احمد خان مدهوش
چوسٽا
هڪ ڏينهن ڪري ياد، هِيئن پيا چوندؤ لوڪو،
”هن شهر ۾ ”مدهوش“ به هڪڙو رهندو هو ڪو“
جنهن درد وچان دانهيو ته ٿو وقت ڏئي ڌوڪو،
پر ڪنهن نه ڪَنايو هِن ”مدهوش“ جو هئ هوڪو“
ڪڏهن سُرتَ سَهِي ٿم، ڪڏهن گيڙن مٿان گيڙَ،
ڪڏهن ”مدهوش“ مزي ۾، ڪڏهن ٿيڙن مٿان ٿيڙ،
ڪڏهن پر تو وتان پاڻهي، ڪڏهن کنيون وَتان ميڙَ،
اهڙي جهيڙان جهيڙ، اٿم روز اندر سان.
ڪين ڪي ڪاش ڪاش ڪر ”مدهوش،“
ڪاش کي پاش پاش ڪر ”مدهوش،“
ڪاش جو حرفُ لاش سمجهِي پوءِ،
پنهنجي منزل تلاش ڪر هوش.
ڪير آهي جو خيالن کان اچي خالي ڪندو؟
حال منهنجي تي هميشا وَڙُ پيو والِي ڪندو،
ويرُ ڪيڏو ئي کڻي “مدهوش“ سان پنهنجو رکو،
وقت ليڪن خود بخود شعرن جِي رکوالي ڪندو،
دين ڪُفر جي گهيري کان جيئن نڪري ٻاهر ٿياسيِن،
”مدهوش“ محبت ۽ مجذوبِئ جا بلڪل ماهر ٿياسين،
پاپن سُوڌا پروَر جي دَر پاڻ پُڄي ظاهر ٿياسين،
پوءِ نفي اثبات سُڃاڻن وارا طائر ٿياسي.
سوچ - لوچ
سراج الحق ميمڻ جو وڇوڙو
02- فيبروري 2013ع تي هڪ انسان دوست، پنهنجي طبيعت
۽ عمل ۾ مڪمل صوفي، انتهائي ماٺيڻو ۽ محبتي انسان،
سنڌي ٻولي ۽ ادب جو وڏو نانءُ، سنڌ جي هر ڏک تي
تڪليف محسوس ڪندڙ ۽ سنڌ جي هر سُک تي خوشي محسوس
ڪندڙ، سنڌ جو موڀي پٽ محترم سراج الحق ميمڻ سنڌ
کان وڇڙي ويو. سندس وڇوڙي تي سنڌ جي هر باشعور
ماڻهوءَ انتهائي ڏک محسوس ڪيو ۽ دلي ڏک جو اظهار
ڪيو. محترم سراج الحق سموري زندگي سنڌي ٻوليءَ ۽
ادب جي صحيح معنيٰ ۾ خدمت ۾ گذاري. سنڌي ادب جي
اهم صنف ناول ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. سنڌ جي
ترقيءَ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ محترم
سراج الحق هميشه اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو.
محترم سراج الحق جو وڇوڙو سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ نه
ڀرجندڙ نقصان آهي، سندس وڇوڙو نه صرف سندس خاندان،
پر سنڌي اديبن ۽ سندس پڙهندڙن لاءِ پڻ ڏکوئيندڙ
آهي. محترم سراج الحق جون خدمتون سنڌي ادب ۾
انتهائي اهم جڳهه والارين ٿيون ۽ سنڌي ادب ۽
ٻوليءَ جي تاريخ ۽ تصنيف ۾ نمايان رهنديون.
محترم سراج الحق جو موهن جو دڙو جي ٻوليءَ تي
تحقيقي ڪم پڻ تحقيق جي شعبي ۾ نمايان حيثيت رکي
ٿو.
محترم سراج الحق سنڌي صحافت ۾ پڻ هڪ سگهارو ڪردار
ادا ڪيو. محترم سراج جا لکيل ناول ’پڙاڏو سوئي
سڏ‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ
سانول‘، ’اي درد هلي آءُ‘، ’اٺون ماڻهو‘، ’پياسي
ڌرتي رمندا بادل‘ کان علاوه سنڌي ٻوليءَ لاءِ
خدمتون سراج جي سنڌ ۽ ادب سان محبت جو جيئرو ثبوت
آهن. محترم سراج سنڌي سول سوسائٽي ۽ سنڌ ڪواٽرلي
کان علاوه ڪيترن ئي ادارن ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو.
سنڌي ادبي بورڊ جا سمورا ورڪر، ٽه ماهي مهراڻ جو
سٿ، سنڌ جي هن عظيم انسان جي وفات تي دلي ڏک محسوس
ڪندي سندس پونيئرن سان دل جي گهراين سان هن ڏک ۾
برابر جا شريڪ آهن، دعا آهي ته الله تعاليٰ مرحوم
سراج الحق ميمڻ کي پنهنجي جوارِ رحمت سان نوازي.
صوفين جي ڌرتي
پيار، پاٻوهه، عزت، احترام ۽ امن، مهمانوازي ۽
مهمانداري سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌ جون قديم روايتون
رهيون آهن. سنڌ انهن ريتن، رسمن ۽ رواجن سبب ڏيهه
توڙي پرڏيهه ۾ عزت ماڻي. سنڌ جي ماڻهوءَ کي انهن
ئي ريتن ۽ رسمن سبب مانُ ۽ عزت حاصل رهي. سنڌ جي
بزرگن ۽ صوفين هن ڌرتيءَ تي محبت، پيار، امن ۽
ڀائيچاري جو ٻج پوکيو ۽ ان جي آبياري ڪئي. سنڌ جي
صوفين امن ۽ پيار کي ئي سنڌ جو مرڪز بڻايو، پيار ۽
امن جي پيغام کي عام ڪيو، جيئن لطيف سائينءَ چيو
ته:
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
اهڙيءَ طرح سچل سرمست، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري
۽ سنڌ جي سمورن صوفين ۽ بزرگن اختلافن، دشمنين،
نفرتن کي نِندي امن جو پرچار ڪيو ۽ سنڌ توڙي عالم
کي امن جو مرڪز بڻائڻ جي دعا ڪئي آهي. وقت پڄاڻان
اڄ دنيا دهشتگردي، بدامني، بُک، غربت، افلاس ۽
نفسا نفسيءَ جي ور چڙهي ويئي آهي. هڪ طرف امن
انمول ٿي ويو آهي ته ٻئي طرف نفسا نفسيءَ جي جنگ،
وسيلن جي اَڻاٺ، ترقي جي ڊوڙ، سماجي قدرن جو گهٽجڻ
۽ اهڙن انيڪ مسئلن انساني زندگيءَ کي مشڪل بڻائي
ڇڏيو آهي. ان نفسا نفسيءَ ۾ عالم کي آباد ڪرڻ جي
دعا ڏيندڙ صوفين جي ڌرتي به بدامنيءَ ۽ نفرتن جو
شڪار آهي. هتان جا باشندا پنهنجي اناءَ، ذاتي ۽
قبيلائي دشمنين سبب هڪ ٻئي جا مارا ٿي پيا آهن.
سنڌ جا ماڻهو تاريخي ۽ روايتي طور رُکي سُکي تي
شڪر ڪرڻ وارا روايتن ۽ محبتن جا امين، لطيف ۽ سچل
جا پوئلڳ، الائي انهن کي ڪهڙي نظر لڳي ويئي آهي جو
اُهي ذاتي انائن ۽ قبيلائي دشمنين سبب هڪٻئي جي رت
جا پياسا ٿي هڪٻئي جا ڪونڌر پيا ڪُهن. کين ان نفرت
واري باهه ۾ اهو به وسريو ٿو وڃي ته اهي نفرتون
سندن ويڙها ويران ۽ ونين کي بيواهه ڪنديون، سندن
معصومن کي يتيم ڪنديون، سندن امڙين کي ۽ پيرسن
والدين جو سهارو کسينديون، سندن زندگي ۽ جوانيءَ
کي ساڙي رک ڪري ڇڏينديون. انهن کان نفرتن ۾ اهو به
وسريو ٿو وڃي ته اهي نفرتون سندن نسلن کي ساڙي
ڇڏينديون ۽ سندن مخالف جي ڪٽنب کي تباهه ڪري
ڇڏينديون، کانئن ته اهو به وسري ٿو وڃي ته ٻيون
قومون ته اقتصادي ترقي، تعليم ۽ واپار جي ڊوڙ ۾
ترقي يافته قومن سان مقابلي ۾ رُڌل آهن، ۽ هو فقط
نفرتن جي مقابلي واري ڊوڙ ۾ پيا ٿا سڙن ۽ پڄرن.
خدا تعاليٰ هر انسان کي ڪيڏي نه حسين زندگي عطا
ڪئي آهي ۽ اها هر انسان کي صرف هڪ دفعو ئي عطا ٿئي
ٿي، پوءِ ڇو انسان انهن نفرتن ۾ ايترا انڌا ٿي ٿا
پون جو قدرت جي ان حسين تحفي جو قدر ڪرڻ بجاءِ
نفرت جي باهه ۾ ٿا سڙن. ڇا سنڌ ۾ ايڏي ڪسمپرسي ٿي
وئي آهي، جو هڪٻئي سان نفرت جي باهه ۾ پڄرندڙن کي
صحي دڳ لائڻ وارو ڪوئي ڪونهي، ضرورت ان ڳالهه جي
آهي ته هر باشعور انسان کي نفرتن، ذاتي دشمنين جي
خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي ترقي ۽
نفرتن ۽ دشمنين جي خاتمي لاءِ ضروري آهي، ته تعليم
کي عام ڪجي، هر ماڻهوءَ کي گهرجي ته پنهنجي اولاد
جي تعليم تي ڌيان ڏئي.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر (انچارج) ”مهراڻ“
نثار بزمي
خدا ڪري ته صنم! خوش هجين، بهار هجين،
اسان جا ڀاڳ اسان سان، تون برقرار هجين.
نه ڪوسو واءُ لڳيئي، هجين تون موجن ۾،
نه شال هڪڙي به ساعت تون سوگوار هجين.
اسان جي رُخ تي اداسيءَ جا تَھ هجن ته هجن،
اي بي نياز! تون دنيا ۾ گل اَنار هجين.
اسين ته روئِي پِٽي نيٺ بس ٿي وينداسين،
نه ڀربي آه، ڪندو گر تون اعتبار هجين.
اسين جلي به دعائون ئِي توکي ڏينداسين،
سدائين شال تون شَہ زور شعله بار هجين.
اسان جا عيب هزارن ۾ ٿا ٿين ظاهر،
اسان جي آس اها، تون نه داغدار هجين.
اسان جي نام کان نفرت اچي ٿي هر ڪنهن کي،
خدا ڪري ته تون عالم ۾ آشڪار هجين.
اسان کي سرڪ نه ساقي! ملي ته ڇا ٿي پيو،
پرين! تون شال زماني ۾ پُر خمار هجين.
وري نه تُنهنجي ملڻ لاءِ واجههَ ڪي وجهبا،
نه ڪڇبو ’بزمي‘ تون ڪنهن جو به توڙي يار هجين.
دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته سنڌي ماڻهو هزارين نه
پر لکين ۽ ڪروڙين سالن کان هن ڌرتيءَ جا رکوال
رهيا آهن. هنن ئي ماڻهن ”سنڌو سڀيتا“
(Indus Civilization)
جو بنياد رکيو. سندن تهذيب و تمدن عالمگير اثر
رکندڙ هئي. هنن ماڻهن ”سنڌو سڀيتا“ کان اڳ وارا
سڀئي دور ڏٺا، جهنگ ۽ غارن ۾ رهڻ وارو دور، پٿر جو
اوائلي ۽ پوءِ وارو دور، ڪِنجهيءَ جو دور ۽ لوهي
دور وغيره به ڏٺو. ڪِنجهي واري دور ۾
هي
ماڻهو تهذيب يافته
(Civilized)
بڻيا ۽ نوان نوان شهر آباد ڪيائون، جو پوءِ اڳتي
هلي سنڌو سلطنت
(Indus Empire)
جا بنياد رکيائون، وڻج واپار ڪرڻ ۾ به اڳڀرا ٿيا ۽
ٻيڙن وسيلي دنيا جي ٻين آبادين سان به لهه وچڙ ۾
آيا ۽ دنيا وارن تي پنهنجو تهذيبي اثر ۽ ڌاڪو به
ويهاريائون.
سنڌو تهذيب جي ماهرن (جن ۾ اڪثريت ٻاهرين اسڪالرن
جي آهي) جو رايو آهي، ته پهريان تهذيب يافته
ماڻهو سنڌ جا آهن، جن ٻاهر وڃي ٻين نين تهذيبن کي
جنم ڏنو. عظيم سنڌ ۽ مهان سنڌوءَ جا ماڻهو 4700
ق.م ڌاري موجوده بلوچستان جي رستي سان ايران، عراق
۽ مصر کان ٿيندا يروشلم (فلسطين) پهتا، جتان پوءِ
هو ڪريٽ
(Crete)
جي ٻيٽن تي پهتا، وري اتان هو يونان ۽ پوءِ اوڀر
يورپ کان اولهه يورپ سميت سڄي يورپ ۾ ڦهليا ۽ اتي
وڃي نوان ملڪ آباد ڪيائون. سنڌ ۾ اهو برفاني دور
هو، عظيم سنڌ ۾ ان کان اڳ به ڪي ئي برفاني دور ٿيا
۽ مها ٻوڏون آيون. ٻِي مها ٻوڏ 5000 ق.م ڌاري آئِي
۽ هتان جي ماڻهن وري ٻين خِطن ڏانهن لڏپلاڻ شروع
ڪئي. عظيم سنڌ ۾ چئن برفاني دورن جي پڄاڻيءَ کان
پوءِ موهن جي شهر جو وجود پيو. موهن کي آباد ڪرڻ
وارا اوائلي سنڌي دراوڙ لوڪ هئا.
ڪتاب
]دادو
ضلعو- هڪ اڀياس[
جي مقدمي تان کنيل |