سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2013ع

مضمون

صفحو :15

آزاد قاضي

غزل

اچو يار سنڌڙيءَ سان ناتو نڀايون،

ڪري فرض پورو، سڀن کي ٻُڌايون.

سڀن کي سڏي ۽ سڀن کي گڏي،

ٿي آواز هڪڙو، وري وک وڌايون.

هي ذاتيون ۽ پاڙا سڃاڻپ جا آهن،

سڀئي سنڌ واسي سنڌي ٿا سڏايون.

موهن جو دڙو آ، اسان جي قدامت،

فخر مان انهيءَ کي اسان ٿا پڏايون.

نفرت حقارت، جا جهڳڙا ڇڏي هي،

اچو يار گڏجون، سڀن کي گڏايون.

هُو ڪمزور ڪاهل ۽ هيڻو چون ٿا،

ڪيون يار ثابت، ائين پاڻ ناهيون.

وڏي جهد، جاکوڙ، ڪوشش ڪري،

انهن کي ٻُڌايون، اسان يار آهيون.

سڏي ساٿ سارو، هٿ هٿ ۾ ڏيئي،

اچو ڪوٽ قهريءَ تي گڏجي ٿا ڪاهيون.

امڙ سنڌ آهي، انهيءَ سان ڪو ليکو،

ڪري فرض پورو، اچو قرض لاهيون.

ڪري ڏاڍ جيڪو انهيءَ کان نه ڊڄبو،

انهيءَ ساڻ سينو سدائين ٿا ساهيون.

غزل

 

حق جي صدا کي گهَرِ گهَرِ پڄائي وڃون،

همٿ ڪريو، گڏ ٿيو، هڪ وک وڌائي وڃون.

 

اتفاق آهي طاقت، اتحاد ۾ قوت آ،

اتفاق سان چمن ۾ رونق لڳائي وڃون.

 

ڪمزور پاڻ ناهيون، همٿ رڳو کپي ٿي،

همٿ ڪريو ته پنهنجا ڪي نقش ڄمائي وڃون.

 

ڪيڏا ڏسو ته آمر، ظالم هتان هليا ويا،

پر پاڻ پوءِ به آهيون سڀ کي ٻُڌائي وڃون.

 

هر روز هت اسان کي ظالم لُٽن ڦُرن ٿا،

اڄ پاڻ ڇو نه گڏجي تن کي مٽائي وڃون.

يوسف سنڌي

 چونڊ پرڏيهي شاعريءَ جا ترجما

شاعر: فاضل حسنودا گلارڪا (ترڪي)

(1)

پکي

آوازن جا ڏينهن جي پُڄاڻيءَ تائين

محبت ۾ ترجما ڪن ٿا.

(2)
او شخص

جنهن سان اسين محبت ٿا ڪريون

پاڇو آهي

اسان جي چهري جو

مستقبل ۾!

(3)

اسان جون اکيون

اُن پڇاڙڪي رات جو

فقط هڪ ڀيرو جاڳن ٿيون

اسان جي مرڻ کان ٿورو اڳ!

(4)

جيستائين لفظ موجود آهن

موت ڪنهن کي به فنا نٿو ڪري سگهي

اسان جا هٿ

لفظن جي هٿن ۾ جيئرا آهن

اسان جا پير

لفظن جي پيرن ۾ جيئرا آهن

 (5)

منهنجي محبت

هڪ پراڻو سفر

هڪ هزار سال اڳيان نڪري ويو آهي

ڪنهن به منزل تي پهچڻ کان سواءِ

شاعر: اوزويمير آصف (ترڪي)

مون کي

ڪنهن اهڙي ڪوڙ جو يقين ڏياريو

جنهن جي سچائي

منهنجي سڄي عمر قائم رهي.

شاعر: ڪارلوس ني جار (برازيل)

رت جي اُلٽي

منهنجي جدوجهد

روڪي نٿي سگهي.

شاعر: ڪسم اگرج (هندستان)

(1)

مون کي ڇا گهرجي

سمجهه ۾ نٿو اچي

ڪٿي آهي ”هو“

ڪٿي ملي ئي نٿو

”ڪٿي“ ۽ ”ڇا“ جي ان گهري اونداهيءَ ۾

جيڪو آهي

اهو به نظر نٿو اچي.

(2)

مڊل ڪلاس جا

هزارين مسئلا هوندا آهن

پر

هڪ ڀيانڪ ڏکيائي آهي

وڏي ڊپ ۾ رهندا آهن

هڪئي سوال کين پريشان ڪندو آهي

ته چانهه ڪوپ ۾ پيئڻ گهرجي

يا ساسر ۾!

(3)

جيئڻ جي بددعا سان گڏ

موت جي هڪ دعا به آهي

هن اونداهي رستي تي

روشن هڪ چتا به آهي.

مرزا ڪاظم رضا بيگ

غزل

اچي هو منهنجو اڄ مهمان ٿيندو،

يقيناً مشڪل اڄ آسان ٿيندو.

ڪو منهنجي درد جو درمان ٿيندو،

ٿئي هو مهربان، امڪان ٿيندو.

هلي ويندس مہِ ڪامل جي گهر ۾،

سڄڻ جو شان عاليشان ٿيندو.

رخِ محبوب کي ڏسندس پيو جو،

ترو تازه سندم ايمان ٿيندو.

سندم دل جو ٿيو سو قصئهِ غم،

عجب افسانو جو عنوان ٿيندو.

غمِ جانان سان آهي آهِه سوزان،

محبت جو اهو سامان ٿيندو.

ملائيندو نگاهن سان نگاهون،

اگر احساسِ حفظِ جان ٿيندو.

ندر ڪيو پل جي لئه مرگِ محبت،

ولي ڪو زيست جو سامان ٿيندو.

سدا شمس و قمر شام و سحر پڻ،

رخٻ محبوب تان قربان ٿيندو.

ڏسي زاهد جي هٿ ساغر ته ڪافر،

مسلمان ڀي مگر الآن ٿيندو.

اکين ۾ اشڪ لب تي سرد آهون،

ڏسي هئين مون کي شادان ٿيندو.

چيم زلفِ دوتا دلبر جا ڏسندي،

شبِ ظلمت سندو سامان ٿيندو.

رهي ٿو ڀروسو مولا تي منهنجو،

جو مشڪل پوندو سو آسان ٿيندو.

ٿي شادان آهي دل اڄ منهنجي ڪاظم،

جو گهر منهنجي سڄڻ مهمان ٿيندو.

قطعا

محبوب به مرغوب به پيارو مهراڻ

ٿيو سنڌ جي واسين جو سهارو مهراڻ

جنهن سنڌ سڄي کي ڪيو آهي روشن

ڪاظم اهو روشن ٿيو تارو مهراڻ.

تاريڪ ادب لاءِ اُجالو مهراڻ

دنيا ۾ انوکو ۽ نرالو مهراڻ

ٿيو کاڻ هي مضمونن ۽ شعرن جي

ٿيو ساقيءَ مهوش جو پيالو مهراڻ.

هرڪو پڙهي دل ساڻ ٿو هر هر مهراڻ

ٿيو سڀني رسالن کان فزون تر مهراڻ

ڪاظم جي دعا آهي اها شام و يگاهه

هر شهر جي هر گهر ۾ ڪري گهر مهراڻ.

خدمت کان نه پنهنجي آهي قاصر مهراڻ

۽ آهي ٿيو فرحتِ خاطر مهراڻ

ٻيا ڪيترائي سنڌي رسالا آهن

پر آهي سڀن کان ٿيو بهتر مهراڻ.

جنهن کي به ڏسو دل سان نثارِ مهراڻ

خوش رنگ خوش آهنگ بهار مهراڻ

منشور به منظوم به پڻ باتحقيق

بس خوب ٿيا نقش و نگارِ مهراڻ.

سڀني جي لئي آهي پيامي مهراڻ

پر ڪجهه به رکي ڪانه تو خامي مهراڻ

هي علم و ادب جوئي خزانو ڪاظم

ٿيو قوم سڄي لاءِ سلامي مهراڻ.

انوارِ خداداد جو سامان مهراڻ

پوشيده نه آ بلڪ نمايان مهراڻ

ڏينهن جو آ تجلي اگر غيرتِ مهر

پڻ رات جو رشڪِ مہ تابان مهراڻ.

ممڪن نه ٿي ڪاظم ته ثنائي مهراڻ

جو سنڌ سڄي آهي فدائي مهراڻ

ڏيکاريا اديبن جو ڪمالِ تنظيم

مهراڻ ٿيو خود محوِ لقائي مهراڻ.

 امر کُهاوڙ

غزل

هر طرف هُونءَ رات جو ڪيڏو هراس هو!

نڪتو سفر تي چنڊ، ته رستا ٻرِي پيا.

جنهن پل حواس قوم جا ڌُنڌلائجي ويا،

تنهن پل ڪَوِي جي ڏات جا ڏيئا ٻري پيا.

ڦُوٽُو ٻه ٽي کڻي جو مون تنهنجا ٽنگي ڇڏيا،

قبرن جِيان هُيا جي، سي ڪمرا ٻري پيا.

تنهنجي گهٽيءَ ۾ مون مٿان ڪيڏا نه وار ٿيا،

هُئا ڪيئي منهنجي خُون جا قطرا ٻري پيا.

تنهنجي هٿن، ڳلن ۽ لَبن جو ذڪر ڪيم،

سڀ ڊائري جي ورق تي دوها ٻري پيا.

هِي ڪيفيت وصل جي گهڙيءَ ۾ رهي امر!

لُونء لوُنء ۾ ڄڻ ته سج جا ڪِرڻا ٻري پيا!

غزل

هُو ڪڏهن زندگي جِيان آهي،

۽ ڪڏهن خودڪشي جِيان آهي.

ڌار ان کان رهي ڪٿي سگهبو!

سنڌ جِي هو مِٽي جِيان آهي.

پاڻ کان پاڻ ئي اَڄاتل هُون،

زندگي اجنبي جِيان آهي.

هانءُ سَڙندو ٺري به ٺرندو ڪيئن،

رات ڀي ڌرتتِي جِيان آهي.

رات اُوندهه به ٿي ته ڇا ٿيندو!

ياد تنهنجي بَتَي جِيان آهي.

ٿو ڪيان چاهه جو سفر اُس ۾،

آس سر تي ڇَٽي جيان آهي.

ساٿ پنهنجو ”امر“ ٽُٽي مشڪل،

کِير ۾ کنڊ پَتِي جِيان آهي!

مفتون ڪورائي

غزل

حُسن رنگين شاعري آهي،

يا گُلابن جِي نرسري آهي!

لُڙڪ تنهنجا هزار رنگن جا،

مسڪراهٽ به مَرڪرِي آهي!

چنڊ پائي پيو لِڪي لِيئا،

ڪنهنجي توکانسواءِ سرِي آهي!

توکٽيو، هاريو سدا مُون آ،

پو به احساس برتري آهي!

سُور سؤ تي ڇِڪي رکيو ڪانٽو،

شوق مانجهي نه مستري آهي!

روز جلسا جلوس جذبن جا،

عشق اُڌمن جي فئڪٽري آهي!

درد سگريٽ پيو ڇڪي مُٺ تي،

توکان پُڳي نه دلبري آهي!

آءٌ ”مفتون“ ماڻهپو موکيون،

لوڙ ڌرتيءَ کي دلبرِيءَ آهي.

غزل

بي رُخي جي هِي باهه ساڙي ٿي،

اڄ ته تنهنجي نگاهه ساڙي ٿي.

ماٺ ڪريان ته ٿو ٿِيان مُشرڪ،

آهه ڀَريان ته آهه ساڙي ٿي.

داد برباد دل گهُري ڪهڙو!

هر ٺَلهي واهه واهه ساڙي ٿي.

ياد دونهين جِئان دُکي دل ۾،

مِک هڏن جِي ۽ ماهه ساڙي ٿي.

پير ٺرندا هئا ڪڏهن جنهن تي،

ڇو اُها هاڻ راهه ساڙي ٿي.

دوست اُتساهه ٿا ٿين ليڪن،

اڄ ته سنگت به ساهه ساڙي ٿي.

ڪاهه ”مفتون“ دل تي دردن جِي،

هر وسيلو ۽ واهه ساڙي ٿي.

 

دوست سومرو

بيت

هڪ رسالو شاهه جو، ٻي تو پيشاني،

منهنجي حيراني، پڙهندي پوري نه ٿئي.

* * * * *

ڌرتي ۽ سرتي منجهان، ڪا جي چونڊيان هڪ،

چوان سرتي! سڪ، ڌرتي رکان ڌيان.

* * * * *

جکرا کڻندا جُوءِ لئه، جوکو مَٿي جان،

مِٽي سندو مان، مَٿي ٿيندو موت سان.

* * * * *

آزادي جي پيچرن تي جي ڪرين پنڌِ،

تان مان کڻي ڪنڌ، سونهان سرتين وچ ۾.

* * * * *

سونهن جي سنسار سان منهنجو پيار، پريت،

هي جي منهنجا گيت ڪنول ڄڻ ”ڪراڙ“ ۾.

* * * * *

اڇا ڀي ڀاڳن مَٿي ڀاڙين ٿو ڀاڙِي،

مقدر ڪا ماڙي، ڪنهن لئه ٺاهي ڪينڪي.

* * * * *

هڙتالُن، ڌرڻن منجهان، ڪنهن کي مليو ڪي نه،

جانور جيان جِي نه، ٿورو اڳتي سوچ ڪي.

* * * * *

”سورهيه!“ تنهنجي سنت تي هلن پيا سڄاڻ،

متان سمجهين تون مُئين، ڪائنرن جي ڪاڻ،

لهو جي لالاڻ، رڱي تنهنجي راهه کي.

* * * * *

جي تون سمجهين پاڻ کي ”هادي“ سندو حُر،

هيڻن جي حقن ڪري، ڀونءِ مٿي ڀُر،

چاري انهي چُر، جو ”سورهيه“ ورتو سنڌ لئه.

مون سان پنهنجي پيار جي، ڪجان پوءِ پچار،

پهرين منهنجي ديس جو هڪ اڌ ويري مار،

توکي سڀ ڄمار، لکي ڏينديس لاڏ سان.

وائي

ماڻهن ٻاريا ڏيئڙا،

پاڻ ته ٻاريا نيڻ،

آيا ڏياري ڏينهڙا.

پور پگهارن ٿا ائين،

جيئن پگهري ميڻ،

آيا ڏياري ڏينهڙا.

ساهه ۾ سُور سمائيو،

چاهه چورايو چئن،

آيا ڏياري ڏينهڙا.

دردن دوڌ دکائيو،

اڃا تون آئين نه،

آيا ڏياري ڏينهڙا.

دوست جي ٻُڌ دادلا!

سائين سانگي سئن،

آيا ڏياري ڏينهڙا.

هائيڪا

ڪيڏي سرنهن سونهن،

پيلا گل ۽ ٻارڙا،

ڪن ٿا روح ورونهن.

 

ڪيڏو وڻندو آن،

جڏهن سنڌو ديش جو،

نعرو هڻندو آن.

ٽيڙو

ڪائي قوم ٻڌاءِ،

جيڪا آجي ٿي هجي،

وڙهڻ کانسواءِ.

 

پريم پتافي

نظم

لتاڙجي پئي زندگي،

ڪڏهن ته ڪنهن جي چاهه ۾،

ڪڏهن ته ڪنهن ويساهه ۾،

ڪڏهن ته ڪنهن نِڀاهه ۾،

قدم قدم تي راهه ۾.

چيٿاڙجي پئي زندگي،

لتاڙجي پئي زندگي.

ڪٿي بکئي جي پيٽ ۾،

ڪٿي ته ڪنهن علاج ۾،

ڪٿي مهانگي ريٽ ۾،

ڪٿي رڳو وياج ۾،

بُري انهي سماج ۾،

اُڳاڙجي پئي زندگي،

لتاڙجي پئي زندگي.

ڪٿي پئي ٿي ڳائجي،

ڪٿي اکين سمائجي،

ڪٿي پئي نچائجي،

طرح طرح جي روپ ۾،

اگهاڙجي پئي زندگي،

لتاڙجي پئي زندگي.

ڪڏهن ته تخت تاج تي،

ڪڏهن ته آهه دار تي،

ڪڏهن ته ڪربلا جي پڙ،

ڪڏهن ته ڪنهن جي پيار تي،

خوشي خوشي نڀائجي،

۽ پاڙجي پئي زندگي،

لتاڙجي پئي زندگي.

لتاڙجي پئي زندگي.

 

غزل

 

هر شخص فنا آهي،

پر فن کي بقا آهي.

 

ايمانُ بچايون شل!

ٿيو شخص خدا آهي.

 

بي فيض رهيا ناهيون،

جيجل جي دعا آهي.

 

مٽيءَ مان ٿيل پيدا،

فطرت جو لقا آهي.

 

اڄ سوڳ ۾ ٻيهر ڏس،

”زينب“ جي ردا آهي.

 

ڪَرتُوت هي ماڻهو جا،

ابليس خفا آهي.

 

ڇڪجي ٿا وڃن ماڻهو،

جنهن طرف هوا آهي.

 

آدم جي حصي ۾ ڀي،

هڪڙي ئي خطا آهي.

 

’ڪوثر‘ هالائي

شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا

(نظم)

پويان لڳلُ،

دُشمنن جو دوڌ هو.

تنهنجو قتلُ،

دُشمنن جو دوڌ هو.

هينءَ ڪٿي ڪو،

باغ آ ويران ٿيو،

مُور نه ڪو گُل،

دُشمنن جو دوڌ هو.

رت وهائي،

پنڊي توکي ڇا مليو،

شامَ جو پلُ،

دُشمنن جو دوڌ هو.

جيئري ۽ جاڳندي،

سنڌ ڇا ٿيئي،

سک ڦٽلُ،

دُشمنن جو دوڌ هو.

روان دوان هئي،

زندگي ماحول ۾،

بي جا دَخلُ،

دُشمنن جو دوڌ هو.

 

”جانب“ جوان سومرو

غزل

هردم ذڪر آ ذاتي تن ۾ تمام تنهنجو،

مدهوش ٿو ڪري پيو پيارا پيام تنهنجو.

ٿيو آ نه ڪوئي ٿيندو محبوب تنهنجي مَٽُ ڪو،

افضل عظيم آهي مٺڙا مقام تنهنجو.

پل ڀي رهيو نه پيارا واندو وجود منهنجو،

آهي روان رڳن ۾ ڪامل ڪلام تنهنجو.

هن دل تي ناهي ڪنهن جي دعويٰ دخل ذرو ڀي،

دل ٿي ڪري سدائين سجدو سلام تنهنجو.

ناهيان ڪهين ٻئي جو آهيان غلام اُن جو،

جيڪو سڏائي سهڻا گولو غلام تنهنجو.

روزِ ازل کان آهي سيني سڄڻ سمايل،

وسريو نه مُور مون کان نرمل آ نام تنهنجو.

ڏاڍي خوشي آ دل کي بيحد پرين بهاري،

جلوي سندءِ جو جاري ”جانب“ آ جام تنهنجو.

 

ڪافي

عشق جي آويءَ پَچا هُو،

قولين مور نه ڪچا هُو.

پاڻ وڃائي پاڻ م ڳولن،

هُو هُو جي هُو ٻولي ٻولن.

سخن پنهنجي سان سچا هُو،

اَلف سواءِ نه اَکر پڙهيا.

سِرَ سينگاري سوليءَ چڙهيا،

رمزي رنگ ۾ رچا هُو.

ديسئون آيا ديس وسائي،

سارو پنهنجو ساٿ سهائي.

محبت جي مَچ مَچا هُو،

عشق عبادت حرف حقيقت.

صادق سمجهي صاف شريعت،

نينهن جي نيزي نچا هُو.

قابو جن ڀي ڪِيرُ ڪيڙو،

هِتِ هُتِ تن جو ڪجهه نه ويڙو.

هردم هار کان بچا هُو،

”جانب“ جيءُ جلائي ڄاڻن.

ناتو توڙ نڀائي ڄاڻن،

اَهڙا عاشق اَڇا هُو.

قولين مور نه ڪچا هُو،

عشق جي آويءَ پچا هُو.

امتياز عادل سومرو

الميه لوڪ گيت

اَديون ڏسيو ڪنڌ کڻي ڪيئن گهمان!

ڀيڻ ڪهڙا ٽهڪ ڏيان ڪيئن کِلان!

اَدي مون تي ڏهاڙي

اُڀي آهي ڪهاڙي

جهلي آ پيءُ ڪياڙي

ڪُهي ٿو ڀاءُ ڀاڙي

ڪاري ٿي ٿي ڪُسان!

اَديون ڏسيو ڪنڌ کڻي ڪيئن گُمان!

سؤٽن سان جي ڳالهايان ٿي

ماساتن سان جي مرڪان ٿي

ته ٽُٽن آفتون ٿيون

۽ اٿن غيرتون ٿيون

وڌن نفرتون ٿيون

۽ ڪُسن چاهتون ٿيون

ڏوهه ڏسيندينءَ امان!

اَديون ڏسيو ڪنڌ کڻي ڪيئن گُمان!

شهرن ۾ نيلام ڪيو ويو

ڳوٺن ۾ بدنام ڪيو ويو

مان ڪهڙا ڳيچ ڳايان

مان ڪهڙا ويس پايان

مان ڪهڙو پاڻ ٺاهيان

مان خوشيون ڪيئن ملهايان

روز جيئان ٿي مران!

اَديون ڏسيو ڪنڌ کڻي ڪيئن گُمان!

عادل منهنجون ڪهڙيون عيدون

دردن ۾ دل دک ۾ ديدون

او منهنجي ڀيڻ پياري

آهيان ڏاڍي ڏکاري

ٻُڌان ٿي جُوءِ ساري

سڏي مون کي ٿي ڪاري

زهر ذرو پي ڇڏيان!

اَديون ڏسيو ڪنڌ کڻي ڪيئن گُمان!

اسان جو حال آ هيڻو قلندر رهنمائي ڪر!!

کپن منهنجي عقيدت کي قلندر! قرب جون نظرون

نه ئي ڪي نينهن منهنجي جون نيون آهن تقاضائون

نه ڪي پرديس يا پئسو نه ڪي شهرت گهري آ مون

سلامت منهنجي غربت منهنجي غيرت فرش تي رک تون

ڪٿي ٿو مان چوان تون عرش تي منهنجي رسائي ڪر!

اسان جو حال آ هيڻو قلندر رهنمائي ڪر!

هٿن جي ڌوڙ ڌرتيءَ تي ڇنڊيئون ٿا ته به تون ڇرڪين ٿو

رکين ٿو ڪنڌ تي ڪاتي ڪڇئون ٿا ته به تون ڪرڪين ٿو

اسان جي لڙڪ ٿا هاريون ته لڙڪن تي به مرڪين ٿو

اسان جي تون ڦٽن تي روز ويهي لوڻ ٻرڪين ٿو

اسان کي دؤر جا دادا! نه تون ايڏو توائي ڪر!

اسان جو حال آ هيڻو قلندر رهنمائي ڪر!

چوان ٿو ڪنهن طرح سان قهر جو بس ڪنڌ ڪٽجي پئي

ستم جو هر شجر پل کن ۾ جيئن پن پن ٿي پٽجي پئي

نٿو جي بيوسن ۽ بيڪسين جو بار گهٽجي پئي

رڳو من زهر جهڙين موسمن جو رنگ مٽجي پئي

ڀڳو ٽوڙهو ڪٿي ٿو مان چوان مصري مٺائي ڪر!

اسان جو حال آ هيڻو قلندر رهنمائي ڪر!

قلندر! اڌصديءَ جيڏو مون کي سوداءُ ٿي پيو آ

اکين سان ٿو ڏسان ڏاڍو ڏکيو پرچاءُ ٿي پيو آ

قلندر! ڇا ڪيان منهنجو وڏو جو ڀاءُ ٿي پيو آ

انهيءَ جو اَنَ پاڻيءَ تي مون سان ٽڪراءُ ٿي پيو آ

ڳلو پڪڙي ٿو چئي دانهون نه رستن تي اجائي ڪر!

اسان جو حال آ هيڻو قلندر رهنمائي ڪر!

اسين هن ٻاٽ جي ٻهروپ کان ٺڳجي ويا آهيون

اسين تاريڪ راهن ۾ وري ڦُرجي ويا آهيون

انڌيرن جي اسين احساس ۾ ڌڪجي ويا آهيون

الا! عادل صفا اونداهه مان اڙجي ويا آهيون

قلندر! ٻاٽ جو گهر گهاٽ ٻاري روشنائي ڪر!

اسان جو حال آ هيڻو قلندر رهنمائي ڪر!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com