سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2013ع

مضمون

صفحو :18

ج.ع.منگهاڻي

جوڳين جوڳ جڳاءِ...

(ڪتاب ”ميلي جي تنهائي“ جي حوالي سان اياز گُل جي شاعريءَ جو اڀياس)

جوڳين جوڳ جڳاءِ، جوڳ  پڻ سونُهي جوڳئين
جوڳيان سنديءَ جان ۾، ڳجهه ڳجھاندر آه
هاءِ! مونهين کي واءِ، جا آئون جوڳ نه سکي

(شاههؒ )

 

يعني: جي تون جوڳي آهين ته، توکي جوڳ ئي جڳائي ٿو/ توتي جوڳ ئي سونهين ٿو.

ليکَ جي شروعات لطيفؒ سان ڪئي اٿم. هونئن به اسين جيڪي گڻينگ ڏاهن جا قول ۽ حوالا ڏيندا آهيون ته، ائين سمجھو ته اهو نه رڳو انهن کي خراج ڏيڻ هوندو آهي، پر اهي اسان جي پنهنجي ليکن لاءِ به ٿُوڻيون  ٿَنبَ ۽ گهڻو ڪجهه هوندا آهن ايتريقدر جو اسان جي اندر جو اظهار بڻجي ويندا آهن. بلڪه، ڄَڻُ اسين انهن جي  سوريل (ٻُهاريل) واٽُن تي سندن ئي  پيرَن جي نشانن تي پير رکي هلڻ چاهيندا آهيون. 

جيئن شاعر ورڊس ورٿ چوي ٿو ته: ”شاعر انسان آهي ۽ ان جو مخاطب به انسان آهي.“ يعني هو شاعر آهي ته، گهٽ ۾ گهٽ جن سان مخاطب آهي، انهن کي ته سمجھائي ۽ مطمئن ڪري سگهي!

لطيفؒ چوي ٿو:  ”جوڳين جوڳ  جڳاءِ.......

معنيٰ ته هر ماڻهوءَ کي هُو ”جوڳ“ جو نٿو چوي. هو چوي ٿو ته: ”جي تون  جوڳي آهين ته پوءِ گوٿ ناٿيون نه ڪر، تُنهنجو ڪم آهي جوڳ  ڪرڻ جيڪو ئي توکي جُڳائي ٿو ۽ سونهين ٿو.“

اياز گل شاعر آهي ۽ شاعري ئي هُنَ کي سونهين ٿي ۽ شاعري ڪرڻ کي ئي هُو پنهنجو ڪم، ذميداري ۽ جوڳ سمجھي.

هونئن به شاعر پروفيشنل هئڻ گهرجي ۽ سُٺو پروفيشنل اهوئي هوندو آهي، جنهن جي اڳيان پنهنجي پروفيشن کانسواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ دلچسپي نه هجي ۽ هُو پنهنجي سموري توانائي ۽ صلاحيت مخصوص اسپيشلائزيشن تي لُٽائي ڇڏي.

اهائي صورت هوندي آهي مڪملتا جي ۽ پرفيڪٽ هئڻ جي. اها مُڪملتا ماڻهوءَ جي فَن ۽ ڏاتِ جي مڃتا هوندي  آهي ۽ جيڪو فن جو ڌڻي فنڪار آهي ان جي به ڪا ذات ۽ شخصيت هوندي آهي جنهن جو هو تابع هوندو آهي جنهن ۾ سندسِ رَويا، جَذبا، خواهشون، خواب ۽ گهڻو ڪجهه هوندو آهي، پوءِ جي فنڪار ۽ سندس فَنُ پاڻ ۾ ٺهيل هوندا آهن ته، ڪائنات مُرڪي پوندي آهي، پر جي فن ۽ فنڪار جي ذات جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ هوندو آهي ته، ڪائنات سُڏڪي پوندي آهي. هئڻ ته ايئن گُهرجي ته فَنَ ۽ فَنڪار جي ذّاتِ گَڏيل هُجي، هڪ هجي ڇو ته، پَنهنجي فن کي سرجيندڙ به ته اهائي شخصيت هوندي  آهي.

اها ڳالهه ٿي ”هُئڻ گهرجي“ ۽ ”هُئڻ“ جي جڏهن ته ”هئڻ“ ۽ ”هئڻ گهرجي“ ٻه ڌار ڳالهيون آهن يا کڻي جذبا ۽ ڪيفيتون چئجن. ڇو جو  ”هئڻ“ هِڪَ حتمي صورت تي موجودگيءَ جي مُهرَ آهي ۽ ”هئڻ گهرجي“ هڪ  سَڌَ ۽ ناتمام خواهش آهي. نوبل پرائيز ماڻيندڙ ميڪسيڪن اديب اوڪتاويوپاز چوي ٿو ته:

”خواهش هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو ڪو جواب ڪونهي.“. ”سَڌڙيا شراب جون ڪهه پَچارون ڪَن.“ ”سَڌَ“ اها ئي آهي ته گُهرجَ گهڻي آهي ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش گهٽ، بلڪه اڻ هوند جيتري آهي.

فن ۽ فنڪار جي شخصيت جو هڪ هئڻ ماڻهپي جو عروج هوندو آهي، جيڪو هر فنڪار سان لاڳو  آهي پوءِ اها هُنَ جي پنهنجي مرضي آهي ته هو پاڻ سان لاڳو ڪري ٿو يا نه!

جيسيتائين آئون ايازگــلَ کي سُڃاڻان (سڃاڻا ٿي؟) ته اهوئي ڄاتو اٿم ته، سندس فن ۽ سندس شخصيت  پاڻ ۾ اٽڪيل ناهن. سندس مٺڙو آواز، هلڪا ڌيما ٽهڪَ ۽ شاعريءَ ۾ پنهنجائپ وارو نرم لهجو سڀ ڪجهه پاڻ ۾ ذاتي سڱ رکندا  آهن.

مون ۽ ايازگــلَ هڪ ئي دؤر ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي، اهو به مون کي ايازگــلَ ٻڌايو آهي ته: ”تڏهن اسين ائين سمجھندا هئاسين، ته ڪو ڇوڪرو آهي جيڪو ڇوڪري ٿي لکي ٿو.......“

مون ايازگــل جو پهريون ئي شعري مجموعو ”سوچُون سُرها گُـــلَ“ پڙهيو هو، جيڪو مونکي سائين  محترم نثار حُسيني صاحبَ موڪليو هو. وري اتفاق اهو ٿيو جو، اسان ٻنهي جا شروعاتي غزل هڪ ئي وقت، هڪ ئي ريڊيو پروگرام ۾ نشر ٿيا هُئا.

ٿيو ائين جو انهيءَ دؤر ۾، نصير مرزا پنهنجو پينگهو وڏي لاچارَ مان ڇڏي لاهور هليو  ويو، جتان ٽريننگ ڪري حيدرآباد ريڊيو تي پروڊيوسر جي ڪرسيءَ تي فون ڪري ويٺو ۽ مونکي چيائين ته: ”ڳائڻ لاءِ ڪي روماني غزلَ موڪليان!“ تڏهن پيار، پريت تي لکڻ، ڪو روماني غزل تخليق ڪرڻ توبهن، زاري گِيسي هُئي. ڊپ اهو ته متان لکڻ تان ئي هٿُ کڻان! سو اڌ کي ڇڏي سڄي ڏانهن وڌي اڌ به وڃائڻ نٿي چاهيم، سو جيڪي قوم پرستيءَ کان ڪجهه هٽيل غزل هُئا، اهي ٽي چار غزل کيس اُماڻي ڇڏيم.

مُنهنجو هڪ  غزل:

چنگ ڀلا هي چوريو ڪنهن؟

حال اسان سان اوريو ڪنهن؟

کي چونڊي مونکي چيائين ته، ان ۾ ٻه ٽي رومانس ڀريا بندَ نوان لکي موڪليان! ڌوڙ لکي ڏيانس! هِتي قلم تي پهرا ۽ هُتي هُن مڙس کي رومانس ٿو گهرجي! ڊڄي ڊڄي ٻه ٽي نوان بند پنهنجيءَ پر ۾ رومانس ڀريا لکي موڪلي ڏنم. جيڪي هاڻي پڙهڻ سان کِلَ ٿي اچي ته انهن ۾ رومانس ڪٿي هو!؟

اهوئي اتفاقي پروگرام هو جنهن ۾ ايازگــلَ جو غزل به نشر ٿيو هو. مُنهنجو غزل مهان ڪلاڪار استاد محمد جُمن ڳايو هو، جيڪو سندس زندگيءَ جو آخري گانو آهي. جنهن جو ذڪر نصير مرزا، استاد محمد جمن تي ڪيل هڪ ريڊيو پروگرام ۾ به ڪيو هو ته، ج.ع منگهاڻيءَ جو غزل، استاد جي زندگيءَ جو آخري ريڪارڊ ٿيل غزل آهي. اهو به نصير مرزا ٻُڌايو هيم ته اهو گانو ڪيئن ريڪارڊ ٿيو هو. جيڪو پڻ هڪ وڏو قصو آهي جيڪو منهنجي ايندڙ ڪتاب ”مانجو ڪوهستان“ ۾ استاد محمد جمن تي لکيل پروفائل ۾ آيل آهي.

۽ ايازگـــل جو غزل هو:

ڏِسي ڪائي موسمَ نه ڪوئي  پَهرُ

مُحبتَ  به  مٺڙا! ڪري   ٿي  قَهرُ

جيڪو سدا ملوڪ  ڳائڻيءَ عابده پروين ڳايو هو، پوءِ ته اسان ٻنهي ۾ وڏا فرَق ٿي ويا، ايازگـــل جا گيتَ ريڊيو، ٽي وي ۽ محفلن ۾ ٻُرندا رهيا ۽ مانُ ماڻيندا رهيا.  مون  اڄ تائين ڪڏهن به ريڊيو يا ٽي وي تي پنهنجو ڪو شعر ڳائڻَ لاءِ نه موڪليو! نه ئي ڪڏهن ڪنهن کي پنهنجو شعري مجموعو ڳائڻ لاءِ ڏنم! سبب؟ شايد مزاج ئي اهڙو اٿم ها، جن پاڻ مون کان ڳائڻ لاءِ شعر گُهريو ته انهن کي ڏنم. اياز گل جا شعري مجموعا  ڇپجندا رهيا، آئون ٻُڌندي رهيس، پر نَڪو هُنَ موڪليا، نَڪو مون ئي خَريد ڪري پڙهيا ـــ  منهنجو ڌيان به شعرَ کان هٽي نثر ڏانهن ويو، اهو به وري لطيف بادشاهه ڏانهن......خير......!

ان وچ ۾ سالن ڪالن، بلڪه صَدين جا فاصلا ٿي ويا اسان ٻنهي جي هڪ ٻئي سان، نَڪا  ڄات نڪا سُڃاتِ، نَڪو خط پَٽُ، نَڪا فون ڪال، ڪو به رابطو نه هو پوءِ اَلائي ڪيئن هڪ ٻي جو رابطو ٿيو، يقين ڄاڻو مون کي ياد به ڪونهي، پر اهو رابطو ايڏو ته مضبوط هو جو، اسين ٻئي سڳا ڀاءُ ڀيڻَ ٿي وياسين. منهنجي  جنم ڏينهن تي ايازگـــل ۽ مٺڙي سانئڻ (اياز جي) مستور جا کِلَ ۽ ٽَهڪن سان 25 ڊسمبر جي پوري ٻارهين وڳي رات جو ڳائي وڄائي ”هيپي برٿ ڊي ٽو منگھاڻي“ چئي وش ڪرڻ، سڄي سالَ جو پاڻَ لاءِ خراج ڀائيندي  آهيان. مون کان اڃا ڪوتاهيون  ٿينديون  آهن جن ۾ منهنجو ڏوهه گهٽ ۽ حالتن جو وڌيڪ هوندو  آهي، تنهن هوندي به ايازگل جي وَڙنِ کي سندس ئي لفظن ۾ ڳائينديس ته:

ڀلي  مان  حسابن  ۾  ڪمزور  پوءِ  به

سندءِ مهربانيون شُماري سگهان  ٿي/ ٿو

اهو نِيَم اٿم ته ڪنهن به ڪتاب يا شخصيت تي  لکڻ مهل پنهنجي اندرَ ڏانهن ضرور نهاريندي  آهيان! راضپو..... ناراضپو. اتفاق...... يا اختلافُ، خبر ته پوي!

اڪثر منهنجو اندر مون سان اختلاف رکندو آهي. کيس متفق ٿيڻ لاءِ جتن ڪرڻا پوندا آهن. جي هروڀرو به نابري واري بِر ٿي بيٺو يا ماڳهين دهدور (مدِ مُقابل) آيو ته پوءِ، آئون به روهه جي روهيلي آهيان اُبتو هٿُ کڻي ٻُوٿَ تان هڻي کيس ٽاري ڪجهه رهڙي وٺندي  آهيان، ڇا ڪريان؟ دنيا ۾ رهڻو ۽ دنيا سان هلڻو به آهي يا جيڪو نه وڻي تنهن سان ٻُوٿُ، اُبتائي، مُنهن سُڄائي ويهي رهجي.

”لِڪا ڀڻن لوڪَ ۾......“ جيڪي هئا سيئي هُئا اَسين نَڪو سَندن پيرڻ (جتا) ۾ پير پائي سگهون ٿا، نَڪا اهڙي ڳالهه ئي ڪريون ٿا. مُنهنَ ويڙهي مونن وارو حساب ڪتاب به مون کان  ڪونه ٿيئي! ظاهر آهي ته جيئرو بندو آهي ته جڳ ۾ هلندو چلندو، کلندو ڳالهائيندو. ”ٺوري (چُهُڙَو) به  چئن ڪُتَن سان  ٺهي“ (جبل جي چَوِڻي) اڪيلائي عذاب آهي، ماڻهو، ماڻهوءَ کانسواءِ رهي نٿو سگهي.

ايازگــل تي لکڻ لاءِ ڪڏهن به نه سوچيو هيم (هن به ته ڪڏهن مون تي نه لکيو آهي؟) پر جڏهن اُنَ مون کي پاڻ چيو ته: آئون مٿس  لکان ته منهنجي اندر مونسان ڪو اختلاف نه ڪيو.

پوءِ جڏهن ”سوجھرو“ رسالي ۾ مٿس ڪارنر ٿي آيو ته چيائين: ”منهنجي ڪارنر ۾ اوهان جو ليکُ هئڻ ضروري آهي!“ تڏهن ته مٺڙي مستور به خاص طور تي چيم: ”ايازگـــل تي اوهان سٺو لکي سگهو ٿا!“ يعني:

راڻـــي    جي   رهاڻ   مان،    ڪو   آيو   آديسي

کٿوريءَ خوشبوءَ سين، تنهن ولات  سڀ واسي

سوڌو     سناسي،      اُتاهين          ٿي      آيو.

                                                                      (شاههؒ )

مستور مِٺي به ته راڻي (ايازگـــل) جي رهاڻ مان آئي هئي نه...... هاڻي  ته انڪار جي گنجائش نه رهي، ڇا ڪريان.....؟ ان وقت ماحول ۽ حالتون، قدرت ۽ ماڻهن پاران مون لاءِ نهايت ڇِتي ڇڪتاڻ ۽ ڄُنڊا پَٽَ جهڙيون هُيون. ماٺِ رهيس. پنهنجي وِل پاور تي يَقين اٿم، هُنَ ڪَڏهن به ڪهڙين حالتن ۾ به، دوکو نه ڏِنو اٿم. اُنهيءَ جي ئي آڌار تي ايازگـــل ۽ مستور بُخاري ٻنهي پيارن کي نهايت پرجوش اندازَ ۾ چيم، ”ضرور لکنديس!“ ۽ ڄَڻُ ته ماحول ۽ حالتن کي به دڙڪو ڏنو هوم ته:

ڪَڙ  ڪَڙ   ڪُن  مَ  وَڄُ،  ٻانڌي ٻوڙِ مَ ٻارِ ۾

مون تي جا ميهار جي، سا ڪيئن ڌُتان ڌَڄُ
توءِ   گهڙنديس  اَڄُ ،  جي  اُبتا   آرَ   ڪَرئين!

 

                                                           (شاهه رحه)

جڏهن ٻنهي (اياز گـــل ۽ مستور بُخاري) کي ”ضرور لکنديس“ چيو هُيم، تڏهي اهي ٻئي ڄڻا انهن حالتن کان بلڪل اڻ  واقف هُئا. جن سان آئون وڙهيس پي! ايتريقدر جو تڏهن مون پنهنجو ساههُ جهڙو پيارو قلم به اڇلائي ڇڏيو هو. جنهن جي منهنجي ڪِن ويجهن کي ئي خبر  آهي هاڻي جڏهن  ڪتاب ”ميلي جي تنهائي“ موڪلي مٺي ڀاءُ ايازگــــل هُجت ڪندي چيو ته: ”ادي، هاڻي ڀرپور اڀياس لکڻو پوندئي. ”پوءِ ته:

پَرينءَ  ڀَرِ پريت مان، ٿو ساهُڙ سَڏَ ڪَري،
جي نه گِهڙان موٽي وڃا، ته ڪا ساهه سَري،
وَرُ جان پَتِ پَري، گِهڙان گهوريو جندڙو.

                                                                  (شاههؒ )

سَٽَ ڏيئي قلم  کنيم (اُڇلايل نه،  نئون  نِڪور، اڻ ڇُهيل) ”ميلي جي تنهائي“،  اياز گل جي پنهنجي ئي شاعريءَ جو تسلسل آهي. هونئن نه ته آئون ڪتابَ جي نالي ”ميلي جي تنهائي“، تي ساڻس وِچڙي پوان ته، ڪتاب جو نالو اهو ڇو رکيو اٿئي؟ پر شعر جي سڄي بند جي صدقي معاف ڪيم!

ڇا هي يارَ! جُدائي، توکي  ڇا  معلوم؟

ميلي  جي  تنهائي،  توکي ڇا معلوم؟

ڪتاب جو نالو ”ميلي جي تنهائي“ مون کي ڪتاب ۾ موجود اهڙن شعرن سان بيواجبي لڳي، جن ۾ پرينءَ جوساٿُ آهي ۽ قُربن جون قطارون روان دوان آهن! پَرَ ڪِٿي؟ ايئن ته صفا ڪونهي! ـــ پوءِ ته ٺيڪ ئي آهي ڪتاب جو نالو ”ميلي جي تنهائي“.

الائي ڇو هو ايڏو اداس آهي!

”ائين ته نه  ڪر نه اياز، ائين ته اسين جيڪي آڳ ئي آڍا ڍَمَرَ آهيون اهي ته روئي، ڊَهي پونداسين!“

سچ به اهوئي آهي ته جنهن سماجَ ۾
اياز گل، مان  ۽ اسين سڀ رهون ٿا، اتي خوشيءَ جو ڪو جواز ڪونهي! ڪيئن خوش رهون؟ آسي پاسي جون دانهون ۽ ڪُوڪُون به ته کِلَ سِکَن نه!

هڪڙو ننڍڙو دَردُ ٿو ڇِيهون ڪَري

ويڪري  ڇاتي  به   آخر ڇا ڪندي؟

پنهنجائپ جي سڀني  دردن کي هڪ ننڍڙي دردَ ۾ سڪوڙي، سمائي ان جو احساس مِٽائڻ ٿو چاهي، پر ”دردُ ته دردُ ئي آهي اُبتو جي لکو سُبتو جي لکو“ اهو ته ڇيهون ئي ڪندو. ويڪري مهربان ڇاتي به آخر ڇا ڇا سَهندي، ڇا ڇا سمائيندي؟

اهوئي سبب آهي اداسيءَ جو (شايد) ۽ ميلي جي تنهائيءَ“ جو. ايازگـــل هڪ حساس شاعر آهي، ان ۾ اهي سڀئي خوبيون موجود آهن. هو دَرد آشنا آهي، سندس محسوسات عام کان ڌار آهن ۽ پوءِ اهوئي عام کان ڌار وارو اظهار سندس شاعريءَ ۾ اوتجي پوي ٿو.

هر عمل مان پيار ظاهر ٿو ٿيئي

دِل ڪڍي ڏيکاربي ناهي ڪڏهن!

اندرَ مان نڪتل لفظن مان اداسيءَ سان گڏ، مايوسي به چِٽي پَسجي ٿي. ساڳيو  ئي مامرو هِنَ شعرَ ۾ به آهي ته:

ٻه اکر ڪي پيار جا  سامهون   چئين

ڪهڙي گهٽتائي اچيئي  ٿي شانَ ۾؟

اهي عام جا اظهار شاعريءَ ۾ اظهارڻ، عام ناهن، ضرور اهائي ڳالهه ايازگل جي سوچن سان، منهنجي سوچن جي پنهنجائپ جو سبب آهي ـــ ڪڏهن ڪو پنهنجو ليکُ مون کي ڪٿارسس محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ڪنهن قابل اعتماد ماڻهوءَ سان پنهنجا ڏُکَ ۽ ڊپَ شيئر ڪندي هجان.

ڪيئن؟ ڪڏهن؟ ڪٿي؟ الائي............ پر اهو احساس ضرور ٿيندو اٿم.

انهيءَ هنڌِ  هڪ دردُ رهجي ويو

جِتان  تو  کِلي   موڪلايو   هيو

ائين ئي،

دوستَ!   آزاد     فضائُن    ۾   وڃي

هڪڙو پنڃري جو پکي  وسري ويئي

اهوئي ڪٿارسس آهي (شايد)

لاَ تَحرڪ ذَرَةَ الا بازنِة

(ڪو به ذرو ڌڻيءَ جي حڪمَ کانسواءِ چُري نٿو سگهي)

اهڙي ئي يقين ۾ ويڙهجي، سُمهڻ تي دل چاهيندي آهي، پر ايئن به اسان درماندن کان ٿيندو ڪٿي آهي.

اسين اُتُفُتِيا ( بي چين/ مُتحرڪ) ماڻهو سُمهڻ ته وڏي ڳالهه آهي،  پر جي رڳو ماٺِ ڪري ويهون ۽ جيڪو آهي، تنهن کي تهڙو مُنهنَ تي ٻولائي نه چؤن، ته به راهه نِجات نڪري، جيڪو وري اسان جي اندرَ جي درماندگيءَ کان پُڄي ڪونه ۽ سڀني سان ڪَڙا (ڪؤڙا) ٿي ويهي ٿا رهون. ساڳي ڳالهه ته، لِکبو ته سامهون ڪا اختلافي ڳالهه به ڪَرُ کنيو اچي، ان سان به اختلاف نه رکجي؟ الا ايئن مَ هوءِ............. شالَ اهڙا  اکين ڍَڪيا نه ٿيون.

لکڻ مُنهنجو ڪم  آهي! ٻي وري ڪهڙي نوڪري ۽ مزدوري ٿي ڪريان؟ نه پر لِکڻ  کي ڪم نه  چئجي، ٺيڪ آهي وندر ۽ مشغلو چئجي، پر ڌرتي، ٻولي، لطيف رحه ۽ پنهنجن پيارن تي لکڻ مهل ونڌر ۽ مشغلي جهڙا لفظ تِڇُ ڀاسندا اٿم. هٿ ٿا کڻون انهن سمورن لفظن تان! ها، لکڻ منهنجي ذميداري آهي ۽ ذميداري نڀائڻ عبادت آهي. لکڻ مهل ضروري آهي ته ليکڪ وٽ محبتون ۽ نفرتون وافر مقدارَ ۾ موجود هُجن! شرط اهو آهي ته وٽس (ليکڪ وٽ) واپرائڻ جو ڏانءُ هجي ۽ هُو انهن  ٻنهي خطرناڪ جذبن کي استعمال ڪرڻ جو سليقو ڄاڻندو هُجي ۽ بنا ڪنهن ڊپَ ڊاءَ جي حق حقدار کي رسيد ڪرڻَ جي قوت رکندو هُجي.

ڀلي مُنهنَ جا مِٺِڪا (مٺا/مٺڙا) ڏهه ڀيرا چون ته، ادب ۾ نفرت جي لاءِ ڪا به گنجائش ناهي. اهڙي ڪُوڙي دعويٰ ڪندڙن وٽ، منافقتَ چوٽِ چڙهيل  هوندي آهي. جنهن جو ريپر هُو، پنهنجي اندر واري نفرت تي چاڙهي ڇڏيندا آهن، جيڪا سندن اندر ۾ مضبوط جَڙون هَڻي بيٺل هوندي آهي ــــ جيڪي پاڻ به ڪنهن پُراڻي پلاندَ لاءِ وَجههُ ڳوليندا رهندا آهن، پر مصريءَ جي خول ۾. اهو ٽِڪساٽ به ڪٿي جٽاءُ ڪري سگهي ٿو؟ ٽِڙڪاٽَ ڪري ٽُٽي پوندو آهي سندن ئي اڳيان ۽ پوءِ ڀيلا ٻُوٿَ کنيو وتندا آهن سَڀني ۾ وات وجھندا. آئون سُڃاڻا ٿي اهڙن کي، ٿورو به دَڳُ ملين ته، ٻي جي پُٺيءَ تي  لَتَ رَکي چوٽِ چڙهي بيهي رهندا آهن. وڏا ماڻهو ٿي. لکاءُ ئي نه ڏيندا ته اهي ساڳوڻا ڀيلن ٻُوٿَن وارا ئي آهن.

اِهو دستور دنيا ۾ به  هوندو، پر هِتي ڪجهه سَرُس آهي، بلڪه تمام گهڻو آهي، جنهن تي ئي ڪي پَرن (پلجن) ۽ تڳن پيا. اسين ڪريون پنهنجي، جن جي نڪا پُٺِ (پاور) نڪا مُٺِ (پيسا) آهي. سنئين سڌي واٽَ تان به پٿرو مُٽڪو گهوريو (ٺهيو) ڪَکَ پَنَ کان هٽندا، پاڻ کي بچائيندا آهيون. لطيفؒ جي جوڳين وانگيان:

گوندرَ گُذاري ڪاپڙي، پَڌَر وجھن نه پاڻَ،

تن  آيلَ  آديسين جي، روئان ڪاڻِ  رهاڻ

هت  نه پسجن  هاڻ،  وَيا ويراگي نِڪري

                                     (شاههؒ )

آئون پاڻ لاءِ ايئن ته ڪونه چونديس ته: ”سامي سون ٿيا، لِڪا ڀڻن لوڪَ ۾“ باقي ايئن ضرور پاڻَ لاءِ چونديس ته: ”ڪنهن جنهن ڪَمائيءَ لاءِ، لڪا ڀڻن لوڪَ ۾“. ”لِڪڻ“ کي کڻي منهنجي پرده نشيني چئو! ڪنهن ”پروفيسر“ وانگيان، جيڪو هروڀرو به، جتي به منهنجو ذڪر نڪرندو آهي، اتي ضرور لفظ ”پرده نشينيءَ“ جو نماءُ فرمائيندو آهي. سو، اسين، ”لِڪا ڀڻون لوڪ ۾“، ايئن ئي سَهي، سمجھون سڀ  ٿا ۽ اياز گل جي لفظن ۾:

انڌي    ٻوڙي    ٿيندي  آهي

گولي ڪو سوچيندي  آهي؟

حقيقت به اهائي آهي ته ڪن ماڻهن جو زبانون واقعي به، گولين وانگر  انڌيون ۽ ٻوڙيون هونديون آهن. جيڪي سوچن کان عاري هوندا آهن، خير آهي. مڃڻو پوندو ته ڪو به ماڻهو ٽيلر ڪَٽ نه هوندو آهي، هر هڪ کي وَڍَ ڪُٽَ جي ضرورت هوندي آهي پر، وَڍَ ڪُٽَ ۽ ماپَ تورَ ۾ حساب ڪتاب هئڻ گهرجي. ايئن نه  ته، ٽِن فوٽن جي ماڻهوءَ کي ڇهن فوٽن جي ماڻهوءَ جو وڳو سبي ڏجي ۽ ڇهن فوٽن جي ماڻهوءَ کي، ٽن فوٽن جي ماڻهوءَ جو لباس پارائي ڇڏجي، ته پوءِ نتيجو ظاهر آهي ته ڪهڙو ٿيندو؟ ايئن ئي اسان وٽ هرهنڌ، هر فيلڊ ۾، هر وقت ٿيندو رهندو  آهي ۽ ڪرسيءَ تي ويٺل ته، هيڪاري ساههَ جا ڌڻي ٿيڻ چاهيندا آهن.

خُدا ڏي، ته به کمي کائجي پر هتي گڏهه  واري کنهه کنهان آهي. ڀلي ڪَنِ پرَ جي فضيلت ڪندا ته کين ئي لاڀُ ملندو، نه ته اسان جهڙن جوڳي ماڻهن لاءِ ته نَڪو سندن دڙڪو ڪارگر ٿيندو، نَڪا ئي رعب ۽ دهمان جي ڪا وقعت رهندي. کِلَ ايندي اٿم سندن عملن تي ـــ دل چاهيندي آهي ته کين ماڻهپي جو درس ڏجي، پر ڏاهن جا ٻولَ اڳيتا (اڳيان) ڦريو اچن ـــ
برناڊشا  چوي ٿو ته: ”جي اوهان ڪنهن ماڻهوءَ کي سيکارڻ چاهيو ٿا ته، هو ڪڏهن به سِکي نه سگهندو.“

ايازگـــل جي ڪتابَ تي لکڻ بدران الائي ڪٿان  وڃي نِڪتيس، پر ڳالهيون سڀ موضوع سان لاڳاپيل آهن. ايازگـــل جي شاعريءَ لاءِ ائين چوڻ ته،  گلابَ جي خوشبوءَ جهڙي آهي. ايازگـــل  جي شاعريءَ ۾ پوتل جذبا پوپٽَ جي پَرن جهڙا آهن يا....... اهو مون کان ڪونه پُڄندو! اهو منهنجو مزاج ئي ناهي ته گٺل تشبيهون ڪم آڻيان. مون کي اهڙي تحرير به نه وڻي، جيئن هاڻي نوان ڪي ليکڪ وڏي طمطراق سان لکندا آهن. (خدا جي واسطي ڄَئورَ نه ٿجو! مون پنهنجي مزاجَ جي ڳالهه ڪئي آهي) هر ڪنهن جو پنهنجو مِزاج آهي. جيئن وڻين تيئن ڪن! هرڪو پنهنجي موسمَ ۾ ڦُلهاربو آهي ۽ هر ڪنهن کي  ڦلهارجڻ ۽ ٻُورجڻ گهرجي. ڇو جو:

جيڪي  آهي اَڄُ، سڀا  ناهي  صديق  چوي،

واڄي  وانگي  وَڄُ،  مَٿي  کي مُرلي ڪري.

بيشڪ وڄڻو ئي آهي ـــ اهو به ضرور
Wild  Wisdom جو ئي  نتيجو چئي سگهجي ٿو، پر انهن ڪوهستان جو جبل ناهي ڏٺو، رِڻ ناهي ڏِٺو.

اياز گـــل جي شاعريءَ جو رنگُ ڏسڻو اٿوَ ته، سندس نظم ”ٿورا نه ٿورا“ (صفحو 219) پڙهو ۽ راءِ ڏيو ته، اهي ڀرتي واريون تحريرون اثر انگيز آهن يا انهن  تحريرن کان مٿاهون هي هڪڙو ننڍڙو نظم؟.

 

ٿورا نه ٿورا

پاڻَ ته وئين

پر پاڻَ سان گڏُ

منهنجي انڊ لٺِ جهڙي جيونَ جا

ڇهه رنگَ به تون ساڻُ کَڻي وئين

ها پر، هڪڙو رنگُ ڇڏي وئين

پِيلو رنگُ

پِيڙا ۽ پُورن جو رنگُ

اهو به ڄڻ احسان ڪيو ٿئي

شابس ٿئي!

سَچُ ته، شابس ٿئي ايازگُـــلَ! اهڙي سٺي ”خيال“  لاءِ، حالانڪه منهنجي اک شاعريءَ ۾ سواءِ غزل جي ٻي ڪنهن به صنف تي گهٽِ ٻُڏَندي آهي، پر هِنَ نظمَ اَکِ کي پاڻَ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.

ايازگــل  جي شاعريءَ لاءِ، آئون جيڪا سندس همعصر آهيان،  اها سندس ئي لفظن ۾ چونديسِ ته:

اُتم، عظيم، نه بهتر، صفا سڌي سادي

ايازگُـــلَ  جي  مِٺا!، شاعري  رهي آهي

اها ئي سڌي سادي  شاعري کپي ٿي، رُوحن کي نئون تازو ڪرڻ لاءِ ۽ اهڙي شاعري  اياز گل جي سُڃاڻپ آهي. باقي سندس هڪ غزلَ جو بَندُ ته منهنجي ذهنَ سان چُهٽي، مون کان اهڙو ئي غزل لکرائڻ چاهي ٿو:

ٿوريءَ  ديرِ  ۾ ڏِسجو  مون  سان، ڪيڏا ويلَ ڪندي

منهنجي  ذاتِ  جو هڪڙو حصو، ڌارَ هي ريلَ ڪندي

اهڙي  شاعري ڪندڙ کي پڙهندڙ به گهڻا هوندا ۽ مٿس لکندڙ به ضرور گهڻا هوندا، پر ڀانيان ٿي ته کيس ميار ڏيندڙ گهٽ هوندا! ۽ منهنجي مَيار به سندس ئي غزل جي آخري بندَ تي آهي!

ڀِٽَ  ـــ ڌَڻيءَ  ڀرسان  سُتل  آ، جي  ”اياز“

سونهنَ  ڇا  سِينگاربي   ناهي   ڪڏهن؟

ڀٽ ڌڻيءَ جي باغ ۾ شيخ اياز جي قبرَ سونهن آهي؟ سِينگار آهي؟ ڪمال ٿو ڪرين اياز گل تون ڀي! وڌيڪ ڪجهه نه چونديسِ، سواءِ ان معلومات ڏيڻ جي ته، لطيفؒ جي باغَ کي قبرستان بنائڻ جي خلاف، مون 2007ع تي هڪ مقالو لکيو هو، جيڪو لطيفؒ جي ميلي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾، تڏهوڪي ڪلچر سيڪريٽري  ادي مهتاب اڪبر راشديءَ پاڻ پڙهيو ۽ سوالن جا جواب به پاڻَ ڏِنا هئا. وڌيڪ مرضيءَ وارو آهين.

شيخ اياز منهنجي شاعري جو به، اُتساهه جو مرڪز آهي، پر لطيفؒ جي باغ کي قبرستان بڻائڻ وارو عمل درست ناهي. ڪنهن به گلستان کي قبر سان ڪيئن ٿو سينگاري سگهجي؟

سوچِجي، سوچڻ سوا ڇا سوچِجي؟

ڪو ته حَلُ هوندو اَگر ها سِوچجي!

                                        (ايازگـــل)

تنقيدون ۽ ميارون پنهنجي جاءِ تي، باقي شاعريءَ ۾ اياز گــــل جي هڪ جاءِ آهي، خوبصورت ۽ مضبوط، جيڪا هُنَ پاڻ لاءِ پاڻ بڻائي آهي، جيڪا  پڳڙي ۽ ڀاڙي تي ورتل ناهي، جو جتان کيس زبردستي يا رضاڪارانه طور دست بردار ٿيڻو پوي ۽ هُو پنهنجي جاءِ تي ٺهي به ٿو پنهنجي  شاعريءَ سان گڏ:

بَدنَ جي رهي پوءِ به خوشبو الڳ

عَطُر  تو  لَٽَن   تي    لڳايو  هُيو

جيئن واسديو موهي چيو ته: ”اياز گــل جي ٻن سِٽُن ۾ ماحول خلقڻ جي قوت، مون کي ڌيان ڇڪائيندڙ لڳي آهي.“ سچ به اياز گـــل جي غزل ۾ آيل، ٻن سِٽُن جو هڪ بندُ ڪهاڻي سمائيندڙ  هوندو آهي:

رُڳو نانءُ ئي ڪينَ هو سنڌڙي

اجھل عشق اکرين سمايو هُيو

اهو آهي اياز گُـــل ۽ اها آهي  سندس شاعري، البته سندس مايوسيءَ نما اداسيءَ لاءِ هڪ ڇِڙٻَ (ڇينب).

وري  وري   توکي  ڦُٽڻو  آ، (اياز) گـــل آهين تون!

نٿو  مان   سمجھان ته  سهڻا!  ڇَڻي  ڇَڻي  ٿَڪبين

ڊاڪٽر مخمور بخاري

 

 

 

 

 

ماڻهو اُجرا رستا ميرا

شاعري جذبن جو ٽڪساٽ ته آهي ئي، پر اهو ٽڪساٽ جڙي ڪيئن ٿو، ان جي ڊگهي سفر ۾ اڻ ڳڻيا اوجاڳا، خوابن جون ڊگهيون قطارون، نه کٽندڙ تلخيون، محبت جا احساس، جذبن جا آتش فشان لڙڪ، مرڪ کان ويندي گهڻو ڪجهه ساهه کڻندو رهي ٿو. تخليق جي ان سفر در سفر ۾ تخليقڪار جيڪو ڪجهه سوچي ۽ لوچي ٿو اهوئي لفظن جي صورت ۾ ڪاڳر جي گج تي ٽاڪي ٿو. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به اسان جي اڄ جي ادبي تاريخ جو اهو جرڪندڙ ستارو آهي، جنهن پنهنجي داخلي احساسن کان ويندي خارجي احساسن تائين کي لفظن سان پينٽ ڪيو آهي، اهڙيون ته تصويرون چٽيون اٿس جو هن جي لفظن مان سونهن، سرهاڻ جي مڌرتا جو هڪ نئون احساس پڙهندڙ جي آڏو جاڳي پوي ٿو.

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي لڳ ڀڳ چاليهه ورهين جي ڊگهي شعري سفر ۾ هن جا ٻارنهن مجموعا ته پڙهندڙن وٽ پاڻ مڃائي چڪا آهن، سندس هيءُ تازو شعري ڳٽڪو ”ماڻهو اُجرا رستا ميرا“ اڄ هت تبصري هيٺ آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر سيال پنهنجا غزل ۽ گيت سهيڙيا آهن، غزل جيڪا ايران کان اڏاڻي سنڌ پهتي، پر پنهنجو اصلي چوغو لاهي نه سگهي، پير ڳوٺ ۾ قاضين جي بادشاهه شاعر پير سائين علي گوهر شاهه ’اصغر‘ جي ڀران ويهي هالا پراڻا جي ملان سانوڻي محلي جي شاعر خليفي گل محمد گل هالائي ان کي نج سنڌي بڻائي وڌو. اهوئي غزل جيڪو قاسم کان ٿيندو سانگي، گدا کان ٿيندو ڏيڍ صدي جو ڊگهو سفر طئه ڪري چڪو آهي. هاڻ ته غزل ڪنهن جوڀن رُت جي چلولائي جهڙو ساءُ ڏيڻ لڳو آهي، ”ماڻهو اُجرا رستا ميرا“ ۾ کوڙ سارا اهڙا غزل آهن جن کي پڙهندي ٽڪ مارڪ جا نه رڳو نشان ٿا لڳائڻا پون، پر رات جي سانت ڀريل پهرن ۾ چپن ئي چپن ۾ ورجائڻ مان ڪنهن وڻندڙ احساسن جو ساءُ اڀري ٿو اچي. ڇير جو ڇمڪو، بانسري جي ڪوڪ، دل جي ڌڪ ڌڪ، مندر ۾ وڄندڙ چڙن، ڪنواري آرس، ننڍاکڙين اکڙين جا اڻپورا خواب، سگريٽ جا ڊگها ڪش، ڦلهار وائي کان ٻاهر ڇڻيل سگريٽ جي رک، ڪنن ۾ گونجندڙ ڪي ٽهڪ، مڌ جي سرور جا احساس هن جي غزل مان لياڪا پائيندي نظر ايندا:

پيرڙا هورڙي تون جي کڻندو اچين،

ڄڻ ته ڌرتيءَ تي ٿو ساز ڇيڙي ڇڏين.

 

بانسريءَ جي ڪائي ڪوڪ ٻُرندي رهي،

ساهه تون جي ڀرين  مرڪندي ٿو کڻين. (ص 111)

 

تنهنجي چپ تي نانءُ لکان ٿو،

پيار جو گل مان ائين پوکيان ٿو.

 

من جي موسم مهڪي پئي ٿي،

تنهنجي هٿ تي هٿ رکان ٿو. (ص 63)

 

پشم جهڙا پير کڻين ٿي،

گلڙا چوڌر لهرائين ٿا.

 

تون جي آڏو بيٺين آهين،

آئينا به شرمائين ٿا. (ص 35)

ذوالفقار سيال جي شاعريءَ ۾ محبت جي ڪٿا کانسواءِ جهان جو قصو به آهي، هن مجموعي جو پهريون غزل آهي:

گم ٿي ويڙا سڀ جا پيرا،

ماڻهو اُجرا، رستا ميرا.

 

سنڌي ماڻهو سهڻا سڀ کان،

شال جيئن سي مرد مٿيرا.

 

”ذلف“ هتان جي مِٽي سوني،

سرها سارا گهاٽ هي گهيرا.

ڌرتيءَ سان محبت هر سچي شاعر جي پهرئين اوليت آهي، اهوئي جذبو ذوالفقار سيال جي شاعريءَ ۾ نمايان نظر اچي ٿو، ڌرتيءَ سان پيار، ڌرتيءَ واسين سان پيار، انهن جا ڏک، ڏولاوا، مسئلا پريشانيون، تڪليفون، خوشيون، راحتون سڀ پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪجن، ۽ اهوئي ڪجهه هن جي شاعري ۾ پيش ٿيل آهي ۽ اهائي تلخي هن جي هنن لفظن مان اسان جي اندر ۾ لهندي ٿي وڃي.

کليل اکين کي ڪري ڪو خنجر،

ڪي چپ پنهنجا سبي ويا هن،

سڄا هي رستا ڪنڊا ۽ شيشا،

غمن جا گولا به ڳِهي ويا هن،

انڌير اهڙو جو ماري، روئي،

تڏي تي قاتل اچي ويا آهن. (ص 49)

هڪ شاعر پُرعزم هوندو آهي. هُو گُهگُهه اونداهه ۾ به پنهنجي خيالن، سوچن ۽ اٽل ارادن سان روشني جو ڪرڻو هوندو آهي، هن جا لفظ ٻاٽ ۾ لاٽ جيان واٽ ويندڙ لاءِ سَهائي ڪندا آهن، اسان جو شاعر ذوالفقار سيال به پنهنجن لفظن مان اهو ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو:

ظالم جو انت ايندو،

ظالم نه ڪوئي رهندو،

ديوارون ڀل کڻايو،

واريءَ جو ڪوٽ ڊهندو،

ايندين بهار ايندي،

ڪو واءُ نيٺ ورندو. (ص 47)

ذوالفقار سيال بنيادي طور غزل جو شاعر آهي، هن پنهنجي غزل ۾ ٻولي ۽ خيالن جي حوالي سان خوبصورتي پيدا ڪئي آهي، ۽ هن دور جي هڪ ٻئي وڏي شاعر تاجل بيوس جي اها راءِ به ان پسمنظر ۾ اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿي ته ”ذوالفقار سيال غزل نگر جو حڪمران شاعر آهي“ پر تنهن جي باوجود به هن خوبصورت گيت لکيو آهي، گيت خيالن جي
بي اختيار اُڇل جو اظهار آهي، دريائن جي رواني ۽ تيز هوائن جي جهونڪن وانگر گيت به پڙهندڙ جي خيالن، احساسن ۽ جذبن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندا آهن ڪڏهن ڪڏهن ته ڊوڙندا به آهن ۽ ڪتاب ”ماڻهو اُجرا رستا ميرا“ ۾ شامل گيت به پنهنجي رس چس، سڀاءُ، ترتيب ۽ خيال جي حوالي سان پاٺڪ لاءِ سندرتا جا احساس اُڻن ٿا، اهڙا احساس جيڪي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي جماليات جي هڪ نئين نگر جو درشن ڪرائن ٿا، اها خوبي يقيناً شاعر جي شاعراڻي نازڪ خيالي جي حصي ۾ اسان شامل ڪري ڳڻي سگهون ٿا. ذوالفقار سيال جي اهڙن رس ڀريل گيتن جو هت ساءُ وٺڻ گهرجي.

وار تنهنجا وڪوڙي جي چهرو ڇڏن،

آنڱرين سان انهن کي هٽائي ڏسان،

چنڊ پنهنجي ٿو ٻڪ ۾ ڄڻ ڪو ڀري.

 

تنهنجي ڳلڙن تي ڳاڙهاڻ ڦهلي وئي،

رنگ جي باک آهي هي ڪهڙي ڦٽي،

ڪو شفق، باک ڪو، ڪوئي گل ٿو چوي. (ص 323)

هر پاسي آ تنهنجو جلوو،

توسان سر جو آهي سودو،

ناهي جڳ ۾ تو جهڙو ڪو،

تون ئي آهين،

تون ئي تون. (ص 247)

۽ بظاهر غزل جهڙي هيئت ۾ چيل سندس هيءُ گيت

دنيا جي سڀ سونهن چِٽيل آ، تنهنجي چولي تي،

منهنجو هرهڪ خواب سجيل آهي، تنهنجي چولي تي،

تنهنجي وارن جي خوشبو سان، مهڪيو آ هر رنگ،

چاهه ڀريو هر رنگ لڳل آ، تنهنجي چولي تي.

(ص 244)

ذوالفقارسيال جي هن نئين نڪور شعري مجموعي ”ماڻهو اُجرا رستا ميرا“ ۾ فقط غزل ۽ گيت جمع ٿيل آهن، جنهن تي ج.ع منگهاڻي جو مهاڳ به شامل آهي، جڏهن ته شاعر جي ذاتي خيالن سان گڏ بشريٰ ناز ۽ پروفيسر آفاق صديقي جا خيال پڻ هن شعري ڳٽڪي متعلق شامل آهن. نهايت خوبصورت ڇپائيءَ سان آراسته ٽي سؤ ڇٽيهه صفحن واري هن ڪتاب جو ملهه فقط ٽي سؤ رپيا آهي جيڪو چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان تازو ئي شايع ٿيو آهي.

عبدالرزاق ڪلهوڙو

 

 

 

 

سيف ۽ سندس ڪهاڻيون

دل جي بي چيني ۽ بيقراريءَ جي اظهار جي نانءَ کي تخليق چيو اٿن، اها بيچيني ۽ بيقراري هڪ تسلسل ۾ درد کي جنم ڏئي ٿي. جڏهن ڪو درد زندگيءَ ۾ تاحيات پيهي وڃي ٿو ته اهو جيون يا زندگيءَ جو مالڪ (خود انسان) پاڻ هڪ تخليقڪار بڻجيو وڃي. درد جي ان شاهراهه تان هلندي ادبي سنگت قنبر شاخ جي پيارن دوستن مان نياز حسين عرف سيف الحق سيف پنهنجي دل جي بيقراري ۽ اونهي اسرار جي ادب جي آڳنڌ مان ڪي عڪس ڪيل تخليقون آڇيون آهن، جيڪي ”اڏوهي کاڌل وجود“ جي روپ ۾ اسان تائين پڳيون آهن.

ڪتاب ”اڏوهي کاڌل وجود“ سيف جي ادبي زندگيءَ جو پهريون آغاز بلڪه سندس جذبن جو پهريتو اظهار آهي. سيف نه رڳو ڪهاڻيڪار آهي، پر شاعريءَ طرف به هن جا خيال سيبائتا ۽ اُتم آهن. گڏوگڏ مضمون نگار ۽ نقاد به پختو رهيو آهي.

هن جون ڪهاڻيون حساس ڀريون آهن. پاڻ به طبيعت جو وڏو حساس آهي ۽ سٻاجهي طبيعت رکندڙ هن نوجوان ۾ هڪ وڏي خوبي ۽ جرئت اها به آهي جو هن جي ضمير ۽ خمير ۾ جڏهن به دنيا جهان جو ڏک يا ڪو درد واسو ڪري وڃي ٿو ته هو ان کي کل خوشيءَ ۽ مزاحيات ۾ درگذر ڪري ڇڏي ٿو. هروڀرو به ان کي ظاهر ڪرڻ جو عادي ناهي.

سيف جي ڪتاب ”اڏوهي کاڌل وجود“ ۾ ڪل 16 ڪهاڻيون آهن، ڪهاڻين ۾ ٻولي نياري صاف شفاف ۽ وڻندڙ رکي اٿس. سندس هڪڙي خوبي ۽ ڪاميابي اها آهي جو هو پنهنجو پيغام پڙهندڙن تائين جيئن جو تيئن پهچائڻ ۾ ڪامياب ۽ سوڀارو ويو آهي، جو هن جون ڪهاڻيون پڙهڻ سان اکيون اشڪبار ۽ روح ڄڻ رهڙجي پوي ٿو. شيخ اياز جي هنن سٽن وانگر ته:

چپن چورايو ازل جي آواز کي

مهرون لڳيون منهن تي ڳوڙهن ڳالهايو

پرين! پهچايو اسان نياپو نينهن جو.

سندس پنهنجي پاران لکيل، ”مان ۽ منهنجا ٽٽل وکريل هيڻا ڪردار“ ۾ خود لکي ٿو، ڏک سک زندگيءَ جا ٻه پاسا آهن، جن کي ڪهاڻي نمايان ڪري ٿي. ڪهاڻي ماضي، حال ۽ مستقبل جي صورت ۾ زندهه رهي ٿي. تنهنجي ٽهڪن ۾ به ڪهاڻي آهي، منهنجي سڏڪن ۾ به ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي توسان ۽ مون سان گڏ گڏ هلي ٿي، جيڪو تو ۾ ۽ مون ۾ بدلاءُ اچي ٿو اهو ڪهاڻي ۾ به اچي ٿو.

سيف پنهنجي ڪهاڻين ۾ منظرڪشي وڏي رکي آهي، هوبهو ڪهاڻي فل عڪس ۾ لڳندي. ڪمال جو اهڙو تاثير سڀ ڪنهن ليکڪ جي وس ۾ ناهي هوندو، پر جنهن جو اندر فڪر ۾ جيترو اونهو اوترو تسلسل وارو ۽ بنهه دل کي ڇهندڙ ڇليندڙ ضرور ڀاسندو. سماجي اوڻاين واريون ڪهاڻيون توڙي ذهني ۽ نفسياتي دٻاءَ ۾ آندل ڪهاڻيون هجنس، سيف ان ۾ ڪهاڻي پڻي وارو نڀاءُ نيارو ۽ حقيقت نگاري ضرور رکندو آهي. حساس ماڻهوءَ جي زندگيءَ جا سمورا مامرا ۽ مونجهارا هن دنيا جهان ۾ حياتي گذارڻ لاءِ نيارو نڀاءُ رکن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي ان دائري يا رهگذر ۽ ڪنهن ٿڪل مسافر وانگر ساهه کڻڻ جي وڇوٽي يا وٿي به ناهي ملي سگهندي. مسلسل پنهنجي زندگيءَ جي نصيب جو ڌاڳو توڪل طور سوريندا رهندا آهن. منهنجي خيال موجب اهڙي قسم جا ماڻهو هر ڪنهن لاءِ محبوب ٿي ويندڙ هوندا آهن. سيف جي هنن ڪهاڻين پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته سيف به اهڙي ئي ڪردار جو ماڻهو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن اهڙا دل نپوئيندڙ واقعا اڄوڪي زماني ۾ ٿين پيا جنهن ۾ مظلوميت درندگيءَ جي ور چڙهي رتو ڇاڻ ٿي وڃي ٿي ۽ سماج مان ڪجهه وقت سڪون غائب ٿي وڃي ٿو، جنهنڪري ان دهشت ۾ ڏسندڙن جو حال به بي حال ضرور ٿي وڃي ٿو. سندس ڪهاڻي ”ڌماڪي کان پوءِ“ جون ڪجهه سٽون ڏسو:

”بارود جي بوءِ... انساني خون جي بوءِ سان ملي ويئي هئي. تباهي جو هيانءُ ڦاڙيندڙ منظر هو. جنهن ڏٺو تنهن جو هنياءُ ٿي ڦاٽو، مئل ماڻهو، زخمي ماڻهو! تڙپندڙ ۽ دانهون ڪندڙ ڪٽيل عضوا ۽ وهندڙ رت.“

سيف جي هڪ اهم ڪهاڻي ”نم جو وڻ“
آهي، جيڪا بهترين ٻوليءَ ۾ سرجيل ڪامياب ڪهاڻي آهي. موضوع ۽ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان نواڻ، جدت، نرالو روپ ۽ روڳ رکي ٿي.

ڪهاڻيڪار هيءَ ڪهاڻي لکي ڪهاڻيءَ جون هڙئي گهرجون پوريون ڪيون آهن. هن ڪهاڻيءَ لکڻ ۾ هو گهڻو ڪامياب ويو آهي.

سيف جي ٻي انتهائي دلچسپ ڪهاڻي ”مان هزار جو نوٽ آهيان.“ آهي ڪهاڻيءَ ۾ مُک ڪردار هزار جي نوٽ کي آهي، جيڪو مختلف ماڻهن جي هٿن ۾ اچڻ کان پوءِ علامتي انداز ۾ مخاطب ڏيکاريو ويو آهي.

”جڏهن مان مشين مان نڪري بئنڪ ۾ آيو هئس ته پگهار طور ٻين نوٽن سان گڏجي هڪ پٽيوالي کي مليو هئس. خوبصورت ۽ نيڪ سيرت پٽيوالي کي انيڪ ضرورتون هيون. هن منهنجي ٻين ساٿين کي انهن ضرورتن ۾ خرچ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هن بچت طور مون کي هڪ صندوق ۾ رکي ڇڏيو هو. هن جي صندوق ۾ تمام ٿورڙو ۽ ذڪر نه ڪرڻ جهڙو سامان هو. بس اهم هئا ته خط ۽ هڪ تصوير...!“

اهڙيءَ طرح دلچسپ انداز سان اهو نوٽ مختلف ماڻهن وٽ ڦرندو منظرڪشي ڪندو رهيو آهي. ان کان علاوه سندس ڪهاڻي ”سڏڪو خواب کان جاڳ تائين“ به هڪ اثرائتي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ فرد جي مجبوري کي ظاهر ڪيو ويو آهي. يتيمن جي دردن ۽ سورن جو درمان ڪنهن وٽ به ناهي رهيو. ويجها رشتا به ڪڏهن ڪڏهن ڌڪارجي وڃن ٿا. سماج ۾ ٻيون به اڪيچار بي انصافيون رڳي يتيمن جي کاتي ۾ وڃن ٿيون. مٽيون مائٽيون، رشتا ناتا، سڱابنديون ڪامورن جو ڏاج هجن ٿيون.

”بنا عنوان“ شروعات ۾ هڪ فرد سان نفرتي انداز ۾ مخاطب ٿيڻ ۽ آخر ۾ همدردي وچان وڏي قرب، پاٻوهه ۽ محبت سان ان ئي ڪردار واري ماڻهوءَ سان جڏهن مخاطب ٿئي ٿو ته هو وري کيس نفرت ڪرڻ لڳي ٿو. اهو هڪڙو وڏو ڪردار آهي هن ڪهاڻيءَ ۾، جڏهن هُن جي دل ۾ نرم لهجو هو ته هن کي هُن سان نفرت هئي ڇو جو معزوريءَ ڪري ڦٽن ۽ زخمن مان بوءِ پئي محسوس ڪيائين. هن جي دل ۾ جڏهن نرم گوشو ٿيو ته هو کيس غم وچان نفرت ڪرڻ لڳو هو.

سيف جي ئي سنجيده ڪهاڻي، ”سوچون، الڪا ۽ ڀڻڪا“ فني بيهڪ ۾ هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪي احساس بيان ڪيا ويا آهن جو سڌيءَ طرح دل کي متاثر ڪن ٿا.

”گوشت“ ولو ڪاسائي جهڙن لاءِ هن ڪهاڻي ۾ وڏو نتيجو آهي، ته جيڪي ماڻهو حلال ۾ حرام گڏائي وڪرو ڪن ٿا ته اهي ٻين جو ڪو نقصان نه ڪندا، پر پنهنجو پاڻ کي ڌوڪو ڏيڻ برابر ٿيندو. احمد ڪلارڪ جيڪو سندس پاڙيسري هئو، کي نج گڏهه جو گوشت ڏئي روانو ڪري ٿو، انڪري جو هُن قرض طور هن کي پئسا نه ڏنا هئا ۽ ڪي ٻيون شڪايتون ٻين ماڻهن ۾ هجڻ ڪري ولو ڪاسائيءَ کان اهو ڪڌو ڪم ٿيو. حلال جانور سان حرام جانور جو گوشت رَلائڻ اخلاقي طرح گناهه ۽ ڌوڪو آهي، نتيجي طور پاڻ کي به اهو حرام گوشت کائڻ نصيب ٿيس.

سماج ۾ ڪن مجبورين کان اهڙي قسم جا ماڻهو اهڙي خراب هلت هلن ٿا جو اهڙا وحشياڻا ڪم ڪري وجهن ٿا. ماڻهو کي خراب هلت ڏانهن راغب ڪرڻ جون ڪجهه مجبوريون هجن ٿيون. مثلن بک، بيروزگاري، قرضي ٿي وڃڻ يا اڃا به ڪو اهڙو پيچيده مسئلو جنهن جو حل سماج ۾ انهن کي سواءِ لُٽ مار، ذلالت ۽ ڌوڪيبازي جي نه آئڙندو آهي، پر پوءِ اڳتي هلي ذهن ۾ ان ڪيل غلط ڪمن جي انهن کي پشيماني دل ئي دل ۾ پئي کٽڪندي آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي حقارت آميز ڀائيندو آهي. گهڻي ڀاڱي ڪي ٿورا ماڻهو اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ سمجهه اچي ويندي اٿن جو اهو ڪم ڇڏي ويندا آهن، پر ڪن جي ته ناسور جهڙي طبيعت هوندي آهي جو وقت گذرڻ کان پوءِ به انهن جي ڪا مثبت سوچ ناهي ٿيندي جو سٺائيءَ طرف راغب ٿي وڃن.

”خوشيءَ جي ڏهاڙي“ ڪهاڻي ۾ سيف هڪ ڳڀرو نوجوان جي خودڪشيءَ جو واقعو لکيو آهي. هو محبوبا جي بي رخي ۽ ناراضگيءَ جي صدمي ۾ درياءَ ۾ بل ڏئي پنهنجو انت آڻي ٿو. ان جهڙا ڪيئي واقعا ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. جڏهن ڪنهن تي ڪو جنون ٿي پوي ٿو ته اهو لاچار ۽ بيوس هوندو آهي، پر اهڙو به قدم نه کڻڻ گهرجي جو پنهنجي قيمتي جان کي وڃائي ڇڏجي، حقيقت ۾ اها هڪ وڏي حماقت آهي، اٻوجهائپ آهي بيوقوفي ۽ وڏي غلطي آهي. ڪهاڻي سٺي آهي، پر ڪهاڻيءَ ۾ ڪجهه خاميون آهن. کبھی کبھی میرے دل میں خیال آتا ہے۔ ڪهاڻي گاني جون منڍ واريون ٻه سٽون لکڻ ئي ڪافي هيون. سڄو گانو لکڻ ڪهاڻيءَ کي ڌڪ رسائي ٿو. پبلشر، اردو ٻوليءَ واري صورتخطي لکڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي. اکرن جي صورتخطي ڪجهه اردو آهي ته ڪجهه سنڌي.

”نوجوان ۽ ماڪوڙو“ ليکڪ هن ڪهاڻيءَ ۾ به خودڪشي جو واقعو ۽ ڪردار کنيو آهي. خودڪشيءَ جو ارادو ڪندڙ جڏهن وهندڙ پاڻي ۾ هڪ ٻڏندڙ ماڪوڙي کي ڏسي ٿو ته هن جو ارادو خودڪشي ڪرڻ کان بدلجي وڃي ٿو ۽ ماڪوڙي کي بچائيندي پاڻ به بچي وڃي ٿو. چڱائي جي بدلي ۾ چڱائي مليس ٿي.

زندگي ۾ حقيقي خوشيون ٿورو وقت هلن ٿيون نه ته اڪثر ماڻهو ڏکارو رهجي وڃي ٿو. دنيا ۾ ۽ ڀڙڀانگي جا وڏا ڄار وڇايل آهن، رڳي رسوايون، رڳي رولاڪيون ۽ پڇتاءَ ملن ٿا.

ماڻهو جيئي ڇو ٿو....؟!

ڇا جي ڪري...؟!

ڪيئن ۽ ڪيترو وقت جيئرو رهڻو آهي...؟!

اهي اهڙا سوال آهن جن تي ضرور سوچڻ گهرجي.

خليل عارف سومرو

 

 

 

 

 

هزارين اکيون آليون ڪري ويندڙ:

ڊاڪٽر قربان جهتيال

سچ چون ٿا ته ماڻهو مري وڃي ٿو، پر ڪردار نه ٿو مري. اسان جو پرين پيارو دوست ڊاڪٽر قربان جهتيال به ڳڻن ڀريو اهو سلڇڻو، سٻاجهو انسان هئو، جنهن جي شخصيت جا ڪي ئي رنگ هئا ۽ هر رنگ هڪ ٻي کان وڌيڪ خوبصورت. سڀ کان پهرين ته هو هڪ بهترين نيڪ سيرت ۽ درويش صفت انسان هئو، ان کان پوءِ هڪ ذميوار ڊاڪٽر ان سان گڏ ئي هڪ شفيق ۽ مهربان پيءُ، هڪ سڄاڻ سماج سڌارڪ، هڪ ڇانوري جهڙو دوست، هڪ کاهوڙي قسم جو قوم پرست ڪارڪن ۽ سادي ۽ سچي قسم جو شاعر. هي اهوئي ماڻهو هئو جنهن پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بي لوث علمي ادبي ۽ سماجي خدمت جي ڪري ڦلجي اسٽيشن شهر کي سڄي سنڌ ۾ روشناس ڪرايو ۽ اڄ ڦلجي اسٽيشن سندس ئي نانءُ سان سڃاتي وڃي ٿي. هو سگا جو باني ميمبر به رهيو، هو سنڌي ادبي سنگت ضلع دادو جو ڪي ئي ڀيرا غير تڪراري رابطه سيڪريٽري به بڻيو هو. سموري سنڌ جي آواز جي دنيا جي ماڻهن کي ريڊيو پبليڪيشن جو بنياد وجهي ڳنڍي ڇڏيو ۽ هڪ خوبصورت ميگزين ڪڍيو مطلب ته سندس قول، فعل ۽ هر عمل سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ هئو ۽ هو سڄي سنڌ سان پنهنجي گهر وانگر پيار ڪندڙ هو. سندس زندگيءَ جو هر پهلو وزنائتو ۽ ڪارائتو آهي. هڪ دفعي قلم کڻڻ سان سندس زندگي جي گلدستي کي مڪمل طور پيش ڪري نه ٿو سگهجي.

ڪا ياد رات جي سانت کي رولي وئي

۽ هن دل جي ڪائنات کي رولي وئي.

 

 

پيار نيڻن ۾ زندگي ۾ ناهي

کوکلي زندگي ڇا معنيٰ.

عشق قربان ڌرتي سان آ

ٻي به ڪا عاشقي ڇا معنيٰ.

 

تهمت ڏئي ڪاري ڪئي وئي

زندگي هُن جي کاري ڪئي وئي.

انقلابن جي زبان ڪو ڪو ڄاڻي

هي ڪتابن جي زبان ڪو ڪو ڄاڻي.

خدمت خلق ۾ وڏو سڪون آ قربان

ها ثوابن جي زبان ڪو ڪو ڄاڻي.

آزادي جا گيت چپن تي چريا آهن

جذبا اندر ۾ اڃا ڀي وڌيا آهن.

۽ اهڙا ڪي ئي انيڪ خيال سندس ڪوتائن جي ڪاڪ تي ڪنولن جيان جرڪندا ۽ موهيندا رهن ٿا. سندس ڪمهلي وڇوڙي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو پنهنجي جدائي تي سنڌ جي اُن غم جي پرک ۽ ڄاڻ کيس اڳ ۾ ئي هئي تڏهن ته چيو هئائين:

جنهن به ٻڌو قربان جو غم آ

ساٿي سارا روئي ويٺا.

۽ اها حقيقت مون کي سندس وڇوڙي تي چٽي نظر آئي. سنڌ جون هزارين اکيون سندس غم ۾ آليون هيون. هي ٻه لفظ لکندي منهنجا نيڻ آلا ٿي ويا آهن ۽ ائين لڳي رهيو آهي، ڄڻ منهنجا لفظ لڙڪن هاڻا ٿي پيا آهن سندس وصيت جي لفظن تي قلم اچي رڪجي ڪجهه سوچڻ لڳي ٿو.

گل قبر تي آڻجان وصيت اٿئي

ٿورو گهڻو پيو سارجان وصيت اٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com