سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2013ع

مضمون

صفحو :8

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

 

 

 

 

جوڻاڻي جَناني Junani/هڪ قديم وساريل شهر

(تحقيق ۽ تعارف)

جوڻاڻيءَ جو قديم تاريخي شهر، سنڌ صوبي جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي وارهه ۾ هڪ قديم ۽ سهڻو شهر ٿي گذريو آهي. هيءُ شهر سنڌونديءَ جي اوڀر ڪناري تي آباد ۽ وڻندڙ هيو. هن وقت موجوده وهڪري کان گهڻو اولهه طرف واقع آهي. ”هن درياهه جو بنياد سنڌودرياهه جا وهڪرا آهن، جيڪي اولهه کان اوڀر طرف پيٽ مٽائيندا رهيا آهن. جڏهن ”جهڪر جو دڙو“ ۽ ”لوهم جو دڙو“ آباد هئا. تڏهن درياهه انهن جي اولهه طرف وهندو هئو. هن زماني ۾ اهي دڙا خود درياهه جي اولهه ۾ آهن ۽ اها جاءِ وقوع جي تبديلي هنن دڙن جي تباهيءَ جو واضح سبب آهي.“ (صديقي-51-1996ع) سنڌودرياهه جي وهڪرن بابت هڪ الڳ مضمون ۾ بيان ڪيو آهي، هتي اهڙي ذڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. مٿئين احوال جي آڌار تي چئي ٿو سگهجي ته سنڌو درياهه پنهنجا پاسا مٽائيندو رهيو آهي. جنهن جي ڪري ڪي شهر ڦِٽندا ويا ته ڪن جو وري نئون بنياد پيو. اهڙن شهرن جي اُسرڻ ۽ برباد ٿيڻ جو سنڌودرياهه ئي جوابدار آهي. ”سنڌ جون بستيون پراچين دور کان وٺي سنڌونديءَ جي سهاري آباد پَئي ٿيون آهن. ۽ انهي موجي درياهه جي رخ مٽائڻ سبب ويران ٿينديون ۽ ٻيهر آباد ٿينديون رهيون آهن.“ (صديقي-56-1996ع) جوڻاڻي به انهيءَ تاريخي ۽ قدرتي عمل کان بچي نه سگهيو هوندو. سنڌوندي تاريخ جي زماني ۾ پهريون ڀيرو اٽڪل سن 962ع ۾ الور کان رخ تبديل ڪري سکر ۽ روهڙيءَ جي درميان وهڻ لڳي. جتان هينئر وَهي رهي آهي، لئمبرڪ جي راءِ مطابق: ”جڏهن شهنشاهه اڪبر سن 1591ع ۾ خان خانان عبدالرحيم خان کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، تڏهن سيوهڻ کان مٿي سنڌوندي(1) سندس موجوده وهڪري کان اولهه طرف وهندي هئي.“ (صديقي-56-1996ع) اهڙي طرح وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته جوڻاڻي سنڌونديءَ جي اوڀر پاسي آباد هئو. جنهن مان اهو گمان غالب آهي ته سنڌونديءَ جي تبديليءَ جي ڪري جوڻاڻي غرق يا برباد ۽ ويران ٿيو هجي.

جوڻاڻي شهر جي تاريخي ۽ تحقيقي حيثيت جي ذڪر ڪرڻ کان اڳ سومرا حڪومت جو مختصر بيان ڪبو ته سومرن جي حڪومت ڪڏهن کان شروع ٿي ۽ سندن پهريون راجا/ بادشاهه ڪنهن کي چيو وڃي ٿو. سومرا ڪير هئا، ڪٿان آيا، سندن سماجي ۽ سياسي حالتون ڪيئن هيون. سومرا ڪڏهن ۽ ڪيئن اُسريا ۽ اقتدار ڪيئن حاصل ڪيائون. سندن حڪومت جو دور ڪيئن ۽ ڪڏهن ختم ٿيو ۽ ڪيترو عرصو اقتدار ۾ رهيا. انهن ۽ اهڙن ٻين سوالن جا علمي ۽ تاريخي انگ اکر تاريخي ڪتابن جي اڀياس ڪرڻ سان حاصل ڪري سگهجن ٿا. اهڙيءَ گهرائي ۾ وڃڻ کان پاسو ڪري سندن مختصر ذڪر ڪبو ته جيئن سندن حڪومت جي خبر پئجي سگهجي.

تاريخي ڪتابن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته سومرن جي عهد جي ابتدا سن 723ع کان ٿي آهي. سندن سلطنت جون حدون تمام وسيع هيون. سندن پهريون حاڪم/ بادشاهه راجا دلوراء ۽ سومرو هو. جيڪو اروڙ جو والي هيو. ان لحاظ سان ائين چئي سگهجي ٿو ته سومرن جي سنڌ تي اٽڪل ست اٺ صديون حڪومت رهي. ايڏي ڊگهي عرصي کان پوءِ سندن سلطنت جو آفتاب سمن جي هٿان هميشه لاءِ غروب ٿي ويو. سندن وسيع ۽ عظيم سلطنت جي حدن ۽ شهرن بابت پروفيسر محرم خان لکي ٿو ته:

”سومرن جي حڪومت، اتر ۾ ديروغازي خان، ملتان، اُچ، پَٽن، سبي، اروڙ، سيوهڻ، بکر وغيره، ۽ اڀرندي ڏي راجسٿان، لوڌيرو (لڊاڻو) جيسلمير، ڍٽ، پونڳل، بيڪانير، ٿر، برهمڻ آباد ۽ عمرڪوٽ وغيره؛ ڏکڻ ڏي گجرات، مالوهه، ڪاٺياواڙ، ڪڇ، سورت، وڳهه ڪوٽ ۽ روپا ماڙي وغيره؛ ۽ الهندي ڏي ڪيچ، مڪران، لسٻيلو، قلات، جهالاوان، ڪاڇي ۽ اتر اڀرندي بلوچستان، سبيءَ کان ڦِري ديري غازي خان تائين“ (خان-125/3-4-1966ع) پکڙيل هئي. ايڏي وڏي سلطنت تي مختلف سومرا بادشاهه حڪومت هلائيندا هئا. ڇو ته وسيع سلطنت کي سنڀالڻ هڪ حاڪم جي هٿ وس کان ٻاهر هو. ائين ئي سومرن جا مختلف سردار/ حاڪم مختلف علائقن تي حڪومت ڪندا هئا. سومرن جي حڪومت اٽڪل ست- اٺ صديون هلي پوءِ پڄاڻيءَ تي پهچي ٿي. سندن خاتمي جو سَنُ 1351ع نه آهي. جيئن عام طور تي ورجائجي ٿو. بلڪ سندن حڪومت جو خاتمو سمن جي اچڻ سان ٿيو. خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو، ته جڏهن سمن زور ورتو هوندو، تڏهن سومرن کان حڪومت کسي هوندائون. ايڏي وسيع سلطنت جي باري ۾ پروفيسر محرم خان لکي ٿو ته:

”ايڏي وسيع ۽ عظيم سلطنت ڪيئن ۽ ڪڏهن ختم ٿي؟ ان جو ٿلهي ليکي جواب آهي ته اها 1350ع ۾ سمن هٿان ختم ٿي. هيءُ ڄام انڙ جي هٿان، سيوهڻ جي مَلڪ رتن جي مارجڻ جو واقعو آهي؛ جڏهن انڙ ڄام درياهه جي الهندي، ٺٽي ۽ دادو ضلعن ۾ سمن جي طاقت جو بنياد رکيو.

هيءُ ڪو سومرن جي خاتمي جو قطعي واقعو نه آهي. هن واقعي کان پوءِ سومرن پنهنجي حڪومت جو فقط ڪجهه حصو ئي ڇڏيو آهي. هن کان پوءِ به هڪ ٻه صديون سومرن جي حڪومت اڀرندي سنڌ ۽ راجسٿان ۾ باقاعدي هلندي رهي آهي. سومرا حڪومت جو پهريون دؤر ڄام انڙ جي سوڀ کان ڪجهه اڳڀرو پورو وٿيو هو، جڏهن هنن الهندي لاڙ واري مرڪز کي ڇڏي ڏنو ۽ سمن کي اسرڻ جو موقعو مليو. هن کان پوءِ سومرن ۽ سمن جون ٻه متوازن حڪومتون الهندي ۽ اڀرندي سنڌ تي گڏوگڏ هلنديون رهيون آهن، پر سومرن جي ڀيٽ ۾ سما حڪومت فقط صدي- ڏيڍ صدي هلي آهي، سا به اولهه- ڏکڻ سنڌ تي“. (خان-125/3-4-1966ع). پروفيسر محرم خان جي بيان مان ثابت ٿو ٿئي ته ملڪ رتن، ڄام انڙ جي هٿان 1350ع تي قتل ٿيو ۽ ڄام انڙ سمن جي حڪومت جو مضبوط پايو وڌو. جڏهن ته سومرن جي حڪومت جو مڪمل خاتمو نه ٿيو آهي. ان جي برعڪس ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي لکي ٿو ته:

سما سومرن جي خلاف پهرين پهرين 1334ع-1333ع ۾ اٿي کڙا ٿيا. ۽ ڄام انڙ سَمن جي پهرئين سردار طور اُڀريو. جنهن ساڍا ٽي سال حڪومت ڪئي. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ ڄام جُونا تخت تي ويٺو. جيڪو تيرنهن سال حڪومت ڪري 1346ع-1350ع ۾ فوت ٿي ويو.“ (ڇٻلاڻي-259-1968ع)

ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ۽ پروفيسر محرم خان جي بيانن ۾ ڪافي مونجهارو آهي ڇو ته پروفيسر صاحب ملڪ رتن جو قتل، ڄام انڙ جي هٿان 1350ع ۾ ڄاڻائي ٿو، جڏهن ته ڊاڪٽر ڇٻلاڻي، ڄام انڙ جي ڀاءُ ڄام جونا جي وقت 1350ع لکي ٿو. هاڻي ڪيئن ٻنهي بيانن سان متفق ڪا راءِ قائم ڪجي. ٻنهي اديبن ۽ عالمن جي تحريرن ۾ تمام گهڻو فرق نظر اچي ٿو. ۽ اهو به ڪيئن مڃجي ته سمن 34- 1333ع ڌاري سومرن جي خلاف پنهنجو جهنڊو بلند ڪيو. خير! ڪيئن به هجي. ان جي گهرائيءَ ۾ وڃڻ جي ضرورت نه آهي، ڇو ته ڳالهه پئي ڪيم جوڻاڻيءَ جي، جنهن ڏانهن واپس اچون ٿا ۽ هن بيان سان وڌيڪ پنهنجو سروڪار نه آهي. جو هِتي ويهي اُن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪجي.

ابن- بطوطه جي سفرنامي مان ظاهر ٿو ٿئي ته هو ايران کان ڪوئيٽا رستي اچي؛ ڊيرا بگٽيءَ کان ٿيندو جوڻاڻيءَ (جَناني) پهتو. ان وقت سومرن جي حڪومت هئي. جَناني Janani ۽ سيوهڻ شريف خوبصورت هئا. ان دور ۾ هيءُ شهر سنڌونديءَ جي اوڀر ڪناري تي وسندڙ ۽ وڻندڙ هئا. تاريخ مبارڪشاهيءَ جي حوالي سان ايم-ايڇ پنهور لکي ٿو ته:

”جَناني شهر ٽن ميلن جي مفاصلي تي سيوهڻ کان ڏکڻ طرف هو.“ (پنهور-207-1983ع)

هي چوڻ/لکڻ قطعي درست نه آهي، ڇو ته جناني شهر سيوهڻ کان اڳ ۾ اچي ٿو، نه ڪي پوءِ ۾، ابن بطوطه جَناني شهر ۾ اچي، پوءِ سيوهڻ ويو آهي، جيڪو سندس سفرنامي مان واضح آهي. اها مبارڪشاهي جي مصنف جي ڀُل چئبي، جيڪو جناني شهر کي سيوهڻ کان ڏکڻ طرف ڄاڻائي ٿو. هن بيان تي ٿورو پنهور صاحب کي به پنهنجو رايو ڏيڻ گهرجي ها. يا ان جي ڇنڊڇاڻ ۾ ڪي ٻه اکر لکي وضاحت ڪري ها، ته حقيقت پڌري ٿي پوي ها. هونءِ به نقشي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو. ته لاڙڪاڻي کان پوءِ جناني شهر ۽ سيوهڻ کان اول ڏيکاريو ويو آهي.

ابن بطوطه فقط انهن شهرن جو بيان ڪيو آهي، جتي پاڻ ڪجهه وقت رهي پيو هو. ”هن سنڌ جي صرف چئن شهرن ”جَناڻي (جناني)، سيستان يا سيوهڻ، بکر ۽ لهري بندر“ جو بيان ڪيو آهي. هي انوقت سنڌ ۾ آيو، جنهن وقت سما ۽ سومرا هڪ ٻئي سان جنگين ۾ رڌل هئا.“ (ڇٻلاڻي-261- 1968ع)

جناني شهر 1333ع ۾ هن علائقي جو وڏو بندر هيو، جتان مال ٻاهرين ملڪن ۾ ويندو هو، ۽ جابلو علائقي جا ڪافي شهر هن بندر وسيلي وڻج واپار ڪندا هئا. ٿي سگهي ٿو ته جناني لفظ جنان مان نڪتو هجي، جنهن جي معنيٰ آهي بهشت، يعني سرسبز ۽ وڻندڙ. جنان مان ڦري جناني ٿيو هجي. يا هن تي ڪنهن سومري سردار يا ڪنهن عرب جو نالي يا پاڙي پٺيان نالو جناني پيو هجي.

دراصل سنڌودرياهه جو وڏو وهڪرو آڳاٽي سَمي ۾ موجود شهر ڪنڌ ڪوٽ لڳ درياهه مان نڪري موجوده شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن مان وهي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ پوندو هو. هيءُ وهڪرو سڪندر مقدونيءَ جي حملي وقت موجود هيو. جنهن کان پوءِ هن وهڪري ڪجهه قدر رخ بدلايو ۽ ان مان ڪجهه ڦاٽ نڪري اچي وري سنڌودرياهه ۾ پيا. جتي انهن واهن ۽ ڦاٽن جو پاڻي پاڻ ۾ ملندو هو. ان حصي کي ميل سڏيو ويندو هو. اڄ به اهو حصو ”ميل“ سڏيو وڃي ٿو. ميل وارو حصو لاڙڪاڻي، قنبر ۽ وارهه تعلقن ۾ آهي. سال 1942ع ۾ درياهي ٻوڏ جو پاڻي، انهي قديم وهڪري سان وَهيو هو. (سنڌي-64-2001ع)

هيءُ درياهي وهڪرو نهايت قديم ۽ آڳاٽو آهي. هِن درياهه جي ڪپ تي اوڀر طرف کان هڪ شهر جناني Janani آباد ۽ شاداب هو. هيءُ شهر موجوده وارهه شهر کان اٽڪل چار پنج سؤَ سال اڳ وسندڙ ۽ خوبصورت شهر هوندو هو. گومل لڪ ۽ فورٽ سنڊيمن کان ٽپي، ڊيرا بگٽي کان ٿيندو اچي، دنيا جو مشهور عرب سياح ابن بطوطه هن شهر مان لنگهي سيوهڻ ويو هو. (جيئن نقشي مان ظاهر آهي.) ابن بطوطه سن 1333ع/734 هجري ۾ سنڌونديءَ کان لنگهيو. هن سفر دوران سنڌ جي جهنگل ۾ هڪ گينڊو ڏٺو. ٻه ڏينهن پنڌ ڪري شهر جَنانيءَ ۾ پهتو هو. هن شهر بابت ابن بطوطه لکي ٿو ته:

”جَنانيءَ سنڌونديءَ جي ڪناري تي هڪ وڏو ۽ سهڻو شهر آهي ۽ منجهس وڻندڙ بازاريون آهن، هن شهر ۾ سومرا قوم جا ماڻهو آباد آهن، جيڪي قديم زماني کان هتي رهندڙ آهن. جيئن ”سنڌ جي فتح“ ۾ مؤرخ لکن ٿا ته حجاج بن يوسف جي وقت ۾ سنڌ فتح ٿي، ته هنن جا وڏا هن شهر ۾ رهندا هئا. شيخ رڪن الدين بن شيخ شمس الدين بن شيخ بهاؤالحق ذڪريا ملتاني، مون کي ٻڌايو هو ته سندن پڙڏاڏو محمد ابن قاسم قريشي فاتح سنڌ جي ان لشڪر ۾ موجود هو، جيڪو حجاج بن يوسف  عراق کان موڪليو هو. پوءِ هو هن ملڪ ۾ ترسي پيو ۽ هن جو اولاد وڌي ويو. هيءُ شيخ رڪن الدين اهو آهي، جنهن جي باري ۾ مون کي شيخ برهان الدين اعرج ”اسڪندريه“ جي شهر ۾ چيو هو ته: ”تون ان سان ملجانءِ.“ اهڙي ريت سومرن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ اٿڻي ويهڻيءَ متعلق هن ريت لکيو اٿس ته: ”سومرا قوم جا ماڻهو ڪنهن سان گڏ ڪين کائيندا آهن ۽ جڏهن به هو کائيندا آهن، تڏهن ڪوبه شخص هنن جي طرف ڏسندو ناهي، هو پنهنجي قوم (ذات) وارن کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به مِٽي مائٽي ڪونه ڪندا آهن. ان زماني ۾ سندن سردار ”ونار“ نالي هڪ شخص هو.“ (بطوطه-7-8-1976ع).

جڏهن ابن بطوطه هن شهر مان لنگهيو، ته ان وقت هي شهر کيس تمام پسند پيو. معنيٰ ته هي شهر ابن بطوطه جي اچڻ کان ڪافي وقت اڳي نهايت آباد ۽ وڻندڙ هيو، جو هن جي ساراهه ڪئي اٿس. ابن بطوطه کان سواءِ هن شهر بابت ڪابه تاريخي ۽ مستند ثابتي ڪانه ٿي ملي.

هي اُهو جَناني Janani آهي، جنهن جا آثار اڄ به نالي ماتر ملن ٿا. هيءُ شهر لاڙڪاڻي کان اولهه طرف، سنڌو درياهه جي اولاهين وهڪري جي اوڀر ڪناري تي آباد هو. جيڪو سنڌ درياء جي رخ مٽائڻ سبب پنهنجو شان شوڪت ۽ عظمت وڃائي ويٺو. سنڌو درياهه جي ڪري ئي کيس تباهي ۽ بربادي نصيب ۾ آئي. ابن بطوطه جي بيان مان واضح آهي ته هن شهر ۾ انساني ضرورتن جون سڀ گهُرجون موجود هيون ۽ آمدورفت ۽ وڻج واپار جي لحاظ کان پڻ موزون ۽ مناسب هيو. ڇو ته هي عظيم شاهراهه وسيلي ڪيترن ئي ناميارن شهرن سان ڳنڍيل هو ۽ هن جو وڻج واپار پڻ ٻين ملڪن سان ٿيندو هو. ابن بطوطه جي بيان مطابق ته هيءُ شهر 1333ع کان به اڳ آباد هو. هن وقت هن شهر کي اٽڪل پنج سؤ سالن کان به گهڻو عرصو گذري چڪو آهي. هن شهر جي تاريخ، سنڌ جي ٻين پراڻن شهرن کان وڌيڪ نه ته به انهن جي برابر نهايت ئي شاندار هوندي. هن جي ختم ٿيڻ بابت ايم. ايڇ پنهور جي حوالي سان ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ لکي ٿو ته:

”سن 1300ع ڌاري درياهه جي دوآٻي واري ڦاٽ گونگري اتان وَهڻ ڇڏي ڏنو. سومرن تختگاهه ٺٽي کي ڪيو. سن 1351ع ۾ جوڻاڻي ختم ٿي چڪو هو. گمان آهي ته سمن ان کي ساڙيو هوندو. هنن سومرن جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ تشدد جو استعمال ڪيو هو.“ (ٻُٽ-35-1/1996ع).

هن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته جَناني شهر سومرن جي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ يا مرڪزي شهر هوندو. جيڪو سنڌودرياهه جي الهندي وهڪري تي هڪ خوبصورت ۽ وسندڙ شهر جي صورت ۾ نمايان حيثيت جو حامل هو. اهڙيءَ طرح هيءُ شهر سومرن جي حڪومت ختم ٿيڻ سان پنهنجي رونق ۽ سوڀيا وڃائي ويٺو. سمن هن طرف سومرن جي طاقت کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ حربا استعمال ڪيا هوندا.

جَنانيءَ جي قديم شهر جو ذڪر، سنڌ جي ڪنهن به تاريخ ۾ آيل نه آهي. افسوس جو سنڌ جي ڪنهن به مؤرخ هن جي ذري جيترو احوال به بيان نه ڪيو آهي. قديم زماني ۾ هن شهر جو وڏو اوج هيو ۽ سنڌ جي اهم ۽ مکيه شهرن مان هڪ هو. سندس ان وقت وڏي شهرت هئي، پر الائي ڪهڙي سبب مؤرخن هن کي وساري ڇڏيو آهي. بس هڪ ابن بطوطه ئي آهي، جنهن هن شهر کي زنده جاويد بنايو آهي، جنهن جي ڪري هن شهر جو نالو هميشه جي لاءِ تاريخ ۾ محفوظ ٿي ويو آهي.

اڳ ۾ واضح ٿي چڪو آهي ته جَناني شهر جي تباهي 1351ع ۾ سمن جي هٿان ٿي. اهڙي ريت هن سدا بهار ۽ پررونق شهر جي رهاڪن ان جي ڀرسان ئي ساڳئي نالي سان ٻيو شهر ٻَڌو، جنهن جا هن وقت ڪي به آثار موجود نه آهن. هن شهر کي تباهه ٿئي وڏو عرصو ٿيو آهي. جَناني شهر جا نشان سومرن ۽ سمن جي دورن (1525ع-1000ع) ۾ موجود هئا. ان کان علاوه جڏهن شاهه بيگ ارغون جي فوج (1523ع- 1517ع) سنڌ تي ڪاهيو هو، تڏهن به هن شهر جا ڦٽل آثار موجود هئا. اهڙيءَ ريت شاهه حسن به سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ پنهنجي فوج (1554ع-1524ع) کي موڪليو هو، ان وقت به هن شهر جي نشانن کي موجود ڏيکاريو ويو آهي. هي نقشا پڻ هتي ڏجن ٿا. جن تي جَناني شهر کي ظاهر ڪيو ويو آهي. هي نقشا ان ڪري پيش ڪجن ٿا، ته جيئن جناني شهر جي باري ۾ ڪا مستند راءِ جوڙي سگهجي.

جَناني شهر، وارهه شهر کان ڏکڻ طرف اٽڪل ٽن ڪلوميٽرن جي سڏ پنڌ تي آباد هو ۽ موجوده جوڻاڻيءَ کان اوڀر طرف ٻن اڍائي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آباد ۽ شاداب شهر هو. (جيئن ابن بطوطه جي بيان مان ظاهر آهي). ۽ وارهه شهر کان گذرندڙ پُنا/ڊيفال شاخ جي اوڀر پاسي ۾ هيو. هن وقت اهڙو ڪوبه نشان موجود نه آهي، جنهن مان جناني شهر جو پَتو لڳائي سگهجي. باقي اڄڪلهه ته هن ڦٽل شهر جي آثارن کي پراڻو شهر (يعني جوڻاڻي/ جناني) سڏيو وڃي ٿو. موجوده شهر جوڻاڻي وارهه شهر کان اولهه- ڏکڻ طرف پنجن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي. هن شهر جي باري ۾ مختلف روايتون ملن ٿيون.

هڪ روايت مطابق هن شهر تي جُوڻاڻي نالو ان ڪري پيو، جو ”جُوڻو“ نالي تونيه قوم/ذات جو هڪ شخص رهندو هو، جنهن هيءُ شهر/ ڳوٺ ٻڌايو، تونيا ذات جي اڪثريت هوندي هئي. مذڪور شخص ”جُوڻو“ ڳوٺ/شهر جو چڱو مڙس سڏبو هو. جنهنڪري سندس نالي پٺيان جُوڻاڻي ڳوٺ/شهر تاريخ جي ورقن تي درج آهي. جُوڻي جي نالي سان تونين جو ”جُوڻاڻي پاڙو“ مشهور آهي ۽ پشت بپشت هنن مان ذات ۽ ڳوٺ جو چڱو مڙس/رئيس به ٿيندو پيو اچي. مرحوم مولوي محمود ولد عبدالله ڊکڻ (سومرو) جي روايت موجب ته: ”تونيه قوم/ذات جو يونس نالي هڪ شخص رهندو هو، جيڪو يونس مان ڦري جُوڻس سڏجڻ ۾ آيو، جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو تيئن تيئن اڳتي هلي جُونس مان ”جُوڻس“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو ۽ جوڻس مان وري ”جُوڻو“ مقبول ٿيو. اهڙيءَ طرح هيءُ ڳوٺ ”جُوڻاڻي“ جي نالي سان نروار ٿيو.“

جيتري قدر معلوم ٿيو آهي ته هيءُ ڳوٺ اٽڪل چار سؤ سالن کان به گهڻو آڳاٽو/پراڻو آهي. ڳوٺ ۾ هندن جو تعداد تمام گهڻو رهندو هو ۽ ڳوٺ ۾ چڱيون بازاريون هيون، جنهن ۾ هندن جا دڪان گهڻائي ۾ هوندا هئا. هيءُ ڳوٺ شروع شروع ۾ واري جي دڙن ۽ ڀٽن تي ٻَڌايو ويو. جنهن جي چوڌاري وڏي ساوڪ ۽ سرسبزي هوندي هئي. هتان جا سچا سَر مشهور هئا، جن مان واڻ وَٽي واپار ڪيو ويندو هو ۽ هتان جو واڻ پري پري تائين سوکڙي طور سنگت ساٿ ۽ دوستن کي موڪليو ويندو هو. اهڙيءَ ريت ڳوٺ ۾ ۽ ڳوٺ جي چوڌاري لَوَن، نمن، ٻيرين ۽ ڪنڊين جا وڻ نهايت جام هوندا هئا. ويجهي دور ۾ مختلف وڻن جا جهُڳٽا موجود هئا، جيڪي ڪجهه عرصي کان وٺي ختم ٿي ويا آهن. ڪنڊيون ايتريون ته هيون، جو ماڻهو سڱريون ميڙي، انهن مان ڪَڻا ڪڍي، پينهين ماني پچائي کائيندا هئا. هن ڳوٺ جو پاڻي ايڏو ته مٺو ۽ وڻندڙ هيو، جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي. پوک جي لحاظ کان پاڻي بنهه گهٽ هوندو هو. ڳوٺ جي چوڌاري کوهه هوندا هئا. جن تي نار چاڙهي آبادي ڪئي ويندي هئي. سال 1942ع جي ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي هئي. هن عظيم سيلاب جي ڪري آهستي آهستي پاڻي ڦرندو ۽ مٽبو رهيو، هن وقت پيئڻ جي لائق ئي نه آهي، ڳوٺ جي چوڌاري سيلاب ۽ کاري پاڻيءَ جي ڪري زمينون غيرآباد ۽ برباديءَ جي نذر ٿي ويون آهن. ها، ڳالهه پئي ڪئي سون جوڻاڻيءَ جي ٻَڌجڻ ۽ آباد ٿيڻ جي. سو اچون ٿا موٽي پنهنجي مقصد ڏانهن. ڳوٺ جي چڱي مڙس/رئيس عبدالرحمٰن ولد محمد خان تونئي روايت ڪندي ٻڌايو ته:

”وڏن کان روايت بَه روايت ٻڌندا پيا اچون ته اسان جي خاندان مان ”جُوڻو“ نالي هڪ شخص هيو. جيڪو گاجي کهاوڙ جي طرف آنهون ڍنڍ جي ڀرسان جو رهندڙ هو. جيڪو پنهنجي قبيلي جو چڱو مڙس ۽ سرڪش ۽ سرڪردو ماڻهو هو. ان وقت ڪلهوڙن جي حڪومت هئي، هن پاسي کهاوڙ قبيلي جا ماڻهو آباد هئا، جن کي اِهو گمان ويٺو ته ”جُوڻو“ ڏاڍو سخت ۽ سرڪش ماڻهو آهي، متان اسان جي زمينن تي قابض ٿي وڃي. ان ڪري کيس هتان ڪنهن به بهاني سان لڏائجي ته چڱو. آخرڪار کهاوڙن جي حرفت ۽ چالاڪيءَ سبب ”جُوڻي“ کي اهي پَڊ ڇڏڻا پيا. اهي پَڊ ڇڏي ڪري اچي هن هڪ ڳوٺ ٻَڌو، جيڪو ”جُوڻاڻي“ سڏجڻ ۾ آيو. هن ڳوٺ جي قائم ٿيڻ کان پوءِ جلدي پراڻي شهر جوڻاڻي/جنانيءَ جا ماڻهو لڏي اچي هن نئين قائم ٿيل شهر جوڻاڻيءَ ۾ ويٺا. اهڙي ئي لحاظ سان اهو پراڻو ڳوٺ صفا ويران ٿي ويو ۽ جوڻاڻي ڳوٺ جي رونق وئي ٿي وڌندي. موجوده وقت ۾ وارهه تعلقي ۾ هڪ ”ديهه جوڻاڻي“ مشهور آهي. جُوڻي کي اها ديهه ان وقت جي حڪمران ڏني.“ (تونيو)

هِتان (جناني ڀرسان) سنڌودرياهه جو وڏو وهڪرو وهندو هو. جيڪو سڌو سنئون ڇوڙ منڇر ڍنڍ ۾ ڪندو هو. (جيئن اڳ ۾ بيان ٿي چڪو آهي) ان وقت اروڙ جو بادشاهه دلوراء (729ع-723ع) هو. جنهن کي عام طور تي ”دلو“ به سڏيو ويندو هو. ان کان پوءِ دلوراء ٻئي يا ٽئين جا نالا به تاريخن مان معلوم ٿين ٿا. دلوراءِ لاءِ مشهور آهي ته هي نهايت ظالم هيو. سندس حڪومت ۾ جڏهن به ڪا جوان/بالغ ڇوڪري پرڻبي هئي ته ان کي لانئُن لهڻ کان اڳ ۾ پاڻ وٽ گهرائيندو هو. هڪ دفعي هن جي ڀاڻيجيءَ جو وهانءُ هو. هن دستور مطابق حڪم ڪيو ته اها ڇوڪري/ڀاڻيجي منهنجي حوالي ڪئي وڃي. آخرڪار سندس ڀيڻ ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي، سندس محلات ۾، سندس اڳيان ميڙيون منٿون ۽ آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳي، پر وريو ڪجهه به ڪي ڪين! جڏهن اهو وقت ويجهو آيو، تڏهن پوءِ هن ظالم حڪمران جا اهڙا ناپاڪ ارادا مِٽيءَ ۾ ملي ويا ۽ سندس ننگري تباهه ٿي. ان ظالم جي بيهودي ۽ اڍنگي روش ۽ سندس ننگريءَ جي برباديءَ جي باري ۾ ڀيرو مل لکي ٿو ته:

”سومرن جي صاحبيءَ ۾ دلوراءِ نالي هڪ راجا ٿي گذريو آهي، جنهن ڪيترائي ڪلور ڪيا هئا. هن کي هيءَ وٺ هئي، ته سندس صاحبي ۾ جيڪا به جوان ڇوڪري پرڻبي هئي، سا پهرينءَ رات پاڻ وٽ گهرائي وٺندو هو. هن قهر جي ڪم ڪري رعيتي ماڻهن جي رڳ رڳ کيس پئي پٽيو. ڪنهن وقت خود سنديس سڳي ڀاڻيجي ٿي پرڻي، ته هن لاءِ به حڪم ٿيو ته پهرينءَ رات سندس محلات ۾ موڪلي وڃي. انهي تي ڀيڻس ڳچيءَ ۾ ڪپڙو پائي، وڃي پيرن تي ڪريس ۽ هٿ ٻڌي، ليلائي چيائينس ته ”منهنجي آنڊي ڄائيءَ کي پنهنجي نياڻي سمجهي، سندس سَت نه بگاڙيو!“ پر هي مادئمهرو ڪين مڙيو، جو پنهنجيءَ ڳالهه تي هوڏ ٻڌي بيٺو ته هي ماءُ ڌيءُ ٻئي لوساٽجي وييون ۽ اوڇنگارون ڏيئي زار زار روئڻ لڳيون. سچ چيو اٿن ته ”آهه غريبان قهر خدائي!“ هنن اٻلائن جي آهه عرش تائين پهتي، ته ڏسو سخت طوفان لڳو، جنهن ڌرتي ۽ آسمان گڏي هڪ ڪري ڇڏيا. اوڏيءَ مهل اوڙڪون به اهڙيون وسيون، جي نه ڪنهن ڏٺيون نه  ٻڌيون. اوچتو شهر جي مٿان وڄ ڪري ۽ ڌرتي به ڌُٻي، جنهنڪري دلوراءِ جي نگري برهمڻ آباد ناس ٿي ويئي ۽ ٻيا ڪيترا وَسيل شهر، جي سندس صاحبيءَ ۾ بَلي بَلي هئا. سي سڀ ويران ٿي ويا. انهيءَ الاهي آفت وقت لاڙڪاڻي طرف هن وسيع شهر (موهن جو دڙو) جون جايون زمين دوز ٿيون ۽ ڪئين ماڻهو دٻجي مري ويا.“ (آڏواڻي-80-1980ع) موهن جي دڙي سان گڏ ٻيا به ڪيترائي شهر دڙن جي صورت ۾ تبديل ٿي ويا. جن جا آثارن ڏسي سگهجن ٿا. اهڙا ڦٽل شهر، لاڙڪاڻي ضلعي جي حدن ۾ تمام گهڻا آهن، مثلاً: جهڪر جو دڙو، ڀنڀري جو دڙو، بڊام جو دڙو، چنهڙ جو دڙو، ڪاروهر جو دڙو، راٻاريءَ جو دڙو، نانگ جو دڙو، چندنيءَ جو دڙو، ڊانبي جو دڙو وغيره۔ هن وڏي وهڪري جي سڪي وڃڻ ۽ دلوراءِ جي بڇڙن افعالن جي بابت رئيس عبدالرحمٰن ولد محمد خان تونيو هن ريت روايت ڪري ٿو ته:

”سنڌو درياهه جي هن وهڪري جي برباد ٿيڻ ۽ سُڪي وڃڻ لاءِ مشهور آهي ته ان وقت ”دلوء“ جي حڪومت هوندي هئي، جنهن کي دلوراءِ به سڏيندا هئا. ان زماني ۾ هڪ سوداگر واپار سانگي پنهنجي زال سميت، ٻيڙو ڀرائي هن درياهه جي رستي مال کنيو اڳتي پئي ويو. سيوهڻ يا اڃا به ان کان اڳڀرو. ڇو ته جناني (جوڻاڻي) تنهن وقت ۾ چڱو بندر هيو. ان سوداگر جي زال منهن مهانڊي ۾ تمام حسين ۽ خوبصورت ۽ ملوڪ شهزادي پنهنجو مٽ پاڻ هئي. ڪنهن ماڻهن وڃي دلوراءِ کي ٻڌايو ته هتي هڪ سوداگر آيو آهي، جنهن جي زال تمام خوبصورت آهي ۽ توهان جي محلات ۾ ئي سونهين! دلوراءِ حڪم ڪيو ته سوداگر کي سندس زال ۽ مال سميت روڪيو وڃي. دلوراءِ جي ايلچين اچي سوداگر کي بادشاهه جو حڪم پهچايو، ته توکي ڪجهه وقت هتي رهڻو آهي ۽ اهوئي اوهان لاءِ حاڪم دلوراءِ جو حڪم آهي. سو سوداگر ظالم حڪمران دلوراءِ جو حڪم ٻڌي خدا تعاليٰ کي ٻاڏائڻ لڳو. آخرڪار بارگاهه ايزديءَ ۾ سندس عرض اِگهاڻو. جڏهن سوداگر پنهنجو ٻيڙو درياهه ۾ لاهي روانو ڪيو ته پويان درياهَه ڏَرا ڏيندو ويو. (سُڪندو ويو) ائين ئي کيس ظالم حڪمران کان ڇوٽڪارو مليو. صبح جو سويل بادشاه پنهنجي نائبن کي چيو ته سوداگر کي زال سميت درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي. جڏهن هن جا همراهه درياهه تي پهتا، (جتي سوداگر هيو) ته ڏسن ته ”ڪاريءَ وارا ڪک“، سوداگر آهي ئي ڪين ۽ درياهه سڪو پيو آهي. تنهن تي هيءَ چوڻي مشهور ٿي ته:

 ”واهُڙ مُورئون ئي نه وهي ۽ ”دلو“ پُڇي ٿو نار.“

اهڙي ريت درياهه جو هيءُ وڏو وهڪرو سُڪي برباد ٿي ويو ۽ جَناني (جوڻاڻي) شهر به پنهنجو اوج وڃائي ويٺو.“ (تونيو)

هن روايت/ ڳالهه جو سڌو سنئون واسطو سيف الملوڪ بديع الجمال ڏانهن آهي. ڇو ته هيءَ روايت ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن ۾ اچي چڪي آهي. اهو به واضح ٿو ٿئي ته دلوراءِ جي ظلمن جي ڪري ڪيترائي وسندڙ ۽ وڻندڙ شهر ويران ۽ ڀڙڀانگ ۽ برباد ٿي ويا. جيئن اڳ ۾ واضح ڪيو آهي ته دلوراءِ ۽ ٻئي ۽ ٽئين جا نالا به تاريخن ۾ ملن ٿا. اهو پتو نه ٿو پوي ته هيءُ قصو ڪهڙي دلوراءِ سان منسوب آهي، جنهن لاءِ ڪابه راءِ مقرر ڪري ڪانه ٿي سگهجي. ليڪن تاريخي ڪتابن جي اڀياس ڪرڻ سان اِن ڳالهه جو ڳُر صحيح ڪري يا لهي سگهجي ٿو.

هن درياهه جي وهڪري جي سُڪي وڃڻ ڪري ڪيترائي وَسيل شهر دڙن، ڀڙن ۽ ڦِٽن جي صورت ۾ تبديل ٿي ويا. اهڙن وارهه تعلقي جي دڙن/ڦٽل آثارن جو بيان هڪ الڳ مضمون ۾ ڪيو آهي. جن جي ذڪر ڪرڻ جي هِتي ڪابه ضرورت نه آهي.

قديم ۽ آڳاٽي زماني ۾ واپار خاص ڪري ٻن وسيلن جي وسيلي ڪيو ويندو هو. هڪ خشڪي ۽ ٻيو پاڻيءَ رستي، جنهن کي بري ۽ بحري به چيو وڃي ٿو. ڪنهن به ملڪ/شهر جو هڪ وڏي بَري/خشڪي رستي يا ڪنهن بندر جي ويجهو هجڻ ان ملڪ جي ۽ شهر لاءِ خوشحالي ۽ آسودگي فخر جي باعث هوندو هو. سنڌ جو اهڙن ذريعن سبب ڪيترن ئي ملڪن سان واپار وَڙو هلندو هو. جنهن جو واپاري يا ثقافتي تعلق درياهه ۽ سمنڊ جي بندرگاهن رستي دنيا سان ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل هيو.

جيئن جيئن وقت بدلبو رهيو، تيئن تيئن ماڻهن ۾ سجاڳي ايندي رهي. ائين ئي انهن خشڪيءَ جي بدران سامونڊي/درياهي سفر کي ترجيح ۽ اوليت ڏني. خشڪيءَ جي سفر کان درياهي/سامونڊي کي تمام سولو ۽ سٺو سمجهيائون. ڇاڪاڻ ته بَري سفر جي ڀيٽ ۾ بحري سفر جلديءَ ۾ طئي ٿيڻ لڳو، جنهن سبب بري رستي واپار ۾ گهٽتائي ايندي ٿي ويئي ۽ عوام سامونڊي سفر ذريعي واپار ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو. اهڙي طرح واپار اڳي کان زياده وڌڻ لڳو. ڇو ته سنڌو درياهه جي ڪنارن تي ڪيترائي شهر ۽ بندر هوندا هئا، جتي آمدورفت جي سهولت وڌيڪ هوندي هئي. ٻاهريان واپاري/ سوداگر سامان جا ٻيڙا ڀرائي سنڌ ۾ لاهيندا هئا ۽ سنڌ جو مال کڻي واپس ويندا هئا. اهو سلسلو ڪيترو ئي وقت هلندو رهيو.

قدرتي طور تي، هوا، پاڻي ۽ مٽي جتي هڪڙن بندرن ۽ شهرن جي بربادي آندي، ته اتي وري نوان بندر ۽ شهر قائم ۽ آباد ٿيا. سنڌ جا ته ڪافي بند آڳاٽي زماني ۾ واپاري لحاظ کان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ شهرن سان ڳنڍيل هئا. لاڙڪاڻو به ڪنهن وقت ۾ سنڌ جو سٺو بندرگاهه ۽ مرڪزي شهر هيو. جيڪو ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي رونق وڃائي ويٺو. اهڙن بندرگاهن تي ننڍا وڏا مضبوط ڪوٽ ۽ سهڻا شهر اڏيل هئا. جن مان ڪيترن جو ته وقت جي تباهه ڪارين سبب تاريخي ڪتابن ۾ صرف نالو بچيو آهي، مگر ڪن جو ته پتو ئي نه ٿو پوي. هن وقت تباهه ٿيل بندرن ۽ شهرن جو ڏس پتو يا نشان ملڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي.

جيئن سومرن جي عهد ۾ جَناني (Janani) شهر تمام وسندڙ ۽ وڻندڙ ۽ آباد هيو. جنهن جو صرف ابن بطوطه ئي بيان ڪيو آهي. جنهن کان گهڻو پوءِ هن جي تباهه ۽ برباد ٿيڻ جو سال ايم ايڇ پنهور جي تحقيق مان ملي ٿو. وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن شهر جي باري ۾ وڌيڪ ڪوبه احوال نه ٿو ملي. ائين ٿو ڀانئجي ته هن شهر کي ڄڻ زمين ڳڙڪائي وئي هجي. اهڙيءَ طرح هن جو نالو تاريخ جي ورقن تان ميسارجي ويو ٿو ڀانئجي، ڇو ته ابن بطوطه کان سواءِ ٻيون سڀ تاريخون خاموش آهن، جن مان هن شهر بابت ڪو مستند احوال/ ڏس پتو ملي سگهي. هتي اهڙا ته ڪيترائي وسندڙ شهر دڙن جي صورت ۾ دٻجي ويا آهن، جن جا آثار اڄ به ان آڳاٽي زماني ڏانهن ڇڪي وٺي وڃن ٿا.

حوالا

1. آڏواڻي، ڀيرومل (1980ع) قديم سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.

 2. بطوطه، ابن (1976ع) ابن بطوطه جو سفرنامو، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.

3. ٻٽ، الهرکيو ڊاڪٽر (1-1996ع) ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

4. تونيه، رئيس عبدالرحمٰن (ڳوٺ جوڻاڻي) کان احوال ٻُڌي قلمبند ڪيو ويو. هيءَ ڳالهه 98-1997ع جي آهي. ان وقت رئيس جي عمر اٽڪل هڪ سؤ سال جي قريب هئي تاريخ 15- آگسٽ 2008ع تي راهه رباني وٺي چڪو آهي.

5. پنهور، ايم ايڇ (1983ع) ڪرونالاجيڪل ڊڪشنري (انگريزي). انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو.

6. ڇٻلاڻي- ايس پي (1968ع) سنڌ جي اقتصادي تاريخ- سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/ حيدرآباد.

7. خان، پروفيسر محرم (3-4/1966ع) ٽماهي مهراڻ ڄام شورو.

8. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر (2001ع) لاڙڪاڻو ماضي ۽ حال، موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو.

9. صديقي حبيب الله ڊاڪٽر (1996ع) تاريخ باب الاسلام سنڌ، حبيب اڪيڊمي ڄام شورو.

 

 

 


(1)  تڏهن درياء (سنڌوندي) سيوهڻ کان مٿي پنهنجي هاڻوڪي دڳ جي اولهه ۾ وهندڙ هو ۽ پاٽ ۽ ٽلٽي (Talti ۽ Pat) ان جي کاٻي ڪنڌيءَ تي هوندا هئا. (ايڇ-ٽي لئمبرڪ (1982ع) سنڌ هڪ عام جائزو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com