سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :19

تاج جويو

 

 

 

 

 

سڄڻ سونيءَ تند جئن!

(سُندري اُتمچنداڻيءَ جي وڇوڙي تي)

”تاج! اڄ تاريخ جو هڪ دؤر پورو ٿي ويو، اسان جي ادبي ساٿاري سندري اتمچنداڻي به موڪلائي وئي.“ هي هئو موتي پرڪاش، جيڪو آديپور، ڪڇ مان موبائيل فون تي ڳالهائي رهيو هو، ۽ گڏوگڏ اوڇنگارون به ڏئي رهيو هو. خبر ٻُڌندي مون کان به هڪ وڏي اوڇنگار نڪري وئي. الا! سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڇورا ڇنا ٿيندا پيا وڃن. هر سال ڪيترا ساڃهه وند اديب ۽ اديبائون اسان کان دؤر ٿيندا پيا وڃن ۽ شيخ اياز پُڪاري پيو چوي:

ڏور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا،

تون اڃا پيو جئين، هاءِ ڙي جيئڙا.

سُندري، سنڌ ۽ هند جي اوچي پد جي ليکڪائن ۾ شمار ٿيندي هئي. هوءَ 28 سيپٽمبر 1924ع تي حيدرآباد سنڌ جي سُرهين هوائن ۾ ڄائي هئي. هوءَ نه رڳو نامياري ليکڪا، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نگار ۽ شاعر هئي، پر ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج جي به هڪ سٺي اداڪار هئي. گذريل ساٺيڪو سالن کان سنڌي ادب جي لاڳيتو خدمت ڪندي پئي آئي. هن جو وَر سنڌي زبان جو ترقي پسند، روشن خيال اديب ۽ انقلابي، اي. جي. اتم هو، جيڪو پڻ ٻه ٽي سال اڳ اسان کان وڇڙي ويو هو.

سُندريءَ پرائمري تعليم شوقيرام چانڊو مل ميونسپل اسڪول حيدرآباد ۽ مئٽرڪ تولارام گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هن بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان انٽر سائنس ڪئي، کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر ان زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪو ميڊيڪل ڪاليج نه هو ۽ هن جو اهو شوق پورو نه ٿي سگهيو. هن ورهاڱي کانپوءِ 1949ع ۾ بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي ۽ ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. سندري اسڪولي جيون ۾ پنهنجي استاد جمنا لکاڻيءَ کان ڏاڍي متاثر هئي ۽ کيس ماسترياڻي ٿيڻ جو شوق هو. تعليمي اڀياس پوري ڪرڻ کانپوءِ هن ڪجهه وقت لئبررين، ڪلرڪ ۽ ماسترياڻيءَ طور فرض سرانجام ڏنا ۽ اڳتي هلي بمبئيءَ جي ڪي. جي. کلناڻي ڪاليج مان ليڪچرار طور رٽائر ڪيو.

سندريءَ کي ننڍپڻ کان وٺي ادبي ڪتابن پڙهڻ جو وڏو چاهه هو. ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ دوران هوءَ ڪجهه وقت لاءِ عورتن جي رسالي ’ساٿيءَ‘ جي ايڊيٽر به رهي ۽ ان ۾ هن هڪ روسي ڪهاڻي ترجمو ڪري ڇپائي هئائين. هن جي ترقي پسند ويچار ڌارا تي ٻَڌل پهرين لکڻي، ’منهنجي ڌي‘ 47-1946ع ڌاري ’ساٿي‘ رسالي ۾ شايع ٿي هئي.

جڏهن 1949ع ۾ ممبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) قائم ٿي ته سندري اُن جي هفتيوار ڪلاسن ۾ باقاعدي شريڪ ٿيندي هئي. سندري ورهاڱي کان اڳي ’سنڌي سرڪل‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪلاسن ۾ به شريڪ ٿيندي هئي، جن ۾ منگهارام ملڪاڻي، رام پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، بهاري لال ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، شيخ اياز ۽ سوڀو گيانچنداڻي شريڪ ٿيندا هئا، ان ڪري جديد ترقي پسند ادب سان هن جا لاڳاپا منڍ کان ئي قائم هئا، جيڪي اتم سان گهر گرهستي ٻنڌڻ ۾ لاڳاپجڻ کانپوءِ وڌيڪ پڪا ۽ پختا ٿي ويا.

سندري، ڀارت ۽ يورپ جي ڪلاسيڪي ۽ جديد ترقي پسند اديبن- ڪاليداس، ٽئگور، شرٽ چندر، پريم چند، يشپال، ڪرشنچندر، شيڪسپيئر، وڪٽر هيوگو، مئڪسم گورڪي، ٽالسٽاءِ، ٿامس هارڊي، اوهينري ۽ ٻين کان متاثر هئي. هن مئڪسم گورڪيءَ جو ناول ’ٽُٽل ساز‘ ۽ ڪرشنچندر جو ناول ’پياسي ڌرتي، پياسي دلڙيون‘ ترجمو ڪري ڇپرايا. ان کانسواءِ هن امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو ’هڪ سسئي، سؤ سُور‘ جي نالي سان ۽ مليالم ٻوليءَ جي ليکڪ تڪشي شنڪر جو ناول ’ساگر جي سنتان‘ (اولاد) عنوان سان ترجمو ڪري ڇپايا. ان کانسواءِ هن شولوخوف جي چونڊ ادب جو ترجمو ’شولوخوف جي جهلڪ‘ عنوان سان پڻ ترجمو ڪري ڇپايو هو.

سندري هڪ سٺي شاعر به هئي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ’هڳاءُ‘ ۽ ’ڏات بڻي لات‘ ڇپيل آهن، جڏهن ته هن 95 روسي شاعرن جي شاعري، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ’امن سڏي پيو‘ (1965ع) نالي ڪتاب ۾ شامل ڪئي. ان کانسواءِ هن روسي صدر ليونڊ برزنيف جي يادگيرين تي ٻَڌل ٽي ڪتابڙا: ’ملايازيمليا‘، ’نئون جنم‘ ۽ ’ڪنواري ڌرتي‘ به ترجمو ڪيا، جن تي کيس 1979ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو اوارد مليو ۽ هن 14 ڏينهن جو روس جو مهماني دؤرو به ڪيو. ان دوري کانپوءِ هن ’نئين سڀيتا درشن‘ عنوان سان روس جو سفرنامو پڻ لکي ڇپايو هو، جنهن کي وڏي مقبوليت ملي. سندري، نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار به هئي. سندس ڪهاڻين جا ڏهه مجموعا، ٻه ناول ۽ هڪ ناٽڪن جو مجموعو شايع ٿيل آهن، جيڪي سنڌي جديد ادب ۾ اهم مقام رکن ٿا. ان کانسواءِ سندس مضمونن جا به ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن. سندريءَ کي ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي، مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي ۽ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا ۽ ٻين ادارن پاران ڪيترا ادبي انعام ۽ اوارڊ به مليا.

سندريءَ جو سنڌي ٻوليءَ کي هندستاني آئين جي اٺين شيڊول ۾، ’قومي ٻوليءَ‘ طور مڃائڻ واري تحريڪ ۾ به وڏو ڪردار رهيو آهي، جنهن سفر ۾ سندس گهر وارو اي. جي. اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، موتي پرڪاش، ڪرشن راهي، پوپٽي هيراننداڻي، مايا راهي، هري دلگير، گورڌن ڀارتي، ٽيڪچند مست، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيا به شامل هئا. اهو ڪيڏو نه روح پرور منظر هو، جڏهن سندري اتمچنداڻيءَ، پنهنجن 51 ساٿين سان گڏ سنڌي الف- ب جي 52 اکرن جا ڪارڊ سيني تي سجائي، ’انڊين پارليامينٽ‘ آڏو هڙتال ڪئي هئي ۽ نعرا هنيا هئا. اڄ هندستان ۾ سنڌي ٻولي جيڪڏهن زنده آهي، ته اُن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، مايا راهي ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جهڙين ليکڪائن جو وڏو ڪردار آهي.

سندري نهايت سٻاجهي عورت هئي، سندس لهجي ۽ رويي ۾ مامتا واري محبت جا مڻ ڀريل هئا. منهنجون ساڻس 86-87، 2008ع، ۽ 2011ع ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيل هيون. مون هن جهڙي ٻاجهاري ليکڪا صرف پوپٽي هيراننداڻيءَ کي ئي پاتو هو. هن جي آشا چاند جهڙي سڀاڳي ڌيءُ، دبئيءَ ۾ ’سنڌيت‘ جي جوت جلايو ويٺ آهي ۽ اُن دنيا جو پهريون سنڌي سکيا سافٽ ويئر ’اچو ته سنڌي سکون‘ (Lets’ Learn Sindhi) پڌرو ڪيو آهي ۽ KTN سان گڏ ڪيترا ثقافتي ۽ سنگيت جا پروگرام به ڪرايا آهن. سندريءَ سان آخري ملاقات ۾ مون سان شوڪت شورو ۽ اياز گل به گڏ هئا، اڄ جڏهن سندري هن دنيا ۾ نه رهي آهي تڏهن سندس چهرو ۽ سڀاءُ اکين آڏو ڦري اچن ٿا ته هڪ نامعلوم سنڌي شاعر جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو:

وساريان نه وسرن، نه وسارڻ جيها،

ريکون ٿي رهيا، سڄڻ سونيءَ تند جئن!

 

تاج جويو

 

 

 

 

 

ريٽا شهاڻي، سنڌ جي بيباڪ ليکڪا لاڏاڻو ڪري وئي!

 

ريٽا شهاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا، شاعره، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، سوانح نگار ۽ نقاد هئي. هن جو جنم 24 آگسٽ 1934ع تي حيدرآباد ۾ هڪ تعليم يافته خاندان جي فرد عالمچند اُڌارام جي گھر ۾ ٿيو هو، جيڪو مشهور اديب ۽ عالم منگهارام ملڪاڻيءَ جو ڀاءُ هو. سندس گھر حيدرآباد ۾، درسگاهن جي ٽمورتي- نور محمد هاءِ اسڪول، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج (فارمين) ۽ پگٽ گرلس هاءِ اسڪول- جي ڀرسان هو. ريٽا جو والد عالمچند موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ تمام سٺو ڳائيندو ۽ وڄائيندو هو. جڏهن 1923ع ۾ رابندرناٿ ٽئگور سنڌ آيو هو ته عالمچند ملڪاڻيءَ سندس شعري مجموعي ’باغبان‘
 (Gardener) مان هڪ گيت ڳائي، کيس مسحور ۽ متاثر ڪيو هو. ريٽا جي پڦي به شاهه لطيف جي ڄاڻو ۽ سٺي ڳائيندڙ هئي. ائين ادب، سنگيت، نرت ڪلا ۽ ماڻهپي واري ماحول ۾ ريٽا زندگيءَ جا 15 سال مس گذاريا هئا ته ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ ريٽا جي خاندان، ڀارت جو شهر لکنؤ وڃي وسايو. ريٽا جي شادي 20 آڪٽوبر 1957ع تي جيوت رام ٺاڪرداس شهاڻيءَ جي پٽ وشنو شهاڻيءَ سان ممبئيءَ ۾ ٿي ۽ هن پنهنجي مڙس سان پونو وڃي وسايو ۽ اڳتي هلي هن 7- فلورينا اسٽيٽ، بوٽ ڪلب روڊ پوني ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي، جتي زندگيءَ جي آخري پساهن تائين رهي.

ريٽا شهاڻيءَ جي قلم جي تيزيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن جا 1980ع کان هن وقت تائين 30 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ان کانسواءِ سندس تخليقون لڳاتار هند ۽ سنڌ جي ادبي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. هن سنڌي ادب جي هر صنف: ڪويتا (شاعري)، ناول، ڪهاڻي، مضمون، تنقيد، سوانح، آتم ڪٿا ۽ سفرنامي وغيره تي ڪاميابيءَ سان قلم هلايو.

ريٽا شهاڻيءَ جا موضوع نهايت وسيع رهيا، جن ۾ قدرت کان وٺي نفسيات ۽ روحانيت جا

موضوع اچي وڃن ٿا. هن جي تخليقن ۾ قديم ۽ جديد تهذيب جو بهترين ميلاپ رهيو آهي. ريٽا شهاڻيءَ کي ’ڀنڀرڪيءَ جي ڀُڻ ڀُڻ‘ (ناول)، ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا) ۽ ٻين ڪتابن تي انعام ۽ اوارڊ به ملي چڪا هئا.

ريٽا شهاڻيءَ جو ناول ’ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ‘
بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ بي. اي (B.A) جي پهرئين سال جو ٽيڪسٽ بُڪ ٿي رهيو آهي ۽ سندس ڪتاب ’گيت رامايڻ‘ پوني يونيورسٽيءَ ۾ بي. ڪام (B.com) جي پهرئين سال لاءِ ٽيڪسٽ بُڪ طور پڙهايو ويندو آهي.

ريٽا شهاڻي، ڀارت جي مختلف شهرن ۾ ڪيترن گھڻ ٻوليائي توڙي سنڌي مشاعرن ۾ به حصو وٺندي رهي. ان کانسواءِ ’دور درشن‘ جي سنڌي مشاعرن ۾ به شرڪت ڪري چڪي هئي. هوءَ پنهنجون ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون اڪثر آڪاشواڻيءَ (ريڊيي) تان  پيش ڪندي رهندي هئي.

گيانپيٺ جي ’ڀارتييه ڪوتائين -1983‘ ۾، ريٽا شهاڻيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جي عيوضي شاعره طور شامل ڪيو ويو. همعصر ڀارتي شاعرائن بابت پينگئن (Penguin) جي ڪتاب ‘In their own Voice’ ۾ به ريٽا جي شاعري شامل آهي. اوڙيسا جي رسالن ۾ سندس ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جا ترجما ڇپجي چڪا آهن. 1998ع ۾ سينٽرل ساهتيه اڪاڊميءَ جي شايع ڪيل شاعريءَ جي انتخاب ‘Freedom & Fissures’ ۾ سندس هڪ نظم جو انگريزي ترجمو شامل ڪيو ويو ۽ ساهت اڪادميءَ جي Indian Literature جرنل (1998ع) ۾ سندس هڪ ڪهاڻيءَ جو ترجمو چپجي چڪو آهي.

ريٽا شهاڻي، مهاراشٽر رياست جي سنڌي ساهتيه اڪادميءَ جي ميمبر ۽ مهاراشٽر ’ٽيڪسٽ بوڪ بيورو‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ تي ميمبر رهي چڪي هئي. هوءَ ’راشٽريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد‘ (NCSPL) جي صلاحڪار بورڊ تي ٻن مدتن لاءِ ميمبر پڻ رهي چڪي هئي. ريٽا شهاڻيءَ جي ڪتاب ’سنڌي گيت رامايڻ‘ تي آڌارت سندس ئي هدايتڪاريءَ ۾ ڀارت جي ڪيترن شهرن ۾  ’نرت ناٽڪ‘  اسٽيج ڪيو ويو. سالياني ڏياري پرچي
’ورثي‘ جي هوءَ اٺن سالن کان ايڊيٽر رهندي آئي.

ريٽا شهاڻيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:

(1) ’پنک وڄائين شنک‘ (شاعري: 1982ع)، (2) ’منهنجي حد آڪـاش‘ (شاعري: 1984ع)، (3) ’ڀنڀرڪي جي ڀُـڻ ڀُـڻ‘ (ناول: 1985ع)، (4) ’کٿوريءَ جي کاڻ‘ (سفرنامو: 1986ع)، (5) ’گيت رامايڻ‘ (مرهٽي گيت-رامائڻ جو سنڌي منظوم ترجمو: 1987ع)، (6) ’سوريه ياترا‘ (شاعري: 1987ع)، (7) ’منع ٿيل ميوو‘
 (ڪهاڻيون: 1988ع)، (8) ’سج کان چنڊ تائين‘ (ناول: 1989ع)، (9)’سڄاڻ جون سمرتيون‘(منگھارام ملڪاڻيءَ جي سوانح: 1990ع)، (10) ’پرهه جا پياڪ‘ (ناول: 1991ع)، (11) ’پچڻ کي پچاءِ‘ (ڪهاڻيون: 1992ع)، (12) ’گھنڊ ڄاڻ وڳو‘ (آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون: 1993ع)، (13) ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا: (ڀاڱو ٻيو: 1994ع)، (14) ’ڇُهي مُئي‘ (ناول: 1995ع)، (15) ’ارٽ جو آواز‘
 (شاعري: 1996ع)، (16) ’ببليءَ جون آکاڻيون‘ (ٻاراڻو ادب: 1996ع)، (17) ’لپ ڀر مهراڻ‘ (ادبي مضمون: 1997ع)، (18) ’سوال ئي سوال‘ (ڪهاڻيون: 1998ع)،  (19) ’يرودا جيل جون ڪهاڻيون‘ (سوانح: 2000ع)، (20) ’جيون ۽ ساهت‘ (ادبي مضمون: 2001ع)،

(21) گونگي گگن سان گفتگو (ناول: 2001ع)، (22) ’ميران ٻائيءَ سان وارتا لاپ‘ (مڪالماتي گفتگو: 2002ع)، (23) ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ (سفرنامو: 2003ع)، (24) ’ترڪڻا ترورا‘ (ناول: 2004ع)، (25) ٻه پهريءَ جا ٻه پل (آتم ڪٿا: ٻئي ڀاڱا گڏ، سنڌ ۾ ڇپيل، 2004ع)، (26) ’رشتن جو رقص‘ (ڪهاڻيون: 2008ع)، (27) ’ست سر، ست رنگ‘ (ناول: 2008ع)، (28) ’اڪٿ ڪهاڻي ڪبير‘ (سوانح: 2008ع)، (29) ’جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ‘ (دادا جشن جي سوانح: 2008ع)، (30) ’سفر در سفر‘ (سفرنامو: 2010ع)، (31) ’بي زبان زبان‘ (ناول: 2010ع)، (32) ’روبرو‘ (سوانح: 2012ع)، (33) آڪاس- گنگا (خاڪا: 2013ع) وغيره. سندس 6 ڪتاب: رشتن جو رقص، اڪٿ ڪهاڻي ڪبير، روبرو، سفر در سفر، ٻپهريءَ جا ٻه پل، سنڌ ۾، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. ان کانسواءِ سندس چار هندي ڪتاب به ڇپيل آهن، جن ۾ ناول ’رنگريزواني رنگ دي‘ ۽ ’سنڌي ساهتيه ۾ ناري‘ شامل آهن.

کيس هيٺيان انعام ۽ اوارڊ ملي چڪا آهن:

(1) ’سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ پاران سندس ڪتاب ’ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ‘  تي انعام (1987ع)، (2) بيسٽ سڀا، بمبئيءَ پاران سندس ڪتاب ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ کي انعام (1994ع)، (3) ڪوشي ڏيئلداس ٽرسٽ پاران 1996ع جو انعام (1997ع)، (4) اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران برک ليکڪا جو انعام (1997ع)، (5) آر. جي. آڏواڻي ٽرسٽ پاران هڪ لک روپين جو انعام (97-1998ع)، (6) انتر راشٽريه سنسڪرتي، ڪلا پريشد پاران ’گديه سرجن پُرسڪار‘ سندس هندي ڪتاب
’رنگريزوا ني رنگ دي‘ تي (جنوري 1999ع)، (7) مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ پاران ’لائيف لانگ اچيومنٽ اوارڊ‘- 1998ع لاءِ فيبروري (1999ع)، (8) ايشوري ٻائي بختاڻي اوارڊ (2000ع)، (9) نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج اوارڊ (2000ع)،  (10) نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج اوارڊ (2008ع)، (11) سنڌو سڀا ۽ جئسر ٽرسٽ پاران اوارڊ (2012ع)، (12) اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا هند- اديب اوارڊ (2012ع).

ريٽا شهاڻيءَ جو هند سنڌ جي ليکڪائن ۾ وڏو مقام هو. هن ادب جي مختلف صنفن تي لکيو آهي، پر هوءَ بنيادي طور فڪشن رائيٽر (ناول نگار/ ڪهاڻيڪار) رهي آهي. هن جي ادبي سفر ۾ سندس ڪٿا رچنا (Story writing) جو ڏانءُ وڌيڪ پختو آهي. هن ڪهاڻين ۾ ڀارت ۾ سنڌي سماج سان ڳنڍيل ۽ ڇنل ڪردارن جي اندر ۾ جھاتي پائي، انهن جو اندر اپٽي رکيو آهي. سندس ماحول ۽ ڪردار ڀارت جي شهري زندگيءَ جي مٿئين طبقي جي عڪاسي ڪن ٿا.

ريٽا شهاڻيءَ ٻه ڀيرا (2001ع ۽ 2005ع ۾) سنڌ جو سفر به ڪيو هو ۽ سندس سنڌ جو سفرنامو ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ ڇپجي چڪو آهي. ريٽا شهاڻيءَ، 15 سيپٽمبر 2013ع تي صبح جي پهر، پنهنجي پوني (مهاراشٽر رياست) واري نئين گهر ۾ لاڏاڻو ڪيو، جتي سندس نياڻي لليتا (ماڌوري ڪپور) ۽ پٽ ڪمار شهاڻي اڄ اُداس نيڻن ۾ پنهنجي ماءُ جون ياديون سمائي، اُداس ۽ ويڳاڻا نظر ايندا هوندا.

 

ريٽا شهاڻي

 

 

 

 

                        ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ جي شخصيت

سندس ادبي کيتر ۾ يوگدان

 

مُشڪل حالتون، جهڙيون اسانجون يعني سنڌي جاتيءَ جون اڄ آهن، اهڙين حالتن ۾ ڪنهن به سماج کي اهڙين جُنوني شخصيتن جي ضرورت پوندي آهي، جيڪي پنهنجي ٻولي ۽ سنسڪرتيءَ کي بچائڻ لاءِ، پنهنجي مرضيءَ سان سماج جون جوابداريون پنهنجي مضبوط ڪُلهن تي کڻندا آهن. رڳو زباني ڳالهيون نه ڪري پنهنجن ويچارن کي عملي جامو پهرائيندا آهن. اُن لاءِ گهرج هوندي آهي اٽل ارادي جي، محنت ۽ لگن جي، چرتر جي پختگيءَ جي. نارائڻ ڀارتي اُنهن ٿورن شخصن مان آهي جنهن ڪمر ڪشي، ڪجهه قربانيون ڪندي، پنهنجي نموني سان اهو ڪم سرانجام ڪيو آهي ۽ ڪري رهيو آهي. 35 سالن کان لڳاتار هفتيوار ڪڍڻ، هر سال وقت تي چار معياري ڪتاب پبلش ڪرڻ (97 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن) ڪا سولي ڳالهه ڪانهي. ان سان گڏ پنهنجي آجيوڪا ڪمائڻ، پنهنجي پريوار جون جوابداريون سنڀالڻ، پوري پني آمدنيءَ مان آسان ناهي. پر هُو پڪي ارادي جو مالڪ آهي ۽ اصولن جو پڪو. هو ئي هڪڙو سنڌي پبلشر آهي، جو مفت ۾ يا ڪامپليمينٽري ڪاپيون ڪونه ورهائيندو آهي، جيئن اسان مان هرهڪ ڪري رهيو آهي. هو ڪتابن جي قيمت سبسڪرپشن (Subscription) جي حيثيت ۾ پنهنجن گراهڪن کان وصول ڪندو آهي. تڏهن ته باقائدي، بنا نقصان جي سٺا معياري پستڪ اسان کي ڏيئي سگهندو آهي. ۽ سٺن ليکڪن جي اها دلي خواهش هوندي آهي ته هنن جا پستڪ ’سنڌي ٽائيمس‘ جي پاران ڇپايا وڃن.

هو هڪ ڪڙڪ، ڪڙي اَنوشاسن کي پالن ڪرڻ وارو، ضدي، پنهنجي پيشي تي فخر ڪرڻ وارو، سواڀماني ۽ آتم نرڀر شخص آهي. انڪري ماڻهو هن کان ڪؤ کائيندا آهن. هو پنهنجي ڳالهه تي پڪو ٿي بيهندو آهي ته ڪنهن جو اپمان ڪندي ويرم ڪونه ڪندو آهي. هو پنهنجي ئي باري ۾ پنهنجي پستڪ ”سرءُ جا پن“ ۾ لکي ٿو، ”ڪن دوستن جي ويچار ۽ راين موجب مان اکروٽ جيان سخت آهيان ۽ ڪوشش بعد ئي ٽٽندو آهيان، ليڪن ڪن ٿورن کي ئي شايد سُڌ آهي ته اکروٽ نما ان انسان اندر، ٽٽڻ بعد ڪسارو نه، مٺو گورو ئي نڪرندو آهي.“

۽ اهو سچ آهي. ڪهڙي ڳالهه تي ڪيڏي مهل هو ناراض ٿي ويندو آهي، اها ڪنهن کي خبر ئي ڪانه پوندي آهي. پر جيترو هو جلدي آپي مان ٻاهر نڪرندو آهي اوترو ئي جلدي هو شانت به ٿي ويندو آهي ۽ ائين لڳڻ لڳندو آهي ڄڻ ته ڪجهه منٽ اڳ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. اهو مان پنهنجي اَنڀؤ مان ٻڌائي سگهان ٿي ڇاڪاڻ ته مون اڪثر هن کي ائين ڪندي ڏٺو آهي. هن جو جوش ۽ هن جي ڪاوڙ پاڻيءَ جي هڪ بُلبُلي جيان هوندي آهي جا ڪجهه ئي لمحن ۾ هوا ۾ گم ٿي ويندي آهي.

هن جي حياتي جدوجهد ۽ ڪشمڪش سان ڀريل هئي. هُو هڪ Self made man آهي. هو جيڪي ڪجهه آهي پنهنجي بُوتي سان ئي بڻيو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي نه کيس پئسي جي پُشتي هئي، نه مائٽن جو آڌار. سندس پتا، جڏهن هُو ٻن سالن جي عمر جو هو، گذاري ويو هو. گهر وارن جي مرضي هئي ته هُو چوٿون درجو پڙهڻ کان پوءِ ڪم کي لڳي وڃي. هن جي ڪٽنب ۾ ڪوبه پڙهيل ڳڙهيل ڪونه هو. سندس وڏن ڀائرن سنڌيءَ جا چار درجا پاس ڪيا هئا پر هو پاڻ ايم.اي ۽ پي.ايڇ.ڊي آهي. ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿي چڪو آهي. هن ممبئي يونيورسٽيءَ تان ريڊر ۽ وڀاڳ پرمُک جي پَد تان رٽائر ڪيو آهي. اهو سڀ ڪيئن ٿيو؟ اهو سڀ سندس محنت، مشقت، اٽل ارادي جو نتيجو آهي. هن ننڍي هوندي ئي من ۾ درڍ نشچيه ڪيو هو ته هو وڏو ٿي پروفيسر بڻبو ۽ هو پروفيسر بڻجي ئي رهيو. ننڍي هوندي هن لاڙڪاڻي ۾ هڪ فوٽوگرافر کان فوٽو ڪڍايو هو. فوٽوگرافر جي ئي ڏنل ٽاءِ، ڪوٽ ۽ بنا شيشن جي عينڪ پائي، هُو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو، ”اهو فوٽو قمبر ۾ پنهنجي اوطاق ۾ ٽنگي ڇڏيو هوم. ڪنهن ڏينهن ڪو پڙهيل شخص اوطاق ۾ آيو. هن فوٽو ڏسي چيو هو، ’هي ته ڪو پروفيسر ٿو لڳي....!‘ اهڙي ئي قسم جا لفظ هئا. بس اهي لفظ منهنجي دماغ ۾ گهر ڪري ويا ته مان پروفيسر ٿيندس.“ (ص-37)

اهڙي طرح اچيتن من ۾ سمايل ويچارُ، جيون ۾ ساکياتڪار بڻيو ۽ هو سچ پچ پروفيسر بڻجي پيو. پر ڇا اهو پاڻهي ٿي پيو؟ نه، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي ڪيترين ۽ ڪهڙين مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو پيو. وچ وچ ۾ گهرو حالتن جي مجبورين سبب، هن کي سالن جا سال پڙهائي ڇڏڻي پيئي هئي. هِتي هُتي ڀٽڪڻو پيو هو، پر موقعو ملندي ئي هُو وري پڙهائيءَ ۾ جُٽي ٿئي پيو. سنه 1951ع ۾ ٽرم في نه ڀرڻ جي حالت ۾ هن کي ڪاليج جي پڙهائيءَ کي ڇڏڻو پيو هو، پر پوءِ 20 سالن کان پوءِ 1972ع ۾ هن بي.اي پاس ڪئي. وچ وچ ۾ هو ماستري به ڪندو رهيو.

سنه 1956ع ۾ هو ناگپور ويو هو ۽ اُتي ئي هڪ پرائمري اسڪول ۾ ماستري ملڻ تي اُتي ئي رهي پيو. ڇاڪاڻ ته هُو اُتي اڪيلو هو، گهر ٻار جي جوابداري ڪانه هئي نه ئي ڪا عادت علت هئس. پگهار گهٽ هوندي به هُو پهراوَ يعني ڪپڙي لٽي ۽ جُتي وغيره تي ڌيان گهڻو ڏيڻ لڳو. سُٺي پوشاڪ پائڻ جو شونق هن کي اڳ ۾ هو، اُتي رهي اهو پروان چڙهيو. هن جا صاف سُٿرا ڪپڙا، لانڊريءَ ۾ ڏوتل ڪپڙا ڏسي هن کي سڀ وڏو ماڻهو سمجهڻ لڳا. اهو شونق هن اڄ تائين برقرار رکيو آهي. هو هميشه اُچي سٺي سفاري سوٽ ۾ ملبوس هوندو آهي ۽ هن جي جُتي هميشه سُٺي نموني سان پالش ٿيل هوندي آهي. ناگپور ۾ هن کي ڪافي هائوس وڃڻ جي عادت پيئي جتي هو پنهنجو قلم ۽ ڪاڳر ڪڍي ساهتيه سرجڻ ڪندو هو. هو اُن وقت ڪنهن هندي ناول جو انٽيليڪچوئل پاتر بڻجي پوندو هو. ڪافيءَ جو پيالو لبن تي، هڪ هٿ ۾ قلم، ڪافي هائوس جو ماحول، رڳو ٻئي هٿ ۾ سگريٽ ڪونه هوندو هو ۽ نه ئي سگريٽ جو دونهون. اهڙا هوندا آهن اگبيه جي ناولن جا پاتر يا ان زماني جي ڪن سنڌي ليکڪن جا ڪردار پڻ. اُن وقت ئي هن لوڪ گيت ڪٺا ڪرڻ شروع ڪيا هئا ۽ هندواسيءَ وغيره اخبارن ۾ لوڪ ساهت تي ليک لکڻ شروع ڪيا. هن اُتي ويهي ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون جنهن جا پاتر ڪالونيءَ ۾ رهندڙ ئي هوندا هئا. ”منهنجي ڪتابن ’هو جمالو‘، ’مينديءَ رتا هٿڙا‘، ’سنگيت جي تان‘ ۾ آيل ڪهاڻين جا پاتر گهڻو تڻو اُتان جا ئي آهن.“ هو ائين لکي ٿو. (ص-56)

هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ موهن ڪلپنا جو خوب ذڪر ڪيو آهي ۽ هُن تي سڄو سارو باب لکيو آهي، ”منهنجو دوست، منهنجو دشمن“ ۽ موهن ڪلپنا جي پنهنجي آتم ڪٿا ”بُک، عشق ادب“ ۾ نارائڻ ڀارتيءَ جو گهڻن ئي هنڌن تي چڱو خاصو ذڪر اچي ٿو. ڀارتيءَ پنهنجا دوست پنهنجي پسند جا ئي چونڊيا هئا، جيئن اڪثر ٿيندو آهي ۽ اُنهن سان خوب نباهيو پڻ، پوءِ اهو چاهي سنڌ جي قمبر جو رام ٽڪراڻي هجي، جنهن هن جو شرت بابوءَ جي ڪتابن سان پريچيه ڪرايو. لکي پنجواڻي هجي جنهن هن جي ڏيٺ ويٺ سنڌي ساهت ۽ ترقي پسند ادب سان ڪرائي. الهاس نگر جي اسڪولن ۾ وري هن کي ساٿ مليو موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي، راجن چاولا ۽ هرپال پنجابيءَ جو ۽ هن جو ادبي شونق ۽ ذوق زور پڪڙيندو ويو. هُو سڀ گڏجي اسڪول ۾ ’شئڊو ڪئبينيٽ‘ جو نرماڻ ڪندا هئا، ڇتا بحث ڪندا هئا، ڊبيٽس ڪندا هئا ۽ ڪندا هئا اسٽرائيڪ.

سماجي ۽ سماجڪ کيتر:

هُو پنهنجي نجي دنيا کان ٻاهر سياسي دنيا کان سجاڳ ۽ باخبر رهيو. سنڌ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سرگرم رهيو ۽ هڪ وديارٿيءَ جي حيثيت ۾ پنهنجو يوگدان ڏيندو رهيو. 1947-1946 واري سال ۾ هو قمبر اسٽوڊنٽس ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. ورهاڱي بعد هو ڪانگريس پارٽيءَ کان ڪٽجي ويو. هو لکي ٿو، ”ڪانگريس جي مسلم نسبتي ورهاڱي کان اڳ به هئي ته هاڻي به آهي. هڪ طرفي ڀائپي ڪيترو وقت هلندي؟“ (ص-23) موهن ڪلپنا جي ’بُک عشق ادب‘ مان ظاهر ٿئي ٿو ته نارائڻ ڀارتي هن سان گڏ ويساپور جيل ۾ هو. هو لکي ٿو، ”نارائڻ ڀارتي ڀت تي سنگهه جي بندش جي خلاف پوسٽر لڳائيندي گرفتار ٿيو هو. هو پنهنجي مرضيءَ خلاف جيل ۾ آيو هو، ٻين کان ڪٽيو ڪٽيو رهندو هو ۽ اڪثر مون سان بحث ڪندو رهندو هو.“ (ص-60)

1948ع ۾ سنگهه تي بندش وڌي ويئي هئي، ان سلسلي ۾ هُو ٻئي موهن ڪلپنا ۽ ڀارتي گرفتار ٿيا هئا ۽ جيل ۾ گڏ هئا. پر الائي ڇو ڀارتيءَ ان جو ذڪر پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڪونه ڪيو آهي.

اڳتي هلي نارائڻ ڀارتي جئرامداس دولترام جو پوئلڳ بڻيو ۽ ان برادريءَ جو ليکجڻ لڳو جنهن ۾ ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر موتيلعل جوتواڻي، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي، هيرو ٺڪر ۽ ٻلديو گاجرا هئا. هو سڀ ديوناگري لپيءَ جا حمايتي هئا. اهو سڀ ڪندي به هو ترقي پسند ليکڪن ــ گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين سان پنهنجا لڳ لاڳاپا ۽ دوستي سالم رکندو هليو. سنه 1963ع ۾ هن هفتيوار ’سنڌي ٽائيمس‘ شروع ڪئي، ان کان اڳ هن هفتيوار ’سنسار سماچار‘ ۾ سب ايڊيٽر ۽ هندستان ۾ ريڊر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو هو ۽ اخبار نويسيءَ جو انڀو پرايو هو. سنڌي ٽائيمس هلائيندي هن اهو محسوس ڪيو ته اخبار نويس کي بيطرفدار رهڻ گهرجي. هن پاڻ چيو آهي، ”جي عزت حاصل ڪرڻي آهي ته بيطرفدار رهڻ گهرجي. (ص-31)، اسان سڀني کي خبر آهي ته عام طرح اخبارون ڪنهن خاص پارٽيءَ جي ويچار ڌارا کڻي هلنديون آهن. هنن جو مقصد ئي هوندو آهي پنهنجي پارٽيءَ جو پرچار ڪرڻ. جيئن بلز (Blitz) ڪميونسٽ اخبار هئي، آرگنائيزر RSS بيسڊ (Based) آهي، ’هند واسي‘ ڪانگريس ويچار ڌارا واري ته سنديش ڀارت آر.ايس.ايس.جي آهي. ٻيا وري ادبي رسالا ٿيندا آهن جن جي وابستگي صرف ادب سان هوندي آهي، پر ڀارتي بيطرفداريءَ واري رويي جو حامي آهي. هو پاڻ تي يا پنهنجي اخبار تي ڪا ليبل لڳائڻ جو خواهان ناهي ۽ پنهنجي پاليسي نيوٽرل يعني نرپکش رکڻ ٿو چاهي.

موهن ڪلپنا لکيو آهي، ”نارائڻ ڀارتي جيل ۾ انگريزي گرامر جو ڪتاب پڙهندو هو، مون کي چيائين، ”اسان جي خاندان ۾ ڪنهن به مئٽرڪ پاس نه ڪئي آهي. مون کي ڪيئن به مئٽرڪ پاس ڪرڻي آهي. مون ٻاهر نڪري کيس پنهنجي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني. هاڻي هو ايم.اي فرسٽ ڪلاس آهي. ڊاڪٽر به آهي، ايڊيٽر آهي، ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي، روٽري ڪلب جو صدر آهي. هن سخت محنت ڪري سماج ۾ مان مرتبو حاصل ڪيو آهي. (ص-66) ۽ وري ٻئي هنڌ لکي ٿو (ص-72)، ”ڀارتيءَ ’وديارٿي‘
اخبار پريس ۾ ڏني هئي ۽ سوشلسٽ ٿي چڪو هو. پوءِ لوڪ ادب کي لڳو ان ۾ ڊاڪٽوريٽ ورتائين. ڪليم ۽ دستاويز ٻه شاهڪار ڪهاڻيون به لکي ورتائين. غريب هو مگر رٿا سان ڪم ڪري سماج ۾ پنهنجو مان ۽ درجو مٿي ڪيائين. کيس ٻه ٻار آهن ۽ خوش پيو گذاري.“

سندس شادي تڏهن ٿي هئي جڏهن هن جي عمر ڏهن ٻارهن ورهين جي هئي. هو لکي ٿو، ”مان ڏاڍو خوش ٿيس جو ورهين بعد نئون بخمل جو ڳاڙهو بوٽ مليو هو.“ (ص-56) ٻارهين سالي جي ٻُڌيءَ واري ٻار مان ڀلا ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي؟

هن جو سمورو ڌيان پڙهڻ ۾ هو، سياسي ڳالهين ۾ ۽ ادب طرف هو. وديارٿي جيون ۾ هو، دوستن سان رُلندو پِنندو هو. گهڻو گهر کان ٻاهر رهندو هو. جڏهن ناگپور ۾ وڃي رهيو ۽ ماستريءَ جي نوڪري ڪيائين، جڏهن لوڪ ساهت کي ڪٺو ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر گهُميو. زال کان الڳ ٿي رهيو هو. پوءِ به هن پنهنجي چرتر تي ڇنڊا وجهڻ نه ڏنا. هن جي نظر ميري نه ٿي هئي. هو لکي ٿو، ”اڄ به مون وٽ يونيورسٽيءَ ۾ وڏيون وڏيون ڇوڪريون پڙهن ٿيون پر منهنجي من ۾ هنن لاءِ غلط ڀاونا پئدا نه ٿي آهي. اها ايشور جي مهر مون تي رهي آهي يا اڳئين جنم جو ڦل آهي.“ (ص-54)

جڏهن موهن ڪلپنا ۽ ڀارتي جيل مان ڇٽڻ بعد اسٽيشن تي گاڏي ۾ چڙهيا هئا، ان واقعي جو دلچسپ بيان موهن ڪلپنا، ’بُک عشق ادب‘ ۾ هن ريت ڪيو آهي جيڪو مان توهان سان ونڊڻ چاهيان ٿي، ”مان دريءَ کان ٽِپ ڏيئي، سيٽ تي سُمهيل جوان عورت کي ڪراس ڪري لنگهه جي وچ تي اُڀو ٿي بيٺس. ڀارتيءَ جي بدن ۾ ايڏي ڦڙتي نه هئي، پهرين مُنجهي پيو ته دريءَ ۾ پهرين منهن وجهي يا ٽنگون. سو منهن وڌائين دريءَ ۾ ٻانهون اٽڪائي زور ڏنائين ۽ پوءِ سندس مُنهن مائيءَ جي ڇاتيءَ مٿان. مائي ننڊ مان اُٿي کيس پري ڪرڻ لڳي.....“ وغيره وغيره. اهو ته موهن ڪلپنا جڏهن ڀارتيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ مائيءَ کان معافي ورتي تڏهن وڃي هنن کي مائيءَ جي دانهُن ڪوڪن کان ڇوٽڪارو مليو.

منهنجو نارايڻ ڀارتيءَ سان سمپرڪ:

نارايڻ ڀارتيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات 1983ع جي پڇاڙي ڌاري يا 1984ع جي شروع ۾ ٿي هئي، ’هندواسيءَ‘ جي آفيس ۾. مان اُتي سرڳواسي تيرٿ سڀاڻيءَ سان گڏجڻ ويئي هئس ۽ پاڻ به اُتي آيو هو. منهنجي لاءِ هن جو پهريون امپريشن اهو ٿيو هو ته ـ مان رڳو فئشن لاءِ لکي رهي هئس ۽ اها ڳالهه وري بعد ۾ سچائيءَ سان مونکي چئي ٻڌايائين، پر جلدي پوءِ، هن ان رايي کي ڦيري ڇڏيو ۽ وري اها ڳالهه به چئي ٻڌايائين! منهنجو ڪتاب ”منهنجي حد آڪاش“ جيڪو اپريل 1984ع ۾ رليز ٿيو هو، جي پهچ ڏيندي هن مون کي 84-6-23 واري خط ۾ هيئن لکيو، ”ڪتاب مليو ته ويٺي ويٺي ڏسندو، پڙهندو ۽ سوچيندو رهيس. جُدا جُدا ڪوتائون، ڪتاب جي وڄ مان، آخر مان، شروع مان پڙهندو ويس. ڪتاب وڻيو. ڀاو، امنگ، احساس، سچا ۽ دل جي گهراين سان نڪتل آهن. ڪتاب فئشن لاءِ ڪونه لکيو ويو آهي، پر احساس ظاهر ڪرڻ لاءِ قلم کنيو ويو آهي.

اهڙي طرح هن پنهنجو رايو جلدي مٽيو ۽ ان ڳالهه کي جهٽ قبول به ڪيو. عام طرح سان ماڻهو ڳالهه کي قبول ڪرڻ ۾ وقت وٺندا آهن يا ماڳهين ڪندا ئي ڪونه آهن. هنن جو ايگو هنن کي موڪل ڪونه ڏيندو آهي ته پنهنجي ظاهر ڪيل رايي جي برعڪس ڪجهه چون. هنن کي بيحد تڪليف ٿيندي آهي. مگر ڀارتيءَ اُن جو کُلم کُلا اظهار ڪيو ۽ سو به مون سان.

84-11-8 واري خط ۾ هن لکيو هو، ”اوچتو شريمتي اندرا گانڌيءَ جي ديهانت جي ڪري من بيجاءِ نه آهي. الائي ڇو مان ائين ٿو محسوس ڪريان ڄڻڪ منهنجو ڪو شخصي عزيز گذاري ويو هجي. مان ڪانگريسي ناهيان، پر اندرا گانڌيءَ کي چاهيندو ضرور هوس. هن جهڙو اڳواڻ الائي وري ڪڏهن ملي؟“

شروعاتي سالن ۾ هن جو پريه گفتو هوندو هو، ”مان ته ڳوٺاڻو آهيان، مون کي ڪهڙي خبر؟“ مون کي خبر ناهي ته هن جي ان چوڻ ۾ ڪيترو مذاق هو ۽ ڪيتري احساس جي سچائي پر هُو ائين بار بار چوندو هو. هاڻي گهڻي وقت کان مون هن کي ائين چوندو ڪونه ٻڌو آهي. شايد هاڻي هُو شهري ٿي ويو آهي.

مان پهريون ڀيرو 1985ع جي شروعات ۾ ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ سان گڏ اُلهاسنگر ويئي هئس ۽ اسين ڀارتيءَ وٽ وياسين. هن 85-4-10 واري خط ۾ مون کي لکي موڪليو، ”الهاسنگر ۾ الاءِ توهان کي مزو آيو يا نه.مان نه ايڏو شاهوڪار آهيان نه ماڊرن زماني جو شخص. مان ته ڳوٺاڻو آهيان ۽ دل سان آڌر ڪندس.“ وري وشنو (منهنجو پتي) هن جي گهر 1986جي شروعات ۾ ويو هو. هن 86-4-15 واري خط ۾ لکيو، ”شهاڻي صاحب هتي آيا، سندن وڏي مهرباني جو ٻه پير ڀري آيا. مان سندن ڪيئن احساسن مڃان؟ مون کي سندن لاءِ قدر، عزت ۽ شرڌا آهي.“

ڀارتيءَ جي انهن خطن مان ننڍن شهرن (ڳوٺاڻي) ڪلچر جي خوشبو اچي ٿي. هڪڙو ته اسان جي خاطرداري ڪيائين، کارايائين پيئاريائين، مٿان وري ايتري حليمائي! وڏن شهرن جي رهواسين ۾ ڪٿي آهي ايترو خلوص ۽ مهمان نوازي؟

سنڌي لوڪ ادب جي کيتر ۾ ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتيءَ جو اهم يوگدان رهيو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي. هاڻي کڻي ان وشيه ۾ دلچسپي رکڻ وارا، اڀياسي، کوجنيڪ ٻيا عالم اچي ويا آهن جهڙوڪ ڊاڪٽر پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر ڄيٺو لعلواڻي جي پڻ ان کيتر ۾ اڀياس توڙي فيلڊ ورڪ ڪري رهيا آهن پر ڀارت ۾ ان کيتر جو پهريون باني ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي هو. هن نه صرف ڊاڪٽر سنديلي، الهه بخش نظاماڻي (سنڌ جي عالمن) جي پستڪن جو اڀياس ڪيو مگر ڀارت جي ٻين ٻولين ــ راجسٿاني، ڀوجپوري، هندي وغيره جي لوڪ ساهت کي پڙهيو جهڙوڪ ديويندر ستيارٿي، شيام پرمار، سوريه ڪرڻ پارک جهڙن ليکڪن کي. هو وقت بوقت پروفيسر رام پنجواڻي، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جي رهبريءَ هيٺ ڪم ڪندو رهيو، هنن هن جو مارگ درشن ڪيو ۽ موٽ ۾ هو پنهنجن اُستادن سان عزت ۽ احترام وچان پيش آيو.

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ’سنڌي لوڪ ساهت‘ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو، اُن ۾ ذرو به شڪ نه آهي ته ڀارت ۾ سنڌي لوڪ ساهتيه جي کيتر ۾ گهڻي ۾ گهڻو کوج ڪاريه نارايڻ ڀارتي ڪيو آهي. هو سنه 1952ع ڌاري ڪنهن به سرڪاري مدد کانسواءِ اڪيلي سرڪمرڪشي نڪري پيو. ڀارت جي جدا جدا پرانتن ۾ برپا ڪيل سنڌي شرڻراٿين جي ڪئمپن جو دورو ڪيائين ۽ سندس ٻُڍڙن ۽ ٻُڍڙين سان ملاقاتون ڪري سنڌي لوڪ ادب جو خزانو گڏ ڪيائين. شادين مُرادين ۾ ڳاتل لاڏا گڏ ڪيائين ته مُنڻن، جڻين ۽ ٻين ساٺن سؤڻن جون ريتيون رسمون ۽ گيت به قلمبند ڪيائين. ساڳئي وقت هو ٻين ٻولين جي لوڪ ساهتيه ۽ اُنهن تي لکيل آلوچناتمڪ ساهتيه جو اڀياس ڪندو رهيو. (ص-13-14)

جيئن ته هتي ٻيا عالم ڀارتيءَ جي لوڪ ساهتيه جي يوگدان تي ڳالهائڻ لاءِ موجود آهن. مان ان باري ۾ وڌيڪ نه ڳالهائي صرف پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي هڪ ڪوٽيشن سان جيڪو هن نارايڻ ڀارتيءَ جي ڪاريه جي قدرشناسي ڪندي 1960ع ۾ لکيو هو، ان وشيه تي سماپت ڪندس، ”نارايڻ ڀارتيءَ کي ذوق آهي، لگن آهي، سنڌي لوڪ ساهتيه کي ڪٺي ڪرڻ جي. شاباس آهي هن اُتساهي نوجوان کي جنهن اُتساهه، همٿ ۽ حوصلي کان ڪم وٺي برپٽ لتاڙي، جتان ڪٿان گيت آکاڻيون وغيره ڪٺيون ڪري، اسان آڏو ’هو جمالو‘، ’سنڌي لوڪ ڪهاڻيون‘ ۽ ’سنڌي لوڪ ڪلا‘ پيش ڪري پنهنجي اورچائي کوجنا ۽ ساڻيهه جي سڪ جو ثبوت ڏنو آهي.“

سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن جا ڪتاب گهڻا ئي سٺا، پر اُنهن ۾ پروفن جون چُڪون گهڻيون هونديون آهن. اُن ۾ پروف ريڊنگ جي ڪوتاهي نظر ايندي آهي. برابر، ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به گهڻو چاهيندي به گهڻن جون رهجي وينديون آهن پر پنهنجي طرفان پوري پوري ڪوشش ڪرڻ جائز آهي، جيئن ليکڪن جي شبدن جي ارٿ جو انرٿ نه ٿي وڃي.

ڀارتيءَ کي نه رڳو کوجناتمڪ ساهت جي اڀياس جو شونق آهي، پر فڪشن، ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهڻ جو به شونق آهي؛ هو نه رڳو سنڌي پُستڪ پڙهندو آهي، پر هندي ۽ انگريزي ڪتاب پڙهڻ ۾ به دلچسپي رکندو آهي، نه رڳو اهي پڙهندو آهي پر اُنهن کي خريد به ڪندو آهي ۽ پنهنجي سنگرهاليه ۾ جوڙيندو ويندو آهي، پنهنجي لائبريري کي وڌائيندو ويندو آهي. اڄ ڪلهه جي شهري جيون ۾ جڏهن جتي ڪٿي سوڙهه لڳي پيئي آهي اهو ڪتابن کي خريد ڪرڻ ۽ پنهنجن ڪٻٽن ۾ سجائڻ جو ڪم هڪ انوکو ۽ ورلو شونق پيو ڀانئجي. هن زماني ۾ جڏهن ته ماڻهن جي گهرن ۾ ايڏي جڳهه ناهي، نه ئي عمر جي ڪري سندن شرير ۾ ايڏي شڪتي جو اُنهن کي صفائيءَ سان رکن ۽ اُڏوهيءَ کان بچائين، جيڪو طبقو پنهنجن جهونن ڪتابن کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪري رهيو آهي، پر ڀارتي تازا ترين شايع ٿيل ڪتابن کي خريد ڪرڻ جو پنهنجو شونق برقرار رکي ويٺو آهي. هو جڏهن به پوني ايندو آهي ته يا ته ماڊرن بڪ اسٽال تان يا رجنيش آشرم مان سوَن يا هزارن جا ڪتاب خريد ڪندو آهي. وري پنهنجن ڪتابن کي لائبريريءَ ۾ ائين جيئن ڪونه رکندو آهي، باقائدي اُنهن تي جلد چاڙهي، سليقي سان سنڀاليندو آهي. ڪنهن جي مجال جو هن کان ڪتاب اُڌارا وٺي وڃي ۽ اُنهن کي واپس نه ڪري! هندي ڪتابن جو به هن وٽ املهه ڀنڊار آهي ته وري سنڌ جو ادب به هن وٽ موجود آهي. هو اهو سڀ ڪنهن ڏيکاءُ واسطي ڪونه ڪري رهيو آهي، نه ئي هو ڪجهه ثابت ڪرڻ ٿو چاهي، پر هو اهو پنهنجي ڪنهن اندروني گهرج کي پورو ڪرڻ خاطر ڪري رهيو آهي. اسين سندس ان صحتمند ساهتڪ هابيءَ جو قدر ڪريون ٿا ۽ آشا ڪريون ٿا ته هن جو اهو ڪليڪشن وڌندو ئي رهندو.

هي جيون برابر بي بقا آهي. لاهيون چاڙهيون ته اينديون ئي آهن. ڪي راجا مان رنڪ بڻيا آهن ڪي رنڪ مان راجا. ڪي پئسي پدارٿ جون ڏاڪڻيون چڙهندا آهن ته ڪي علم ۽ عقل جون ته ڪي وري روحاني منزلون طي ڪندا آهن. اهو انسان جي پنهنجي رُجحانن تي دارومدار ٿو رکي ته آخر هو ڇا ڪرڻ ٿو چاهي. ڪي ته وري ٻڏتر ۾ هوندا آهن. هنن کي پاڻ خبر نه هوندي آهي ته هنن کي حياتيءَ مان ڇا کپي. هو سوچيندا رهندا آهن ۽ حياتي هنن جي اڳيان گذري ويندي آهي، پر سُلجهيل ٻُڌيءَ وارا جن جو مقصد سندن اکين آڏو هوندو آهي اُهي اُتي پهچي ويندا آهن. ڀارتي اُنهن خوشنصيب انسانن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجو مقصد حاصل ڪري سگهندا آهن.

تاج جويو

 

 

 

 

سُونهن ۽ سنڌ جو شاعر - ادل سومرو

 

          ڪجهه سال اڳ ”وقت“ فتويٰ ڏني هئي، ۽ اُها فتويٰ ”وقت“ جي ”همعصرن“ کي نه وڻي هئي. ”وقت“ ماضي هو، ”وقت“ حال آهي ”وقت“
مستقبل آهي، ۽ وقت جي اُها فتويٰ اڄ به قائم آهي. اُن فتويٰ جو متنُ هن ريت آهي:

”ادل سومرو، نئين ٽهيءَ جو شاعر آهي، جنهن فارسي ۽ اردو وزن کي لت هڻي، شعري روايات جا سارا زنجير ٽوڙي ڇڏيا آهن، ۽ هن پنهنجو ترنم پنهنجي اندر جي آواز مان اڀاريو آهي.“

          اهو ”وقت“، ”وقت“ جو ”قاضي القضات“، سنڌي شاعريءَ جو سِجُ، بلڪه ”ٿرمل پاور“ شيخ ايازُ هو. اسان سڀ، جيڪي هن کان پوءِ آيا آهيون، هُن جي پيرن جي نشانن تي پير رکي اڳتي وڌيا آهيون. هن جي آهنگ جو اولڙو آهيون، هُن جي تخليق ڪيل هيئتن جي دائري کان ٻاهر نڪري، نين هيئتن جا تجربا نه ڪري سگهيا آهيون. جيڪي تجربا ڪيا به اٿئون، ته اُنهن کي ”دائميت“ ۽ ”آفاقيت“ نه ڏئي سگهيا آهيون. جڏهن ته هُن ۽ هن جي همعصرن شيام، دلگير، نياز همايونيءَ ۽ پرڀو وفا وغيره نه رڳو تجرياتي هيئتون متعارف ڪرايون ۽ تجربن جا جوکم به کنيا. ۽ اُهي سڀ تجربا ڪامياب به ٿيا. اياز ته عُمر جي صُبح وانگر عُمر جي سانجهيءَ ۾ تجربا ڪيا، ۽ اهڙا تجربا ڪيا، جي اسان لاءِ ”راهه جو نشان“ يا، ”حد نشان“ بڻجي ويا. اهڙيءَ ريت سندس هر فتويٰ، پوءِ اُها اياز گل جي باري ۾ هُجي، يا ادل سومري بابت، يا ڪنهن ٻئي شاعر لاءِ، ازل ۽ ابد جي قاضيءَ جي فتويٰ وانگر اَمِٽ ۽ اَمر آهي.

          اڄ اسان شيخ اياز جي تسليم ٿيل ۽ پسند ڪيل نئين ٽهيءَ جي سگهاري ۽ نمائندي شاعر ادل سومري جي ٽئين شعري ڪتاب ”وساري نه ڇڏجو“ جي مهورتي اڀياسي ويهڪ ۾ اچي گڏ ٿيا آهيون. ادل جا هن کان اڳ ٻه شعري مجموعا، ”وليون وڻ ڦلاريا“ ۽ ”سمنڊ جاڳي ٿو“ ڇپجي، پڙهجي ۽ مڃتا ماڻي چڪا آهن. سندس هي نئون مجموعو
”وساري نه ڇڏجو“ نئين رنگ، نئين گيٽ اپ ۽ نئين ڍنگ سان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هن مجموعي ۾ ادل جا بيت، دوها، غزل، گيت، ترائيل، نظم، نثري نظم ۽ وايون شامل آهن. ادل سومرو هر صنف جو پُختو شاعر آهي، پر سندس بيتَ، دوها، وايون، نثري نظم ۽ غزل سندس سڃاڻپ، لهجي، ڊڪشن ۽ ٻوليءَ جي ساک ڀرين ٿا. ادل سومرو ۽ اياز گل، هڪ شهر سکر جا رهواسي آهن، ٻنهي جي دوستيءَ جو حلقو ذري گهٽ ساڳيو آهي، ٻئي هڪٻئي جا رازدان ۽ دوست رهيا آهن، ٻنهي کي شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ جهڙن شاعريءَ جي چمن جي ڇانوَ ڏيندڙ وڻن جي ٿڌڙي ڇانوَ، شخصي پيار ۽ ويجهڙائي حاصل رهي آهي. سندن تدريس جو شعبو به ساڳيو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي مطالعي جي حد، سرحد به ساڳي رهي آهي، پر حيرت جي حد تائين ٻنهي جي سُڀاءَ ۽ شاعريءَ جي لهجي ۽ ڊڪشن ۾ انفراديت ۽ نرالپ رهي آهي. اياز گُل، ارجن حاسد، ذوالفقار راشديءَ ۽ وفا ناٿن شاهيءَ کانپوءِ نئين ٽهيءَ ۾ ”غزل“ جو نئون حوالي ٿي اُڀريو آهي ۽ کانئس پوءِ ايندڙ ڪيترن خوبصورت شاعرن تي سندس سڌو يا اڻسڌو اثر رهيو آهي. اهڙي طرح ادل سومرو بنا ڪنهن شڪ جي غزل جو اهم شاعر آهي، پر هن تنوير عباسيءَ، اُستاد بخاريءَ ۽ خاڪي جويي کان پوءِ بيت، دوهي ۽ وائيءَ ۾ پنهنجو وڏو نالو ڪڍيو آهي ۽ سندس لهجي ۽ ڊڪشن جو تمام گهڻن شاعرن تتبع ڪيو آهي. ان تتبع جو دائرو واين، دوهن ۽ بيتن کان اڳتي ادل سومري جي غزلن تائين وڌي ويو آهي. مثال طور ادل سومري جي هيٺين مشهور وائي، جيڪا صادق فقير، شفيع فقير ۽ ٻين ڳائي آهي، اُن جو الائي ڪيترن نون شاعرن نه رڳو اثر قبوليو آهي، پر زمين به ساڳي ڪم آندي آهن. اسان وٽ اڪثر شاعر، قادرالڪلام شاعرن جي غزل جي زمين ڪم آڻيندا آهن، پر ادل سومرو نئين ٽهيءَ جو اُهو اهم شاعر آهي، جنهن جي ”وائي“ جي زمين به نون شاعرن لاءِ اُتساهه، اثر ۽ تتبع جو وسيلو بڻي آهي:

          الائي ڪنهن جو هو،

          هلندڙ  لاريءَ   مان،

                   هڪڙو گُل ڪري پيو!

          دردن جي طوفان ۾،

          جوڀن،  ٽاريءَ  مان،

                   هڪڙو گُل ڪري پيو!

          مالهڻ مُڙي نهاريو،

          هُن جي کاريءَ مان،

                   هڪڙو گُل ڪري پيو!

          اُڀرو شڪَ اندر  ۾،

          پنهنجي ياريءَ مان،

                   هڪڙو گُل ڪري پيو!

          نه رڳو اِها هڪ وائي، پر هن ڪتاب ۾ ڇپيل هيٺيون وايون به نون شاعرن جي تتبع ۽ اثر جو وسيلو رهيون آهن:

1.            پڙهندي ناريءَ کي،

ننڊ اچي ويئي،

     ۽ بتي ٻرندي رهي!

 

2.          اجنبي ٿيندا وڃون ٿا،

روز ٿا توڙي ملون،

     هيءَ به ڪهڙي دوستي آ!

 

3.          ڇيڳري ڇولي چُمڪي وئي،

پوپري! تنهنجو بدن،

     سمنڊ تي ايندي نه ڪر!

 

          تتبع يا اثر اهڙي شاعريءَ يا صنف جو قبوليو ويندو آهي، جيڪا يا ته سَند بڻجي ويندي آهي يا وقت جي مقبول لهجي جو روپ اختيار ڪري ويندي آهي. ماضيءَ ۾ وائي / ڪافي ٽن مختلف دؤر جي شاعرن لطيف، سچل ۽ مصري شاهه کان ٻاهر مطالعو ڪجي ٿي ته ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به شاعر نه ملندا، جيڪي پنهنجو ڊڪشن ۽ لهجو قائم ڪري سگهيا هوندا. ائين اياز ۽ تنوير جهڙن ديو قامت (Giant) شاعرن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجو ڊڪشن ۽ لهجو قائم ڪرڻ معمولي ڳالهه نه آهي. ۽ ادل سومري ۽ اياز گل ائين ڪري ڏيکاريو آهي. ادل جي دوهي، بيت، وائيءَ ۾ ويندي غزل ۾ پنهنجو آهنگ ۽ ترنم آهي، جيڪو شيخ اياز جي لفظن ۾ هن ”پنهنجي اندر جي آواز مان اُڀاريو آهي.“ ادل سومري جي دوهن مان درازن جا دوها، ميرواهه جا وڻ، پُڇن ٿا (تنوير عباسيءَ جي ياد ۾) عنوانن وارا دوها، الائي ڪيترن نوجوانن لاءِ اُتساهه ۽ اثر جو ڪارڻ بڻيا آهن. اهڙيءَ طرح ”مرڪيو ڀٽ ڌڻي“ عنوان وارن بيتن ۾ ادل سومري جنهن ڪاريگريءَ، فني سٽاءَ ۽ تسلسل سان ”شيخ اياز“ جي ڪتابن جي ”نالن“ جي اُڻت ۾ جيڪي بيت لکيا آهن، اُنهن جو به خوبصورت تتبع ٿيو آهي، ڪٿي بيت جي هيئت ۾ ته ڪٿي ڪنهن ٻئي فارم ۾. اها ڳالهه هڪ شاعر جي پختگي، مقبوليت ۽ پنهنجي دؤر تي اثر ڇڏڻ جي حوالي سان ڳڻپ ۾ اچڻ جوڳي آهي، ڪجهه مثال:

مُلان، پنڊت، گُرؤَ جو آهي، اڻپورو وشواسُ،
رُتبن کي ٺُڪرائي ڪر تون، سچل جو اڀياس،
 

جڏهن درازن ۾ ڪاتاريون، گُل هڻي گذرن
گيڙو رنگ جا پوپٽ عاشق آتڻ ۾ اُڏرن!

(درازن جا دوها)

پوپٽ جهڙيون ڳالهيون جنهن جون، گُلڙن جو اندازَ
ٻُرندي ٻُرندي ماٺ ويو ٿي، ڪوئي سُريلو سازَ
 

موتئي جهڙو ماڻهو، جنهنجو پيار نگر ۾ پيرُ
گُلن سان گڏ جنهن چاهيو ٿي، ڪنڊن جو ڀي خيرَ
 

ڪڪرن جهڙيون سارون تنهنجون، ڇانوَ سمورا گسَ
ڪيڏا تون تنوير! ڇڏي وئين، ڏاهپ وارا ڏسَ

(ميرواهه جا وڻ پڇن ٿا)

 

ڪي جو ٻيجل ٻوليو، گونجي ٿو آواز،
هڪڙو ”شيخ اياز“ سڏڪا ساريءَ سنڌ جا!
 

ڪيڏا اڄ ڪراڙ ۾! جَر ڏيئا جهمڪن،
ويٺا ڳالهيون ڪن، شاهه، اياز پاڻ ۾!

(مُرڪيو ڀٽ ڌڻي)

          نه رڳو اِها منهنجي راءِ آهي، پر شيخ اياز کان وٺي اُستاد بخاري ان راءِ جو هو ته جيسين تائين ڪو سنڌي شاعر پنهنجي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو مطالعو نه ٿو ڪري، اُهو ڀرپور شاعري نه ٿو ڪري سگهي. ادل سومرو ان ڏس ۾ نه رڳو قديم ڪلاسيڪي شاعريءَ کي پڙهي ۽ ڪڙهي چُڪو آهي، پر جديد ڪلاسڪ جو درجو حاصل ڪندڙ شاعرن جي صحبت ۽ شاعريءَ جو مطالعو رکي ٿو. نه رڳو ايترو پر پنهنجي ماضيءَ جي ورثي جي وارثن ۽ همعصرن جي رکوالن سان پيارُ ڪري ٿو ۽ سندن احترام پڻ دل ۾ ڌاري ٿو. اهڙيءَ ريت هُو ”نئين ڪلاسيڪيت“ جو شيام، تنوير ۽ اُستاد کان پوءِ واري ٽهيءَ ۾ ڀرپور آواز آهي ۽ اها نئين ڪلاسيڪيت ادل سومري جي هر صنف ويندي، غزل تائين ۾ موجود آهي.

پنهنجي من کي تيرٿ ڪرتون، پنهنجي تند تياءِ
سارا روڳ اندر مان اُڇلي، محبت کي ڏي جاءِ!
 

ماڳُ فقيري دؤر اُنهيءَ کان اوندهه جو اَسٿانُ،
اکر اکر ۾ اُلجهي پئي ٿو، قاضيءَ جو ايمانُ!

(دوها)

 

وري پارِ توکي ئي وڃڻو آ سُهڻي!
هُو ميهار توڏي تري ڪونه ايندو.

(غزل جو شعر!)

روحَ ۾ سَوَ رنگ ٿا جاڳي پون،
شاهه! توکي مون جڏهن آهي پڙهيو.

(غزل جو شعر!)

          ادل سومري جي شاعريءَ جو گهرو مطالعو ڪبو ته هو نارائڻ شيام، تنوير ۽ اُستاد وانگر فطرت، منظرن، دلڪشين، دلبرين، عڪسبندين، نظارن، گلن، خوشبوئن، مهڪارن ۽ جماليات جو شاعر لڳي ٿو. اها ڳالهه هن جي بيتن، دوهن ۽ واين مان جهلڪا ڏئي، نکري نروار ٿئي ٿي. سندس ڪيترن بيتن ۾ هائيڪو، رنگ موجود آهي ۽ هائيڪو، اختصار، فطرت ۽ جماليات جي شاعري آهي.

          ادل سومري جا ڪجهه بيت:

سستن ڪتابن جو آ، صدر ۾ ميلو،
۽ هُو اڪيلو، کيسي کي جانچي پيو!
 

ٻُهاري رستن تي، ڦيري ٿي جمنا،
اُنهيءَ جا سپنا، ڌُنڌلا ٿي ويا ڌوڙ ۾!
 

بِل رکي ٽيبل تي، سوچي ائِن بيرو،
ڇا پڻ هي ڀيرو، خالي ويندو ٽِپ کان؟
 

سرڪاري پلاٽ تي، جوڙيل ڪچا گهر،
گهمي بلڊوزر، سڀ سُمهاريا پِٽ تي!
 

ڏيهاڙي ٿا ڪيترا، مُون ڏي خط اچن،
اکيون پر ڳولن، تُنهنجي ئي تحرير کي!

          هي سڀ بيت، هائيڪو عڪس آهن ۽ ٿوريءَ تبديليءَ سان خوبصرت هائيڪو ٿي پوندا: مثال طور:

          صدر ۾ ميلو،

          کيسو خالي، سستا ڪتاب

          ۽ هُو اڪيلو!

*

          ٻُهاري، جمنا،

          ڌُنڌلا ٿي ويا ڌوڙ ۾،

          اُنهي جا سپنا.

*

          بِل، ٽيبل، بيرو،

          خالي ويندو ٽِپ کان،

          ڇا هي پڻ ڀيرو؟

*

          ڊاٺا ڪچا گهر،

          سرڪاري پلاٽ تي

          گُهمي بلڊوزر.

*

          ڪيڏا خط اچن،

          تُنهنجي ئي تحرير کي،

          اکيون پر ڳولن.

 

ڪجهه واين ۽ دوهن جون سٽون، ادل سومري جي فطرت جي شاعريءَ ۽ جماليات جي وڏي ساک ڏين ٿيون!

          پوپٽن جون محبتون!

          ۽ گلن سان دوستي،

                   شاعريءَ مون کي ڏني آ!

*

          ڄڻُ ته پنهنجي خواب وانگر

          هُوبهو مون کي لڳي،

                   رات مون روهڙي ڏٺي!

*

          تُنهنجي سينڌ پرين!

          پيار ڏي ويندڙ ڪو،

                   رستو ڄڻ آهي!

*

          درسنيءَ جي دل اندر

          دلبريون پنهنجون سمائي،

                    ڪامڻيون ڪاڏي ويون!

          راڳ کي روشن ڪري،

          روح ۾ رستو بڻائي،

       ڪامڻيون ڪاڏي ويون!

*

باک ڦٽيءَ جو، لات پکين جي، ٽلين جو آوازُ،
ماڪ پنن تي، گيت چپن تي، واءُ وڄائي سازُ

*

رات رُني هئي تنها ڪڪري، ڇوڙي پنهنجا وار
پکي به جاڳيا، پن به جاڳيا، جاڳي پيا ها ڏارَ

*

سمنڊ ڪنارا، چنڊ ستارا، دلبر جون نظرون
پيرن کي ڪتڪايون پائن، ريشم جان لهرون

*

          مُون ادل سومري کي بيت، دوهي ۽ وائيءَ جو شاعر سڏيو آهي. هُن جا اڳ به غزل ڇپيا آهن، پر هن ڪتاب ”وساري نه ڇڏجو“ ۾ هن جا 68 غزل آهن ۽ اُنهن غزلن جو اڀياس ڪرڻ سان ادل سومرو، غزل جو به اوڏو ئي وڏو شاعر لڳي ٿو، جيڏو وڏو هو بيت، دوهي ۽ وائيءَ جو شاعر آهي. هن جي غزل واري سڃاڻپ ڪا آءٌ متعارف نه پيو ڪرايان، هُن سنڌي شاعريءَ کي اڳ به منفرد غزل ڏنا آهن. هنن غزلن جو اڀياس اسان تي اها حقيقت ظاهر ڪري ٿو ته ادل پنهنجي تجربي، جذبي ۽ مشاهدي جي سچائيءَ سان فن ۽ فڪر ۾ توازن کي جوڙي غزل لکيا آهن. سندس غزل جو لهجو سادو ۽ عام فهم آهي، اُبهام ۽ مبهمتا ان ۾ عدم موجود آهي. پراڻو غزل گهڻو ڪري رڳو علم عروض جي بحر ۽ وزن تي لکيو ويندو هو، پر جديد شاعرن ماترڪ ڇند ۾ به غزل لکي، اُن جي سونهن، نزاڪت، دائري، زمين، انداز ۽ پيشڪش کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. غزل جا بنيادي طرح ٻه پهلو يا رُخ ٿيندا آهن. (1) فني يا ٽيڪنيڪي جوڙجڪ (Structure)، جنهن ۾ وزن / ڇند، قافيو ۽ رديف اچي وڃي ٿو، ۽ (2) شعري سٽاءُ، اسلوب يا لهجو، جنهن ۾ خيال ۽ اظهار ڳڻي سگجي ٿو. فني يا ٽيڪنيڪي جوڙجڪ ۾ قافين، رديفن، وزن يا ڇند جي نواڻ پيدا ڪري سگهجي ٿي، پر اُن جي هيئت يا فارم تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. مطلعو (ٿلهه)، ٻن سٽن تي آڌارت بند، شاهه بند يا مقطعو بدلائڻ جي گنجائش غزل ۾ موجود نه هوندي آهي، البت خيال، اظهار، احساس، اسلوب ۽ لهجي سان ئي نئون غزل يا غزل ۾ نواڻ آڻي سگهجي ٿي.

          ان حوالي سان ادل سومري جي غزلن جو جائزو وٺنداسون ته هن وٽ عروضي ۽ ماترڪ ڇند جا اُهي ئي وزن ۽ ماپا موجود آهن، جيڪي نئين ٽهيءَ جي ٻين شاعرن وٽ به موجود آهن. پر اردو ۽ فارسي جا اهڙا ڏکيا وزن، جن ۾ شاعري ڪرڻ ڪاريگري يا مهارت تصور ڪئي ويندي هئي، ادل ڌڪي دور ڪيا آهن ۽ هن ثابت ڪيو آهي ته اها مهارت مصنوعي ۽ بي اثر آهي، اصل مهارت خيال ۽ اظهارِ بيان ۽ پيشڪش آهي. هن عروضي وزن ڪم آڻيندي سُر ۽ جهونگار کان ڪم ورتو آهي، جنهن ڪري ڪافيءَ جي ڪلام جي ڪلاسيڪي شاعرن وانگر ڪٿي ڪٿي ڪي پد گهٽ وڌ ٿين ٿا. جنهن طرف کيس توجهه ڪرڻ گهرجي. سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جي مختلف حالتن مان گذري سنڌي شاعرن غزل ۾ خيال جي اهميت ۽ اظهار جي سگهه ۾ ڪافي وسعت ۽ ڪشادگي آندي آهي. اڳي جيڪو اظهار مبهم ٿيندو هو، اُهو هاڻي صاف ۽ سادي نموني اظهارجي ٿو. سادو اظهار نئين غزل جي سڃاڻپ آهي، شخصي ۽ سماجي زندگيءَ جا احساس ڀلي ڪيترا گهرا هُجن، پر اُنهن جي اظهار ۽ ادائگيءَ جو بيان سادو ۽ عام فهم اڄوڪي غزل جو خاصو آهي. ان حوالي سان ادل سومري جو غزل، پنهنجي دور جي ٻوليءَ سان گڏ اظهارجي سادگي کڻي آيو آهي:

ڪي پنهنجا، پرايا جنم ڏينهن تي،
وري درد آيا، جنم ڏينهن تي!

*

هر ڪو جُملو ڄڻ ته حملو ٿو ڪري،
دوستيءَ جو هي نٿو لهجو لڳي!

*

ڪيترا آهن دُکي شاعرَ مگر،
گيت تُنهنجائي چون ٿا زندگي!

*

بادل جي دلداريءَ تي،
ٿري سُمهي پيو واريءَ تي!

          غَزل جو هي لهجو، سادو ۽ عام فهم آهي، پر خيالَ، فڪر ۽ جذبي جي گهرائي اُن ۾ موجود آهي. جنم ڏينهن جي موقعي تي پنهنجن ۽ پراين دردن جو اچڻ، هر جُملو حَملو معلوم ٿيڻ، دُکي شاعرن جو زندگيءَ جا گيت چوڻ، بادل جي دلداريءَ / آسري تي ٿَريءَ جو واريءَ تي سُمهي پوڻ، اهڙا خيال، احساسَ، جذبا، مُشاهدا آهن، جيڪي گهرا هوندي به سادا ۽ عام فهم آهن.

          ادل سومري کي خبر آهي ته اڪثر شاعرَ ”پرائي زمين“ ۾ شعر لکي پاڻ کي پڏائيندا ۽ پنهنجون ساراهون ڪرائيندا آهن، پر اِهو تتبع، شاعر جي انفراديت جو قاتل آهي، تڏهن ته هُن چيو آهي:

 

غزل ٿو لکين ۽ پرائي زمينَ،
نئين ڳولِ پنهنجي تون ڪائي زمينَ!
 

          ادل، غزل جي شاعريءَ ۾ به پنهنجي ورثي، تاريخ، ماضيءَ سان رابطو نه ڇنو آهي، ۽ موجوده دؤر جي درد ۽ زميني حقيقتن کي اُن سان سلهاڙي بيان ڪيو آهي:

پارڪر جي مورَ جي هر دانهن ۾،
روپلي جي رُوح جي آهي صدا.

*

اڃا سنڌ! ڇا لئه نهارين ٿي واٽُون،
هُو مالهي، اُتم ۽ هري ڪونه ايندو!
 

          ”پارڪر جي مورَ جي رڙ ۾ روپلي جي صدا“ محسوس ڪرڻ، پنهنجي ماضيءَ جي
حبِ الوطنيءَ جي روايت سان موجوده دؤر جي ڏاڍاين جو تسلسل ملائي، اَدل، جنهن ”وقت جي سنيهي“ کي اظهاري ٿو، اُن مان سندس ڌرتيءَ سان وابستگي ۽ درد جو احساس پڌرو ٿئي ٿو.ورهاڱي جي دردَ کي جنهن شدت سان نئين ٽهيءَ، محسوس ڪيو آهي، اُن جو اظهارُ، ادل ”هُو مالهي، اُتم ۽ هَري ڪونه ايندو“ واري بند ۾ ڪيو آهي. اهو اهڙو درد آهي، جنهن کي گوبند مالهي، اي. جي. اُتم ۽ هري دلگير جون دليون ئي محسوس ڪري سگهيون هونديون. گوبند مالهيءَ 41 سالن جي وڇوڙي کان پوءِ سنڌ جو درشن ڪيو، اُتم 16 سالن بعد سنڌ ڏٺي، پر زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ڏسڻ جي آسَ اکين ۾ سمائي، ڏوُر ڏيهه هليو ويو، جڏهن ته هري دلگيرُ، 46 سالن جو وڇوڙو نيڻن جي ماڻڪين ۾ اوتي، اوڏانهن هليو ويو، جتان ڪو وريو نه آهي.

          ادل سومري جي غزلن ۾ پنهنجي دور جي ٻولي ۽ استعارا ملن ٿا، جيڪا ڳالهه ئي شاعريءَ، خاص ڪري غزل جي انفراديت ۽ زندگيءَ جو ثبوت آهي.

دِل به تُنهنجي شهر جي ديوار جان،
هر ڪو پنهنجو پوسٽر هڻندو رهيو!
 

پاڻ ٿو پنهنجي ڪري واکاڻَ هُو،
آدمي ڪيڏو نه ٿو هَلڪو لڳي!
 

مسجد ۾ مايوسي آهي،
۽ مندر آ خوف ۾ ورتل!
 

ماڻهن تائين پهچڻ آخر ڪيئن ڀلا،
گيتَ اسانجا تمغن ۾ جو اٽڪي پيا!
 

سدا مهڪ موتئي جي نچندي رهي آ،
اسان جي اڱڻ ۾ ڦُٽيون ڪيئن گوليون؟
 

مُنهنجو هانءُ وڃي ٿو ٻُڏندو،
درياهن ۾ پاڻي ڪونهي؟

          دل جو محبوب جي شهر جي ديوار وانگر هجڻ، جنهن تي هر ڪو پوسٽر هڻندو رهي. هي اظهار بنهه نئون، انوکو ۽ اَڇُت آهي. اڄڪلهه نون چئنلن تي ”برک ڏاهن“ جي پاڻ پڏاءَ ٻڌي، ادل جي غزل جو هي بندُ ڪيڏو نه حقيقت جو بيان ٿو لڳي:

پاڻ ٿو پنهنجي ڪري واکاڻَ هُو،
آدمي ڪيڏو نه ٿو هلڪو لڳي!

          موجوده دؤر ۾ بُنياد پرستيءَ، واري لاڙي جي وڌي وڃڻ، مسجدن، امام بارگاهُن، چَرچُن ۽ مندرن جي ”امن ۽ پناهه گاهه“ واري حيثيت متاثر ٿيڻ کي محسوس ڪندي ادل ”مسجد ۾ مايوسي ۽ مندر خوف ۾ وتل“ جا استعارا خلقيا آهن. هِن اُن حقيقت جو پڻ ڪيڏن نه پُر اثر لفظن ۾ اظهار ڪيو آهي ته اديبن جون تخليقون عوام تائين اُن ڪري پهچن يا مقبول نه ٿيون ٿين، جو اُهي ”تمغن“ جون محتاج ٿي ويون آهن، اَها سِنڌ، جِتي هميشه موتين جي مهڪار هوندي هئي، گلابن جي هُٻڪار سان من واسبا هئا، فضا ۾ سِرنهن ۽ سَرنهن جي ڦولن جون هڳساڻون هونديون هيون، اُها ڌرتي گولين، ڪُهاڙين ۽ بارود وسيلي رت ۽ باهه ۾ وهنجي رهي آهي ته حساس دل شاعر، ڇونه اهڙا بند سرجيندو ته:

سدا مَهڪ موتئي جي نچندي رهي آ،
اسان جي اڱڻ ۾ ڦٽيون ڪين گوليون!

          ”سنڌو درياهه“ ۾ پاڻي نه آهي، اها صورتحال ڏسي، حساس دل شاعر جو هانءٌ نه ٻُڏندو ته ٻيو ڇا ٿيندو. ادل سومري سماجي، زميني ۽ شخصي حقيقتن کي غزل جي پيرائي ۾ ڏاڍو فنائتي ۽ فڪري توازن سان پيش ڪيو آهي. شاعر به انسانُ آهي، اُن جي اندر جا به ڪي اُڌما، ڪي احساس آهن. هُو ٻاهرين دنيا جي مشاهدن سان گڏ اندر جي دنيا ڏانهن به جوابدار آهي، تڏهن ته ههڙا غزل جا بند لکي سگهيو آهي:

هُن جي آڏو استعارا سڀ هوندا هئا شرمسار،
هُن جي گهر ۾ ڄڻ ته ٻانهي شاعري هوندي هُئي!

*

زندگي توکان سواءِ به مان گُذاري ٿو سگهان،
خط ۾ جملو لکي پو آڱريون سوچڻ لڳيون!

*

زندگي مون کي منجهائي ڪين هُئي ڪنهن پل سگهي،
سُونهن جي مون کي سدائين رهبري هوندي هئي!

*

سارنگيءَ جي سيني جهڙو
مون ۾ درد سمايل آهي،

*
سُونهن جي هڪ سانوڻيءَ موهي ڇڏيو،
واٽ ويندي ڪامڻيءَ موهي ڇڏيو!

*

          ادل سومرو سُونهن ۽ سنڌ جو شاعر آهي. سونهن آڏو سمورا استعارا شرمسار آهن ۽ شاعري، سونهن جي ٻانهي آهي. هن قسم جا حسين خيال سرجڻ وارو شاعر اندر جو ڪيڏو حسين هوندو، اوهان ان جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. زندگيءَ جي مونجهارن ۽ مشڪلاتن وقت، جنهن شاعر کي سونهن جي رهبري حاصل هجي ته پوءِ ڇونه ههڙي شاعري ڪندو.

سِجَ صُبح جو در اچي کڙڪائيو،
رات ساري درد جا گذري وئي!

*

ڪنهن به مون کان نانءُ جي آهي پُڇيو،
نانءُ تنهنجو ئي اُچاري ٿو اچان!

*

ساهَه ۾ ويساهُه ڪيڏو آهه پر،
سنڌ کان پياري ڪبي ڇا زندگي!

*

          سُونهن ۽ سنڌ سان هيءَ ڪمٽمينٽ ئي ادل سومري جي سڃاڻپ ۽ ادل سومري جي اَمۡرتا آهي! شال! ان واٽ تي هلي، اڃا به سهڻيون تخليقون سرجيندو رهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com