نذير
شاڪر بروهي
(قسط-2)
چانڊڪا پرڳڻو
(نالي جي تاريخي
قدامت، معنيٰ ۽ ان سان متصل پرڳڻن ۽ جاگيرن جو
تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو)
اهڙي ئي طرح ”جتوئي“ قبيلي کي به بلوچ شمار ڪرڻ
لاءِ هزارين صفحا ڪارا ڪيا ويا آهن. جتوئين کي
”جلال خان“ جي ننڍي اولاد ۽ ڌيءَ جاتن يا مائي
جَتو جي اولاد قرار ڏنو ويو آهي. بلوچ مؤرخ، جلال
خان (جنهن کي بلوچ مؤرخن ”رند“ قرار ڏنو آهي، جڏهن
ته تاريخ اندر سندس قبيلو يا ذات واضح نه آهي. رند
نالي هڪ پٽ هئس، جنهن جي نالي تان رند قبيلو مشهور
ٿيو، چيو وڃي ٿو. جلال خان ڪير هو؟ اها خبر خود
بلوچن کي به نه آهي) جو دور 1100ع کان 1180ع قرار
ڏين ٿا(101). هڪ ٻي جديد مؤرخ جتوئين کي جلال خان
جو پٽ ”جاتو“ جو اولاد ۽ سندس دور کي 1340ع قرار
ڏئي ٿو(102). هيٺ جلال خان کان چاڪر رند ۽ مائي
جَتو جو شجرو پيش آهي:
(دور: 1512ع- 1485ع)
مٿئين شجري جي تحقيقي مطالعي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو
ته جلال خان جي 1180ع ۾ فوت ٿيڻ کان پوءِ چاڪر
رند جي دور 1485ع کان 1512ع تائين پنج پيڙهيون ۽
سڀني جو ٽوٽل عرصو ٽي سؤ ٻٽيهه سال بيهي ٿو، ۽ في
پشت جو سراسري عرصو ڇاهٺ سال، چار مهينا ۽ چوويهه
ڏينهن بيهي ٿو. مائي جتوءَ کي ٻه نرينه اولاد هو ۽
انهن ٻنهي نرينه اولاد کي ڪيترو نرينه اولاد هو،
تنهن متعلق بلوچ تاريخ تي پردو چڙهيل آهي. ان حساب
سان ٻن پشتن کي يعني مائي جتو ۽ انهن جي ٻن نرينه
اولاد کي ڪٽ ڪريون ته پوءِ ٽوٽل ٽي پيڙهيون بيهن
ٿيون. جيڪڏهن اسان انهن ٽنهي پيڙهين جو نرينه
اولاد جو گمانن جي آڌار تي سراسري چار نرينه اولاد
ڪريون ته پوءِ هيٺيون حساب بيهي ٿو:
نمبر |
پيڙهي |
همعصر |
سراسري تعداد |
0 |
مظفر خان |
عبدالله |
0 |
1 |
؟ |
شهداد |
4 |
2 |
؟ |
شهڪ |
16 |
3 |
؟ |
چاڪر |
64 |
هن مٿئين منطقي جدول سان چاڪر رند جي دور (1512ع-
1485ع) تائين مائي جتوءَ جي ٽوٽل نرينه اولاد جو
تعداد چوهٺ يا گهٽ ۾ گهٽ سؤ جي لڳ ڀڳ بيهي ٿو.
اهڙي طرح جلال خان ڏانهن منسوب ٻين پٽن: عالي،
هوت، لاشار ۽ ڪورائي جو اولاد به ايترو ئي بيهڻ
مناسب آهي.
پر جڏهن اسان اصل تاريخي حقائق تي نظر وجهون ٿا ته
جتوئي قبيلي کي جلال خان جي ڌيءُ يا ان جي اولاد
قرار ڏيڻ سان بلوچن جو جتوئين کي بلوچ قرار ڏيڻ جو
سمورو جوڙيل مفروضو ڊهي پٽ پوي ٿو. ڇو ته ڄام فتح
خان سمي جي دور (1428ع- 1413ع) ۾ صرف شڪارپور
ايراضي يا پراڻي جتوئي پرڳڻي ۾ جتوئين جو تقريباً
ڏهن هزارن کان مٿي تعداد موجود هو. هڪ دفعو بکر جي
آسپاس ۽ جتوئي پرڳڻي ۾ جتوئين بغاوت ڪئي ته کيس
بکر جي راڄڌانيءَ ۾ اچي مٿن فوجي حملو ڪيو(103).
ان بعد ڄام تغلق شاهه جوڻو(ثاني) (1453ع- 1428ع)
جي دور ۾ پڻ بلوچن يعني جتوئين بکر جي آسپاس ۽
جتوئي پرڳڻي ۾ فتنو برپا ڪيو. ڄام جوڻو ثاني
مجبوراً اها بغاوت ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ بکر ۾ اچي،
سندن مٿان فوج ڪشي ڪري، جتوئين جي سردار کي مطيع
ڪري موٽيو(104).
هت هيءُ سوال اڀري ٿو ته جيڪڏهن جتوئين جو 1413ع ۾
شڪارپور ۽ بکر جي آسپاس تعداد ڏهن هزارن کان مٿي
موجود هو، ته پوءِ لازماً ۽ منطقي حوالي سان هو
ٻين علائقن ۾ به هوندا. هيترن جتوئين جي تعداد مان
هيءُ اندازو آرام سان لڳي سگهجي ٿو ته، سندن جد
امجد ضرور 1200ع جي برعڪس هزار ورهيه اڳ ٿي گذريو
هوندو.
جڏهن ته بلوچ مؤرخن جي افسانوي قصن ۽ ڪهاڻين مطابق
مائي جتوءَ جو دور 1200ع هو ۽ هو يعني جتوئي ان جو
اولاد آهن، منطقي ۽ تاريخي حوالي سان بي بنياد
ڳالهه بيهي ٿي. بلڪل اهڙي طرح جلال خان جي نالي
منسوب ٿيل عالي، هوت، لاشار، رند، ڪورائي پُٽن جو
اولاد، گهرام لاشاري جي ڪڇيءَ ۾ جاگير، ۽ چاڪر رند
جو سبيءَ تي حڪومت، پڻ افسانا ۽ بوگس واقعا ثابت
ٿين ٿا.
تاريخي حقائق ۽ مليل تاريخي شاهدين جي مطابق
”جتوئي“ اصل ۾ ”جت“ آهن، ۽ هڪ غير بلوچ نسل جو
قبيلو آهي. جت لفظ مختلف دورن ۽ زبانن ۾ مختلف
هنڌن تي مختلف صورتون اختيار ڪيون. پهريون دفعو
جيتي (Gaete)،
يُتي (Yuti)،
۽ ييٿا (Yetha)
لفظن جي روپ ۾ نروار ٿيو. پوءِ (105) جت، جاٽ، گجر
(گوجر)، ڪئين لفظن جو روپ اختيار ڪيو(106). بيليو
۽ سگرد ويسٽ پال، جاٽ لفظ کي اصل ۾ جت لفظ جي
تبديل ٿيل صورت قرار ڏين ٿا(107). اهڙي طرح
بلوچستان جا جدگال، اصل ۾ جت آهن ۽ سندن جتڪي
ٻوليءَ جي ڪري ’جت‘ جد+گال_ جدگال سڏجن ٿا(108).
جن کي وري براهوئي قوم جا ماڻهو ”جغدال“ سڏين ٿا.
لس ٻيلي جا سنڌي، جدگال ۽ سندن ٻولي جدگالي سڏبي
آهي(109). معنيٰ ته جدگال جغدال يا جت گال اصل ۾
سنڌي آهن.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جتن کي جاٽ ۽ جَٽن (ڄَٽَ، جَٽ)
کان ڌار ڪري کين بلوچ قرار ڏنو آهي(110) جيڪو ظني
مفروضو آهي ڇو ته سڀئي ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن
ته جَتَ سنڌ جا اصلي رهاڪو آهن ۽ پوءِ مسلمان ٿيا
(111). جيڪڏهن جَتَ، بلوچ آهن، ته پوءِ سنڌ جا
راءِ گهراڻي ۽ قلات (بلوچستان) جا سيوا گهراڻي
وارن جي ٻولي به ”جتڪي“ هئي (112). ڇا، اُهي به
جتڪي ٻولي ڳالهائڻ جي ڪري بلوچ هئا؟ بلڪل نه.
دراصل اُهي اصلي سنڌي هئا. جيئن پوسٽنس لکي ٿو ته:
”مسلمانن سنڌ 93هه (711ع) ۾ فتح ڪئي. ان وقت تائين
هن علائقي جي حڪومت سنڌين جي هٿ ۾ هئي، جيڪي
مذهبي طور هندو هئا................ (113).“
قلات جا سيوا/حڪمران، چند گهراڻن تي مشتمل هئا،
جڏهن سندن حڪومت چچ برهمڻ جي هٿان ختم ٿي، ته پوءِ
اهي براهوئي قوم جي ”اماما شاهي“ يعني هاڻي ”محمد
شهي“ قبيلي جي خدراني ذات ۾ ”سيوازئي“ پاڙي طور
شامل ۽ مشهور آهن. يعني ان دور ۾ براهوئين جي
گهڻائي ۽ طاقت ۾ هجڻ ڪري ”سيوا“ وارا براهوئي قوم
۾ ضم ٿيڻ کي پنهنجو بقا لاءِ اهم قدم تصور ڪيائون.
جتن ۽ بلوچن جي قبائلي سسٽم ۽ انهن جي نالن ۾ به
وڏو فرق آهي. بلوچ پنهنجي قبيلي جي وڏي کي
”تُمندار“ ۽ جَتَ ”مَلِڪ“ چون. بلوچ پنهنجي ذات جي
وڏي کي ”مُعتبر“ چون ۽ جڏهن ته جَتَ سنڌي لفظ
”وڏيرو“ استعمال ڪن. بلوچ پنهنجي پيڙهي جي وڏي کي
”مُقدم“ چون ۽ جَتَ ”اُورڪ“ چون(114).
”اُورڪ“ دراوڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو گهر، ڳوٺ،
پاڙو، محلي جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي(115). ۽
براهوئي ٻوليءَ ۾ ”اُرا“ معنيٰ گهر ۽ ”اُراڪ“
معنيٰ ”گهَرَ“ (جمع) آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته
جتن جي ٻوليءَ ۾ دراوڙي ٻولين جو عنصر هجڻ،
براهوئي قوم سان سندن قديم تعلق کي ظاهر ڪري ٿو،
نه ڪه بلوچن سان.
مؤرخ بيليو، جتوئين کي جت قرار ڏيندي لکي ٿو ته:
”.(116)
“Jatoi is jat
ڪجهه بلوچ مؤرخن پڻ جتوئين کي بلوچ بدران جَت قرار
ڏنو آهي(117).
يونانين پنهنجي دور ۾ ڪجهه (سڀني کي نه) سنڌ ۾
بودوباش رکندڙ گهراڻن کي، ڪجهه ان وقت يَت يا جت
جي نالي سان مشهور هئا، تن جي نالي پويان پنهنجي
ٻوليءَ جي جمع ۽ نسبتي پڇاڙي يا نشاني اُوئي
(118) بطور پڇاڙي لڳائي، کين يتوئي يا جتوئي سڏيو،
يعني جتوئي لفظ هڪ مفرد لفظ جَت ۽ ٻي پڇاڙي اوئي
جي ميلاپ (جت+اوئي-جتوئي) سان مرتب لفظ ٺهيو آهي.
هيٺ سنڌ ۾ يوناني دور ۾ ڪجهه علائقن ۽ قبيلن جا
نالا بطور ثبوت پيش ڪريون ٿا، جن جي پويان يوناني
ٻوليءَ جي پڇاڙي اوئي (Oi)
بطور نسبتي ۽ جمع جي پڇاڙي طور لڳل آهي، مثلاً
قبيلن يا علائقن جا نالا |
نسبتي ۽ جمع جي پڇاڙي |
جوڙيل لفظ |
پارڪون |
اوئي |
پارڪونوئي |
اگرونوم |
اوئي |
اگرونوموئي |
مَل |
اوئي |
ملوئي |
بوڪول |
اوئي |
بوڪولوئي |
گدروش |
اوئي |
گدروشوئي |
پارن |
اوئي |
پارنوئي |
پن |
اوئي |
پنوئي |
اراخوت |
اوئي |
اراخوتوئي |
اسپي |
اوئي |
اسپيئوئي |
استيڪن |
اوئي |
استيڪنوئي |
وڙا
بِراهه |
اوئي |
براهوئي |
گنداري |
اوئي |
گنداريئوئي(119). |
عربن جي دور کان اڳ سنڌي هندي دورن ۾ جتوئي قبيلي
جا ڪجهه گهراڻا هندي نزاد قبيلي ”اروڙ بن اروڙي“ ۾
ضم ٿي ويا، جتي هو پنهنجي اصلي نالي ”جتوئي“ جي
بدران ”چتوئي“ سڏجڻ لڳا (120). جيڪي اڄ به اتي هڪ
نک طور شامل آهن. مطلب ته جتوئي، بلوچ نه بلڪ جت ۽
سنڌي آهن.
ج:
چانڊيا جاگير واري سَندَ ۾ شمال (اتر) ۽ مشرق
(اوڀر) ڪنڊ تي/ ۾ سردار سڄڻ خان مهر جو شڪارگاهه
ڄاڻايل آهي جيڪو تحقيق طلب ۽ زيرِ بحث موضوع آهي،
ڇو ته جتوئي پرڳڻي ۾ مهرن جي موجودگي سترهين صديءَ
۾ دائود پوٽن سان لڙائيون، موجوده دور ۾ سندن ضلعي
سکر، شڪارپور جي تعلقي خانپور ۽ تعلقي لکيءَ ۾
گهڻائي، اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته مهر، هن علائقي
۾ قديم دور کان رهائش پذير آهن ۽ هتان جا مقامي
باشندا آهن. ان ڳالهه جا چٽا ۽ واضح ثبوت همعصر
تاريخي ماخذن مان به ملن ٿا.
چانڊيا جاگير واري سَنَدَ ۾ جنهن سڄڻ خان مهر ۽ ان
جي شڪارگاهه جو ذڪر آهي، تنهن متعلق هتي هيءُ سوال
اڀري ٿو ته اهو ماڻهو ڪير آهي؟ ان کي اها جاگير
ڪنهن ڏني؟ ڇا ان جا آباؤ اجداد هتي جا رهاڪو هئا
يا اهي ٻئي ڪنهن هنڌان لڏي اچي هن علائقي ۾ رهائش
اختيار ڪيائون. ڇا ان سڄڻ خان مهر جا پونئر اڃان
تائين شڪارپور ۽ سکر ضلعن ۾ موجود آهن يا نه؟ يا
هيءُ ڪردار پڻ گهرام لاشاري جي ڪردار وانگر هٿرادو
جوڙيل هڪ افسانوي قصو آهي.
تاريخي حقائق، شاهدين، مليل تاريخي مواد ۽ اسان جي
ذاتي مطالعي جي آڌار تي سکر کان جيڪب آباد تائين
جي وچ واري ايراضيءَ ۾ مهرن جو تاريخي ذڪر ستين
صديءَ جي شروع کان ئي ملي ٿو. ان دور ۾ مهر پڻ
حڪمران طبقي جا ساٿاري ۽ وڏي سياسي طاقت جا مالڪ
پڻ هئا.
مهر قبيلي جا ماڻهو پهريان، ايران مان نڪري
بلوچستان کان ٿيندا، پوءِ سموري انڊيا کنڊ ۾ پکڙجي
ويا. پنجين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ گپتا خاندان کي
شڪست ڏيئي، اُتر ڪاٺياواڙ تي پنهنجو قبضو ڄمايو.
جتي اڃا هو وڏي تعداد ۾ رهائش پذير آهن(121). سنڌ
۾ مهرن جو پڻ وڏو تعداد هو، پر اُتر سنڌ جي موجوده
مهر سرداري گهراڻي جو وڏو ”چاند“ هو، جيڪو ستين
صدي عيسوي جي شروعات ۾ راءِ گهراڻي جي راءِ ساهسي
(ٻي) (630ع کان 640ع) جو غلام هو، راءِ اڳيان وڏي
عزت حاصل ڪري ماٿيلي جو گورنر مقرر ٿيو(122). ان
کان بعد ’چاند‘ جي پونئرن جي باري ۾ ڪا معلومات نه
ٿي ملي پر تيرهين صديءَ جي شروعات ۾ سنڌ جي مهرن
بابت تاريخي اهڃاڻ ملن ٿا.
تيرهين صدي شروعات يعني 1205ع ڌاري لاڙ تي سومرن
جي حڪومت يا قبضو قائم ٿيو (123). جڏهن ته اتر ۽
اولهه سنڌ ناصر الدين قباچه (1225ع- 1205ع) جي
قبضي هيٺ آئي. هن جي قبضي هيٺ آيل سنڌ واري
علائقي تي ست راڻا هئا(124). ان دوران چيني خان،
جيڪو ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن جو جد امجد هو، پنهنجي
پيري مريديءَ جي وجهه کان مذهبي، سياسي نانءُ پيدا
ڪيو ۽ هن قباچه وٽ پيش ٿي مڪمل سياسي ۽ حڪومتي
طاقت حاصل ڪئي. قباچه هن کي ”ڄام“ جي لقب سان گڏ،
جاگير ۽ اوٻاوڙي کان وٺي لاهري بندر تائين علائقي
جي ڍل وٺڻ جو نگران مقرر ڪيو ۽ ستن راڻن کي سندس
تابع ڪيائين. هن وري انهن ستن راڻن جي ڌيئرن سان
شادي ڪري، پنهنجي سياسي طاقت مڃرائي (125). چيني
خان انهن ڪمن لاءِ پنهنجي ٻن ملازمن مان: هڪ شاهو
سمي کي ملڪي انتظام جي سنڀال لاءِ، ۽ ٻئي ملازم
جاڙو مهر کي حضوري وزير جي عهدن تي فائز ڪيو. اهڙي
طرح اولهه ۾ ڪيچ مڪران، اتر ۾ دائودجال (دائود
خيل)، ڏکڻ ۾ مارواڙ تائين ۽ اوڀر ۾ لوهري ۽ ابوهر
تائين جي سموري علائقي تي سندس حڪم هلڻ لڳو(126).
امير چيني خان جو حضوري وزير جاڙو مهر ڪير هو؟
ڪٿان جو هو؟ ان جا پونئر آهن به يا نه؟ انهن سوالن
جي جواب متعلق ڪجهه وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته چيني
خان جي هٿ هيٺ سکر کان اوٻاوڙو ۽ سکر کان جيڪب
آباد تائين وارو علائقو هو. ٿي سگهي ٿو ته چيني
خان، جاڙي مهر کي ڪا جاگير يا ڪا زمين کيڙڻ لاءِ
ڏني هجي! هن ان زمين کي آباد ڪرائڻ لاءِ ڪي نوان
واهه کوٽايا هجن. ان گمان ۽ شڪ جي بنياد تي هن وقت
سنڌ واهه (تعلقو لکي، ضلعو شڪارپور) مان بوجا ناپر
ڳوٺ، ريگيوليٽر ارڙهن ميل (تعلقو لکي) کان ٻه واهه
هڪ شير ڪوٽ شاخ ۽ ٻيو جاڙو واهه نڪرن ٿا. انهي
ٻنهي مان جاڙو واهه سکر، شڪارپور هاءِ وي ۽ ريلوي
بند ڪراس ڪري پوءِ ٻه اڌ ٿئي ٿو. انهن مان هڪ لکي
مائنر ۽ ٻيو پنهنجي پراڻي نالي يعني جاڙو واهه جي
نالي سان سڏجي ٿو. اهو جاڙو واهه، تذڪري هيٺ آيل
جاڙو خان مهر کوٽايو هو. ڇو ته اتان جي ماڻهن جو
چوڻ آهي ته اهو واهه اڳ ۾ ننڍي ۽ وَر وڪڙ شڪل ۾
موجود هو. آزادي کان پوءِ يا ٿورو اڳ ان کي ويڪرو
ٻه اڌ ڪيو ويو يعني لکي مائنر نئون آهي ۽ جاڙو يا
جاڙا واهه تمام پراڻو ۽ ساڳئي پيٽ تي موجود واهه
آهي. جاڙو واهه هن وقت يو.سي رڪ ۽ يو.سي لکيءَ جي
وچ ۾ يو. سي انتظامي حد طور به شمار ٿئي ٿو. مثلاً
جاڙو واهه يا جاڙا واهه تي ”حاجي علي محمد بروهي“
جو ڳوٺ ٻڌل آهي. جاڙو واهه انهيءَ ڳوٺ جي وچان
لنگهي ٿو. انهي واهه جي پرينءَ ڪڙ وارا گهر يو. سي
رُڪ ۾، ۽ اورين ڪڙ وارا گهر يو. سي لکيءَ ۾ شمار
ٿين ٿا. اها ڳالهه به اهم آهي ته ان واهه جي ٻنهي
ڪڙن ۽ اوسي پاسي ۾ جيڪي مهرن، بروهين، جتوئين ۽
ٻين ذاتين جا گهر ۽ ڳوٺ آهن، سي سڀئي واهه جي
مناسبت سان ”جاڙائي“ سڏجن ٿا (127).
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سنڌ واهه مان جاڙا واهه
۽ شيرڪوٽ شاخن جو گڏجي وهڻ ۽ سکر ۽ شڪارپور روڊ
ڪراس ڪرڻ تائين هلڻ جي وجهه کان انهي تي جاڙا واهه
نالو پيو هجي. اهو تصور يا مفروضو غلط آهي ڇو ته
ٻئي واهه شروع کان پنهنجي پنهنجي عليحده نالن سان
وهن ٿا. جيڪڏهن ٻنهي جي گڏجي وهڻ ڪري مٿن نالو پيو
آهي ته پوءِ ٻنهي تي ”جاڙا واهه“ نالو پوڻ گهرجي،
نه ڪه هڪ تي پوڻ گهرجي. جاڙو واهه تمام قديم آهي ۽
ساڳئي پيٽ تي موجود آهي. پوءِ ان کي کوٽائي ويڪرو
ڪري سکر، شڪارپور روڊ ڪراس ڪرڻ کان پوءِ ان مان
لکي مائينر کي ڌار ڪڍيو ويو ۽ جاڙو واهه کي ساڳئي
پيٽ تي بحال ڪري وڌيڪ ويڪرو ڪري وڏو ڪيو ويو. مطلب
ته جاڙو مهر جو سکر ۽ شڪارپور ضلعن ۾ آباد مهرن
سان تعلق ڳنڍڻ لاءِ اها هڪ ڪڙي گماني طور موجود
آهي. هتي اها ڳالهه به امڪاني طور سامهون اچي ٿي
ته جاڙو مهر، چاند جي نسل يا پشت مان هو ۽ موجوده
سکر، شڪارپور ۽ اوٻاوڙو ۾ مهر قبيلي جو سردار هو.
جاڙي مهر جي دور (1250ع- 1220ع) کان وٺي سمن جي
حاڪم صدر الدين ڄام سڪندر (اول) 1413ع-1413ع) جي
دور تائين يعني تقريباً انهن ٻن صدين تائين اتر
سنڌ جي مهرن جي حوالي سان ڪوبه تذڪرو موجود نه
آهي. ان کان بعد ڄام فتح خان سمو (دور: 1427ع-
1413ع) تقريباً 1415ع ڌاري بکر پرڳڻي تي حملو ڪري
قبضو ڪيو. ان قبضي سان موجوده بکر، شڪارپور واري
ايراضيءَ کان وٺي سبي، ڪڇي ۽ گندا واهه (گنجابو)
تائين جا علائقا سندس حڪومت جي جاگرافيائي حدن ۾
اچي ويا. ان دوران بکر جي آسپاس جي بلوچن (شڪارپور
واري علائقي جا جتوئي) بغاوت ڪئي. هِنَ، ان بغاوت
کي چٿي ڇڏيو(128). ڄام فتح خان بلوچن جي ان بغاوت
کي ختم ڪرڻ لاءِ واضح طور مهر قبيلي کي عسڪري قوت
طور سامهون آندو، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو. هن کان
بعد ڄام تغلق شاهه جوڻو (ثاني) (1453ع- 1428ع)
حاڪم بڻيو. هن جي دور ۾ جتوئين ٻيهر حاڪم ۽ مهرن
جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ امن و امان جي صورت خراب ڪري
ڇڏي. ڄام تغلق، ڄام فتح خان جي پاليسي تي ڪم ڪري
مهرن سان گڏجي جتوئين جي ان بغاوت کي ختم ڪيو ۽
سردار کي تنبيهه ڪري موٽي آيو(129). ان کان بعد
تاريخي مواد جي بنياد ۽ شاهدين جي مطابق بلوچن
يعني جتوئين، ڄام نظام الدين جي دور (1508ع-
1461ع) تائين مهرن ۽ سمن حاڪمن جي سياسي ۽ عسڪري
قوت جي داٻي ۾ رهيا ۽ ڪوبه فساد ۽ غيرقانوني قدم
نه کنيو.
ڄام فتح خان 1415ع ۾ جنهن مهر شخص کي مهر قبيلي جي
سرداري ۽ جاگير عنايت ڪئي، ان جو نالو سَنمُڪ هو.
اهو مهر سردار، مٿي ڄاڻايل ”جاڙو خان مهر“ جي
پونئرن مان هو ۽ ڄام نظام الدين جي شروعاتي دور
تائين سردار رهيو. جڏهن ڄام نظام الدين حاڪم بڻيو،
ته هن جي دور ۾ تاريخي سَندَن ۽ تاريخي تذڪرن جي
مطابق ”سردار سڄڻ خان مهر“ نالي شخص شڪارپور واري
علائقي ۾ پنهنجي پيءُ جو وارث ۽ مهر قبيلي جو
سردار بڻيو. جنهن کي موجوده ضلعو شڪارپور ۽ جيڪب
آباد وارا تعلقا بطور شڪارگاهه جي طور جاگير ۾
مليل هئا.
سردار سڄڻ خان مهر پنهنجي دور جو نالي وارو سردار
رهيو، جيئن ته ڄام نظام الدين جو دور شانتي ۽
سرسبزي جو دور هو، ان لاءِ هن کي به ڪنهن خلاف
وڙهڻ جي تڪليف پيش نه پئي. هن جو دور امن ۽
سلامتيءَ سان گذريو. هن جو نالو ۽ سندس شڪارگاهه
جو حوالو چانڊيا جاگير واري سَندَ ۾ ڏنل آهي
(130).
جڏهن ڄام نظام الدين سمو 1508ع ۾ وفات ڪري ويو ته
سنڌ ۾ ارغونن جون ارهه زورايون شروع ٿيون. جنهن
ڪري سنڌ جي مقامي قبيلن بغاوت جو سلسلو شروع ڪيو
ته ڪي ٻيا سنڌي قبيلا ڦرلٽ، چورين ۽ اغوائن جي
ڌنڌن ۾ لڳي ويا، تنهن وجهه کان اندرون سنڌ ۾ هر
طرف افراتفري، بدامنيءَ جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو.
جتوئين پڻ ان افراتفريءَ مان فائدو وٺي آسپاس جي
امن و امان واري صورت خراب ڪري ڇڏي. شاهه بيگ
ارغون، بکر جو پرڳڻو، فاضل محمود ڪوڪلتاش جي پُٽ
سلطان محمود کي ڏنو. ان جي دور ۾ لالِي مهر، جيڪو
شڪارپور ضعلي ۾ مهر قبيلي جو ناليوارو مڙس ۽
طاقتور سردار هو. پنهنجي سمورن ڀائرن (ٽوٽل ست
ڀائر هئا) سان گڏجي. شاهه بيگ ارغون جي آڏو پيش
پئي، سندس حڪومت ۽ حاڪميت کي تسليم ڪيو(131). جڏهن
ته جتوئين نابريءَ واري صورت ڏيکاري ۽ بغاوت،
ڦرلٽ، افراتفري برقرار رکي.
بالاآخر شاهه بيگ ارغون سنڌ ۽ بکر جي انتظامي ڪمن
مان آجو ٿي، لکي، خانپور ۽ ٻين آسپاس جي علائقن ۾
آباد جتوئين ڏانهن متوجه ٿيو. اهو انهن ڏينهن ۾
”جتوئي پرڳڻو“ سڏبو هو. شاهه بيگ ارغون جتوئي
پرڳڻي جي سموري جتوئي مخالف قبيلن ۽ ذاتين جي چڱن
مڙسن، وڏيرن ۽ سردارن کي، جنهن ۾ مهر قبيلي جو چڱو
مڙس ۽ سردار پڻ شامل هو، کي گهرائي ساڻن جتوئين کي
مات ڏيڻ جي باري ۾ صلاح ۽ مشورو ڪيو. آخر سڀني
جتوئين جي طاقت ۽ اُرهه زوراين کي هميشه ختم ڪرڻ
لاءِ مٿانئن حملو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. مغل يا
ارغون جيڪي اڳيئي پنهنجي سفاڪي ۽ ظلم طور مشهور
هئا، تن ان تجويز کي قبول ڪيو. مهرن پنهنجي ٻانهن
ٻيلي قبيلي ڏهرن (جيڪي ان وقت موجوده ڏهرڪي جي
ايراضيءَ جا رهاڪو هئا) کي جتوئين خلاف پاڻ سان گڏ
ساٿاري بڻايو ۽ انهن کي ڏهرڪيءَ مان گهرائي لکيءَ
جي آسپاس پنهنجي اثر و رسوخ وارن علائقن ۾
ويهاريو.
شاهه بيگ ارغون طئي شده تاريخ ۽ وقت تي مهر ۽ ڏهر
قبيلن جي مدد سان جتوئي پرڳڻي ۾ آباد جتوئين تي هڪ
مڪمل خفيه ۽ خطرناڪ حملو ڪيو، نتيجي ۾ جتوئين جا
ٻائيتاليهه ڳوٺ تباهه ڪري ڇڏيائين(132).
ايم. ايڇ پنهور صاحب، جتوئين جي ان ڳوٺن کي چانڊڪا
پرڳڻي ۾ واقع ڏيکاري ٿو. هو لکي ٿو ته:
“The 42 Balochee villages destroyed. This time
must have been in Chanduka (133).”
ايم. ايڇ پنهور صاحب جي ڄاڻايل اها جاءِ وقوع صحيح
نه آهي، بلڪه اهي ”جتوئي پرڳڻي“ ۾ واقع هئا
شاهه بيگ ارغون، جتوئين تي مڪمل طور عسڪري قوت سان
غائب ٿيڻ کان پوءِ مهرن ۽ ڏهرن مان خوش ٿي، کين نه
صرف مهرن جي سرداري بحال ڪئي، بلڪه پراڻي جاگير جي
توثيق ڪري، لالِي مهر کي سموري ”جتوئي پرڳڻي“ جو
”سردار اعليٰ“ (Chief
taincy) مقرر
ڪيائين. ٻئي طرف ارغون حاڪم، ڏهرن مان خوش ٿي، کين
پڻ لکي تعلقي ۾ ”ڏهر جاگير“ عطا ڪئي، جيڪا اڄ به
لکي تعلقي ۾ نمورو تپي ۾”ڏهر
جاگير“ جي نالي سان مشهور ۽ موجود آهي. هتي هيءَ
ڳالهه به وڏي اهميت جي حامل آهي ته مهر ۽ ڏهر،
انهيءَ ڪاميابيءَ کان پوءِ هميشه تقريباً هڪ ٻئي
جي ڀرسان ڳوٺ اڏيائون. يعني جتي مهر آباد آهن، اتي
يا ٿوري مفاصلي تي ڏهرن جو به ڪونه ڪو ڳوٺ قائم
آهي. مثلاً نوشهرو ابڙي ۾ مهرن جا گهر آهن (هاڻي
ڊسمبر 2011ع ۾ لکي تعلقي ڏانهن لڏي ويا)، ته
نوشهرو ابڙي جي اولهه ۾ ڇهه ڪلو ميٽرن جي مفاصلي
تي ”اسحاق ديرو“ (عام طور ساک ديرو) ڏهرن جو ڳوٺ
موجود آهي. ٻنهي قبيلن جي اها هڪ ٻئي ڀرسان رهائش،
جتوئين جي خلاف ويڙهاند طرف اشارو آهي يا ان دور
جي ياد تازه ڪري ٿي.يوسف ميرڪ، جتوئي پرڳڻي ۾ مهرن
يعني لالِي مهر کي سموري جتوئي پرڳڻي جي سرداري
ملڻ جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”انهي پرڳڻي جي سرداريءَ جي پڳ پوءِ مهرن کي
ٻڌرائي ويئي....... (134).“
ايم. سليم اختر پڻ يوسف ميرڪ سان متفق نظر اچي ٿو.
هو لکي ٿو ته:
“Then, he entrused the chieftaincy of that
pargana to the Mahars… (135).”
يوسف ميرڪ ۽ سليم اختر جي ان مٿين جملن مان هيٺيان
پيش ڪيل حقائق ۽ انڪشاف سامهون اچن ٿا.
-
شاهه بيگ ارغون، لالِي مهر کي مهر قبيلي سميت
سموري ”جتوئي پرڳڻي“ ۾ آباد مختلف قومن، قبيلن ۽
ذاتين، جن ۾ ڏهر، مختلف بلوچ قبيلا، ابڙا، پهوڙ،
سومرا، سما، پنهور ۽ ٻيا شامل هئا، جي سردارن مٿان
”چيف سردار“ مقرر ڪيو.
-
سورهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ موجوده ضلعي
شڪارپور (پراڻو جتوئي پرڳڻو) جي تعلقي لکي سان
واسطو رکندڙ لالِي مهر، جيڪو مهر قبيلي جي جيسراج
پاڙي مان هو ۽ سموري مهر قبيلي جو سردار بڻيو هو،
يعني ان وقت سموري مهر قبيلي جي سرداري، سياسي،
سماجي ۽ قبيلائي طاقت جو مرڪز لکي ۾ هو
خداداد خان، چار سو نوي سالن کان پوءِ به ان ڳالهه
جي تصديق هنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته:
”ماهرن (مهرن) جا سردار، جن جي سرداري انهيءَ
زماني ۾ لکي شهر، شڪارپور ۽ سکر جي اوسي پاسي
هئي.......... (136).“
هن وقت مهر قبيلي جي سردار لاءِ عام مشهور آهي ته
اهو سردار محمد بخش خان (ٻيو) ولد غلام محمد خان
مهر آهي جيڪو گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي خان ڳڙهه جي
شهر خان پور مهر ۾ رهائش پذير آهي. علي گوهر خان
مهر، علي محمد خان مهر، علي نواز خان مهر عرف راجا
خان ٽيئي ڀائر، سردار محمد بخش خان مهر جا سڳا سؤٽ
آهن. پر خداداد هاڻي يعني 1900ع دوران سردار محمد
بخش خان (اول) ولد حاجي خان مهر کي قرار ڏئي ٿو.
هو لکي ٿو ته:
”۽ هن ريت ”مهارڪي“ (مهرڪي) ۾، جا ميرپور مهاره
(ميرپور ماٿيلو) ۽ گهوٽڪي تعلقي ۾ آهي، رهائش پذير
آهن. اڄڪلهه سندن سردار ميان محمد بخش ولد حاجي
خان مهر آهي، جو خان پور تعلقي ميرپور مهاره ۾ رهي
ٿو ۽ تمام وڏو رئيس آهي......(137).“
ايٽڪن به ساڳِي ڳالهه ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته:
“Their Chief is Muhammad Baksh khan wd. Haji
khan, azamindar of khanpur in Mirpur taluka of
the Sukkur district……… (138)
هت اهو سوال ڪَرُ کڻي بيهي ٿو ته سورهين صديءَ
عيسوي ۾ شاهه بيگ ارغون جي دور ۾ لالِي مهر سردار
هو، جيڪو لکي تعلقي جو هو. پوءِ مهرن جي سرداري
لکي تعلقي مان، گهوٽڪي جي تعلقي خان ڳڙهه ۾ ڪيئن
منتقل ٿي؟ ان سوال جي جواب کي معلوم ڪرڻ ۽ سمجهڻ
لاءِ اسان کي لالِي مهر سان گڏ گولڊ سمڊ جو
شڪارپور جي لکيءَ جي مهرن جي سلسلي ۾ پيش ڪيل
بيانن کي تاريخي ۽ تحقيقي طور پرکڻو پوندو. ان کان
پوءِ اسان ڪنهن نتيجي تي پهچي جواب ڏئي سگهنداسون
يا جواب ملي سگهي ٿو. گولڊ سمڊ لکي ٿو ته:
“We learn that there were seven brothers of
tribe on Oobara near the present bhawalpoor
frontier, of whom one, by name Jaisur, not
finding a residence with his near kindred,
accord with this View of independence, turned
his step to Bukkur, the occupied by the…..
Mahmood (as may be inferred) governer under the
Shah Beg Urghoon, of the fort in 1541………
Moosa khan Mahar was a man of influence with
Mahmood, and oblative the assistance of some
hundreds to querall the disturbance, by
asserting the rights of his own side. The
consequence was the subjection of the Jatoees?
and a partition of country. Jaisur received the
tract from Mahlanee to larkana a free gift (Tindad
and mudud mash), starting that on the laps of a
generation one tenth produce would be reclaimed
by government………… (139).”
شڪارپور (تعلقي لکيءَ) جي مهرن جي تاريخ تي ضمناً
تحقيق ڪندڙن ۾ اي. ڊبليو هيوگز (جنهن گولڊ سمڊ جو
مٿيون سمورو حوالو مَن و عَن حوالي طور نقل ڪيو
آهي.) (140)، اي.ايڇ.ايٽڪن (141). مرزا قليچ بيگ
(142)، غلام احمد بدوي (143)، پروفيسر لطف الله
بدوي (144) ۽ ٻين، صرف گولڊ سمڊ ۽ هيوگز جي بيانن
تي اکيون ٻوٽي ڀروسو ڪري، وڏي علمي غلطيءَ جا
مرتڪب ٿيا آهن. گولڊ سمڊ کان وٺي موجوده دور جي
محققن، ڄام فتح خان سمو، ڄام تغلق سمو، ڄام نظام
الدين سمو جي دور ۾ سردار سڄڻ خان مهر ۽ پوءِ شاهه
بيگ ارغون جي دور ۾ لالِي مهر ۽ سندس ڀائرن جو
تعلقي لکي ۾ سرداري، قبائلي ۽ سياسي طاقت وارن
ڪارنامن کي پنهنجي تحقيق جي دائري ۾ ته نه آندو
آهي پر انهن جو ذڪر ئي نه ڪيو اٿن. ان مان اها
ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته انهن سڀني محققن ۽ مؤرخن کي
سمن حاڪمن ۽ ارغونن جي دور جي مهر سردارن جي ڪا
صحيح خبر نه هئي. ان لاءِ گولڊ سمڊ کان وٺي موجوده
دور جي محققن تائين جو مهر قبيلي جي باري ۾ پيش
ڪيل تاريخ تضادي آهي ۽ صحيح نه آهي. ڇو ته:
-
جيسور (اصل ۾ جَيسُرُ) 1522ع ڌاري اوٻاڙي مان
ڀائرن سان گڏجي لڏي اچي لکي تعلقي ۾ موسيٰ خان مهر
جي طاقت سهاري اچي ويهي رهي ٿو ۽ پوءِ جلد ايتري
عسڪري ۽ سياسي طاقت حاصل ڪري وڃي ٿو، جو محمود،
بکر حاڪم کيس هڪ وڏي جاگير مهلاڻي کان وٺي لاڙڪاڻي
تائين سوکڙي طور ڏئي ٿو(145). موجوده دور ۾ اها
جاگير مهلاڻي (اصل ۾ مهر+ آڻي يعني مهرن جي زمين)
۽ ٻيلو آباد مهلاڻي جي نالي سان لکي تعلقي جي عزت
تپي ۾ موجود آهي. (ڏسو نقشو نمبر2) پوءِ جيسور جا
پونئر لکي ۽ ٻين علائقن تي پوري طاقت سان قبضو ڪن
ٿا. ڇا؟ هڪ نئين لڏي آيل خاندان يا گروهه جو ايتري
ٿوري عرصي ۾ طاقت حاصل ڪري ويهي رهڻ ۽ حاڪم کان
جاگير سوکڙي طور وٺڻ واري ڳالهه منطقي طور ڪيتري
حد تائين مڃڻ لائق آهي!
-
جيسور مهر جي اچڻ کان هڪ سؤ ست سال اڳ ڄام فتح
خان، ڄام تغلق ۽ ڄام نندي جي دور ۾ سڄڻ خان مهر ۽
پوءِ شاهه بيگ ارغون جي دور ۾ لالِي مهر پنهنجي
ڀائرن ۽ قبيلي سان گڏ جتوئي پرڳڻي ۾ بحيثيت چيف
سردار جي پشت به پشت ۽ تسلسل سان ضلعي شڪارپور جي
لکي تعلقي ۾ موجود هو. حالانڪ اها سرداري ۽ جاگير
به کيس ئي شاهه بيگ ارغون ڏني هئي. ڇا؟ ان هڪ سال
۾ لالِي مهر ايترو ڪمزور ۽ جيسور جي طاقت جي
سامهون بيوس ٿي ويو جو جيسوَر سندس ئي علائقن ۾
ارغونن کان سوکڙي طور مهلاڻي (مهراڻي، مهلاڻي مهرن
جو هڪ پاڙو پڻ آهي) واري جاگير سوکڙي طور حاصل ڪري
ٿو.حالانڪه
تاريخي حقائق جي مطابق جيسور جو نالو صرف گولڊ سمڊ
ئي ڄاڻايو آهي، جڏهن ته سنڌ جي ٻئي ڪنهن به تاريخ
۾ ان جو ذڪر نه ٿو ملي. ان جي برعڪس لالِي مهر جو
نه صرف نالو ملي ٿو، پر منطقي ۽ گماني تاريخي
اهڃاڻن مان سندس ڪارنامن جو به پتو پوي ٿو.
-
جيسور جا پٽ، لالِي مهر جي پٽن ۽ پوٽن سان گڏجي
نوان ڳوٺ ”عزت پور“ نالي ٻڌن ٿا ۽ قبضي هيٺ آڻين
ٿا. اهو ڇو ۽ ڇا لاءِ......؟ ڇا.....؟ جيسور،
موسيٰ خان مهر ۽ لالِي مهر جي وچ ۾ ڪونه ڪو تمام
ويجهو قريبي رشتو آهي؟ ان متعلق گولڊ سمڊ ڪجهه
واضح اشارا نه ڏنا آهن ۽ نه ئي ٻين مؤرخن ڪا وضاحت
ڪئي آهي.
اسان جي تحقيق ۽ لکي (ضلعي شڪارپور) جي مهرن جي
متعلق مليل تاريخي حقائق جي مطابق جيسور ۽ لالِي
مهر پاڻ ۾ ڀائر ۽ موسيٰ خان مهر سندن ڀائٽيو هو ڇو
ته گولڊ سمڊ واضح طور جيسور جي ٻن پٽن: عاقل ۽ بکر
کي سڄڻ خان مهر جا سؤٽ قرار ڏنو آهي ۽ سڄڻ خان مهر
کي هڪ پُٽ ”ماروخان“ نالي قرار ڏنو آهي. هو لکي ٿو
ته:
“Jaisur khan remained at lukee….. and at his
death, his son Akil, in conjunction with a
brother, Bukkur, and cousin, waddeira Sujun khan
determined on building a new twon to replace the
Old one…………… Sujun also built a village, called
Maroolo, after his son Maroo-now known as
Wuzeerabad……………… Akil khan made two divisions of
Lukee-one retaining name of Town itself, the
other called Bhanbore, ofter his son……… Akil
khan died in the year 1012 of the hijra (about
1603 of the christian era). His son Sher Khan
was among the most bitter opponents of the
Daoodpotras……… (146).”
گولڊ سمڊ جي هن مٿئين بيان مطابق جيسور کي ٻه پُٽ:
هڪ عاقل ۽ ٻيو بکر هئا ۽ انهن جي سؤٽ جو نالو سڄڻ
خان هو، جنهن کي ماروخان نالي پُٽ هو. اُن جي نالي
تي مارولو (هاڻي وزير آباد، وفاقي وزير غوث بخش
خان مهر جو اباڻو ڳوٺ) نالي ڳوٺ ٻڌو. عاقل خان
لکيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهايو. هڪ جو نالو عاقل جي لکي
(جيڪو هاڻي لکي غلام شاهه جي بالڪل سامهون سکر،
شڪارپور روڊ جي ٻئي پاسي قائم آهي ۽ ٻئي جو نالو
پنهنجي ڀاءُ جي نالي ڀنڀور (موجوده دور ۾ صوبائي
اسيمبلي ميمبر انور خان مهر جو علائقو ۽ تماچاڻي
جو علائقو ان ۾ اچي ٿي ويو، مشهور آهي. ٻيو ڀنڀور
نالي ٻيلو لکي ۽ سکر تعلقن ۾ پڻ موجود آهي، اهو به
ڀنڀور جي نالي مشهور آهي) رکيائين. عاقل خان مهر
1603ع ۾ وفات ڪري ويو ته ان کان بعد هن جو پٽ شير
خان وارث بڻيو. گولڊ سمڊ جي تحرير جي آڌار، لکي
(شڪارپور) جي مهرن جو شجرو هن طرح بيهي ٿو:
دراصل لالِي مهر 1520ع ۾ سردار مقرر ٿيڻ کان پوءِ
ستت ئي فوت ٿِي ويو، هن جو پٽ سڄڻ خان (ٻيو) صغير
هو، ان لاءِ مهرن جي سرداريءَ جي پڳ لالِي مهر جي
ڀاءُ جيسوَر تي رکي وئي. لالِي مهر جو پٽ سڄڻ خان
(ٻيو) ۽ جيسوَر جا ٻه پٽ: عاقل ۽ بکر همعصر ۽
همعمر هئا. جيسوَر جي مرڻ کان پوءِ مهرن جي
سرداريءَ جي پڳ سندس پٽ تي رکي وئي. اهڙيءَ ريت
لالِي مهر جي پٽ سڄڻ خان (ٻئين) جي بدران جيسوَر
جو پٽ عاقل خان مهرن جو سردار مقرر ٿيو. گولڊ سمڊ
مهرن جي انهن اندروني واقعن يعني لالِي مهر ۽
جيسوَر جو پاڻ ۾ ڀاءُ هجڻ، لالِي مهر جي فوت ٿيڻ ۽
سرداريءَ جي پڳ جيسوَر تي ٻڌڻ جي واقعن جي خبر نه
هجڻ ڪري هو مهرن جي تاريخ کي غلط انداز ۾ پيش ڪرڻ
جي غلطي ڪري ويٺو. عاقل مهر جي وفات کان پوءِ سندس
پٽ شير خان مهر، مهر قبيلي جو سردار بڻيو. ايٽڪن،
شير خان کي مهرن جو سردار قرار ڏنو آهي. هو لکي ٿو
ته:
“Sher Khan, the chief of a colony of Mahar from
ubauro (147).”
مرزا قليچ بيگ پڻ، شير خان کي مهر قبيلي جو سردار
قرار ڏنو آهي، هو لکي ٿو ته:
”بهادر خان… جو اوٻاوڙي جي مهرن جي سردار شير خان
سان تڪرار ٿيو (148).“
يعني ته ارغونن جي دور ۾ لالِي مهر، مهرن جو سردار
هو. هن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ مهرن جي سرداري سندس
ڀاءُ جيسوَر جي خاندان ڏانهن منتقل ٿِي، جيڪا اڄ
تائين هلندي اچي ٿي.
گولڊ سمڊ، شير خان مهر جي دور ۾ هڪ ”بولا خان مهر“
نالي شخص جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
“It was occupied by Mahars (Under Bola Khan),
Zamidars of great power and influence, who
Looked upon the Dodpotras wth jealousy and
distaste……(149).”
هِت اهو سوال اڀري ٿو ته هي ”بولا خان مهر“ جيڪو
لکي شهر ۾ هڪ وڏي طاقت وارو زميندار هو ۽ سڀئي مهر
هن جي هٿ هيٺ هئا، ڪير هو؟ جنهن دائود پوٽن سان
اُرهه زورايون شروع ڪيون. اهو دور يقيناً شير خان
مهر جو آهي جيڪو پهريون دفعو دائود پوٽن کي نفرت
جي نگاهه سان ڏسندو هو يعني ان وقت دائود پوٽا
شڪارپور ۽ لکيءَ واري ايراضي ۽ آسپاس ۾ پنهنجون
نيون وسنديون ٺاهي ويٺا هئا. جيڪا ڳالهه بولا خان
کي نه وڻي ۽ کانئن نفرت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اڃا تائين
مهرن کي دائود پوٽن سان جنگ ڪرڻ جي نوبت نه آئي
هئي. ان صورتحال کي مدنظر رکي ۽ گولڊ سمڊ جي ٻڌايل
ڳالهه ۽ تحرير جي آڌار تي اهو بلڪل يقيني آهي ته
بولا خان، شير خان مهر جو ڀاءُ ۽ مير عاقل خان مهر
جو پٽ هو.
باقي گولڊ سمڊ جي اها ڳالهه تاريخي حقائق جي بلڪل
برعڪس آهي ته مهر، پهريون دفعو جيسور (حالانڪ ان
کان اڳ هن موسيٰ خان مهر جو نالو لکيو آهي ته هو
هتي آباد هو) جي اڳواڻيءَ ۾ هتي يعني لکي تعلقي ۾
آيا ۽ هميشه لاءِ هتي وڏي طاقت حاصل ڪري ويهي رهيا
هت خداداد خان جا هي جملا قابلِ ذڪر ۽ قابل تحقيق
آهن ته:
”ماهرن (مهرن) جا سردار، جن جي سرداري انهيءَ
زماني ۾ لکي شهر، شڪارپور ۽ سکر جي اوسي پاسي هئي
۽ هن وقت ”مهارڪي“ (مهرڪي) ۾، جا ميرپور مهاره
(ميرپور ماٿيلي) ۽ گهوٽڪي تعلقن ۾ آهي، رهائش پذير
آهن. اڄڪلهه سندن سردار ميان محمد بخش ولد حاجي
خان مهر آهي، جو خانپور تعلقي ميرپور مهاره ۾ رهي
ٿو ۽ تمام وڏو رئيس آهي....... (150).“
اسان هڪ سوال جيڪو مٿي اُٿاريو هو ته ارغونن جي
دور ۾ لالِي مهر لکي تعلقي ۾ مهرن جو سردار هو.
اها سرداري گهوٽڪي جي تعلقي خان ڳڙهه ڪيئن منتقل
ٿي؟ ان جي جواب ۾ اسان مٿي تعلقي لکي (ضلعو
شڪارپور) جي مهرن جو تاريخي جائزو ورتو هو، ته ڄام
نظام الدين جي دور ۾ سڄڻ خان مهر ۽ شاهه بيگ جي
دور ۾ لالِي مهر تعلقي لکي (ضلعي شڪارپور) ۾ مهر
قبيلي جو سردار هو. لالِي مهر، سڄڻ خان پهرين جو
وڏو پٽ هو ۽ سڄڻ خان کي ڪل ست پٽ هئا، جن ۾ لالِي
مهر وڏو هو، پيءُ جي وفات کان پوءِ مهرن جو سردار
۽ وارث بڻيو. بقايا ٻيو ڀاءُ جيسر ۽ ٽئين ڀاءُ جي
پٽ يعني ڀائٽي جو نالو موسيٰ خان مهر ملي ٿو.
بقايا سندس چئن ڀائرن جا نالا تاريخ ۾ ناپيد آهن
پر شايد گمان آهي ته بقايا چار ڀائر اوٻاوڙي،
ماٿيلي ۽ سکر جي آسپاس موجود خانداني جاگيرن کي
سنڀاليندا هئا. ان ڳالهه جي سُڌ ان مان پئجيو وڃي
ٿِي، ته ان علائقن جي مهرن جا لکيءَ جي مهرن سان
تمام گهاٽا مراسم ۽ تعلقات هئا. اُهي به لکيءَ جي
مهرن وانگي ارغونن جا حامي هئا. جيئن مير محمد
معصوم بکري، اوٻاوڙي ۽ ماٿيلي جي مهرن بابت،
ارغونن جو حمايتي هجڻ لاءِ لکي ٿو ته:
”سن 928هه جي شروعات ۾ مرزا شاهه حسن کي خبر پهتي
ته اوٻاوڙي ۽ ڀٽي واهڻ جا ڏهر، ماڇي وغيره هميشه
ماٿيلي پرڳڻي جي رهاڪن ۽ مهر رعيت سان ايذاءَ ڪندا
ٿا رهن. تنهنڪري مير فاضل ڪوڪلتاش جي فرزند ارشد
بابا احمد کي فوج ساڻ ڏيئي انهيءَ جماعت کي سيکت
ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيائين. هو پڻ سپاهي تيار ڪري، ڀٽي
واهڻ ۽ اوٻاوڙي جي آسپاس تي حملو ڪري موٽي ماٿيلي
جي قلعي ۾ آيو. ڏهرن، سيورائي جي رهاڪن بلوچن کي
کڙو ڪيو ته مغل دست درازي ڪري مال ۽ جانور ڪاهي
ويا آهن. جيستائين توهان اڳرائي نه ڪندا تيستائين
هو هميشه ائين ڪندا رهندا. سيورائي جي بلوچن ماڻهو
گڏ ڪري مهرن تي ڪاهيو. بابا احمد کي خبر معلوم ٿي
ته سندن پٺيان پيو. اوٻاوڙي جي سامهون مقابلو ٿيو
۽ جنگ لڳي. نيٺ بلوچن شڪست کاڌي ۽ گهڻا ماڻهو قتل
ٿي ويا. ڏهرن مان ڪي هٿ ڪري قيد ڪيائون. مرزا شاهه
حسن پڻ هڪ فوج، بلوچن تي حملي ڪرڻ لاءِ، ’ڪندي‘ ۽
’وتر‘ تائين موڪلي هئي، تن پاڻ بلوچن کي سيکت ڏيئي
موٽڻ وقت اوٻاوڙي سان تعلق رکندڙن ماڇين مان ڪن کي
قتل ۽ گهڻن کي قيد ڪري چڱي گوشمالي ڏني.
]آخر هنن[
ماڻهن پئسا نذراني طور ڏنا ۽ بابا احمد کي سڱ پڻ
ڏنائون. بابا احمد اوٻاوڙو پنهنجي قبضي هيٺ
آندو........ (151).“
تاريخ معصومي جي مٿئين بيان ۾ ماڇين ۽ بلوچن جو
مهرن تي ڪاهي وڃڻ مان مراد ارغونن تي ڪاهي وڃڻ جي
برابر هو. ان لاءِ ارغونن مان احمد بابا مهرن جي
مدد لاءِ مٿن ڪاهي ويو ۽ کين پنهنجو تابع بڻايو
پر پوءِ به بلوچ سرڪشي ڪندا ٿي رهيا. مير محمد
معصوم بکري هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته:
”اتان (احمد بابا) دلجاءِ ڪري ٿورو لشڪر اتي ڇڏي
بکر موٽي آيو. پاڻيءَ جي اٿل جي موسم ۾ مرزا جي
سرڪار جا اُٺ جيڪي ڏهرن ۽ محمد فراش مهر جي
نگرانيءَ هيٺ ماٿيلي ويجهو چرندا هئا، تن جي خبر
سيورائيءَ جي بلوچن ۽ ديراور، فتحپور ۽ آسپاس جي
رهندڙ جتن کي پيئي ته لشڪر گڏ ڪري، اچي مرزا جا
اُٺ ڪاهيائون. هيءَ خبر بکر ۾ پهتي ته بابا احمد
ٽي سؤ سوار وٺي يلغار ڪري وڃي ديراور پهتو ۽ انهن
مان گهڻن کي قتل ڪري اُٺَ موٽايو ٿي آيو.......؟
(152).
هن مٿئين حوالي مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿِي ته
مهرن ۽ ڏهرن جي نگرانيءَ ۾ ارغونن جا ڪيترائي وڳَ
چرندا هئا، يعني ته مهر ۽ ڏهر ارغونن جا حمايتي ۽
تابع هئا. هن مٿئين حوالي ۾ ”محمد فراش مهر“ جو
نالو قابلِ ذڪر آهي. هيءُ اهو ”محمد فراش مهر“
آهي، جنهن جي نالي تي ”فراش مَهر“ ڳوٺ اڄ به سکر
شهر ٻاهران شڪارپور روڊ تي قائم بس اسٽينڊ کان
شڪارپور طرف ويندڙ روڊ کان ٻن- ٽن ڪلوميٽرن جي
مفاصلي تي کٻي پاسي روڊ کان هڪ ڪلو ميٽر اندر واقع
آهي. محمد فراش مهر متعلق مٿيون بيان هڪ اهم تحرير
آهي، جنهن مان سندس سياسي قد ۽ ڪاٺ، قبائلي طاقت
جو پورو علم ٿئي ٿو، ته هو وڏي طاقت وارو شخص هو ۽
ارغونن سان سندس تعلقات تمام گهاٽا ۽ ويجها هئا جو
ارغونن جا وڳ سندس زيرنگرانيءَ ۾ چرندا هئا. سکر
ويجهو سندس نالي ڳوٺ، ارغونن سان سندس تعلق مان
پتو پوي ٿو ته هيءُ لالِي مهر، جيسور مهر وارن جو
ڀاءُ هو، جيڪو اوٻاوڙي، ماٿيلي ۽ سکر پاسي واري
پنهنجي جاگير سنڀاليندو هو..
انهيءَ بحث مطابق ۽ تاريخي طور اهو چئي سگهجي ٿو
ته مهر قبيلي جي سرداريءَ جو مرڪز اتر سنڌ ۾ لکي
تعلقو (ضلعو شڪارپور) جي جيسر ذات وارن ۾ هئي ۽
ارغونن جي دور ۾ لالِي مهر جيسراج سردار هو. خان
پور مهر وارا ”مهر سردار“ڪونه آهن ڇو ته هو سخيجا
پاڙي سان واسطو رکن ٿا ۽ سندن تعلق جيسراج ذات سان
نه آهي، جڏهن ته اتر سنڌ ۾ مهرن جي سردارن جو تعلق
جيسراج پاڙي سان هو ۽ آهي ۽ اُهي اصل سردار آهن.
ڏسو خان ڳڙهه جي سخيجا پاڙي جي وڏيرن جو شجرو:
خان ڳڙهه جي مَهر وڏيرن جو شجرو
هاڻي به مهر قبيلي جي اصلي اوائلي سرداري معلوم
ڪرڻ لاءِ لکيءَ جي آسپاس آباد مهرن ۾ ڳولهڻ ضروري
آهي. جيڪي ٽالپرن جي سياسي عتاب هيٺ اچي، گمناميءَ
۾ هليا ويا آهن. اسان پنهنجي مليل تاريخي مواد جي
تحقيقي مطالعي بعد لکي (شڪارپور) ۽ سکر ۾ آباد مهر
قبيلي جي سردار گهراڻي جو هيٺيون شجرو ترتيب ڏنو
آهي:
چانڊڪا جاگير واري سَنَدَ ۾ جنهن ”سڄڻ خان مهر“ ۽
ان جي شڪارگاهه جو ذڪر ٿيل آهي، اهو اهم تاريخي
ڪردار جي حيثيت رکندڙ هو. اڃان تائين ضلعي شڪارپور
جي لکي ۽ ضلعي سکر جي تعلقي سکر، باگڙجي جي اوسي
پاسي هن جا پونئر ۽ سندن جاگيرون موجود آهن.
اسان شروع ۾ لکي آيا آهيون ته 1485ع ڌاري ذوالنون
ارغون سبيءَ تي حملو ڪري، ڄام نظام الدين جي مقرر
ڪيل گورنر کي قتل ڪري، ان جي جاءِ تي پنهنجي پٽ
سلطان محمد (ابو محمد) کي گورنر مقرر ڪري، پنهنجو
قبضو مضبوط ڪيو، ان کان ستت پوءِ اهوئي ارغوني
گورنر سنه 1490ع کان اڳ سنديچه، ڪوٽ ماڇي ۽
چانڊولي ڳوٺن ۽ شهرن کي ڦريو ۽ لٽيو. ان مان صاف
ظاهر آهي ته چانڊڪا، چانڊين جو سنڌ ۾ آمد کان اڳ
ئي موجود هو. ڇو ته چانڊيا، چانڊڪا علائقي ۾ 1590ع
کان پوءِ قدم رکيو. جڏهن ته ايم. ايڇ پنهور چانڊين
جو چانڊڪا ۾ قدم رکڻ واري سن کي 1616ع قرار ڏئي
ٿو. هو لکي ٿو ته:
“Chandia Balochis for the first time are heard
of during Shamshir khan’s governership of thatta
around 1616 A.D………… (153).”
جيڪڏهن چانڊيا 1490ع ۾ دولهه دريا خان سان گڏجي
ارغونن تي سبيءَ ۾ حملو ڪري، قبضو ڪن ٿا، ته پوءِ
ڄام نظام الدين، دولهه دريا خان جي چوڻ تي کين
يارنهن سال پوءِ ڇو ”چانڊيا جاگير“ ڏئي ٿو؟ ان دير
جو ڪارڻ ڪهڙو ۽ ڇا آهي؟
مٿئين الف، ب، ج، د، ۽ هه نُڪتن ۾ اٿاريل شڪ وارن
سوالن ۽ ان سان گڏ مليل تاريخي شاهدين ۽ دليلن جي
آڌار تي اهو يقين سان چئي سگهون ٿا ته ڄام نظام
الدين عرف ڄام نندو، چانڊين کي 1501ع ۾ ڪابه جاگير
نه ڏني هئي، ڇو ته چانڊين جي آمد کان اڳ ”چانڊڪا“
جو وجود برقرار هو ۽ چانڊيا 1590ع کان پوءِ سنڌ ۾
وارد ٿيا.
چانڊين کي سنڌ ۾ پهريون دفعو جاگيرملڻ جو تاريخي
ثبوت:
نورالدين محمد المعروف شاهجهان 7 جمادي الثاني
1037هه بمطابق 3 فيبروري 1628ع بروز سومر تي تخت
نشين ٿيو(154). شاهجهان تخت نشين ٿيڻ سان ئي احمد
بيگ کي سيوهڻ سرڪار جو فوجدار ۽ جاگيردار مقرر
ڪيو. صرف سندس جاگير مان جوڻيجن جو پرڳڻو ڪٽيل هو،
جيڪو مير ابوالبقا جي جاگير هو (155).
|