن سان شامل،
رونبا ڪن ٿي راهل ماهِل،
آءٌ اڪيلي، نار ڏهيلي، سونهان ٿي توساڻ:
ڍولڻ تون به هلي اچ هاڻ.
’آصف‘ آخر پوکون پچنديون،
ساهيليون سڀ خوش ٿي کلنديون،
آءٌ اڀاڳڻ اُٿندي وهندي، رئنديس تنهنجي ڪاڻ:
ڍولڻ تون به هلي اچ هاڻ.
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ مرحوم
]جنم:
24- ڊسمبر 1900ع - وفات: 19- نومبر 1982ع[
غافل نه آهيان
سڪوت جو ته مان اصل حامل نه آهيان،
ڪڏهن عيش و عشرت جو قائل نه آهيان،
طرفدار دنيائـﻶ باطل نه آهيان،
کڻي تنهنجي محفل جي قابل نه آهيان،
مگر ياد کان تنهنجي غافل نه آهيان.
بُرائي، ڀَلائي، وساري مون آهي،
غمِ آشنائي، وساري مون آهي،
وصال و جدائي، وساري مون آهي،
هيءَ ساري خدائي، وساري مون آهي،
مگر ياد کان تنهنجي غافل نه آهيان.
مون جهڙو ته ناشاد ڪوئي نه آهي،
گران بارِ فرياد ڪوئي نه آهي،
سندم دل ۾ آباد ڪوئي نه آهي،
مون کي مطلقاً ياد ڪوئي نه آهي،
مگر ياد کان تنهنجي غافل نه آهيان.
مٿي تي مصيبت تون آيل ڏسين ٿو،
اکين مان ڳوڙها وهايل ڏسين ٿو،
سندم دل جا جذبا ستايل ڏسين ٿو،
سندم دل به آلام مايل ڏسين ٿو،
مگر ياد کان تنهنجي غافل آهيان.
بنايو محبت ته ناشاد مون کي،
ڏکويو گهڻو تنهنجي بيداد مون کي،
تغافل ڪيو تنهنجي برباد مون کي،
جو ڀُلجي ڪرين ڪين ٿو ياد مون کي،
مگر ياد کان تنهنجي غافل نه آهيان. |