شوڪت صديقي
سنڌيڪار: شمشير الحيدري
ڪاري بلا
شام ٿي ٽُوٽُو خان وري اُها ئي حرڪت ڪئي. الائي هن نينگر کي
ڪيترن ڏينهن کان ڇا ٿي ويو آهي. اوندهه ٿي نه آهي
ته ٽوٽو غائب! ڳوليونس جو کڻي، ته ميرن ڪپڙن جي
ٽوڪريءَ منجهه آرام سان ستو پيو آهي!
هن جي انهيءَ عجيب غريب عادت مون کي خواهه مخواهه الجهن ۾ وجهي
ڇڏيو آهي. اڳئين مهيني مون ٻارن جي نفسيات تي ڪجهه
ڪتاب خريد ڪيا هئا، انهن کي اُٿلائڻ شروع ڪيم.
ڪيترن ڪتابن ڏسڻ کان پوءِ نفسيات جي مشهور ماهر
ڊاڪٽر بيڪر جي ڪتاب، ”ٻارن جون انوکيون عادتون“،
ڪي قدر رهنمائي ڪئي. ان ۾ ٻارن جي تمام حيرت انگيز
عادتن جو ذڪر آهي. مثلاً، هڪڙي ٻارڙي جي عادت هئي
ته رات جو جيستائين ڪڪڙ جي ٻانگ نه ٻڌي، تيستائين
ننڊ ڪانه ايندي هيس. ٻئي هڪڙي ٻار کي ڪاٺ ڪُترڻ جي
عادت هئي؛ ان سڄي گهر جي فرنيچر جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي
هئي. ان طرح، هڪ ٻئي ٻار جي وري اها عادت هوندي
هئي جو جيستائين سندس ريڙهه جي هڏيءَ تي ڪو ڌڪ نه
لڳندو هو، تيستائين ڳهريو پيو هوندو هو. مطلب ته
اهڙين ئي ٻين به گهڻين ئي دلچسپ عادتن جو ذڪر
انهيءَ ڪتاب ۾ هو. پر ٽوٽوءَ جيڪا نئين عادت
اختيار ڪئي هئي، ڪتاب ۾ ان جو ڪوبه ذڪر ڪونه هو.
ان باري ۾ ڊاڪٽر بيڪر رڳو ايترو لکيو هو ته ٻارن
جون ٻيون به اهڙيون عادتون آهن، جن جو اڃا انڪشاف
ٿي نه سگهيو آهي. سندس خيال هي آهي ته ٻارن ۾
انهيءَ قسم جون عادتون انڪري ٿيون پيدا ٿين جو
سندن دماغ جون ڪي رڳون ضرورت کان زياده حساس ٿي
وڃن ٿيون. انهيءَ جو علاج هن جو اهو تجويز ڪيو هو
ته رات جو سمهڻ مهل زيتون جي تيل ۾ شورو ملائي،
ٻار جي سڄي بت تي ان جي مالش ڪئي وڃي ته مفيد آهي.
مون سوچيو ته ڊاڪٽر بيڪر اهو ته تمام مهانگو نسخو
ٻڌايو آهي؛ ڇاڪاڻ ته ڪجهه سال اڳ جڏهن منهنجي مٿي
جا وار سرءُ جي سُڪايل پنن جيان ڇڻڻ لڳا هئا ته
مون کي به ڪنهن زيتون جي تيل واپرائڻ جي صلاح ڏني
هئي. ان وقت زيتون جي تيل جي هڪڙيءَ شيشي جي قيمت
نوَ رپيا هئي؛ هاڻي ارڙهن نه، ته به گهٽ ۾ گهٽ
پندرهن رپيا ته ان جي قيمت ضرور ٿي وئي هوندي. آءٌ
انهيءَ ويچار ۾ ويٺو هوس ته زال اچي پڇيو،
”ڪهڙيءَ سوچ ۾ ويٺا آهيو؟“
مون جواب ڏنو، ”اهو ئي سوچي رهيو هوس ته هيءُ ٽوٽو جو روزاني
شام جو ميرن ڪپڙن جي ٽوڪريءَ ۾ وڃيو سمهيو رهي، سا
ته ڏاڍي خراب عادت چئبي!“
بجاءِ ان جي جو هوءَ منهنجيءَ ڳالهه تي همدرديءَ سان غور ڪري
ها، بگڙي چوڻ لڳي، ”اوهان جڳهه ئي اهڙي ورتي آهي!
سڄو ڏينهن ٿو پاڙي جي ڪنن ڇورن سان رانديون ڪري،
هاڻي ميرن ڪپڙن ۾ سمهڻ جي عادت نه پونديس، ته ڇا
کيس صاف سٿري بستري تي آرام ايندو؟“
هڪ نيڪ بخت کي اهو معلوم ناهي ته هينئر اهو زمانو ڪونه رهيو
آهي، جڏهن ماڻهو ڪٿي رهائش اختيار ڪرڻ وقت ٻين
سهولتن سان گڏ اهو به ڏسندو هو ته اوڙو پاڙو ڪهڙو
آهي. اُن وقت ته گهوڙا طبيلن ۾، ۽ ماڻهو جاين ۾
رهندا هئا؛ هاڻي ته ماڻهو ۽ گهوڙا گڏ سلهاڙيا
ويندا آهن. اهڙيون ڳالهيون آءٌ اڪثر سوچيندو
آهيان، پر زال سان ڪڏهن ڪونه ڪندو آهيان. جيتوڻيڪ
منهنجيءَ زال کي ’نورنامو‘ ۽ ’دعاي گنج العرش‘
زباني ياد آهن، ۽ هوءَ ’قصص الانبيا‘ ۽ ميلاد شريف
جا ڪتاب لس پڙهي ويندي آهي، ۽ آءٌ ڇاڪاڻ ته اخبار
جي باقاعدگيءَ سان مطالعي ڪرڻ کان سواءِ ’پوسٽ‘ ۽
’لائيف‘، انگريزيءَ جون مشهور مخزنون به پڙهندو
آهيان، ان ڪري رهڻيءَ ڪرڻيءَ جي معاملي ۾ خاصو
روشن خيال ٿي ويو آهيان. پر اوهين ائين هرگز نه
سمجهندا ته آءٌ ڪو هر هفتي ’پوسٽ‘ ۽ ’لائيف‘ رسالن
تي ٻه – ٽي رپيا خرچ ڪندو آهيان. ڳالهه فقط ايتري
آهي ته مهيني جي پوين تاريخن ۾ جڏهن پاڻ وٽ ايترا
پيسا به ڪونه هوندا آهن جو ڪنهن چڱيءَ هوٽل ۾
چانهه جو ڪوپ پي شام گذارجي، يا ماراماريءَ سان
ڀرپور ڪا آمريڪي فلم ڏسجي، تڏهن آءٌ انهن ڏينهن ۾
ڪنهن ڪاٻاڙيءَ ۾ دوڪان سان، سستي اگهه، راتين جي
ننڊ حرام ڪندڙ ڪو انگريزي ناول، يا ’پوسٽ‘،
’لائيف‘، ۽ انهيءَ قسم جي رسالن جا جهونا پراڻا
پرچا خريد ڪري ايندو آهيان، جن ۾ هڪ – اڌ سنسني
خيز ڪهاڻي، ڪو حيرت انگيز فيچر، ۽ ڪجهه ڦڙاڪيدار
تصويرون هونديون آهن. مطلب ته انهن ۾ ايترو مسالو
ضرور هوندو آهي جو رات جو سمهڻ کان اڳ ڪجهه ڪلاڪ،
جيڪي هونئن ڪڏهن ڪڏهن کائڻ پيا ايندا آهن، مزي سان
ڪٽجيو وڃن. انهن سان معلومات ۾ به اضافو ٿيندو
آهي، ۽ انگريزيءَ جي اِستعداد به وڌندي آهي، جيڪا
مون جهڙي ملازم پيشي ماڻهوءَ لاءِ ترقيءَ جو
پاسپورٽ آهي.
مون کي خاموش ڏسي، زال چوڻ لڳي: ”اوهين ته ابتيون سبتيون
ڳالهيون سوچي، هرڀرو ٿا پنهنجو دماغ خراب ڪريو.
بس، هڪڙو ئي طريقو آهي ته فورا ئي وڃي ٽوٽوءَ کي
اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. ماشاالله، هاڻي ته پنجين
سال ۾ پير پاتو اٿس. اسڪول وڃڻ لڳندو، ته هن جو
ڏينهن رات گهٽين ۾ رلڻ ته ختم ٿي ويندو!“ يڪساهيءَ
هوءَ سڀ ڳالهيون چئي وئي.
مون به چپ چاپ سندس ڳالهه مڃي ورتي—”هاڻ ائين ئي ڪندس.“
هوءَ ساڳئي تيز لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”’ائين ئي ڪندس‘ پر سڀاڻي ئي
وڃي اسڪول ۾ ويهاري اچوس! هو اوهان جو غزنوي صاحب
ته الائي ڪڏهن گشت تان موٽي، پوءِ ته ڪنهن اسڪول ۾
جڳهه به ڪانه ملنديوَ. ذرا سوچيو ته ڪڏهن غزنوي
صاحب ايندو، ڪڏهن هو سفارش ڪندو، سو ڪڏهن ڇوڪرو
وڃي اسڪول ۾ پڙهائيءَ کي لڳندو! آخر اوهين جو ٻن
ٻن اسڪولن ۾ ٿا پڙهايو، اتي داخل ڪرائڻ ۾ ڪهڙو حرج
آهي؟ اهو ته پاڻ سڀ کان چڱو جو ٻار هر وقت پنهنجين
اکين اڳيان رهي.“
منهنجيءَ زال ٺيڪ چيو ته آءٌ ٻن اسڪولن ۾ ماستر آهيان. زال کي
ته ان وقت ڪنهن طرح سمجهائي ٽاري ڇڏيم؛ پر آءٌ پاڻ
انهن اسڪولن ۾ پنهنجي پٽ کي تعليم ڏيارڻ نٿو
چاهيان. صبح واريءَ شِفٽ ۾ جنهن اسڪول ۾ آءٌ
پڙهايان ٿو، ان جو نالو ’گرين وُوڊ‘ آهي. پر نڪا
اتي ڪا ساوڪ آهي، ۽ نڪو جهنگل ۾ منگل ملهائڻ جو ڪو
نمونو. دراصل اهو هڪ ڪپهه جو گدام آهي. اسان جو
پرنسپال صاحب ڪنهن زماني ۾ ڪپهه جو وڏو پيڃارو هو.
خدا خانو خراب ڪري سٽي بازيءَ جو، جنهن انهيءَ سڄي
گدام کي اصل ٻهاري ڏيئي ڇڏي. انهيءَ حادثي سببان
هو ويچارو ايترو ته دلشڪستو ٿي پيو، جو پوءِ خلق
جي خدمت جي جذبي هيٺ هن انهيءَ گدام ۾ کڻي اسڪول
کوليو، جتي ڪاٺ جي ننڍين ننڍين ڪيبينن ۾ روزاني
صبح ساڻ ٽي سو ٻارڙا پُوريا وڃن ٿا. اسڪول ۾ سڄو
ڏينهن بجليءَ جي روشني رهي ٿي، ۽ گهڻو ڪري سياري ۾
به پنکن هلائڻ جي ضرورت پوندي آهي. اسڪول جي سڀ
کان دلچسپ شخصيت پرنسپال صاحب آهي. حالانڪ هو
انگريزيءَ ۾ پنهنجي نالي جي هِجي گهڻو ڪري غلط لکي
ويندو آهي، ليڪن سندس دعوا آهي ته جيڪڏهن هو پاڻ
ٻارن کي پڙهائڻ شروع ڪري ڏئي ته پري پري تائين ٻيو
ڪوبه اسڪول ڪونه بچندو؛ پر ڇاڪاڻ ته جڳهه تنگ آهي
۽ ان ڪري هو وڌيڪ ٻار اسڪول ۾ داخل ڪرڻ نٿو چاهي،
تنهنڪري هن اڃا تائين انهيءَ طرح توجهه ڪانه ڏني
آهي. البت هفتي ۾ هڪ – ٻه ڀيرا هو ماسترن کي سبق
سو ضرور ڏيندو آهي. ٻارن جي سامهون ئي هو اڪثر
اهڙي غيض سان گَجڻ لڳندو آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ته
ائين پيو ڀانئبو آهي ته بس هاڻي ويچارن ماسترن کي
کوکن جي پَٽين مان ٺاهيل ميزن تي ڪَنَ – ڪوشي
ڪرائيندي ڪونه گُسندو! اهي تڙيون هو ان ڪري ڏيندو
آهي جو سندس خيال آهي ته ملازمن کي هميشه تنبيهه
ڪندو رهڻ کپي، چاهي اهي اسڪول جا استاد ئي ڇو نه
هجن. انهيءَ ڳالهه جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ڪڏهن
ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي ته ڪو ڪلاس ٽيچر ڪنهن
ٻار کي فهمائش پيو ڪندو، ته ڪو شرارتي ڇوڪرو وٺي
زور سان واڪو ڪندو- ’پرنسپال صاحب پيو اچي!‘ اهو
ٻڌندي ئي ويچاري ماستر جون وايون بتال ٿي وينديون،
۽ سمورن ڇوڪرن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويندو. هڪ سو ڏهن
روپين جي ماهوار مستقل آمدنيءَ ۽ معتبر چوائڻ جو
اونو نه هجي ها، ته هن اسڪول ۾ پڙهائڻ کان ته هوند
ائين چڱو هو جو آءٌ فٽپاٿ تي هوڪا ڏيئي، جڙين
ٻُوٽين وڪڻڻ جو ڪم شروع ڪري ڏيان.
ٻيو اسڪول، جنهن ۾ آءٌ پڙهايان ٿو، سو شهر جي هڪ تمام ڳتيل
بازار ۾ آهي. جتي آڌين تائين گوڙ گهمسان لڳو پيو
هوندو آهي. اسڪول هڪ تمام وڏيءَ بلڊنگ جي هڪ حصي ۾
آهي، جتي ڏينهن جي پهرئين پهر تائين ڪاسائيءَ جو
دوڪان هلندو آهي. ان وقت اُتي هڪ بورڊ لڳو رهندو
آهي، جنهن تي لکيل آهي—”هتي گوشت وڪبو آهي.“
ٻارهين بجي بورڊ کي اٿلايو ويندو آهي، ۽ ان جي
جاءِ تي ”هئپي هوم“ اسڪول جو نالو اڳيان اچي ويندو
آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو اسڪول ۾
پڙهائي جاري هوندي آهي ته تيز هوا جي واڪي سان
بورڊ ابتو ٿيو وڃي. اهڙي حالت جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن
ٿيندي آهي، پر اهڙن موقعن تي ائين به ڏٺو ويو آهي
ته ڪو گهٻرايل شخص اسڪول اندر اچي، وائڙو بنيو،
اهوبيٺو جاچيندو آهي ته گوشت ڪهڙي هنڌ وڪبو آهي.
ٻڌجي ٿو ته رات جو اسڪول واريءَ جاءِ ۾ جوا جي
ٽڪري هلندي آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته ان وقت به
”هئپي هوم“ اسڪول جو بورڊ ٽنگيل رهندو آهي. انهيءَ
اسڪول ۾ مون کي سو رپيا پگهار ملي ٿو، حالانڪ
انهيءَ اسڪول جو مالڪ (جنهن جو پرنسپال هجڻ لازمي
شرط آهي) هر مهيني ايترو ڪمائي وٺندو آهي جو ڪنهن
وڏيري جي آمدنيءَ کان به وڌيڪ آهي.
اهڙيءَ صورت ۾، اوهين ئي ٻڌايو ته آءٌ پنهنجي پٽ کي ڀلا ڪهڙيءَ
طرح انهن اسڪولن ۾ تعليم ڏياري سگهان ٿو؟ اکين ڏٺي
ته مک به نٿي ڳيهي سگهجي! ٽُوٽُو ته وري منهنجو
پوڻيٺيءَ جو پٽ آهي، تنهنڪري ان لاءِ هونئن به
منهنجي دل ۾ گهڻيون آسون اميدون آهن. معاف ڪجو،
مون اڃا تائين اهو نه ٻڌايو ته ٽوٽوءَ جو اصل نالو
’محمد علي‘ آهي. ائين ئي، انگريزيءَ جي ”لُڪ“ مخزن
۾ هڪ خوبصورت اِسپيني ٻارڙي جي تصوير ڏسي، ڳچ وقت
تائين آءٌ هن کي ’لازيرو‘ سڏيندو هوس. ’محمد علي‘
نالو سندس ماءُ رکيو آهي. حالانڪ منهنجي خواهش هئي
ته کيس ’بلنداختر‘ چئجي، پر سندس ماءُ نه مڃيو.
چي، ’محمد علي‘ وڏن ماڻهن جو نالو هوندو آهي؛ ۽
ڇاڪاڻ ته اسان ٻنهي پنهنجي پٽ کي آئيندي وڏو ماڻهو
ڏسڻ چاهيو ٿي، ان ڪري مون کي به سندس ڳالهه مڃڻي
پئي. هونئن به ٽوٽوءَ ۾، عام ٻارن کي ڇڏي ڪري،
ڪجهه اهڙيون عادتون ڏسبيون هيون، جيڪي وڏن ماڻهن
جي ننڍپڻ لاءِ چيون وڃن ٿيون. اوهين چوندا ته
پنهنجي اولاد ۽ عقل جي باري ۾ هرڪنهن ماڻهوءَ کي
مغالطو ٿيندو آهي. مشڪل اها آهي ته اوهين منهنجين
اکين سان نٿا ڏسي سگهو، جيڪي ٽوٽوءَ ۾ مستقبل جي
هڪ وڏي ماڻهوءَ جون علامتون ڏسي رهيون هيون. خير،
ڪجهه به هجي، اسين ٻئي زال – مڙس انهيءَ ڳالهه تي
پختا هئاسون ته ٽوٽوءَ کي اعليٰ تعليم
ڏيارينداسين. البت انهيءَ سلسلي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اسان
جي وچ ۾ سخت بحث شروع ٿي ويندو هو. زال چوي ته
”آءٌ پنهنجي پٽ کي ڊاڪٽر بنائينديس“. پنهنجي
انهيءَ ڳالهه کي زور وٺائڻ لاءِ هوءَ چوندي هئي،
”ڊاڪٽرن جي آمدنيءَ جي اوهان کي ڪهڙي خبر: ڪنهن
ڏينهن ڊاڪٽر ڪريميءَ جي دواخاني ۾ وڃي ڏسو ته خدا
جو قسم نوٽن جا ڍير ٿا لڳيو وڃن!“ آءٌ مخالفت ڪندو
هوس، ته هوءَ چوندي هئي، ”چڱو، ته تڏهن انجنيري ئي
کڻي پڙهايوس. بابا جن جي پاڙي ۾ هڪڙو انجنير رهندو
آهي، هزار – ٻارهن سو پگهار اٿس ۽ وري ٻي هزار جي
آمدني الڳ. هڪڙي به نه، ٻه ٻه موٽرون اٿس. جنهن
شهر ۾ بدلي ٿئيس، اتي سال کن اندر ئي پنهنجي جاءِ
جوڙايو وٺي. انجنيريءَ ۾ به ڪو گهٽ ٺٺ ڪونهي!“ آخر
اهو فيصلو ٿي ويو ته هڪڙي ڇوڪري کي ڊاڪٽر، ٻئي کي
انجنير، ۽ سڀ کان ننڍي کي پروفيسر بنايو وڃي.
اهڙيون ڳالهيون اسين ٻئي اڪثر ڪندا هئاسين.
ٻئي ڏينهن گهر واريءَ سويل ئي ننڊ مان اٿاريو. ڏسان ته ٽوٽوخان
وهنجيو سهنجيو، آڏي سينڌ ڪڍيو، نئون سوٽ ۽ جاڪيٽ
پايو، اسڪول وڃڻ لاءِ تيار بيٺو هو. دل باغ باغ ٿي
وئي. مون به اهڙي نموني جي تياري ڪئي. جڏهن آءٌ
ٽوٽوءَ کي پاڻ سان وٺي هلڻ لڳس، ته ماڻس جي خوشيءَ
جي حد ئي ڪانه هئي– ڳالهه ڳالهه تي واڇون ٽڙيون ٿي
پيس.
رستي ۾ هڪ – اڌ دفعو خيال آيم ته جيڪڏهن غزنوي اچي وڃي ها ته
چڱو هو، ڇاڪاڻ ته مِشن اسڪول ۾ داخلا ملڻ ڏاڍي
مشڪل آهي؛ پر وري ائين سوچي دل کي مضبوط ڪيم ته
آخر آءٌ به اسڪول ماستر آهيان، ڪجهه ته انهيءَ
ڳالهه جو خيال ڪيوئي ويندو.
’سينٽ پيٽر‘ اسڪول جو رستو منهنجي گهر کان بس جي ذريعي مشڪل سان
ڏهن منٽن جو ٿيندو. آءٌ جنهن وقت اتي پهتس، ته
ڪلاس چالو ٿي ويا هئا. ڦاٽڪ جي اندر داخل ٿيس، ته
اکيون ڦاٽي ويم. وچ ۾ وڏو ڪشادو ميدان هو، ان جي
پاسن کان اسڪول جي ٻن منزلن واريءَ عمارت جو سلسلو
هو. هڪ طرف تمام خوبصورت باغيچو هو، جنهن ۾ ٻارن
جي راند روند جو سامان موجود هو. هر ڪا شي قاعدي ۽
سليقي سان ٿي نظر آئي. پرنسپال جي آفيس ۾ پهتس، ته
پٽيوالي ٻڌايو ته صاحب اندر موجود آهي مون کانئس
ڪاغذ جي چِٽ ورتي. سوچيم، هن وقت پنهنجي نالي مان
فائدو وٺڻ کپي؛ سو ’سيد احمد جعفريءَ‘ بدران مون
چِٽ تي ”ايس.اي. جيفري، ٽيچر ’گرين وُوڊ‘“ لکي، چٽ
اندر ڏياري موڪلي. تير نشاني تي لڳو، ۽ ٿوري دير ۾
پرنسپال مون کي سڏايو. هو اڌڙوٽ عمر جو پادري هو.
خوبصورت ڀوري ڏاڙهي، چوپ اڇي پوشاڪ، اکين تي سنهري
فريم وارو چشمو، ڇاتيءَ تي صليب—ڏاڍو پُروقار شخص
هو. تمام خنده پيشانيءَ سان مليو. ويهڻ لاءِ ڪرسي
آڇيائين، ۽ مرڪي چيائين،
”آءٌ اوهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟“
مون ڪي قدر عاجزيءَ سان چيو، ”هن ڇوڪر کي داخل ڪرائڻ ٿي چاهيم.“
ڏاڍو گنڀير منهن بنائي چوڻ لڳو: ”اوهان آفيس جي ٻاهران لڳل بورڊ
نه ڏٺو؟“
”مون کي ياد آيو ته آفيس جي ٻاهر هڪ بورڊ لڳل هو، جنهن تي لکيل
هو- ”سڀني ڪلاسن ۾ داخلا بند ٿي چڪي آهي.“ پر
جهڙيءَ طرح پرنسپال سان ملڻ کان اڳ مون انهيءَ
بورڊ جي اهميت کي نظرانداز ڪيوهو، هينئر به ان کي
نظرانداز ڪري چيم: ”بورڊ ته مون ڏٺو هو، ليڪن آءٌ
گرين وُوڊ اسڪول ۾--“
هن منهنجي پوري ڳالهه به ڪانه ٻڌي، ۽ تمام تُرش ٿي چيائين،
”هيءُ بورڊ ان لاءِ لڳايو ويو آهي ته جيئن ماڻهو
نه پنهنجو وقت برباد ڪن، ۽ نه منهنجو!“
ان هوندي به مون ڪجهه چوڻ چاهيو، ته هن تمام تيز نظرن سان
گهُوري مونکي ڏٺو- شايد منهنجي بدتميزي هن کي سخت
ناگوار لڳي هئي. فوراً هن پٽيوالي کي سڏڻ لاءِ زور
سان گهنٽي وڄائي. آءٌ گهٻرائجي اُٿي کڙو ٿيس، ته
متان پٽيوالي هٿان لوڌائي نه ڪڍيم. آءٌ جو
گهٻرائجي اندران نڪتس، ته اهڙي زور سان پٽيوالي
سان سامهون ٽڪرجي پيس جو اکين اڳيان اوندهه اچي
ويم.
اسڪول جي احاطي کان ٻاهر آيس، ته ايتري منجهه محسوس ڪيم جو دل
ٻڏڻ لڳيم. هاڻ سڀ کان وڏو مسئلو هي هو ته زال کي
ڇا ٻڌايو وڃي. انهيءَ ٻُڏ – تر ۾ گهر پهتس، ۽
اڳواٽ سوچيل سمجهيل منصوبي مطابق صاف ڪوڙ هڻي
ٻڌايم،
”هڪڙي هفتي کان پوءِ گهرايو اٿن.“
”ٺلهو گهرايو اٿن يا داخلا به ڏيندا؟“
مون فوراً چيو، ”داخلا ڇو نه ڏيندا؟ آخر گهرايو ڇا لاءِ اٿن؟“
ڳالهه آئي – وئي ٿي وئي. انهيءَ پريشانيءَ ۾ اسڪول ويس. اتي
ماسترن سان ذڪر ڪيم. ڪنهن چيو ته تعليم جي ڊئريڪٽر
جي دفتر ۾ ڪنهن سان سڃاڻ ڄاڻ ڪڍ، ڪنهن ڪن وڏن
آفيسرن سان ملڻ جو ڏس ڏنو، ته ڪنهن ليڊرن سان:
سڀني اهڙن ماڻهن جو ذڪر ڪيو، جن تائين رسائي حاصل
ڪرڻ لاءِ وري الڳ رسائي پيدا ڪرڻ جي ضرورت هئي.
انهيءَ پريشانيءَ ۾ مبتلا هوس ته هڪ ڏينهن والد
مرحوم جو واقفڪار هڪڙو فوجي ملي ويم. هو هندستاني
فوج ۾ صوبيدار هو، ۽ هاڻي پينشن کڻي رهيو هو.
ڏسندي ئي چيائين،
”ڏاڍو پريشان پيو ڏسجين!“
مون ان سان به ائين ئي پنهنجي پريشانيءَ جي ڳالهه ڪري ڇڏي.
هن فوراً چيو، ”تون هُن عيسائين واري اسڪول جو ذڪر ته نه پيو
ڪرين؟“
مون چيو، ”جي ها.“
چوڻ لڳو، ”اُتي ته ڪم ٺهي سگهي ٿو. هينئر ئي هل!“
”آءٌ گهٻرائجي ويس. هن سان ته ڄڻ ڳالهه ڪري ڦاٿس. انهيءَ ئي مهل
مون کي ڪاهي هليو پنهنجي گهر. اتي هن پنهنجي فوجي
وردي پاتي، ڇاتيءَ تي الائي ڪيترن قسمن جا ٻِلا
هنيائين، سرٽيفڪيٽن جي سٿي ساڻ کنيائين، ۽ مون سان
گڏجي منهنجي گهر آيو. انڪار جي گنجائش ڪانه هئي،
ٽوٽوءَ کي ساڻ کنيوسون ۽ اچي ’سينٽ پيٽر‘ اسڪول ۾
سهڙياسين. آءٌ ته پرنسپال وٽ ويندي ڇرڪيس پئي، پر
هن ضد ٻڌو ته آءٌ به ساڻس گڏ اندر هلان. آفيس جي
دروازي تي پٽيوالي چِٽ اڳيان وڌائي، ته هن سندس هٿ
کي پري جهٽڪي ڇڏيو، ۽ چِڪ هٽائي اندر داخل ٿي ويو.
آءٌ به سندس پويان پويان اندر هليو ويس. صوبيدار
صاحب خالص فوجي انداز سان سئليوٽ ڪيو. پرنسپال اٿي
بيهي هٿ ملايو، ۽ ڪرسي پيش ڪئي. پر صوبيدار صاحب
بيٺو ئي رهيو، ۽ ٽوٽوءَ کي ٻانهن کان جهلي پرنسپال
جي سامهون ڪيائين:
”صاب، هيءُ ٻار اوهان جي سپرد ڪرڻ آيو آهيان.“
پرنسپال انڪار ته ڪونه ڪيو، البت سوچ ۾ پئجي ويو.
صوبيدار صاحب هن کي خاموش ڏٺو، ته ڪڙڪ ٿي چيائين: ”اسان برطانيه
سرڪار لاءِ سر تريءَ تي رکي لڙائيون لڙيون آهن!“
پوءِ هن سرٽيفڪيٽن جو ڍير پرنسپال جي سامهون ميز
تي اٿلائي وڌو، ۽ پتلون کي مٿي چاڙهي، ران تي
گوليءَ جو نشان ڏيکارڻ لڳو: ”ڏسو، هيءَ گولي گذريل
جنگ عظيم ۾ لڳي هئي!“
پرنسپال مرڪي ڏنو: ”گهٻرايو نه، اوهان جي ڇوڪري کي داخلا ڏيون
ٿا.“
صوبيدار صاحب داد طلب نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو. واقعيءَ کانئس
بيحد مرعوب ٿي ويو هوس. انهيءَ مهل پرنسپال ڪلارڪ
کي سڏايو، ۽ کيس حڪم ڏنائين ته ٽوٽوءَ کي نرسري
ڪلاس ۾ داخل ڪيو وڃي.
ڪلارڪ مون کي وٺي پنهنجي ڪمري ۾ آيو. اتي هن داخلا جو فارم ڏنو،
۽ مون اهو ڀري ڏنومانس. پر جڏهن هن فيءَ جا پيسا
ٻڌايا، ته آءٌ چڪرائجي ويس. پنجويهه رپيا ماهياني
ٽيوشن في، پنجويهه رپيا بس ۾ وٺي اچڻ ۽ ڇڏي وڃڻ جو
خرچ، ڏهه رپيا داخلا في، ۽ ان کان سواءِ يونيفارم
۽ انهيءَ قسم جا ٻيا خرچ هئا- ستر کن رپين جي رسيد
هئي! انهيءَ وقت گهران وڃي ڏوڪڙ کڻي آيس، ۽ ٽوٽوءَ
کي الله جو نالو وٺي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيوسون.
هاڻي روز صبح جو گهر اڳيان ’سينٽ پيٽر‘ اسڪول جي بس اچي هارن
هڻندي هئي، ۽ ٽوٽو خان چمڙي جو ٿيلهو ڳچيءَ ۾
لٽڪائي، جهومندو جهولندو بس ڏانهن ويندو هو. هن کي
ان طرح ويندي ڏسي، اسين ٻئي زال – مڙس اصل ٻلهار
پيا ٿيندا هئاسين. روزاني ٽوٽوءَ جي اسڪول وڃڻ
واري وقت تي اسين ٻئي دروازي تي اچي بيهي رهندا
هئاسين، ۽ کيس ويندي، بس ۾ چڙهندي، ڏسندا رهندا
هئاسين.
ٻيو مهينو شروع ٿيو، ته اهو فڪر ٿيڻ لڳو ته ٽوٽوءَ جي پڙهائيءَ
جو چاليهه رپيا ماهيانو خرچ- يعني پنجويهه رپيا
ٽيوشن في ۽ پندرهن رپيا بس جا- ڪهڙيءَ طرح گهر جي
ڪاٻالي مان ڪڍي پورو ڪيو وڃي. ان لاءِ مون اها
پيشڪش ڪئي ته هاڻي آءٌ اسڪول ويندي هڪ رپئي بدران
اٺ آنا روزاني کڻي ويندس- يعني اسڪول تائين هڪ طرف
جو رستو پيدل ئي هلڻو پوندو؛ ۽ سگريٽ ڪئپسٽن بدران
ڪئنچي پيئبو. پندرهن رپيا ان طرح بچيا. ٻيو خرچ
گهٽائڻ جومون اهو طريقو ڪڍيو ته صبح جو هونئن مائي
ٿانو – ٿپي صاف ڪرڻ لاءِ ايندي آهي، تنهن کي جواب
ڏنو وڃي؛ ان مان ست رپيا هر مهيني بچي پوندا. گهر
واريءَ انهيءَ ڳالهه جي سخت مخالفت ڪئي. چوڻ لڳي،
”آءٌ ٿڌي پاڻيءَ ۾ هٿ وجهنديس ته ننڍڙي جي ڇاتي
وٺجي پوندي!“ اها ذميداري به مون کي پاڻ تي کڻڻي
پئي. ان کانپوءِ ڪپڙن جي ڌوئارڻيءَ جو نمبر آيو.
ڌوٻي ٻارهين رپئين سو ڌئارڻي وٺندو هو. اڳتي لاءِ
رٿيو ويو ته صرف وڏا ڪپڙا ڌوٻيءَ کي ڏجن، ۽ ٻارن
جا ڪپڙا گهر ۾ ڌوتا وڃن. ڪجهه ان طرح بچت ٿي. ان
کان پوءِ هر مهيني پنجن سيرن گيهه بدران اهو سوچيو
ويو ته اڌ گيهه ۽ اڌ ڊالڊا استعمال ڪجي، ۽ کير ڏيڍ
سير بجاءِ سير ڪجي. گهر ۾ ’40‘ ۽ ’60‘ جا جيڪي به
بلب لڳل هئا، سڀني کي لاهي، ’25 – ڪينڊل پاور‘ جا
بلب لڳايا ويا. ان طرح وڃي گهر جي بجيٽ نئي سر
تيار ٿي، ۽ ان مان ٽوٽوءَ جي پڙهائيءَ جو خرچ
نڪتو.
ٽوٽو خان روز جهومندو جهولندو اسڪول ويندو هو. آءٌ سويل اُٿي
پهرين راتوڪا ٿانوَ ڌوئندو هوس، پوءِ ٻارن جا ڪپڙا
ڌوئندو هوس، ۽ جيئن ته اڍائي ميل پيادل هلڻو پوندو
هو، ان ڪري جلد ئي گهر کان نڪري ويندو هوس. مزي
سان ڪينچي ڇاپ سگريٽ پيئندو هوس، ۽ ٻين کي تلقين
ڪندو هوس ته ڪينچي سگريٽ پيئندا ڪريو، ڇاڪاڻ ته
اهو ڪنهن به طرح ڪئپسٽن کان برو نه آهي.
هڪڙو سال ان طرح گذري ويو. انهيءَ وچ ۾ اهڙيون حالتون به آيون
جو ٽوٽوءَ لاءِ ڪڏهن پِڪنِڪ تي وڃڻ لاءِ، فيءَ کان
سواءِ، ڪجهه رقم ڏيڻي ٿي پئي، ته ڪڏهن اسڪول ۾ ڪو
جلسو ٿيندو هو تنهن لاءِ چندو ڏيڻو ٿي پيو—مطلب ته
هر مهيني ڪو نه ڪو اهڙو خرچ اسڪول وارا پيدا ڪري
ڇڏيندا هئا. ان جو نتيجو هي نڪتو جو اسين ٻئي زال
– مڙس اڳي مهيني ۾ هڪ اڌ فلم ڏسندا هئاسين، سا به
هاڻي ڇُٽي.
ٻئي سال ٽوٽوءَ جي ننڍي ڀاءُ ’في فيءَ‘ به، منهنجيءَ زال جي چوڻ
مطابق، پنجين سال ۾ پير پاتو، تنهنڪري ان کي اسڪول
۾ داخل ڪرائڻ ضروري ٿي پيو. وري به صوبيدار صاحب
کي پاڻ سان پرنسپال وٽ وٺي ويس، ۽ في في به پنهنجي
ڀاءُ جي اسڪول ۾ داخل ٿي ويو. هاڻي آءٌ ’ڪينچيءَ‘
بدران ’ٻگهلو‘ سگريٽ پيئڻ لڳيس، ۽ اسڪول ۾ ويندو
به پيدل هوس ۽ ايندو به پيدل هوس. گهر ۾ گيهه
بدران هاڻي فقط ڊالڊا استعمال ٿيڻ لڳو. صبح جي
نيرن ۽ ٻنپهرن جي ماني يڪي ڪري ڇڏي وئي، ۽ لائيٽ
رڳو مهمانن جي اچڻ تي ٻرندي هئي، نه ته پنهنجو ڪم
لالٽين سان هلندو هو. البت سڀ کان ننڍي ڇوڪري
’ڪوڪب‘ جي اسڪول ۾ داخلا مون تي ايترو بار نه وڌو،
ڇاڪاڻ ته ان جي في معاف ڪئي وئي هئي؛ پر جيئن ته
ٻئي وڏا ڇوڪرا مٿين درجن ۾ اچي ويا هئا، تنهنڪري
اوترو ئي انهن جي فين ۽ ٻين خرچن ۾ اضافو ٿي ويو.
مون سگريٽ ڇڏي پتي جي ٻيڙي پيئڻ شروع ڪئي، پر جڏهن
ان جي به توفيق نه ساريم تڏهن حقو گُڙگڙائڻ لڳس.
آءٌ اهو ئي سوچي رهيو هوس ته کاڌو ٻن وقتن بجاءِ هڪ وقت ڪري
ڇڏجي، ته ان وچ ۾ مون کي هڪڙي نائيٽ اسڪول ۾
ملازمت ملي وئي؛ ازنسواءِ مون ٽائپنگ جو ڪورس به
مڪمل ڪري ورتو هو، سو اڌ رات تائين ڪن وڪيلن جي
ڪاغذن ٽائيپ ڪرڻ جو ڪم به شروع ڪري ڏنم. آءٌ سويل
ئي گهر مان نڪرندو هوس، ۽ رات جو يارهين بجي موٽي
ايندو هوس؛ ان کان پوءِ وري ٻارهين – هڪ تائين
ٽائيپ رائٽر سان پيو مٿو هڻندو هوس. پر مون کي اهو
اطمينان هو ته منهنجا ٽيئي پٽ پڙهي رهيا آهن! هاڻي
منهنجي انهن سان ملاقات آچر آچر تي ٿيندي هئي؛ ڇو
ته جنهن وقت آءٌ گهران نڪرندو هوس ان وقت هو ستل
هوندا هئا، ۽ جڏهن واپس ايندو هوس ته هو پنهنجن
بسترن ۾ آرامي ٿي چڪا هوندا هئا.
منهنجي آمدني ته هاڻي چڱي ٿيڻ لڳي هئي، پر رات جي اوجاڳن سبب
هڪڙي بُري عادت اها پئجي ويم جو آءٌ ڪلاس ۾ اڪثر
ڪرسيءَ تي ويٺي ئي ويٺي سمهي رهندو هوس. ’گرين
وُوڊ‘ جي پرنسپال جو ذڪر ته آءٌ ڪري چڪو آهيان. هڪ
- اڌ ڀيري هن مون کي پنڪين کائيندي ڏسي ورتو، ته
رڙ مچائي ڏنائين. شاگردن اڳيان ڏاڍي خواري ٿيم.
هڪڙي ڏينهن ته هن اصل حد ڪري ڇڏي. آءٌ ٻارن کي سبق
ڏيئي، عادت موجب، سمهي رهيس. ايتري ۾ پرنسپال صاحب
اچي مٿان پيو. اصل ته پيڃارو ئي هو، سو ضبط ٿي نه
سگهيس، ۽ اچي مون کي ڪَن کان جهليائين. ڪن کان
جهلي، اٿاري بيهاريائين. منهنجي اک کُلي، ڏسان ته
سڀ ڇوڪرا ٽهڪ ڏيئي رهيا آهن، ۽ پرنسپال ملڪ الموت
جيان مٿان اُڀو خونخوار نظرن سان مون کي گهوري
رهيو آهي. قهر ۾ ڀرجي چوڻ لڳو: هن گهُمري ته مون
توکي ڇڏي ڏنو، پر اڳتي جيڪڏهن توکي ڪلاس ۾ سمهندي
ڏٺم ته انهيءَ ڏينهن ٽڪيٽ وٺائيندوسانءِ!“
هو پنهنجي بڪ ڪري هليو ويو، پر منهنجي رات جي اوجاڳن ۾ فرق نه
آيو، ۽ نڪو ننڊ مون تي رحم ڪيو. ٿورن ئي ڏينهن بعد
وري ڪلاس ۾ سمهندي پڪڙيو ويس. گهڻيون ئي آزيون
نيزاريون ڪيم، پر پرنسپال صاحب منهنجي هڪ به نه
ٻُڌي، ۽ انهيءَ ڏينهن ئي پگهار جا پيسا هٿ ۾ ڏيئي
مون کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيائين.
نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ٻين اسڪولن جا چڪر هڻي رهيو هوس، ته ٽنهي
ٻارن جي فين ڏيڻ جو وقت ڀرجي آيو. ڪيترن ڏينهن
تائين پيسن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس، پر ڪو به
بندوبست نه ٿي سگهيو. فيءَ ۾ دير سبب ڏنڊ الڳ پئي
چڙهيو، ته ٻارن کي ڪلاس ۾ لڄي الڳ ٿيڻو ٿي پيو.
انهن ئي ڏينهن ۾، ’هئپي هوم‘ اسڪول جنهن ڪلاس کي
آءٌ پاڙهيندو هوس، تنهن جي شاگرن جي في مون وٽ گڏ
ٿي رکي هئي. سوچيم، ’في الحال انهيءَ رقم مان ٽنهي
ٻارن جون فيون ڏيئي ٿو ڇڏيان، ٿورن ڏينهن ۾ نائيٽ
اسڪول مان پگهار ملي ويندو، ۽ پوءِ يڪا پيسا جمع
ڪرائي ڇڏيندس.‘ پر نائيٽ اسڪول جو پگهار اڄ- سڀاڻ
تي پوندو رهيو. غلطي اها ٿيم جو آءٌ فين جا سمورا
پيسا، جيڪي پنج سو کن رپيا هئا، سي به گهر کڻي
آيس، ڪن ضرورتن ۾ انهن مان به ڪجهه خرچ ٿي ويو هو.
سوچيم ته اسڪول ويندس ته پيسا گهرندا، سو هڪ هفتي
جي موڪل وٺي ڇڏيم. اها ئي ڳالهه منهنجي لاءِ مصيبت
بنجي وئي. ’هئپي هوم‘ جو مالڪ، جيڪو اسڪول سان گڏ
جواخانو به هلائيندو هو، اوچتو مون تي بگڙي پيو.
هن منهنجي خلاف پوليس ۾ گهوٻيءَ جي الزام هيٺ
رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي. رات جو دير سان آءٌ نائيٽ
اسڪول کان موٽيس، ته ڏسان ته پوليس دروازي تي اڳي
ئي بيٺي آهي. گهر وڃي ٻارن جي شڪل ڏسڻ به نصيب
ڪانه ٿيم، انهيءَ مهل وٺي وڃي حوالات ۾ هنيائون.
ڏيڍ هفتي تائين ڪيس هلندو رهيو. منهنجي خلاف پورو پورو ثبوت
موجود هو، سو سال سڄي جي ٽيپ اچي وئيم. جيل ۾ مون
مٿان ڇا وهيو واپريو، سو ٻڌي اوهين ڇا ڪندا؛ البت
ايترو ضرور آهي ته جيل اندر رهي به مون نيڪنام
بنجڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ انهيءَ ڪري مون کي هڪ مهينو
اڳ رها ڪيو ويو.
جڏهن آءٌ گهر واپس آيس، ته ڏٺم ته ٽيئي ٻار پليگ ۾ ورتل ڪُئن
جيان مرگهيل ٿي ويا هئا، زال جي ڳلن جون هڏيون
نڪري آيون هيون، اکين ۾ ڏرا پئجي ويا هئس، ۽
روئندي روئندي نظر به ڌُنڌلائجي ويئي هيس.
اسڪولن ۾ ايتري بدنامي ٿي چڪي هئي جو ماستريءَ جي نوڪري ته ڪانه
مليم، البت ٽائيپ ڄاڻڻ ڪم اچي ويم. تمام تڪليفن
سان نوي رپين ماهوار تي هڪ ننڍڙيءَ فرم ۾ نوڪري
ملي ويئي؛ پر اتي مهينن جا مهينا پگهار ڪونه ملندو
هو، ۽ ان ڪري هرڪو ٽائيپسٽ نوڪري ڇڏي ڀڄي ويندو
هو.
ٽنهي ٻارن جو اهو حال ٿي ويو هو جو هو سڄو ڏينهن پيا گهٽين ۾
آواره ڇوڪرن سان ڌمچر مچائيندا هئا، ۽ هر وقت پاڻ
۾ جهيڙا پيا ڪندا هئا. پاڙي وارا هر هر اچي انهن
جي کيچلبازيءَ جون شڪايتون ڪندا هئا. آخر مون،
پنهنجي هڪ پاڙيسريءَ جي صلاح سان، ٽوٽوءَ کي مشين
جي ڪم سکڻ لاءِ هڪ آٽوموبائيل جي ڪارخاني ۾ لڳائي
ڇڏيو. في في ۽ ڪوڪب ننڍا هئا، سو في الحال انهن کي
گهٽين ۾ ڌڪن جهلڻ لاءِ ڇڏي ڏنم.
سوچيو هوم ته ٽوٽو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪم سکي وٺندو ته کيس
پگهار مقرر ٿي ملندو، ۽ ان طرح ڪجهه مالي امداد
ملي پوندي. انهن ئي ڏينهن ۾، هڪڙي ڏينهن ڏسان ته
هو رڌڻي جي ڪنڊ ۾ ويٺو ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻي! ڪاوڙ
ته ڏاڍي آيم، پر وري اهو سوچي خاموش ٿي ويس ته
انهيءَ ۾ ڀلا هن جو ڪهڙو قصور؟ اهو ته انهيءَ
ماحول جو اثر آهي، جنهن ۾ هو هن وقت رهي ٿو- ورنه
اهوئي ٻار هو، جيڪو روزاني صبح ساڻ اٿي هٿ منهن
ڌوئيندو هو، برش سان ڏند صاف ڪندو هو، ۽ جڏهن ڪپڙا
پائي اسڪول ويندو هو، ته (منهنجي زال جي چوڻ موجب)
ڪنهن رئيس جي گهر جو ٻار پيو لڳندو هو!
مون انهيءَ ڏينهن کان ٽوٽوءَ جو ڪارخاني وڃڻ بند ڪري ڇڏيو، ۽ ٻن
– ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس هڪ دڪاندار وٽ ڇڏيم.
مهيني سوا تائين ٽوٽو پابنديءَ سان دڪان تي ويندو
رهيو. هڪڙي ڏينهن، آفيس کان موٽندي، خيال آيم ته
دڪان واري شيخ صاحب سان ملندو وڃان، ۽ کيس چوان ته
هاڻي ٽوٽوءَ دڪانداريءَ جو ڪم سکي ورتو هوندو،
تنهنڪري سندس ڪجهه پگهار مقرر ٿيڻ کپي. دڪان تي
پهتس ته پتو پيم ته ٽوٽو ڪيترن ڏينهن کان هتي آيو
ئي ڪونهي! آءٌ حيران ٿي ويس، ڇاڪاڻ ته ٽوٽو روزانو
گهر کان دڪان وڃڻ لاءِ نڪرندو هو وري رات جو دڪان
بند ٿيڻ مهل موٽي گهر ايندو هو.
سوچيم ته شايد گهر هوندو، يا وري ڪٿي راند روند ۾ لڳي ويو
هوندو. گهر آيس، ته ٻڌايائون ته صبح کان نڪتو آهي
۽ اڃا ڪونه آيو آهي. انهيءَ ڏينهن هو سڄي رات گهر
ڪونه آيو هو. کيس پڪ سان اهو پتو پئجي ويو هوندو
ته سندس چوري پڪڙجي پيئي آهي. سڄي رات اکين ۾ ڪاٽي
ڇڏيسين. سخت پريشانيءَ جي حالت هئي. صبح جو آفيس
کان موڪل ورتيم، ۽ ٽوٽوءَ جي ڳولا ۾ نڪري پيس.
جڏهن ڪوبه پتو ڪونه پيو ته پوليس ۾ اطلاع ڏنم،
اخبارن ۾ ڇپرايم، ريڊئي تي اعلان ڪرايم، پر تڏهن
به ڪا خبر ڪانه پئي. ماڻس جو اهو حال هو جو کائڻ
پيئڻ وسري ويو هوس، ۽ هر وقت مصلي تي ويٺي، سجدا
ڪريو، خدا کي پئي ٻاڏائيندي هئي. روئي روئي اکيون
سڄائي ڇڏيون هئائين. منهنجي پاڻ اها حالت هئي. جو
ان کي سمجهائيندي سمجهائيندي اوڇنگارون نڪري
وينديون هيم.
هفتي کان وڌيڪ ڏينهن ائين گذري ويا. انهيءَ وچ ۾ هڪڙي رڪشا واري
کان پتو پيم ته هن ٽوٽوءَ کي زنده پير جي درگاهه
تي ڏٺو هو. رات جا نوَ کن ٿيا هوندا، مون ڪپڙا به
ڪونه بدلايا، ۽ ريلوي لائين جي پرئين پاسي، اوجهڙ
۾ ٿاٻا کائيندو، زنده پير جي درگاهه تي پهچي ويس.
ان وقت اتي عجيب رنگ هو. هر طرف شور ۽ هنگامو متل
هو. اڌ اگهاڙا، ٿڳڙين جهڙن ڪپڙن ۾، ڪيترائي غليظ
ماڻهو، ٽوليون ٺاهي، سُلفيءَ جا دَمَ هڻي رهيا
هئا..... انهن ئي ٽولين مان هڪڙيءَ ٽوليءَ ۾ ٽوٽو
به ويٺو هو! ڪپڙا سڙيل چمڙي وانگر گندا ٿي ويا
هئس، منهن سڄو ئي مٽيءَ سان ڀڀوت، ۽ وار وحشين
وانگر اُڀا! منهنجن پيرن هيٺان ڄڻ زمين نڪري وئي.
مون ڏاڍي ڏک سان سوچيو، ’ڇا، هيءُ اُهوئي منهنجو
پٽ آهي، جنهن جو نالو هڪ خوبصورت اسپيني ٻارڙي جي
تصوير ڏسي ’لازيرو‘ رکيو هوم، جنهن ۾ وڏن ماڻهن
جون علامتون ڏسندو هوس، جيڪو روز سويل چمڙي جو
ٿيلهو لڙڪائي، جهومندو، جڏهن اسڪول ويندو هو، ته
اسين ٻئي ماءُ – پيءُ فخر سان هڪٻئي کي ائين ڏسندا
هئاسين، ڄڻ چئي رهيا هجون—
”ڏس، هيءُ منهنجو لعل آهي!“
”ڏس، هن کي مون ڄڻيو آهي!“
اهوئي خوبصورت ڇوڪرو، ’لازيرو‘، اهوئي وڏن ماڻهن جو مستقبل،
جنهن کي ڊاڪٽر يا انجنير بنائڻ تي اسان جي وچ ۾
تڪرار ٿيندو هو، اڄ جرائم پيشه ماڻهن جي ٽوليءَ ۾
سُلفيءَ جا سوٽا هڻي رهيو هو! نشي سان هن جون
اکيون ڪبوتر وانگي ڳاڙهيون ٿي رهيو هيون. مون کي
ڏسندي ئي هن ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر جڏهن مون ڳر
کان جهلي ورتومانس، ته زخمي پکيءَ جيان بيوس ٿي
پيو.
گهر اچي مون سوچيو ته هاڻي ڇا ڪرڻ کپي؛ پر آءٌ ڪجهه به نه ڪري
سگهيس ۽ چپ چاپ ويهي رهيس. البت ماڻس کيس ڇاتيءَ
سان لائي، دانهون ڪري روئندي رهي. پوءِ هن ماني
آڻي رکي، ته ٽوٽوءَ ٿڏو هڻي پري اڇلائي ڇڏي. ماءُ
کي ذرو به ڪاوڙ ڪانه آئي؛ هوءَ پوءِ به ان کي
پرچائيندي رهي. اها ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي. اسين
ٻئي ننڍپڻ ۾ هن جا ڪيترا ئي اهڙا انگل سهندا
هئاسين. پر هن وقت ته هو نشي ۾ جهومي رهيو هو، ۽
جڏهن ماڻس هن کي پرچايو ٿي ته اهڙين خونخوار نظرن
سان ڏٺائينس ٿي، ڄڻ ته کيس کائي ڇڏيندو.
مون کان اهو سڀڪجهه برداشت نه ٿي سگهيو. پاسي ۾ چمڙي جو هڪ پٽو
رکيو هو، کڻندي ئي زور سان وهائي ڪڍيومانس.
زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مون هن کي ماريو هو، پر ان
ڏينهن ته آءٌ پاڻ به پاڳل ٿي پيو هوس. مون هن کي
بي خطا مارڻ شروع ڪيو. هو ڪيهون ڪري پٽ تي ليٿڙڻ
لڳو. ماڻس وچ ۾ پئي، ته مون ان کي به ڌڪو ڏئي
هٽائي ڇڏيو ۽ ٽوٽوءَ کي ماريندو رهيس- تان جو آءٌ
سهڪي سهڪي، بيسُڌ ٿي، پٽ تي ڪري پيس. اها تمام
ڀيانڪ رات هئي. ٽوٽو سور سببان دانهون ڪري رهيو
هو، زال روئي رهي هئي، ٻئي ننڍا ڇوڪرا ماءُ کي
روئندي ڏسي خوف وچان رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ آءٌ پاڻ
ٽانگي جي ڪِريل گهوڙي وانگر سهڪي رهيو هوس. رات جي
خاموشيءَ ۾ اهي آواز ڏاڍا وحشتناڪ معلوم ٿي رهيا
هئا.
پوءِ مون اتي فرش تي پِئي پِئي ڏٺو ته زال ٻنهي ٻارن کي ماٺ
ڪرائي هنڌ ۾ سمهاري ڇڏيو، مون کي پاڻيءَ جو گلاس
ڀري آڻي پياريائين، ۽ باهه ٻاري ٽوٽوءَ جي بُت کي
ٽاڪوڙ ڪرڻ لڳي. ڌڳندڙ ٽانڊن جي سوجهري ۾، سندس
چهرا قبر مان نڪتل مُردن جهڙا وحشتناڪ نظر اچي
رهيا هئا.
آءٌ، نيم بيداريءَ جي حالت ۾ فرش تي پيو، سوچڻ لڳس: ’هيءُ
منهنجو گهر آهي...... هو سامهون هنڌ تي منهنجا ٻئي
ٻار ليٽيل آهن... هو آڳيٺيءَ وٽ ٽوٽو ويٺو آهي...
هو منهنجو پوڻيٺيءَ جو پٽ آهي، جنهن کي مون ماريو
آهي... هن جي بت مان هر هنڌان رت وهي رهيو آهي...
۽ ان جي پاسي ۾ جيڪا عورت ويٺي آهي، سا منهنجي زال
آهي، جنهن جي ڳلن جون هڏيون ٻاهر نڪري آيون آهن...
هي سڀ ڪٿان آيا؟ مون انهن کي ڇا لاءِ گڏ ڪيو آهي؟
مون هي گهر ڇو آباد ڪيو؟... انهيءَ کان ته ائين
بهتر ٿئي ها جو آءٌ شاديءَ ڪرڻ بجاءِ ڪا ڪُتي پاڻ
وٽ پاليان ها، جيڪا چوويهه ڪلاڪ گهر جي حفاظت ڪري
ها، ۽ جڏهن آءٌ آفيس کان موٽان ها ته هوءَ منهنجا
پير چَٽي پنهنجي پيار جو اظهار ڪري ها... شايد مون
کي ’بازار‘ وڃڻ جي ضرورت به نه پوي ها. ماڻهو مون
کي وڌ ۾ وڌ ’سيڪشوئل پَروَرٽ‘ (جنسي بداعتدال) ئي
کڻي چون ها، پر ائين ته ڪونه ٿئي ها جو آءٌ
سوسائٽيءَ لاءِ جرم ڪندڙن کي جنم ڏيان ها!‘
آءٌ ٺيڪ ئي ته سوچي رهيو هوس! ٿورا ئي سال اڳ جي ڳالهه آهي ته
آءٌ فقط هڪ سو ڏهه رپيا ماهوار ڪمائي، بيفڪريءَ جي
ننڊ سمهي سگهندو هوس؛ مزي سان هوٽلن ۾ مردار گڏهن
۽ ڪُتن جي گوشت جون ڪورمائون، ۽ ڪاٺ جي ٻُوري گڏيل
اٽي جي ماني کائيندو هوس؛ مهيني جي هر پهرينءَ
تاريخ تي ويهه – پنجويهه رپيا کيسي ۾ وجهي، چڪلي
جي ڪنهن رنڊيءَ سان منهن ڪارو ڪري ايندو هوس، ۽
ڪڏهن ڪڏهن ’هَرجينا‘ جو پَوو چاڙهي، رات جو رستن
تي رولو ڪُتن جيان جهومندو وتندو هوس. زندگي ائين
ئي گذري وڃي ها، ۽ ڪنهن ڏينهن هوٽل جي کاڌي
کائيندي، ڪالرا ۾ مبتلا ٿي مري وڃان ها، يا ڪنهن
رنڊيءَ جي ڪوٺي تي قتل ڪيو وڃان ها! ليڪن رنڊيءَ
جي ڪوٺي تي منهنجو قتل نه ٿيو، البت اتان آءٌ هڪ
پوشيده بيماري سوغات طور کڻي نڪتس. ڪيترن هفتن
تائين اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ لاوارثن وانگي پيو
رهيس-- ۽ اتي ئي مون سوچيو هو ته ’منهنجو به ڪو
گهر هجي، منهنجي لاءِ به ڪو انتظار ڪرڻ وارو هجي!‘
ڪاش، آءٌ ائين نه سوچيان ها!...... ’خدايا، مون
وڏو جرم ڪيو، آءٌ وڏو گهنگار آهيان!‘— ۽ ٻنهي هٿن
سان منهن لڪائي، آءٌ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳس.
پوءِ مون پنهنجن ڪلهن تي پنهنجيءَ زال جي هٿن جو
ڇهاءُ محسوس ڪيو، پوءِ مون هن کي ڳوڙها وهائيندي
ڏٺو، ۽ پوءِ آءٌ بي خبر سمهي رهيس.
ٽوٽو هاڻي گهر تي ئي رهندو هو. پنهجن ٻنهي ننڍن ڀائرن سان گڏجي،
هر وقت دنگو فساد پيو ڪندو هو. ڇڙن نوي رپين مان
ته پيٽ به نٿو ڀرجي، هنن کي ڪٿي پڙهڻ ويهاريان ها
ته ڪهڙيءَ طرح؟ وري روزبروز هنن جا پيٽ ويا ٿي
ڦهلبا. ڪيتريون ڪيتريون مانيون هڪ ئي وقت هڙپ ڪري
ويندا هئا. جيڪڏهن سندن جهنم کي پوريءَ طرح ڀريو
نٿي ويو ته روئندا، گوڙ ڪندا، ۽ واهيات گاريون
بڪندا هئا. هي ٻار ته مون کي ڄَورن جيان چهٽي پيا
هئا! هنن ڪارين بلائن ته منهنجي گهر کي ڀوتخانو
بنائي ڇڏيو هو! دل ۾ ايندو هوم ته ڪنهن ڏينهن ننڊ
جون گوريون آڻي انهن سڀني کي کارائي ڇڏيان، ته
جيئن يڪا سُتا ئي پيا هجن ۽ وري نه جاڳن. پر آءٌ
انهن کي ننڊ جون گوريون نه کارائي سگهيس، ۽ هڪڙي
ڏينهن تمام ديوانگيءَ جي حالت ۾ کين ’محافظ اسلام‘
نالي يتيم خاني ۾ وٺي ويس. يتيم خاني وارا هنن
’يتيمن‘ کي (جن جو پيءُ، آءٌ اڃا حيات آهيان) داخل
ڪرڻ تي رضامند ٿي ويا؛ پر جڏهن مئنيجر مون کان
پڇيو ته هن جي پيءُ کي فوت ٿئي ڪيترو وقت ٿيو آهي،
ته بي اختيار منهنجين اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
مئنيجر تسلي ڏيندي چيو، ”اوهين پريشان نه ٿيو، اسان وٽ اهڙا به
يتيم ٻچا ايندا آهن.“
منهنجيءَ سمجهه ۾ هن جي ڳالهه جو مطلب نه آيو. مون پڇيو،
”انهيءَ مان اوهان جو ڇا مطلب آهي؟“
هن مرڪندي چيو، ”اوهين هنن جا پيءُ آهيو نه؟“
مون عين واردات جي موقعي تي پڪڙجي پوندڙ ڏوهاريءَ جيان ڊڄندي
چيو، ”نه نه، آءٌ هنن جو پيءُ نه آهيان. هي ته
يتيم آهن، لاوارث آهن، هنن جو دنيا ۾ ڪوبه ڪونهي!“
آءٌ ائين چئي ته ويس، پر وري به بي اختيار، ٻارن
جيان سڏڪا ڀري روئڻ لڳس.
مئنيجر جهانديدو ماڻهو هو، چوڻ لڳو، ”خير، انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي
ڏيو. هڪڙو ڇوڪرو ته اڃا تمام ننڍو آهي؛ ۽ ٻين
ڇوڪرن جي عيوض يتيم خانو اوهان کي، هرهڪ لاءِ ويهن
رپين جي حساب سان، چاليهه رپيا درماهه ڏيندو.“
آءٌ روئڻ رڙڻ وساري، حيرت سان اکيون ڦاڙي هن کي ڏسڻ لڳس.
”اوهين هر مهيني اها رقم يتيم خاني مان وٺي ويندا ڪريو؛ ليڪن
رجسٽرن ۾ انهن کي ’يتيم‘ ئي لکيو ويندو.“
مون اها ڳالهه قبول ڪئي.
هن مون کي اطمينان ڏياريندي چيو، ”اوهين پريشان نه ٿيو، اوهان
جا ٻچا هتي مزي سان رهندا: کين تعليم به ملندي ۽
دستڪاريءَ جو ڪم به سيکاريو ويندو.“ پوءِ هن
دنياداريءَ طور چيو، ”ڇا ڪجي، سائين، ڏاڍو خراب
زمانو اچي ويو آهي؛ ماڻهو خود پنهنجي اولاد کي
يتيم بنائي، اچيو يتيم خاني ۾ داخل ڪرايو وڃن.
اوهان سان ڪا نرالي ڳالهه ڪانه ٿي آهي، وقت ئي
اهڙو اچي ويو آهي.“
ڳچ دير تائين هو مون سان اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندو رهيو. آخر
جڏهن آءُ ٻارن کي يتيم خاني ۾ داخل ڪرائي موٽيس،
ته ڪي قدر اطمينان محسوس ڪيم.
اسين ٻئي زال – مڙس هر مهيني جي پهرين تاريخ تي ’محافظ اسلام‘
يتيم خاني مان چاليهه رپيا وصول ڪري ايندا هئاسين،
۽ ٽنهي ڇوڪرن کي به ملي ايندا هئاسين. هو بنا
ٽَونر جي ترڪي ٽوپيون، ۽ هڪڙي ئي ڪپڙي مان سبيل
ويڪريون شيروانيون پايو، اسان جي اڳيان اچي ادب
سان بيهي رهندا هئا. ان وقت سندن چهرن مان يتيمن
جهڙي لاوارثي بکڻ لڳندي هئي. شروع شروع ۾ ته ماءُ
انهن کي ڏسي روئي ڏيندي هئي، پر پوءِ هوءَ آهستي
آهستي انهيءَ ڳالهه تي هري وئي.
سال کن پوءِ جو واقعو آهي. هڪڙي ڏينهن آءٌ ڪنهن ضروري ڪم سان
ڪراچيءَ کان ٺٽي وڃي رهيو هوس. بس اندر، مون کان
اڳئين سيٽ تي، ٻه نوجوان نئينءَ وزارتي تبديليءَ
تي گرما گرم بحث ڪري رهيا هئا، ته ڌاٻيچيءَ جي
ويجهو بس ۾ اوچتو هڪ آواز اڀريو:
”يتيمن جو فرياد ٻڌجو، ادا،
ويا ماءُ پيءُ ٿي اسان کان جدا...“
سياست تي بحث ڪرڻ وارن نوجوانن کي اها ڳالهه سخت ناگوار لڳي.
انهن ڪنڊڪٽر کي سڏي چيو، ”ڪڍ هنن حرامين کي.....
خواهه مخواهه جو گوڙ کڻي مچايو اٿن!“ ڪنڊڪٽر وڃي
انهن کي منع ڪئي، ته هو خاموش ٿي ويا. پر ٿوريءَ
ئي دير کان پوءِ پوين سيٽن تي گوڙ ٿيڻ لڳو. مون
منهن ورائي ڏٺو، ڪنڊڪٽر ٻن ڦاٽل ڪپڙن پهريل ڇوڪرن
کي چئي رهيو هو، ”اوهين بس جي اندر سگريٽ نٿا پي
سگهو!“ ۽ هو ضد ڪري رهيا هئا—”اسين ته پيئدا
رهنداسين، پوليس وارو اچي ته ڀلي چئي ڏجانس!“ مون
انهن کي غور سان ڏٺو ته دل ٻوساٽجي وئيم..... اهي
’ٽوٽو‘ ۽ ’في في‘ هئا! ٺٺ سان ويهي سگريٽ پي رهيا
هئا، ۽ بيحيائيءَ سان ڏند ڪڍي کلي رهيا هئا! آخر
جڏهن ڪنڊڪٽر انهن کي ڪچي گار ڏيئي، هڪڙي کي ڪَنَ
کان جهلي اُٿاريو، ۽ ٻئي کي ٿڦڙ وهائي ڪڍيو، ته
مون کان ضبط نه ٿي سگهيو، ۽ اُٿي انهن ڏانهن ويس.
ٽوٽو ته خاموش هو. پر في فيءَ جي منهن مان نڪري
ويو—”بابا!“ انهيءَ ڳالهه تي مون کي ويتر چِڙ وٺي
وئي. مون ٻنهي کي پهرين ته هٿن سان مارڻ شروع ڪيو،
۽ پوءِ ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيومان. ڪنڊڪٽر جي هٿان
مار کارائڻ کان پوءِ مون ائين بهتر سمجهيو ته پاڻ
انهن جي مرامت ڪري ڇڏيان.
مون انهيءَ ڳالهه جو پنهنجيءَ زال سان ڪوبه ذڪر نه ڪيو. هن
ويچاريءَ جي نظر هونئن ئي گهٽ هئي، سا انهيءَ
احوال ٻڌڻ سان روئي روئي انڌي ٿي وڃي ها، پر مون
کي انهيءَ ڏينهن کان الائي ڇا ٿي ويو آهي... جتي
به ڪو اهڙو بورڊ نظر اچيم ٿو، جنهن تي اهي عبارتون
لکيل هونديون آهن ته
”ٻچا قوم جي امانت آهن“،
”پنهنجن ٻچن جو آئيندو روشن ڪريو“،
”ٻچا ملڪ جو مستقبل آهن“،
ته مون تي ڄڻ ديوانگيءَ جو دورو پئجي ويندو آهي. آءٌ انهن تي
پان جي ٿُڪ هڻي ڇڏيندو آهيان؛ گهوڙن جي لِڏ کڻي
ڦهڪائي ڪڍندو آهيان؛ ٻيو ڪجهه نه ملندو اٿم ته
ڪسين مان گپ ۽ گند ڪڍي، سڄي بورڊ جي ستيا ناس ڪري
ڇڏيندو آهيان! ماڻهو چون ٿا ته منهنجو دماغ خراب
ٿي ويو آهي. جڏهن به آءٌ اهڙي حرڪت ڪندو آهيان ته
هو کلڻ لڳندا آهن. ڪڏهن گاريون ڏيندا آهن، ۽ گهڻو
ڪري ته مارڻ کان به ڪونه مُڙندا آهن؛ بلڪ اڳئين
مهيني ته هڪڙي شخص مون کي انهيءَ حرڪت تي ايتريقدر
ماريو جو منهنجون آڱريون ڦاٽي پيون. مهينو کن آءٌ
آفيس وڃي نه سگهيس، ۽ منهنجيءَ جاءِ تي ٻيو ماڻهو
ڀرتي ڪري ڇڏيائون. پر اها عادت پوءِ به نٿي وڃيم:
دل چاهيندي آهي ته ڪو منهنجي مٿي تي موچڙو هڻي
چوي—”ڪيئن ڙي ڪميڻا، ڪندين گهر آباد؟“ ڪو لتون هڻي
چويم—”اڙي شادي ڪندي؟“ ۽ ڪو منهن ۾ ٿڪ هڻي چويم—
”سوئر جا ڦر، پيءُ ٿيندين؟“
خدا جي واسطي مون کي ان طرح نه ڏسو، آءٌ پاڳل نه آهيان! منهنجي
حال تي ٺٺوليون نه ڪريو، آءٌ پنهنجي هوش حواس ۾
آهيان! آءٌ انسانن جي هٿان ستايل هڪ انسان آهيان،
هڪ پيءُ آهيان! اجهو، مون اوهان جي اڳيان هٿ
ڦهلايا آهن: ’هر صاحبِ اولاد کان انصاف ٿو
طلبيان!‘ |