ليکڪ: محمد رمضان “منهاس”
سنڌيڪار: مير محمد خاصخيلي
ڪاهو جو دڙو
(تاريخي آئيني ۾)
ميرپورخاص جي ويجهو ڪاهو جي دڙي
مان هٿ آيل اڍائي هزار سالن جي پراڻي گگهي.
ائين ته مهراڻ جي مٺڙي ماٿري جي تهذيب، دنيا جي
تمام قديم ۽ جهونين تهذيبن ۾ شمار ٿئي ٿي، ڇو ته
هتي دنيا جا عالم آشڪار اُهڃاڻ اڃا تائين به ڀِڙن
جي صورت ۾ موجود آهن.
”موهن جو دڙو“ جا شهرهء آفاق آثار اڄ
به دنيا کي پنهنجي پنج هزار سالن وارو پراڻو
پُرآشوب داستان ٻڌائي رهيا آهن.
سرزمينِ سنڌ جو سڀني کان وڏي ۾ وڏو پراڻو ضلعو
ٿرپارڪر نه ڪي نئون ضلعو ٿرپارڪر، جيڪو (تقريباً
سڄي سنڌ جو
¼
يعني چوٿون حصو، جنهن ۾ هينئر وارا ٽيئي ضلعا
ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر هئا.) سو تنهن ۾
پراڻي تهذيب ۽ ثقافت جو املهه ۽ بي بها خزانو ۽
سرمايو سمايل آهي. ضلع جي تختگاهه هيڊڪوارٽر شهر
ميرپورخاص جي لڳ، ۽ پراڻي پراڻ درياهه جي ڏکڻ
اولهه واري ساڄي پاسي واقع ڪاهو جو دڙو، عمرڪوٽ،
نئون ڪوٽ ۽ ريگستاني علائقي ۾ آباد ننگرپارڪر جي
نزديڪ جِين ڌرم جا جِين مندر، گوڙي جو مندر ۽
ڀوڏيسر جي ڀلاري مسجد اڄ به پنهنجي شان شوڪت جا
نيشان ۽ نُکام آهن.
سنڌ جي قديم تهذيب و تمدن ۽ ثقافت کي ”جديد دنيا“،
خصوصاً نئين نسل آڏو پيش ڪرڻ لاءِ ميرپورخاص جي
عجائب گهر گهمائڻ لاءِ وٺيو ٿا هلون، جتي ڪاهو جي
دڙي مان هٿ آيل اڍائي هزار سالن جي پراڻي سنڌي
سڀيتا جي ساک ڀريندڙ مٽيءَ جي صُراحي (گگهي)
”ميرپور ميوزم“ ۾ سياحن جي توجهه جو مرڪز بڻيل
آهي. اُن گگهيءَ جي باري ۾، عجائب گهر جي انچارج
لعل محمد پٺاڻ ٻڌايو ته گهڻو آڳاٽو ماڻهن ڪاهوءَ
جي دڙي جي کوٽائي ڪئي ته کين اِها گگهي ملي هئي.
پوءِ جڏهن ميرپورخاص شهر ۾ عجائب گهر وجود ۾ آيو
ته اُن گگهيءَ کي نهايت ئي مشڪل سان هٿ ڪيو ويو.
آثارِ قديمه جي ماهرن، مذڪوره گهُگهي جي وضع قطع
مان معلوم ڪيو ته اُها گهُگهي پراڻي تهذيب ۽ تمدن
جو نشان آهي. اُنهيءَ مان قديمي ڪاريگر ڪُنڀارن جي
اعليٰ فن ۽ هنر جي بي مثال مهارت جو ثبوت ملي ٿو.
اُن تي جيڪي چِٽ ۽ نقش آهن ۽ چٽساليءَ جو جيڪو به
ڪم ٿيل آهي، سو ڪٿي به نظر ڪونه ٿو اچي. گهُگهي
جيتوڻيڪ خسته حالت ۾ آهي؛ پر تڏهن به پنهنجي پراڻي
تهذيب ۽ ثقافت جي پوري طرح ساک ڀريندڙ آهي.
نوابشاهه ريلوي لائين جي ڦاٽڪ ۽ کاڻ شهر ڏانهن
ويندڙ روڊ جي قريب ۽ شهر ميرپور جي اُتر طرف ميل
کن جي مفاصلي تي آثارِ قديمه جو هڪ دڙو نظر ايندو،
جيڪو عام طور تي ڪاهوءَ جو دڙو سڏيو ويندو آهي.
هيءُ دڙو تقريباً چاليهن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾
ڦهليل آهي. اُتي پراڻيون پڪل سِرون، ٺڪراٺ، ڪَٽيل
لوهه ۽ شيشي جا ٽُڪر، عام جام وکريل ۽ پکڙيل نظر
اچن ٿا.
اڄ کان اڍائي هزار (2500) سال اڳ برصغير هند و پاڪ
۾ ٻُڌ تهذيب ۽ تمدن جو دؤر هو. تاريخ شاهد آهي ته
اُن دؤر جي لڳ ڀڳ يا گهڻو عرصو اڳ هندن جي دؤرِ
حڪومت ۾ ميرپورخاص جي ويجهو ”ڪاهو“ نالي هڪ راجا
حڪمران هو. اڄ به ميرپورخاص ۾ مدينہ مسجد کان اندر
اولهه طرف ويندڙ هڪ بازار کي، اُن راجا جي نالي جي
نسبت سان ”ڪاهو بازار“ سڏيو ويندو آهي. اُن راجا
جي حڪومت جي تباهي جا ڪارڻ ڪهڙا هئا ۽ ڪڏهن زوال
ٿيس ۽ اُن لاءِ ڪابه صحيح ۽ يقيني راءِ ڪانه آهي.
البت کوٽائي جي باري ۾ تاريخ ايترو ٻڌائي ٿي ته
”ڪاهو جو دڙو“ جي کوٽائي سڀ کان اول فرنگي دؤرِ
حڪومت ۾ جنرل جيڪب ڪرائي هئي. انگريزن جنرل جان
جيڪب کي 1857ع جي غداري واري واقعي بعد سنڌ جو
عارضي ڪمشنر مقرر ڪيو. سنڌ جو مکيه شهر جيڪب آباد
جيڪو پهريائين ”خان ڳوٺ“ جي نالي سان مشهور هو، سو
اڄ تائين جنرل جيڪب جي نالي سان منسوب آهي ”جنرل
جيڪب“ سنڌ جي مختلف جڳهن جي کوٽائي ڪرائي هئي،
اُنهن جاين ۾ ”ڪاهو جو دڙو“ به شامل آهي. جيئن ته
اُن وقت کوٽائي مڪمل ۽ گهري ڪانه ٿي هئي، تنهنڪري
ڪوئي خاص کڙ تيل ڪونه نڪتو هو، پر جڏهن 09-1910ع ۾
ضلع ٿرپارڪر جوڊپٽي ڪمشنر مسٽر ميڪنزي هو ته ان
آثارِ قديمه جي محڪمي سان ”ڪاهو جي دڙي“ جي کوٽائي
لاءِ لکپڙهه ڪئي، تنهن تي آخرڪار کاتي جي سروي
سپرنٽنڊنٽ مسٽر هينري ڪزنس اچي ٻيهر کوٽائي ڪرائي
ته ڀڙي مان ٻُڌ مذهب جو هڪ جهونو مندر لڌو، جنهن
کي اِسٽوپا سڏيندا آهن، جيئن ئي اسٽوپا جي لڀڻ جي
شهرت ٿي ته اُن جي ڏسڻ لاءِ شوقينن جا جٿا ئي جٿا
۽ قطارن ئي قطارون اچڻ لڳيون. مسٽر هينري ڪزنس
پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ”ڪاهو جو دڙو“ تقريباً
چاليهن ايڪڙن جي وسيع ۽ عريض ايراضي ۾ پکڙيل آهي،
جتي دڙائي دڙا ۽ کنڊر ئي کنڊر آهن. اُتي پڪل سِرن
جي ٽڪرن ۽ ٺِڪراٺ جا ڍير لڳا پيا آهن، اُنهن کنڊرن
جي کوٽائي مان ٻُڌ مذهب جي هڪ عبادتگاهه يعني
سماڌي ملي آهي، جيڪا تقريباً پنجاهه ٻاونجاهه هم
چورس فوٽ ٿيندي، جنهن جي چئني ڀتين تي گوتم ٻُڌ
جون تصويرون ۽ گلڪاري ظاهر اچي رهي آهي. پوري وچ
تي هڪ دروازو آهي. اُن سماڌيءَ جي ”محرابي ونگن“ ۾
گوتم ٻُڌ جون تصويرون ۽ مجسما مليا آهن، جيڪي
ڪَچيءَ مٽيءَ مان ٺاهي، پوءِ باهه ۾ پچايا ويا
آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ هن طرح رقم طراز آهي ته گوتم ٻُڌ جي
مجسمن کي پهريائين مختلف شڪلين ۾ ٺاهي، پچائي پوءِ
رنگ ڏنو ويو آهي، ڪن مجسمن ۾ مهاتما گوتم ٻُڌ
غمگين حالت ۾ ته ڪن ۾ وري پَلٿي هنيو عبادت ۾ محو
۽ مشغول ويٺل آهي، هن سماڌيءَ کي جڏهن اولهه طرف
کان کوٽيو ويو ته اُتان ڪبير نالي جي ”ديوتا“ جو
مجسمو پڻ مليو، جڏهن اندران سِرون ڪڍيون ويون ته
هڪ ننڍڙو کوهه ڏسڻ ۾ آيو؛ جنهن جو منهن ڳرن پٿرن
سان بند هو، منهن تان پٿرن کي هٽائڻ بعد کوهه مان
هڪ ڇهن پاسي واريءَ شيشي ملي، جنهن جو هيٺيون حصو
ٽُٽل هو، اُن ڀڳل حصي تي چانديءَ جو خول (کوپو)
چڙهيل هو. چاندي ڪَٽجي چُڪي هئي، شيشي جو منهن
سوڙهو هو، سو به چانديءَ جي ڍَڪ سان بند هو.
شيشيءَ جي چوڌاري ٽامي جو ڇَلو هو. سو به ڪَٽيل
حالت ۾. اُن شيشيءَ جي اندر هڪ ٻيءَ ”ميڻ بتيءَ“
جهڙي ننڍڙي شيشي هئي، جنهن تي سونَ جو ورق چڙهيل
هو. وري اُن شيشيءَ ۾ ٻي ننڍي شيشي جيڪا وڌ ۾ وڌ
اڌ انچ ٿُلهي هئي، سا خالص سونَ جي هئي، اُن تي
ڍَڪ آيل هو، اُن ۾ تمام ٿوري خاڪ هئي. مسٽر هينري
ڪزنس جي خيال مطابق ته اِها رَک گوتم ٻُڌ جي هئي،
جنهن کي تبرڪ طور ايڏي وڏي بندوبست سان محفوظ ڪيو
ويو هو. واضح رهي ته گوتم ٻُڌ جو تعلق ”ساڪ“ قوم
سان هو. اُنهيءَ ڪري کيس ”ساڪ مُني“ به چوندا آهن،
اُن قوم جو دستور هو ته جڏهن اُن مان ڪو ”مهاتما“
بزرگ ديهانت ڪري ويندو هو ته اُن جي جسم کي جلائي،
اُن جي رَک تي سماڌيون ٺهرايون وينديون هيون،
تنهنڪري گوتم ٻُڌ جي ديهانت بعد اُن جي رَک اٺن
حصن ۾ ورهائي ويئي؛ جنهن کي مختلف علائقن ۾ دفنائي
سماڌيون ۽ مندر ٺهرايا ويا هئا. ”ڪاهو“ جي دڙي مان
جتان گوتم ٻُڌ جي رَک واري شيشي ملي آهي اُتان هڪ
سونَ جي مُنڊيءَ ۽ مالها جا داڻا به مليا آهن، جن
مان ڪي ”بلور“ جا ته ڪي ”مرجان“ جا هئا. اُن مالها
سان گڏ ڪجهه موتين جي هڪ جهالر به هئي. مالها جي
وچ ۾ ڏهه سڪا اهڙا به هئا، جيڪي شاندار ”نذر“ طور
رکايا ويا هئا. هيءُ سڪا اهڙا ته ڪٽجي ۽ خراب ٿي
ويا هئا جو صاف ڪرڻ بعد به ڊَٺل ليکت ۾ شڪل جو
پتوئي نه پئجي سگهيو. لڌل شين ۾ ڪجهه ٿانوَ ڪي
ننڍا ته ڪي وڏا ۽ هڪ وڏي شينهن جو مجسمو به مليو
آهي.
هڪ ٻيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ويهين صدي
عيسويءَ جي پهرئين چوٿائي ۾ آثارِ قديمه جي کاتي
ٻيهر ”ڪاهو جي دڙي“ جي کوٽائي ڪرائي ته هڪ 17 فوٽ
اوچو چورس جهڙو چبوترو، جنهن تي 37-38 فوٽ اوچو
گنبذ نما مينار هو، جتي ٻُڌ مذهب وارا ”ڀڪشو
پرادڪشنا“ جي مذهبي رسم ادا ڪرڻ ايندا هئا، هن
چبوتري جي ٽن طرفن کان مهاتما گوتم ٻُڌ جا ٽي
مجسما نصب هئا. هن جاءِ جو چبوترو ۽ گنبذ خوبصورت
چٽساليءَ وارين سِرن سان ٺهيل هو. هنن سِرن جا چِٽ
۽ گُل بلڪل اهڙائي آهن، جهڙا سرحد ۽ پنجاب ۾ ٻُڌ
مذهب جي مندرن ۾ نقش ٿيل آهن؛ يا ضلع نوابشاهه جي
مورو شهر ۾ ميربڪان جي مقبرن ۾ ٿيل نقش نگاري سان
مشابهه آهن. گوتم ٻُڌ جي مجسمي مٿان محراب ٺهيل
آهي؛ اُهو ايلورا يا شوڪرما سان گهڻو ملي ٿو.
”ڪاهو جي دڙي“ مان سوين مٽي جا پڪل ٿانءُ ۽ مختلف
وَٽ (توراڙا) لڌا ويا آهن، جن تي مهاتما ٻُڌ جي
بجاءِ پگوڊا جون تصويرون ٺهيل آهن، سُهڻيون پڪل
سِرون ۽ جيڪي ٻيا نوادرات هٿ آيا آهن، سي يوناني
تهذيب، تمدن جا آئينه دار آهن، جنهن مان يوناني
تهذيب جو سنڌوماٿري جي قديم تهذيب سان وابستگي جو
سراغ ملي ٿو. ڪاهو جي دڙي مان لڌل آثار ۽ نوادرات،
انگريزن بمبئي جي جڳ مشهور عجائب گهر پرنس آف ويلز
۾ رکايا آهن، جتي اڄ به موجود آهن.
1859ع ۾ انگريزي فوج جو هڪ آفيسر سرجيمس، هن ضلعي
۾ آيو هو، ضلعي ميرپورخاص جو مکيه ۽ مشهور تعلقي
وارو شهر جيمس آباد جيڪو هاڻي ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي
جي نالي سان منسوب آهي، سو به سر جيمس جي نالي سان
لاڳاپيل آهي). اُن لکيو آهي ته جڏهن اسان ڪاهو جي
دڙو کوٽايو ته اُن مان ٻه مجسما دستياب ٿيا ۽ اُهي
ٻئي بت ٻُڌثاني جا سبهون يا سڀيين هئا؛ جنهن جو
تعلق ڇهين صدي عيسوي جي نصف اول سان واڳيل آهي.
اُن کان علاوه مٽيءَ جا ٿانوَ ۽ ڪجهه ٽڪرا به لڌا
ويا هئا.
حاصل ڪلام، ڪاهو جي دڙي جي صحيح معنيٰ ۾ مڪمل
کوٽائي ٿي ئي ڪانهي، ۽ نه وري اُن جي حفاظت جو ڪو
جوڳو انتظام ٿيو آهي. زماني جي گردش جي نشيب و
فراز جي باوجود ڪاهو جو دڙو پنهنجي اندر وڏي ڪشش
رکي ٿو. ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته تهذيبن جي ڪمال
۽ زوال جي خبر ڏيندڙ تاريخ جي ڪڙين کي ملائڻ ۽
تاريخ جي گُم ٿيل ورقن کي ربط ۽ ارتباط ڏيڻ لاءِ
ڪاهو جي دڙي جي نئين سر کوٽائي ڪرائي وڃي، ۽ اُن
علائقي جي نوادرات کي ميرپورخاص جي ٿرپارڪر ميوزم
۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ ضروري اقدامات کنيا وڃن، هن
علائقي جي ماڻهن کي اپيل ٿي ڪجي ته هو قديم تهذيب
و ثقافت جون قيمتي شيون ۽ نوادرات ”عجائب گهر
ميرپورخاص“ کي ڏين، ته اُنهن کي دنيا جي سامهون
پيش ڪيو وڃي ۽ کين محفوظ به رکيو وڃي.
مرزا ڪاظم رضا بيگ
اروڙ واري پُل
اروڙ واري پُل متعلق تاريخي حقيقتون بيان ڪرڻ کان
پهرين ڪجهه اروڙ جي باري ۾ عرض ڪندس. اروڙ پراڻين
جاين جي ڪري مشهور آهي. قديم گهرن جي بيهڪ ۽ ڪتبا
پڙهڻ کان پوءِ هن شهر جي آڳاٽي هجڻ جو ثبوت ملي
ٿو، بلڪ هن شهر جي سونهن ۽ سوڀيا جو به اهڃاڻ ملي
ٿو.
اروڙ جي تاريخ ڪيتري قديم آهي، تنهن لاءِ پختي
تاريخي شاهدي موجود نه آهي. هڪ ڳالهه جنهن تي
سمورا تاريخي ڪتاب متفق آهن ته رائي سهاسي ٻئي جي
دورِ حڪومت ۾ جڏهن ڏڪر پيو، تڏهن غريب عوام سرڪاري
ڍل ڏئي نه سگهيو، ۽ رائي سهاسي ٻئي ساڻن رعايت ڪري
ڍل جي عيوض کين اروڙ ۽ پنجن ٻين شاهي قلعن ۾ مٽي
وجهي ڏيڻ لاءِ چيو. انهن پنجن قلعن مان ”سرواهي يا
سيرو رائيءَ“ جو قلعو خاص طور تي قابل ذڪر آهي.
سرواهي اڳوڻي رياست بهاولپور ۾ آهي. اها ڳالهه
ظاهر ڪري ٿي ته اروڙ جي قلعي کي 1500 سال اڳ مٽي
وجهي مٿي ڪيو ويو هو، انهيءَ ڪري ائين چئجي ته ان
وقت اِهو قلعو ايترو ته جهونو هو، جو سندس تري
واري حصي کان ٻاهرين مٽي ڪافي مٿي اچي چڪي هئي.
مٽيءَ جي تهه جو مٿي اچڻ ڪافي سؤ سالن کان پوءِ
ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته اروڙ گهٽ ۾
گهٽ اڍائي هزار سال اڳ آباد ٿيو هوندو؟
اروڙ متعلق غلط فهمي:
ابن حوقل مشهور عرب سياح ٿي گذريو آهي. هن اروڙ
واري قلعي کي خط ڪوفي ۾ ”الرور“ لکيو آهي. ڪتاب
”آئينه قديم سنڌ“ جو مصنف رقمطراز آهي ته ”الرور،
لفظ جو جيڪڏهن فقط لام ساڪن ڪجي ٿو ته پوءِ اهو
نالو اروڙ ٿئي ٿو، مگر جيڪڏهن ان جا الف ۽ لام ٻئي
اکر ساڪن ڪجن ٿا ته پوءِ اهو نالو ”رور“ ڪري
پڙهبو، مگر هن وقت جي ڪن صاحبن ابنِ حوقل جي لکيل
نالي ”الرور“ کي ”الور“ ڪري سمجهيو آهي، ۽ ان کي
تمام گهڻي شهرت ڏني آهي، جنهن ڪري ڪتابي دنيا ۾ هن
اروڙ وارو کنڊر قديم سنڌ جو پايئه تخت ”الور“ ڪري
مشهور ڪرايل آهي. آئينه قديم سنڌ جي مصنف جي خيال
موجب موجوده اروڙ اهو قلعو نه آهي، جنهن ۾ راجا
ڏاهر رهندو هو، هو اڳتي لکي ٿو ته:
”اروڙ جو کنڊر هن وقت اُڀرندي ناري جي ڪپ تي روهڙي
شهر کان ستن ميلن جي مفاصلي تي ڏسجي ٿو، جتي اروڙ
نالي سان ڳوٺ به آهي. کنڊر ۾ هڪ قلعو ۽ ڪن قديم
عمارتن جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن مان معلوم ٿئي
ٿو ته اتي هڪ ننڍي مقدار جو قلعو هو، جيڪو اڄ
تائين اروڙ جو قلعو سڏجي ٿو. قديم وقت ۾ اُڀرندي
ناري کي هاڪڙا درياهه جي نالي سان سڏيو ويو ٿي،
جنهنڪري هيءُ هاڪڙا درياهه ڪپ وارو قلعو هو.
هاڪڙا، واهند، والن ۽ ڪول وارين شاخن جي وچ ۾ جيڪو
ٻيٽ پيدا ٿيل هو، تنهن ٻيٽ جو حاڪم اروڙ واري قلعي
۾ رهندو هو.
هتي هڪ ڳالهه خيال ۾ رکڻ گهرجي ته آئينهِ قديم سنڌ
جو مصنف اروڙ جي آثارِ قديمه کي ڪابه اهميت نه ٿو
ڏئي. سندس خيال موجب اروڙ جو قلعو ڪنهن وڏي راجا
جو محل يا ڪنهن چڱي خاصي اراضيءَ واري ملڪ جي
راڄڌاني ٿي نٿو سگهي، پر منهنجي تحقيق موجب ڳالهه
بنهه ان جي ابتڙ آهي. اروڙ جي عظمت ويدن ۽ پراڻن
مان ثابت آهي. جنهن زماني ۾ مهاڀارت واري لڙائي
لڳي، تنهن سمي مسٽر مورڪ (ايپيگرافيا انڊڪا جو
مصنف) پنڊت هيمراج شرما، پروفيسر پرٻوڌ چندريس گپت
۽ ٻين جي راءِ مطابق سڄي هندستان ۾ اٽڪل هڪ سؤ کن
راجا راڄ ڪندا هئا، جن مان ڪي ننڍا راڄ يا ”جن پد“
هئا ته ڪي وڏا راڄ يا ”مهاجن“ به هئا. سنڌ جي
تاريخ لکندڙن مهاڀارت واري دور ۾ سنڌ تي راڄ ڪندڙ
راجا جو نالو ”جئدرٿ“ ڄاڻايو آهي. هن راجا بابت
مهاڀارت ۾ چيل آهي ته مهاڀارت جي لڙائي وقت
”ورڌکيتر“ جو پٽ ”جئدرٿ“ سنڌو جو راجا هو. هن
ڪورون جي شهنشاهه، ڌرتراشٽر جي راجڪماري ”دهشلا“
سان شادي ڪئي هئي. هو جنگ جي فن ۾ اهڙو ماهر هو،
جو پانڊون جو ڪوبه بهادر سندس مورچي ۾ گهڙي نه
سگهيو. انهيءَ سنڌوءَ جي ڏهن پرڳڻن مان هڪڙي پرڳڻي
”سؤوير“ جون سرحدون ذري گهٽ اڄڪلهه جي سنڌ واريون
هيون. سندس ذڪر نه فقط مهاڀارت بلڪ انيڪ پراڻن ۾
به اچي ٿو. سؤوير جي حدن متعلق پروفيسر سلوين ليوي
به تمام گهڻي کوجنا ڪئي آهي، هن سڀ کان اڳ پراڪرت
ڀاشا جو هيٺيون شاوڪ اخبارن ۾ ظاهر ڪيو:
ونت پرم ڪلنگا نام اسڪا ناپج ڀوٿم،
ماهستي اونتي نام سؤ ويرانام چه روزڪم.
پراڪرتڪ ڀاشا جي مٿئين شلوڪ موجب ”رورڪم“ سؤ وير
راجائن جي راڄڌاني هئي. عرب تاريخ نويس هن کي
الرور يا ارور جو نالو ڏنو آهي.
ايترو ته، آئينهء قديم سنڌ جو مصنف به قبول ڪري ٿو
ته ”هاڪڙا، واهند، والن ۽ ڪول نالي وارين شاخن جي
وچ ۾ جيڪو ٻيٽ پيدا ٿيل هو، تنهن ٻيٽ جو حاڪم اروڙ
واري قلعي ۾ رهندو هو، ۽ انهيءَ ايراضيءَ ۾ سکر
ضلعي جي سنڌو پار مشرقي ايراضي، سابقه رياست
خيرپور رياست جيسلمير جو ڪجهه حصو ۽ حيدرآباد ۽
ٿرپارڪر ضلعي جا ڪي ڀاڱا اچي وڃن ٿا.
ايڏي وڏي ايراضيءَ جو حاڪم جيڪڏهن موجوده اروڙ
واري قلعي ۾ رهي ٿي سگهيو ته پوءِ ان لاءِ ائين
چوڻ ته هڪ ننڍڙي مقدار جو قلعو هو، يا ان قلعي جي
رهندڙن لاءِ ائين چوڻ ته سموري سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ
جي لائق نه هوندو، ڪيتريقدر مضحڪه خيز ڳالهه آهي.
سنڌ جي رائي ۽ برهمڻ گهراڻي، اروڙ کي پنهنجو
دارلحڪومت بڻايو. رائي ۽ برهمڻ گهراڻو هن شهر ۾
رهندا هئا ۽ سموري سنڌ تي سندن حڪمراني جو سڪو
هلندو هو. مسلمان تاريخ نويس ۽ جاگرافيائي دان به
هن شهر ۾ آيا ۽ پنهنجي لکيل تاريخن ۾ هن شهر جو
اکين ڏٺو احوال لکيائون. فتوح البلدان جي مصنف جو
بيان آهي ته جنهن وقت محمد بن قاسم هن شهر کي فتح
ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ته هن کي ڏاڍي تڪليف پيش آئي،
ڇو ته هن ڪيترن ئي مهينن کان هن شهر کي پنهنجي
گهيري ۾ رکيو. آخرڪار اروڙ جي رهاڪن، ان شرط تي
محمد بن قاسم جي اطاعت قبول ڪئي ته هو اسان جي
ڪنهن به قسم جي ڪم ۾ رنڊڪ نه وجهندو. محمد بن قاسم
اهو شرط منظور ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڳري رقم ڍل ڪاڻ
مقرر ڪري، پوءِ اتان روانو ٿيڻ کان پهرين اروڙ جو
انتظام رواح بن اسد جي حوالي ڪيو ۽ موسيٰ بن يعقوب
ثقفي کي قاضي القضات جا فرائض سرانجام ڏيڻ جي
هدايت ڪئي ۽ کين حڪم ڏنو ته هو رعايا سان شفقت ۽
مهرباني سان پيش اچن، ۽ هر فيصلو قرآن ۽ سنت مطابق
ڪن.
ابنِ حوقل جڏهن اروڙ ۾ آيو ۽ هن شهر کي ڏسڻ وائسڻ
کان پوءِ لکيائين ته هي شهر ملتان کان گهٽ نه آهي.
هن شهر جي آسپاس ٻه وڏيون ڀتيون هن شهر جي حفاظت ۽
سلامتي لاءِ جوڙايون ويون آهن. هڪ ٻي مسلمان سياح
ابوالقدر جڏهن هن شهر کي ڏٺو ته ان وقت هن شهر جي
آبادي مسلمانن تي مشتمل هئي. سندس لکڻي مطابق هن
شهر جا تمام رهاڪو مسلمان هئا ۽ منصوره جي بادشاهه
جي اطاعت ڪندا هئا. شمس الدين التمش جڏهن
ناصرالدين قباچه تي حملو ڪيو تڏهن هن کي اروڙ جي
پهرين قاضي القضات موسيٰ بن يعقوب جي اولاد مان هڪ
بزرگ اسماعيل بن علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي جي
عربي ۾ لکيل تاريخ، منهاج المسالڪ پيش ڪئي وئي.
منهاج المسالڪ اهائي تاريخ آهي جنهن کي اڄ چچ نامي
جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
اروڙ جو شهر جبل تي واقع هو. اروڙ جي اوڀر ۾ رڳو
زمين آباد آهي، باقي ٽنهي طرفن کان برپٽ بيابان ۽
جبل ئي جبل آهن. جيئن ئي هن کنڊرن واري شهر ۾ اسين
قدم رکنداسين ته سڀ کان پهريائين محمد بن قاسم جي
ٺهرايل مسجد نظر ايندي، جنهن جون ڀتيون اڃا تائين
زبون حالت ۾ موجود آهن. مسجد کان ٿورو اڳتي راجه
ڏاهر جو شاهي محل ويران نظر ايندو. شاهي محل هن
وقت صرف کنڊر جي صورت ۾ موجود آهي. شاهي محل کان
چند قدم اڳتي هڪ مقبرو نظر ايندو، چون ٿا ته ان
مقبري ۾ هڪ الله وارو بزرگ حضرت مهر علي فقير
مدفون آهي. هن مقبري ۾ داخل ٿيڻ سان انسان اچرج ۾
پئجيو وڃي، ڇو ته مقبري جو اندريون حصو جنهن
خوبصورت نموني ۾ تعمير ڪيو ويو آهي، اهو ڏسڻ وٽان
آهي، ۽ ان وقت جي فنِ تعمير جو عظيم شاهڪار آهي.
اروڙ جي ڏکڻ م پڻ ٻن الله وارن بزرگن جا مقبرا
آهن، جن کي اتي جا رهاڪو حضرت شاهه گنج ۽ قتل شاهه
جي نالن سان ياد ڪن ٿا. هي ٻئي بزرگ حضرت لعل
شهباز قلندر جا معاصر هئا. هتي اسلامي تعليم عام
هئي ۽ اولهه طرف هڪ وڏو ديني مدرسو پڻ هو.
مغل شهنشاهه اڪبراعظم جي دور جو ناميارو مؤرخ مير
معصوم بکري، تاريخ معصومي ۾ هن شهر جي اهميت ۽
افاديت تي تفصيلي روشني وڌي آهي. هو لکي ٿو ته
سنڌو درياهه جي ڪناري تي اروڙ هڪ عظيم الشان شهر
هو، جنهن ۾ عاليشان عمارتون، خوبصورت ۽ مضبوط
محلات، ميون سان ڀريل باغ ۽ وڻن ٻوٽن سان سهڻا
سهڻا باغ ۽ شهريت ۽ تمدن جو اهو سمورو سامان موجود
هو، جو ڪنهن وڏي شهر ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو.
مير معصوم بکري وارو دور اڪبر ۽ جهانگير وارو دور
آهي. هن سلسلي ۾ هڪ ڳالهه واضح معلوم ٿئي ٿي ته
مغلن جي دور ۾ پڻ هي شهر آباد هو. هي شهر زلزلي جي
ڪري زمين دوز ٿي ويو يا ڪنهن ٻي طرح سان تباهه
ٿيو؟ ان متعلق به طرح طرح جون مختلف ڪهاڻيون ۽ قصا
مشهور آهن، پر تاريخي طور تي انهن تي اعتبار نٿو
ڪري سگهجي. هي ماڳ غالباً مغلن جي آخري دور ۾
اُجڙي ويو هجي. اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته
درياهه هميشه کان پنهنجو رُخ بدلائيندا رهندا آهن،
جنهنڪري اروڙ جو شهر کنڊرن ۾ بدلجي ويو هجي ۽ اروڙ
جا رهاڪو درياهه جي ٻئي ڪناري تي لڏي وڃي آباد ٿيا
هجن، جيڪو اڄڪلهه روهڙي جي نالي سان مشهور آهي.
هتي هڪ ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته اڳوڻي دور ۾
راجائن وٽ مقرر لشڪر ڪونه هوندو هو، پر ضرورت يا
جنگ وقت جاگيردار ۽ نواب پنهنجي حيثيت موجب لشڪر
مهيا ڪري ڏيندا هئا. ان کان سواءِ راجا ڏاهر، جيڪو
سنڌ جي ٽن اهم مرڪزن ۾ واري ڦيري سان سڪونت اختيار
ڪندو هو، تنهن جو خاص لشڪر به ته ٽنهي هنڌن تي
ورهايل هوندو. انهيءَ ڪري وثوق سان چئي سگهبو ته
اروڙ عهدِ رفته جو هڪ عظيم الشان شهر هو جيڪو
نامساعد حالتن، خصوصاً جاگرافيائي تبديلين جو
مقابلو نه ڪري، کنڊرن جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي.
عربن جي عهد جا اهڃاڻ وري به ڪنهن حد تائين معلوم
ڪري سگهجن ٿا، باقي پراڻين نشانين کي سطح زمين تي
ڳولڻ خام خيالي آهي، اهي ته هن عظيم ارض جي ڇاتيءَ
هيٺان آهن، جيڪي آثارِ قديمه سان دلچسپي رکندڙ
محقق (خصوصاً ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري، سيڪريٽري
قديم نوادرات حڪومتِ سنڌ) ئي لهي سگهن ٿا. اچو ته
هاڻي اروڙ واري پُل جو جائزو وٺون.
اروڙ واري پُل:
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته جنهن قوم جي تاريخ محفوظ
نه آهي، اها قوم ان وڻ جي مثال آهي جيڪو ميوو نه
ڏي. جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته ايندڙ نسل کي ڪجهه
نه ڪجهه ڏيون ته اسان لاءِ اهوئي ڪافي آهي ته اسين
اروڙ يا سنڌ جي ٻين شهرن جي قديم آثارن کي جيترو
به ٿي سگهي محفوظ رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون. سنڌ
سرڪار جو قديم نوادرات وارو کاتو، ڊاڪٽر ڪليم الله
لاشاري جي سربراهيءَ ۾ اهو ڪم بهتر طريقي سان
سرانجام ڏيڻ لاءِ رات ڏينهن ڪوشان آهي.
اروڙ، صدين کان قديم آثارن جو مرڪز رهيو آهي، جن
مان ڪجهه هن وقت خسته حالت ۾ موجود آهن، ته ڪن جا
وڃي آثار رهيا آهن ۽ انهن آثارن جو ذڪر رڳو تاريخي
ڪتابن ۾ محفوظ رهجي ويو آهي. اهڙن قديم آثارن مان
اروڙ واري پُل جا رڳو آثار، آثارِ قديمه جي ماهرن
ئي ڳولي لڌا، پر وقت گذرڻ سببان انهيءَ پُل جا
آثار به مٽجي ويا، البت دڙي جي مٿان اهو ڳوٺ اڃا
قائم آهي، جيڪو ڪرنل اي.بي.ايسٽوڪ سن 1839ع ۾ سکر
کان اروڙ جا کنڊر ڏسڻ ويو هو. هو پنهنجي ڪتاب
”نئين مصر جا پراڻا ورق“ ۾ لکي ٿو ته:
”اروڙ روهڙي کان پنجن ميلن جي پنڌ تي آهي، اوڏانهن
وڃڻ جو رستو هڪ پُل جي مٿان وڃي ٿو، جنهن کي اروڙ
وارو ٻنڌ چون ٿا. ڪي ان کي تمام پراڻو سمجهن ٿا،
پر مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اِها پُل به صديون
پراڻي آهي ۽ منهنجي راءِ به اها آهي ته اِها ٻنڌ
يا پُل انهيءَ عرصي کان وڌيڪ پراڻي ٿي نه ٿي سگهي.
ظاهر آهي ته اِها پُل درياهه جي سڄي وهڪري تي نه
ٺاهي وئي آهي، پر هڪ شاخ تي ٺاهي وئي آهي، جيڪا
درياهه جي اروڙ ڇڏڻ کان پوءِ، درياهه جي پراڻي ڀڏي
۾ اروڙ جي لڳ وهندڙ هجي. سڀ کان وچ واري ڪمان جي
اوچائي فقط چوڏنهن فوٽ آهي ۽ سڄي پُل جي ڊيگهه 600
فوٽن کان مٿي نه ٿيندي. منهنجي خيال ۾ ته اِها پل
مير معصوم شاهه بکري يا وقت جي ٻئي ڪنهن نيڪ امير
جي ٺهرايل ٿي ڏسجي، پل اُڪرڻ کان پوءِ اوهان هڪ
ننڍڙي ڳوٺ ۾ پهچندا جنهن ۾ سٺ ماڻهو رهن ٿا.“
ڪن روايتن مطابق اِها پُل محمد بن قاسم جي مسجد جي
هيٺان بادل شير بادشاهه پير جي مزار وٽان هئي.
انهيءَ پُل جا پٿر محمد بن قاسم جي مسجد جي هيٺان
پيل هئا، جيڪي هن وقت آهن يا نه، تن بابت ڪابه ڄاڻ
نه آهي ۽ ٻئي طرف انهيءَ پُل جو ڇيڙو ناري جي پرين
ڀر ڏهاڳڻ ۽ سهاڳڻ جي قبرن جي هيٺان هو. ناري جي
پرين ڀر تي هن پُل جا آثار موجود هئا، ۽ ان پُل جي
ويڪر اٺ فوٽ هئي ۽ اُتان بيل گاڏيون پڻ لنگهنديون
هيون.
اروڙ واري پُل اي.بي ايسٽوڪ کان پوءِ به 93 سال
موجود هئي. سن 1932ع ۾ جڏهن سکر جي لائيڊ بئراج
مان نارو واهه کوٽيو ويو ته انهيءَ واهه جي کوٽائي
جي زد ۾ اچي اِها پُل به تباهه ۽ برباد ٿي وئي.
اها پُل جنهن جاءِ تي هئي، قديم زماني ۾ انهيءَ
هنڌ- سنڌو درياهه وهندو هو، (سنڌ هڪ عام جائزو، از
لئمبرڪ، نقشو نمبر9) لائيڊ بئراج جي نارا واهه کان
اڳ ان هنڌ يعني سنڌو جي پيٽ مان اروڙ واهه نالي
وهندو هو، جنهن جي مٿان اِها اروڙ واري پُل درياهه
جي پراڻي ڍوري مٿان ٺاهي وئي هئي. ڇو ته آبڪلاڻي
جي وقت ۾ ڀڙو، منڊو ديرو، هاڪڙو ۽ ٻيا ڳوٺ پاڻي ۾
ٻڏي ويندا هئا ۽ اهو سڄو ٻوڏ جي پاڻي جو وهڪرو
اروڙ واري پُل جي هيٺان ٿيندو اڳتي هلي ويندو هو.
هاڻي اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته اِها پُل ڪنهن
ٺهرائي. ايسٽوڪ سن 1839ع ۾ سنڌ ۾ آيو. انهيءَ
مطابق هجري سن 1259هه بيهي ٿو. جيڪڏهن مقامي رهاڪن
۽ ايسٽوڪ جي چوڻ مطابق اگر چئون ته 200 سال اڳ جي
هيءَ پُل آهي ته پوءِ اهو عيسوي سن 1639ع ۽ هجري
سن 1059هه ٿو بيهي. اي.بي ايسٽوڪ پاڻ ٿو چئي ته
”منهنجي خيال موجب ته اِها پُل مير معصوم بکري يا
وقت جي ٻي ڪنهن نيڪ امير جي ٺهرايل ٿي ڏسجي.“ مير
معصوم شاهه بکري ته سن 1014هه ۾ فوت ٿي ويو. يعني
ان پُل جي اڏاوت واري سن کان 44 سال، اڳ پر عالم ۽
محقق ان سن تي متفق نه آهن. جيڪڏهن اسان ائين چئون
ته اِها پُل سن 1839ع کان اڍائي سؤ سال اڳ جي آهي
ته پوءِ عيسوي سن 1589ع ۽ هجري سن 1009هه ٿو بيهي.
سن 1009هه مير معصوم شاهه بکري جي اڏاوتن واري
سالن جي بلڪل ويجهو آهي. هاڻي ڏسون ته مير معصوم
شاهه بکري موجوده سکر ضلعي ۾ ڪهڙيون عمارتون، ڪهڙي
سن ۾ جوڙايون:
1)
سن 1002هه ۾ روهڙي جو عيدگاهه تعمير ٿيو.
2)
سن 1003هه ۾ معصوم شاهه مناري جي تعمير جي ابتدا
ٿي.
3)
سن 1004هه ۾ فيض محل جڙي راس ٿيو.
4)
سن 1005هه ۾ هشت پهلو مسجد ۽ منزلگاهه وارو باغ
تعمير ٿيو.
5)
سن 1006هه ۾ جاءِ عشرت تعمير ٿيو.
6)
سن 1007هه ۾ منزلگاهه، ستياسر ۽ ٻيڙي نما مسجد
تعمير ٿي.
7)
سن 1008هه ۾ اروڙ ۾ درياهه جي سير واري پٿر جو
سنگِ بنياد رکيو ويو.
8)
سن 1009هه ۾ منهنجي خيال مطابق اروڙ واري پُل
جوڙائي وئي هجي.
اروڙ واري پُل ٺهرائڻ کان پوءِ نواب مير معصوم
شاهه بکري سن 1014هه ۾ فوت ٿيو، يعني اروڙ واري
پُل ٺهرائڻ کان پوءِ 5 سال زنده رهيو. انهيءَ
مطابق اروڙ پُل مير معصوم شاهه بکري جو آخري
يادگار هو، جيڪو سن 1932ع ۾ ناري واهه جي کوٽائي
وقت ڊهي ويو.
مير معصوم شاهه بکري جي سکر، روهڙي ۽ اروڙ ۾
اڏاوتن واري سالن ۾ بکر جا چار مغليه گورنر اچن
ٿا، جن مان فقط مير ابوالقاسم نمڪين، صفئهِ صفا
(ستين جو ٿان) کانسواءِ ٻي ڪابه جاءِ هن شهر ۾
ڪونه جوڙائي. سعد خان جي به ڪا عمارت جوڙايل هتي
نظر نه ٿي اچي. اها مير معصوم شاهه بکري جي شخصيت
هئي، جنهن کوهه کوٽايا، مسجدون، منزلگاهون، باغ ۽
ٻيون تفريح جون جايون تعمير ڪرايون.
مير معصوم شاهه بکري سن 1008ع ۾ اروڙ جي درياهه جي
پراڻي ڍوري ۾ ٻه پٿر به هڻايا هئا. هنن پٿرن جو
ذڪر پير سيد حسام الدين شاهه راشدي به ڪيو آهي. هو
لکي ٿو ته ”هيٺيون ڪتبو اروڙ جي ڦِٽل شهر جي ڀر ۾
هڪ کٻڙ جي ٻوٽي جي پاڙ ۾ پيل آهي، جيڪو معلوم ٿئي
ٿو ته پنهنجي اصل جاءِ تان نڪري، اتي اچي پيو
آهي.“ (از: مير معصوم بکري)
اڄ کان ڪيترائي سال اڳ پروفيسر محمد شفيع مرحوم هن
ماڳ جي آثارن جي کوجنا ڪرڻ لاءِ اروڙ آيو هو. هن
کي هن شهر جا آثار ته نه مليا، البته هڪ وڏو پٿر
مليو، جنهن تي ٽن سٽن وارو فارسي ۾ هيٺيون ڪتبو
لڳل هو:
بردارِ قدم چورهِء نوردان
درباديه پائي نهه چو مردان.
بفرموده سياست پناه امير محمد معصوم مرقوم شد سن
1008هه.
مٿئين تحقيق مطابق ته اروڙ واري پُل مير معصوم
شاهه جي ٺهرايل آهي. سن 1009هه کان سن 1352هه (سن
1839ع) تائين اروڙ واري پُل پورا 343 سال اروڙ جي
رهاڪن جي نظرن جي سامهون بيٺي رهي ۽ پوءِ سن 1932ع
۾ هيءَ پُل نار واهه جي کوٽائي سبب ڊهي ناس ٿي
وئي.
مددي ڪتاب
1)
ضاديدِ سنڌ، مولوي پروفيسر محمد شفيع
2)
سنڌ جا قديم آثار، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو
3)
تذڪرهِء امير خاني، پير سيد حسام الدين
شاهه راشدي
4)
مير محمد معصوم بکري، پير سيد حسام الدين شاهه
راشدي
5)
نئين مصر جا پراڻا ورق، مترجم: ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ
6)
سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ، ڊاڪٽر انور فگار
هَڪڙو
7)
تاريخِ سکر، مولائي شيدائي |