سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1960ع

مضمون

صفحو :2



 

 

سڳن آهوجا

نيڻ

تَڪجڻ تي جي نيڻ جهُڪن ٿا،
شرم کان وڌ سي هنر رکن ٿا.
ڪڏهن حيا ڇا کيڏ ٿو کيڏي،
خود ئي خود کي نيڻ چمن ٿا.
سامهون ڪوئي ڪيئن ڏسي ٿو،
بنا ڏسڻ جي نيڻ ڏسن ٿا.
دل کي ڀلي ڪا دقت ٿئي، پر
نيڻ ته ٻوليون سڀ سمجهن ٿا!
دل جون ڳالهيون دل کي ٻُڌائن،
نيڻ به ڪهڙا اَلٿا ڪن ٿا!
شرم کي گوهيون ڏيئي ڏيئي،
دل ئي دل ۾ نيڻ ملن ٿا.
لطف ڏيڻ لئه دل کي، هر هر،
نيڻ سياڻا لڪڇپ ڪن ٿا.
دل جا ڄاتل نيڻ تَڪِن، ڄڻ
گهر جا ڀاتي گهر ۾ گهڙن ٿا!
نيڻ سڀن جا هڪجهڙا، پر
ڪي ڪي دل ۾ پيهي وڃن ٿا.
نيڻ هي تنهنجا چَهرا، پياسا،
منهنجي دل جي پياس بڻن ٿا.
خود ئي شرابي، خود ئي شراب،
خود ئي خود کي نيڻ پيئن ٿا.
مست نظر کي مستي پنهنجي،
جک مارن ٿا، جي نه سهن ٿا.
ڇپرن جو تڪبر ٽوڙڻ لئه،
جاڳ ۾ سپنا نيڻ لهن ٿا.
پنهنجو ڪيو تو ايڏو، اهڙو،
نيڻ نه ٻئي تي، کلي کلن ٿا.
سچ پچ مُشڪڻ نيڻ ٿا ڄاڻن،
عادت کان، چَپ داد گهرن ٿا.
اول آخر نيڻ ٿا مشڪن،
وچ ۾ رڳو چَپ ’هائو‘ ڪن ٿا.
نيڻ ته پنهنجا، نظر پرائي،
پوءِ به ڪي ڪي فخر وٺن ٿا.
تن تي کِل ۾ فاتح پڙهجي،
نيڻن کان جي ڪُسجي وڃن ٿا.

 

 

شعبان ’بخت‘

نيڻ ڀٽڪندا رهيا

هڪ دلاري دلربا جي ياد ۾،
مہ جبين ۽ مہ لقا جي ياد ۾،
خوش طبيعت، خوش ادا جي ياد ۾،
جانِ من، جانِ وفا جي ياد ۾،
ياد ۾، غم آشنا جي ياد ۾،
دل دکايل دل ۾ ڌڙڪندا رهيا،
                               نيڻ ڀٽڪندا رهيا.
ديد ۽ ديدار جي نسبت پٺيان،
پيار جهڙي پيار جي نسبت پٺيان،
قرب جي اقرار جي نسبت پٺيان،
سونهن ۽ سينگار جي نسبت پٺيان،
مُرڪ مڻيادار جي نسبت پٺيان،
لڙڪ لاڳيتا ئي لڙڪندا رهيا،
                               نيڻ ڀٽڪندا رهيا.
جي هٽايو ڪنهن پريان پنهنجو نقاب،
سست رَو قدمن ۾ آيو انقلاب،
پاڻ کي ڀلجي، وڌيس ڏانهن شباب،
’من هجي منهنجي فلڪ جو ماهتاب!‘
ويجهڙو پوندي ٿيو سينو ڪباب،
برهه جا جذبات ڀڙڪندا رهيا،
                               نيڻ ڀٽڪندا رهيا.
ڪنهن جي پيرن جي سُريليءَ چاپ تي،
مون چيو محبوب منهنجو ٿو اچي؛
ڪنهن سڏيو ڪنهن کي اگر پنهنجو ڪري،
ڀانيو مون دلدار مون کي ٿو سڏي؛
پٺ لڳس هر ڪنهن جي، اوتري وک ڀري،
ڪي کلندا ۽ ڪي ڀڻڪندا رهيا،
                               نيڻ ڀٽڪندا رهيا.
ڪنهن جي بُت بيهڪ تي، درسن تي ڀليس،
ڪنهن جي نڪ نقشي تي، نيڻن تي ڀليس،
ڪنهن جي زلفن، ڪنهن جي پيرن تي ڀليس،
ڪنهن جي پيشانيءَ جي جلون تي ڀليس،
ڪنهن جي چولي، ڪنهن جي دامن تي ڀليس،
۽ اکين ۾ اشڪ اٽڪندا رهيا،
                               نيڻ ڀٽڪندا رهيا.
هن طرح، هن ريت، چوکي چاهه ۾،
پيار جي اوکي اڻانگي راهه ۾،
ڪنهن طرح آئي نه قسمت ٺاهه ۾،
دم رهيو باقي نه منهنجيءَ آه ۾،
ساهه ساڙيم برهه واريءَ باهه ۾،
ساهه جا سڏڪا به سڏڪندا رهيا،
                               نيڻ ڀٽڪندا رهيا.

 

 

ذوالفقار ’راشدي‘

تحفو

چوڏس جي رات، چنڊ نهايت ئي هو حسين،
اهڙيءَ حسين رات ۾ تو سان مليس، پرين!
مون کان گهري تو دل جي عوض دل، اي مہ جبين،
ٻيو ڪي چوان، اي حسنِ ازل، معاف ڪرين:
ڪجهه ياد آهي؟ مون کان نه ٻُڌ، ياد ڪر کڻي،
يادش بخير، ڪنهن ٿي چمي پير جي پڻي؟
جاني، جوان رات، بهارن جو هو سمو،
هاريل هو نور، چنڊ ۽ تارن جو هو سمو؛
خيالن تي هو خمار، بهارن جو هو سمو،
هر دم تي لغزشن ۽ سهارن جو هو سمو:
ڇا ڇا نه تو چيو هو مون کي، سونهن جا ڌڻي!
يادش بخير، ڪنهن ٿي چمي پير جي پڻي؟
ايئن نا ته ڪو وصال جي هڪ رات ٿي نصيب،
تنهنجي هزار بار ملاقات ٿي نصيب؛
تو کان خدا جو عطيو ۽ هر ذات ٿي نصيب،
تنهنجي قريب، قرب جي هر بات ٿي نصيب:
توکي سڄي جهان مان منهنجي رضا وڻي!
يادش بخير، ڪنهن ٿي چمي پير جي پڻي؟

 

*         *   *

تنهنجين اکين ۾ آيو وري ڦير اوچتو،
سڪ ٿي ونڊيسون ويٺي، وڌءِ وير اوچتو،
احساس ٿيو ته ڦڙڪي ويو پير اوچتو،
يا ڄڻ ڪ دل کي سَرَ جو آيو ڇير اوچتو:
سوچيم ته مار، تو ته وڃي ڳالهه ٻي ڳڻي!
ڇا ڇا ٻڌايان، تو کان شڪايت اٿم گهڻي!
روڪيم ته مون کان ٻانهن ڇڏائي سٽي وئينءَ،
معصوم آسرن جو تون ڄڻ دم گهٽي وئينءَ،
ڪا اهڙي ٿي خطا جو مون کان منهن مٽي وئينءَ،
سو ئي سَلو تو ساڙيو جو دل ۾ ڇٽي وئينءَ:
اي منهن... رکي، هي تنهنجي محبت تي ڇا بڻي؟
ڇا ڇا ٻڌايان، تو کان شڪايت اٿم گهڻي!
جنسِ وفا ته آهي مٺي چيز، بي بدل،
تنهنجي وفا ڇو نڪتي ڀلا غير مستقل؟
تو صبر ۽ سڪون کسي جل ڏنو اجهل،
سو تنهنجي سونهن کي ٿو ڏيان تحفو بي مثل:
پنبڻِن جي پنکڙين مان جي ڳوڙها پيم ڇڻي!
ڇا ڇا ٻڌايان، تو کان شڪايت اٿم گهڻي!

 

 

 

هريڪانت

مون گيت بنائڻ ڇڏي ڏنا

دل جي ڪُومل ڦلواڙيءَ ۾ بيدرد خزان جو راڄ بڻيو،
اُمنگ جا ڦول ويا مُرجهي، ڪين منجهن ڪو واس رهيو؛
وئي هٻڪار سندن لُٽجي، ۽ دٻجي ويئي پڻ رنگيني،
ويو مشڪڻ کسجي کانئن، ۽ رهجي ويئي بس غمگيني:

 

جڏهن کان پشپن، پيار منجهان، سنهڙين پنکڙين جي هونٺن سان،
بهار – پريءَ خماريءَ جا پيغام رسائڻ ڇڏي ڏنا،

 

مون گيت بنائڻ ڇڏي ڏنا.

 

اُجڙي ويو باغ سندم دل جو، ويرانيءَ جو ڌاڪو ڇانيو،
ڪومل پَتڙيون گل کان وڇڙيون، بيگانيءَ جو وارو آيو،
درخت جي ساون جهڳٽن مان، نه ڪوئل گيت سڻائي ٿي،
نه ’پيئا – پيئا‘ پپيهي جي، پريتم جي ياد ڏياري ٿي:

 

جڏهن کان ڪوئل ڪوڪ ڪري، پپيهي ’پيئا – پيئا‘ چئي،
دل ۾ وڇڙيل جي ياد سندا شعلا ڀڙڪائڻ ڇڏي ڏنا،

 

مون گيت بنائڻ ڇڏي ڏنا.

 

قدرت جي مٺڙيءَ گود منجهان جهر-جهر جو گيت سڻائيندڙ،
اُوچن آڪاشي جبلن تان مستيءَ جو نرتيه پَسائيندڙ،
چنچل جهرڻا، جو رڪجي ويا، قدرت ۾ هستي ڪين رهي،
دل جي تارن کي ڇيڙڻ جي قدرت ۾ هستي ڪين رهي:

 

جڏهين کان جهرڻن، قدرت جي ڪومل ۽ مڌر ستار منجهان،
جذبي، جنبش ۽ جيوَن جا آلاپ اُچارڻ ڇڏي ڏنا،

 

مون گيت بنائڻ ڇڏي ڏنا.

 

جڏهين دل جي آڪاش منجهان، خوشين جو سورج ويو اُلهي،
سانجهي ڇانئي، اَنڌياري سان من-مندر-مِيت ويو ڍڪجي،
رجنيءَ سان يُڌ رچائڻ لئه، آشا جو ڌنڌلو ديپ جليو،
پر هاءِ، هوا ظالم تنهنتي پنهنجو قهري جهونڪو اُڇليو:

 

جڏهين کان آشا-ديپَ  جلڻ، ۽ لاٽَ سندس چمڪڻ ٻهڪڻ،
ڌنڌلن تجلن، انڌياري جا ڪي داغ مٽائڻ ڇڏي ڏنا،

 

مون گيت بنائڻ ڇڏي ڏنا،
مون گيت بنائڻ ڇڏي ڏنا!

 

 

تاج ’صحرائي‘

توکي فرصت ڪٿي آهي!

نه ڏي زحمت صراحيءَ کي، نه ساغر کي، نه ساقي کي،
نه سازن کي، ترانن کي، نه مطرب کي، مُلاقي کي،
گهَٽائن کي، فضائن کي، نه فاني کي، نه باقي کي--
توکي فرصت ڪٿي آهي! مون کي مهلت ڪٿي آهي!
سحر آئي، اذان آئي، پهاڙن تان صدا آئي،
هزارن گرم لڙڪن سان ضيا گُل ٿي، قضا آئي،
حياتيءَ جي نئين ناقوس جي هر هر ندا آئي--
توکي فرصت ڪٿي آهي! مون کي مهلت ڪٿي آهي!
اڃا تقدير جو طلسم، اڃا زندان باقي آ،
اڃا فطرت نه بدلي آ، اڃا ارمان باقي آ،
سفينن سان ٿو ٽڪرائي، اڃا طوفان باقي آ--
توکي فرصت ڪٿي آهي! مون کي مهلت ڪٿي آهي!
ڀريءَ محفل ۾ عورت جو حيا اَرزان وڪامي ٿو،
عبادت-گهر جي ممبر تان اڃا يزدان وڪامي ٿو،
اڃا مجبور آ انسان، اڃا انسان وڪامي ٿو--
توکي فرصت ڪٿي آهي! مون کي مهلت ڪٿي آهي!
وسارج ڪين ڪي، اي دوست، انساني ڪشالن کي،
سپاهن جي سنگينن کي، شهيدن جي پيامن کي،
اُميدن کي، ارادن کي، اشارن کي، ارادن کي!
توکي فرصت ڪٿي آهي! مون کي مهلت ڪٿي آهي!
شبِ تاريڪ جي ڪارنهه گهٽائيندين، مِٽائيندس!
جهان جي ذري ذري کي اُجاريندين، سنواريندس!
متاعِ علم و دانش کي وڌائيندين، وراهيندس!
توکي فرصت ڪٿي آهي! مون کي مهلت ملي ويندي!

 

 

شمشير الحيدري

ڪاڪ محل

زندگي ڪاڪ محل آهي ڪو رنگا رنگي،
جنهن ۾ مقصد ٿو سدا ناز ڪري مومل جان؛
دُور کان دل کي لُڀائي، نه اچڻ ڏئي، ويجهو،
ڪير آهي جو لنگهي پار پوي مشڪل مان؟
جيڪو اڳتي ٿو وڌي، کائي اهو ڪيئي فريب،
جادونگري مان بچي ڪير سگهي، ڪير ڀلا؟
ڪن کي نوميدي ڪڍي ڏند پئي ڊيڄاري،
ڪن کي ڏائڻ جيان ڏڪائي ٿو پيو موت، الا!
روز اُميد ڪري هار ۽ سينگار نوان،
پاڻ کي خوب سجائي، ٿي لُڀائي دل کي؛
عارضي سونهن تي هرکي، ڪيئن جوڌا ۽ جوان،
راهه ڀُلجي، ۽ وساري ٿا ڇڏن منزل کي.
ڪير منزل کي رسي؟ ڪير ٿو ماڻي مومل؟
جان جادوءَ مان ڀلا ڪوئي ڇڏائي ته سهي!
ڪوئي لاهوتي لنگهي اڳتي وڃي مقصد ڏي،
ڇال ڇورين جا ڏسي، ڪوئي لنوائي ته سهي!
ها، مگر مينڌرا منزل کي رسي ئي رهندا،
جادونگري جا طلسمات ٽُٽي ئي رهندا،
عقل ۽ عزم جا راڻا ويا اڳتي ڌوڪي،
پنهنجي حالات جي مومل کي پَسي ئي رهندا!
مال موهي نه سگهيو، ڪاڪ کان جهلجي نه سگهيا،
ڇال ڇورين جا لنگهي، ڪاپڙي وڌندا ئي رهيا:
مون کي اڄ شاهه ڀٽائيءَ جي وري ياد آئي،
پنهنجي مومل سان ملڻ جي آ وري اڄ وائي.

 

 

آزاد نظم

 

نعيم دريشاڻي

ٻه ستارا

رات، پوئين پهر، نِيري اُڀ جي اُترئين طرف،

ٻن ننڍن، روشن ستارن پاڻ ۾ سُس پُس ڪئي.

پنهنجا ڪَن سرلا ڪري،

مون ٻُڌو:

هڪ ننڍي نيٽي ستاري پنهنجي وڏڙي کان پڇيو،

’ڇو اسين پنهنجو نچويون پيا ٿا نُور؟

ڪنهن جي لاءِ؟

ڇا جي لاءِ؟....‘

وڏڙي تاري سوچي سوچي ايئن وراڻيو:

’منهنجا پٽڙا، جيئن ٻيا چمڪڻ سکن!‘

(2)

هڪ ڪڪر جي ڳالهه

آءٌ هڪڙو سرڪشيءَ سان پُر ڪڪر،

آسمانن جي خلائي وسعتن ۾ پئي گهميس—

ڳاٽ هو منهنجو بلند،

منهنجي نظرن جِي لهر

دُور مَٿتي پئي رُلِي،

منهنجي پيرن هيٺ ڌرتي پئي ڏڪِي،

منهنجي کهرن، سخت چنبن ۾ هئا تارا سوين،

مون کي لوڏا پئي ڏنا وائُن جي چنچل شاهزادين...

اوچتو، هڪ نُور جو ڪِرڻو ٽُٽي سج مان ڪِريو،

(تنهنجي نظرن جو ئي سج!)

مُرڪندي جنهن مون کي ڪتڪائي ڪئي:

مان سندس اُن پيار جي اڻمول تَوَ کان

اوچتو پگهري پيس،

دُور، ڌرتيءَ جي خسيس خاڪ ۾ پيهي ويس!

 

’نذير‘ همايوني

جستجو

محبت جو بادل، خيالن جي صحرا ۾ ڀٽڪي رهيو آهه-

ڪٿي آهين، اي حسن جي خشڪ ڌرتي؟

نگاهن جي تاريڪ ايوان ۾

جڏهن جلوه گر تنهنجي صورت ٿي رهندي،

تڏهن عشق اچي ويندو وجدان ۾:

تمنا جي ويران تنهائين ۾،

ڪي رابيل ٽڙندا، ڪا ريحان کِڙندي،

مودت ڪندي موج سرهائين ۾؛

جوانيءَ جي خاموش بازار ۾

مسرت جي پرشور تحريڪ هلندي،

تبسم ڪندي اوج هرڪار  ۾:

بلاشڪ خوش اوقات ايام ٿيندا،

حياتيءَ جو گلزار آباد ٿيندو،

پري دل جي وَستيءَ کان آلام ٿيندا!

ڪٿي آهين، اي حسن جي خشڪ ڌرتي؟

محبت جو بادل خيالن جي صحرا ۾ ڀٽڪي رهيو آهه!

 

شمشير الحيدري

لطيفي لات

وقت تي حالات جا پاڇا پيا،

چو طرف خاموشين شورش ڪئي؛

ظلمتن کي رقص جو موقعو مليو،

روشني چپ چاپ منهن موڙي وئي؛

روح کي مايوسيون گهيري ويون،

دانهن کان مايوس ٿي، سڏڪا ڀري،

زندگي قيديءَ جيان روئندي رهي:

ڪيئي صديون، ڪيئي سال،

عقل جي تاريخ موٽي پئي وئي،

تنهن گهڙي،

وقت جي شاعر جي دل تڙڦي اُٿي!

... ڌيان جي کڙڪي کُلي،

روح کي پرواز جي طاقت ملي،

ذهن ۾ لهرائي ويئي زندگيءَ جي روشني،

۽ اچي ويئي نظر،

پنهنجي ماضيءَ جي خبر—

شاعرن جو شهنشاهه مصروف هو،

پنهنجي نغمن ۾ ڀريائين پئي اثر؛

ڪُل زمانو وقت جي آلاپ سان سرشار هو،

۽ سڄي تاريخ ڄڻ بيهي رهي!

ڪو زمانو ٿي ويو—

ظلمتون ۽ روشنيون اينديون رهيون،

دوبدو ٿينديون رهيون:

هر گهڙي هڪ آزمائش،

هر گهڙي هڪ امتحان،

-- ڪير ڪنهن جو ترجمان؟

... هر طرح جون نعمتون موٽي ويون، ٺڪرائجي،

هار کائي ويا زماني جا فريب؛

آخرش ڀڙڪي اُٿي دوزخ جي آڳ،

يعني مُرڪِي پيئي جنت جي ڪنيز!

ظلمتن جي ڇا خبر؟

وقت جو شاعر مگر مصروف هو،

جنهن جي دل ۾ روشنيءَ جو راڄ هو، سوراج هو!

وقت تي حالات جا پاڇا پيا،

چوطرف خاموشين شورش ڪئي،

ظلمتن کي رقص جو موقعو مليو—

ڪيئي صديون، ڪيئي سال!

وقت جو شاعر اڃا ڳائي پيو،

زندگيءَ جي ساز تي،

پنهنجي ’لطيفي لات‘ کي!

 


 

قصيدو

 

’سليم‘ ڳاڙهوي

منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

ساهه منهنجي ۾ سمائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
سَنگ-مصريءَ کان سوائِي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
بامبڙا پاتم جتي، ڊوڙيس ڊڪيس، کيڏيس جتي،
جنهن ۾ مٺڙي ننڊ آئي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
جت ڄمي ٻچپڻ گذاريم، ۽ جتي جوڀن ڏٺم،
شل اُتي ماڻيان ٻُڍائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
سنڌواسين هڪٻئي کي جت ڏنا سهڻا سبق،
’هندو-مسلم ڀائي ڀائي‘،منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
ڏور ڏوهيڙا جتي، لوليون ۽ لوڙائو جتي،
جت ٻُجهي ڪافي ۽ وائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
رُت بهاريءَ ۾ ڏٺم، هر گَونچ ڦُٽندي ئي چيو:
’ساهه منهجي ۾ سمائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!‘
مون ٻڌو پرڀات ۾ چنڊول جو مٺڙو هي ٻول:
’شل پَسين تون روشنائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!‘
”سيرِ ’رُڪناباد‘، گُلگشتِ مصليٰ“ ڪجهه نه آهه،
سرڳ کان سچ پچ سوائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
جي اُماڻيائون مرڻ کان پوءِ مون کي سرڳ ۾،
رڙ ڪندس، ’مون کان وڃائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!‘
او ڪڪر! هن سنڌڙيءَ جا چئج سنڌين کي سلام،
جن ڪئي وائي سدائي، ’منهنجي مٺڙي سنڌڙي!‘
تنهنجي ڌرتيءَ تي بنايم پنهنجي سجدن جا نشان،
سِيس مون توتي جُهڪائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
کيهه تنهنجيءَ مان کٿوريءَ کان سُٺي آئي سڳنڌ،
تنهنجي هرشي ۾ سُٺائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
ماڻڪن کان وڌ ٿو ڀانيان، ڪڻڪ تنهنجيءَ جا ڪڻا،
تنهنجي ميون ۾ مِٺائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
پنهنجي ڇاتيءَ جي مِٺي ٿڃ تو پياري قوم کي،
واه جيجل، واه مائي! منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
تنهنجي ”سنڌوءَ“ مان مٺيون نهرون وهن ٿيون کير جون،
ڄڻڪ جنت، جائِي پائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
تون مِٺي، ماڻهو مِٺا، هيرون مٺيون، ميوا مٺا،
ناهه ڪا تو ۾ ڪَڙائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
تنهنجي ٻوليءَ ۾ پسان ٿو رس گهڻي چس گهڻي،
بس مکڻ، ماکي، ملائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
جو به تنهنجيءَ خاڪ تي سورج جو ڪِرڻو ٿو ڪِري،
ٿو لکي ليکت اِهائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
”گهاڙ“ ۽ تنهنجي ”ڦليليءَ“ جا نظارا، واه واه!
دل ”اَبل“ موهي ڀِڄائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
تنهنجي هر هڪ شهر، هر هڪ ڳوٺ سان پاتو مون پيچ،
پِرت جن آهي پسائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
تنهنجي ’نوري‘ تنهنجي ’ڪينجهر‘، تنهنجي ’مومل‘ تنهنجي ’ڪاڪ‘،
سڪ سڀن ۾ تو ورهائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
سورمن جا ديس! او ساڌن ۽ صوفين جا وطن!
شل رهين سالم سدائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
شل وڃن تو مان ٽري ڏک ڏرت ۽ اونداهيون،
سُک پَسون تو ۾ سَهائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
تن کي پڻ تو گود پنهنجيءَ ۾ ڏني آهي پناهه،
جن جي من اندر ٻيائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
سنڌڙي، او سنڌڙي، لک تنهنجي ’لعلن‘ کي سلام،
پِرت جن تنهنجي پڙهائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
سنڌڙي، تو ۾ کُتل آ پاڙ منهنجي ساهه جي،
ڪيئن رکان توسان رُکائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
خاڪ تنهنجيءَ کي سنواريندس جگر جي خون سان،
منهنجي نيڻن جي سهائي، منهنجي مٺڙي سنڌري!
سرڳ تنهنجي ۾ جيئان، ۽ سرڳ تنهنجي ۾ مران،
شل نه ٿئي توکان جدائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
منهنجي سهڻي سنڌڙي، منهنجي سٻاجهي سنڌڙي،
سادگي تو ۾ سچائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!
سنڌڙي، ساراهه تنهنجيءَ ۾ چيو جيڪي ’سليم‘،
ناهه پوري حق ادائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

 

 

غزل

 

مخدوم محمد زمان، ’طالب الموليٰ‘

*

شريڪِ غم نه آهي ڪو، ته اشڪِ غم کي ڇا ڪريان؟
طبيعت هاڻ بشاش آهه، چشمِ نم کي ڇا ڪريان؟
هجومِ غم، شبِ مهتاب، يادِ يار گڏ آهن،
ضرورت ڪانه باقي آهه، ٻئي محرم کي ڇا ڪريان؟
اي قاصد، هاڻ پنهنجي حال تي مون کي ڇڏي ڏي تون،
مان پنهنجو پاڻ همدم آهيان، همدم کي ڇا ڪريان؟
اکين تي ٿو رکان ۽ صبر کان وٺڻو پوي ٿو ڪم،
ٻڌايو، همنوا، ٻيو رنجشِ پيهم کي ڇا ڪريان؟
رهِ الفت  ۾ هلندي واٽ تي جيڪو پوي ٿڪجي،
اهو ڇڏڻو اتي ئي پيو، انهيءَ بيدم کي ڇا ڪريان؟
’جوابِ جاهلان باشد خموشي‘ تي عمل آهي،
ڀلا بيدرد هڪڙي واعظِ بيغم کي ڇا ڪريان؟
دلِ مجروح وارا زخم تو تي خنده زن آهن،
نه تنهنجي هاڻ همدردي کپي، مرهم کي ڇا ڪريان؟
فقيراڻو هي بس ڪشڪول آهي، ’طالب الموليٰ‘،
ملي جيڪر ته اڇالايان، مان جامِ جم کي ڇا ڪريان؟

 

 

مولوي احمد ملاح

*

اک ڪيئن لڳي؟ اکين جو آرام آمسامهون!
باغ و بهار ڀيڙا، بادام آمسامهون!
انگل آڙيءَ آڙيءَ ۾، ڪاڪل ڪڙيءَ ڪڙيءَ ۾،
گهائي گهڙيءَ گهڙيءَ ۾، گُلفام آمسامهون.
گل خواب سان خماريون، شبخون جي شماريون،
مسڪين مفت ماريون، ماتام آمسامهون.
ڀانيان بغل ڀَرين تون، تن من وڍي تَرين تون،
ڪوٺي وري ڪرين تون، قتلام آمسامهون.
هڪ جنس نئين جڳن ۾، چوها چندن چڳن ۾،
پئَڙو پکي پڳن ۾، پيغام آمسامهون.
جن جا نه روح رهندا، سي سُورَ ڇو نه سهندا،
گهاري نه گهُور مهندا، گهر گام آمسامهون.
ماري رکيس محبت، اڳيان سوال صحبت،
اڄ ڪيو عجيبَ البت، انجام آمسامهون.
مُرڪڻ سندي مِٺائي، ڪر ڪا ڀلا ڀلائي،
’احمد‘ گهُري اها ئي، انعام آمسامهون.

 

 

حيدر بخش جتوئي

*

ساقي، پيار جام جهان بين ڀري ڀري
خودبين مشائخن کان ڀڄي ٿيس پري پري!
تقوا ۽ زهد مان نه ٿي اڄ، هاءِ، هڙ حصول،
شيخيءَ ڏنو ٿي اهنج اجايو ذري ذري.
ميخاني ۾ اچو ته ٿيون مست، بيخبر،
پيرِ مغان جا پير چمون، سر ڌري ڌري.
مُلو سڙي ٿو بزم اسان جي ڏسي ڏسي،
سيني سندس ۾ ڪيني جي آتش ٻري ٻري!
فصلِ بهار آهه، ۽ جنبش ۾ باغ آهه،
ڇڻ-ڇڻ سماع جي کان ٿو هينئون ڦري ڦري.
واه واه، هن سماع سندو ٿيو اثر عجيب،
هر مست پنهنجي نفس جي اندر مري مري!
ڪر، واعظا! زبان ڊگهي ۽ بلند بند،
بيهوش تي اثر نه نصيحت ڪري ڪري.
الله، ڪا هنن کي هدايت نصيب ڪر،
تا قلب تن جو اصل سندن ڏي وري وري!
ناحق وڃائي دين ٿا دنيا خراب ڪن،
کائي ويو رياءُ سندن جان هري هري.
’حيدر‘ کي پهرئين ڏينهن ملي نعمتِ شراب،
هن بحر ۾ ٿو پِي پِي، ٽُٻي ۽ تري تري.

 

 

شيخ ’اياز‘

*

ڪنهن ته ورتو هو پرينءَ جو نانءُ، جو ويو اوچتو هٿن مان هانءُ!
گرچ اُن ۾ نئون نئون مڌ آ، دل پراڻي پياڪ جو آ ٿانءُ.
ناهه ڪنهن کي به سار سپرين جي، نه وري صبح کان لنوي ٿو ڪانءُ.
تون مڃيندين ته ڪونه، اي جيڏا! جي چوان لازوال آهيان آنءُ.
شاعري ڏات آ، ’اياز‘، مگر، ڏات ڪهڙي، هجي نه جنهن کي ڏانءُ!

 

 

’تنوير‘ عباسي

*

جيءُ جهوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي،!
چنگ چوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!
ڳالهه دل ۾ رکيم، ته ڪجهه به نه ٿيو،
تو سان اوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!
تون پري ٿئين ته ٿيو جيئڻ مشڪل،
آءُ اوري، ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!
سر گهُريم ٿي، ته چنگ ويو کسجي،
سر کي گهوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي!

 

 

’حامي‘ خيرپوري

*

سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو،
هڪ فرض محبت جو ادا ٿيو ته بجا ٿيو!
سر تَن تي هُئو بار، جدا ٿيو ته بجا ٿيو،
الفت جو هُئو قرض، ادا ٿيو ته بجا ٿيو.
ويو سڀڪو ڇڏي، هُو نه جدا ٿيو ته بجا ٿيو،
مشڪل ۾ مددگار خدا ٿيو ته بجا ٿيو.
سورج ۾ جلال ان جو، جمال ان جو قمر ۾،
هر شي ۾ سڄڻ جلوه نما ٿيو ته بجا ٿيو.
قدمن کي ڇڏي، هاڻ هِنئين ساڻ هلون ٿا،
رستو ئي محبت جو جدا ٿيو ته بجا ٿيو.
بيمارِ محبت کي طبيبن نه بچايو،
هيءُ درد نه ممنونِ دوا ٿيو ته بجا ٿيو.
واڌائي هجي منهنجي وفائن کي وڌڻ جي،
محبوب جي مائل به جفا ٿيو ته بجا ٿيو.
چک وصل جي ماکيءَ جي عوض زهرِ جدائي،
دلبر جي هٿان ڪجهه به عطا ٿيو ته بجا ٿيو.
ميثاق ۾ جنهن پاڻ ’بليٰ‘ چئي هئي بلا کنئي،
دنيا ۾ اهو وقفِ بلا ٿيو ته بجا ٿيو.
افلاڪ کي عزت نه ملي جنهن جي کڻڻ جي،
’حاميءَ‘ کي اهو بار عطا ٿيو ته بجا ٿيو.

 

 

عبدالحليم ’جوش‘

*

علاجِ دردِ دل ٿيو درد کي ئي دل بنائڻ ۾،
سڪون حاصل ٿيو گرداب کي ساحل بنائڻ ۾،
مبارڪ، اي جنون! مزده، اي وحشت! ڪاميابيءَ تي،
گريبان ڪم اچي ويو پردهء محمل بنائڻ ۾.
انهيءَ عاشق جي قسمت، جنهن کي حاصل ٿيو سڪون دل،
متاعِ دردِ دل کي عشق جي حاصل بنائڻ ۾!
ملي ٿي ڪجهه نه ڪجهه تسڪين ناڪامِ محبت کي،
فريبِ آرزو کي آرزوي دل بنائڻ ۾.
سيہ بختي به آخر ڪم اچي وئي، ’جوش‘، اڄ مون کي،
چراغِ داغِ دل کي رونقِ محفل بنائڻ ۾!

 

 

علي بخش ’رضا‘

*

عشق جي آئي ڪيو آرام رم، بيقراريءَ اُت اچي کوڙيو عَلم.
ننگ ۽ ناموس ان هنڌ ڇا رهي، جت رسي ٿو عشق دلبر جو قدم!
مانَ مشفق مهربان مهرون ڪري، هيءَ اميد الله ۾ هردم اٿم.
وڻج، وڻجارا! وٺي وٺ وِرهه جو، آهي هيءَ دنيا دورنگي هڪڙو دم.
ڪونه ڪو عاشق رکي هيءَ آرزو، ڏک بنا حاصل ٿئي وصلِ حرم.
سور سر تي ڪي ’رضا‘ آيا ته ڇا، غم نه ڪر، تنهنجو مدد شاههِ اُمم.

 

 

’تاج‘ صحرائي

*

سفر پنهنجو اڻانگو آ، پهاڙن تان، بيابان مان،
نشانِ راهِ منزل کان نه واقف ڪاروان پنهنجو.
تلاشِ يار ۾ ڳولي لڌم غم کي فقط ساٿي،
ڪڏهن مان ميزبان غم جو ڪڏهن غم ميزبان پنهنجو.
ميان ناصح! حسينن جي جفائن ۾ مزو آهي،
ڪريان نيڪي بدي حاصل، اَٿئي سودو گران پنهنجو.
حريمِ ناز ۾ منهنجي نمازِ عشق آ، ساقي،
جبينِ شوق سان بيغرض سجدو آ گران پنهنجو.
شهيدِ ناز جي تربت مٿان هر هر نه آ، همدم،
عدو حاسد فلڪ آهي، ۽ دشمن آ جهان پنهنجو.
حياتيءَ جو مزو آهي، جڏهن ڪا ڪشمڪش آهي،
هزارين وار بجليءَ جا، اڪيلو آشيان پنهنجو.
جنونِ زندگاني کان ملي ڇو ’تاج‘ کي رخصت،
اڃا ڪي منزلون شايد ڏسي هي ڪاروان پنهنجو.

 

 

’سليم‘ ڳاڙهوي

*

اُن جو چهرو گلاب،  چنڊ، ڪنول، اُن جي هستي، خدا جو رنگ محل!
چشم، ’خيام‘ جي رباعي آهه، لب ۾ ’حافظ‘ جو گلفروش غزل!
حسن وارا هزارها آهن، پر نه ڏسجي ٿو ڪو پرينءَ جو بدل!
اُن تي عاشق نجوم، شمس، قمر، اُن جا طالب سحاب، بحر، جبل!
برهه ڪنهن جي ۾ بلبلون ڀُڻڪيون، سونهن ڪنهن جي گلن ۾ آهه ستل؟
قلب، جانيون، دليون، جگر قربان، دوست جي در سدائين ميڙ متل!
دلنوازي عزيز اُن جي ڪار، دلفروشي عجيب منهنجو عمل!
اي محبت! اُتي وٺي هلجانءِ، جت جُڙن ٿا جگر ۽ قلب ٽُٽل!
ذوق وارن ائين چيو آهي، تنهنجو سهڻو ’سليم‘ آهه غزل.

 

 

سيد عمر شاهه، ’سيار‘

*

سهڻا، ٻُڌاءِ ڪهڙي لالي لبن ۾ آهي،
مرجان مَٽ نه لالا ٻُوٽو چمن ۾ آهي!
صورت سندي صفائي، دندان ڏسي موچارا،
الماس مَٽ نه گوهر، دُرِ عدن ۾ آهي.
اک جي اشاري هڪ سان دل کي نرم ڪرين ٿو،
جادوءَ سندو جواهر اهڙو اکين ۾ آهي.
پيڪان پنبڻين جي ڪيو زخم آهه ڪاري،
قهري ڪجل ڪو، پيارا، ويترن وزن ۾ آهي.
جاني هي زلف تنهنجا زهري آهن زوراور،
واسينگ وانگي جن کي ڪو وِهه ڏنگن ۾ آهي.
ڪاڪل ۾ قيد ڪَڙجِي، دلڙي وڃيو ٿئي قابو،
ڪهڙو ڪمند ڦاهو وارن وَنگن ۾ آهي.
سردار، سارَ منهنجي ڪا تون اچي سگهو لهه،
بيتاب مثل ماهي دِل ٿي بدن ۾ آهي.
سُرڪي ڪا پيار، پيارا، ’سيار‘ آهه سِڪ ۾،
في الفور غور ڪر تون، غائط غمن ۾ آهي.

 

 

عبدالله ’خواب‘

*

جنهن جون نظرون رهيون نظارن ۾،
تنهن جي دنيا رهي خسارن ۾.
ڇو منجهين ٿو ٻين سهارن ۾،
ڦُول ڪوماڻيا بهارن ۾!
قلب منهنجو ته داغدار آهي،
فيضِ وحشت ڏسو بهارن ۾.
منهنجي زخمن سان ڇيڙڇاڙ نه ڪر،
باهه ويندي لڳي بهارن ۾!
فصلِ گل ٿيو تباهه ڪُن ثابت،
زندگي ختم ٿي بهارن ۾.
منهنجي ديوانگيءَ جي حدِ نظر،
هوش جي آهه خار زارن ۾.
سازِ دل ڪيئن تلاشِ سوز ڪري،
سوز گم ٿيو نفس جي تارن ۾.
سوزِ غم دل جا داغ ڪيا روشن،
غنچہء دل کليو شرارن ۾.
شامِ غم، صبح ۾ ڏٺم بدليل،
پنهنجي اشعار آ بدارن ۾.
موجِ طوفان جي گلا ڪهڙي،
ڪشتيون گم ٿيون ڪنارن ۾.
زندگي زندگيءَ جي ٿي دشمن،
نه رهيو لطف روزگارن ۾.
آدميت طلب ڪٿي آهن،
آدميت رهي خسارن ۾!
اهڙو آيو قلندرن کي جلال،
زلزلو ڄڻ پيو تاجدارن ۾!
ننگ و ناموس تان لٿو پردو،
 ننگ بدنام ٿيو بزارن ۾.
فصلِ گل ’خواب‘ کي فريب ڏنو،
زندگي ختم ٿي نظارن ۾.

 

ا. ح. جئسنگهاڻي

*

محابي عشق جي، ساقي مون کي شراب ملي،
پئڻ سان جنهن جي ٿو جنت کان وڌ ثواب ملي.
مِٽائي روح سندي تشنگي هميشه لئه،
جَمن سندءِ مان اُهو مون کي آب ناب ملي.
وڃايان هوش ۽ مت عقل هن پيالي سان،
ٻڌان نه ٻوليون، اگر راز جو رباب ملي.
منڱان نه ٻيو ڪو اُجورو مان تنهنجي سڪ سوا،
جَمنُ جَمنَ جي مٿان نت پيو شتاب ملي.
مٺا نه من کي لڳن ٿا مزا زماني سندا،
چکڻ انهن جي منجهان دل کي ٿو عذاب ملي.
نظر نوال ڪري، ڏيوم زندگيءَ جو ڪفاف،
گهران نه قرب بنا ٻيو ڪوئي ڪباب ملي.
رهي ٿو گيان سمايل سڄوئي منجهه صورت،
ڏسڻ سان تنهنجي ٿو هر ڳالهه جو جواب ملي.
مران ته شل نه نصيبن ۾ جاءِ ٻي ڪا هجي،
ڇڏي بهشت اچان، گر کُليل هي باب ملي!
مون کي نه لوڙهه رهي ٿي جو ويهي بابَ پڙهان،
تو ۾ ئي دل جو سچو دين ۽ ڪتاب ملي.
رهي ٿو موج اندر ’سام‘، نت وٺي هي جمن.
جِئاري دل کي سو، ماهيءَ کي جئن ٿو آب ملي.

 

 

شبير ’هاتف‘

*

تنهنجي يادن جون بهارون، تنهنجي غم جون لذتون،
دل جي دنيا ۾ ته آهن راحتون ئي راحتون!
اي غمِ جانان! خدا بخشئي حياتِ جاودان،
زندگي ڀر ياد رهنديون دل کي تنهنجون قربتون!
تنهنجي ديوانن جي قسمت ۾ ڪٿان آئي بهار،
بس، جيئون پيا ياد ڪريو ڪي سُکن جون ساعتون!
ڪو تونگر منهنجي چشمِ نم مَٽ ڪئن ٿي سگهي؟
ڪير لڙڪن جي خزانن جون لڳائي قيمتون!
ميڪدي جي در سوا ٻي پاڻ کي ڪانهي پروڙ،
اي حرم وارا، اوهين ڄاڻو اوهان جون جنتون!
تنهنجو حسنِ دلنواز آمادهء مهر و ڪرم،
تنهنجي شوخين ۾ نگاهِ شوق لئه ڪئين دعوتون!
تون اهو ساڳيوئي بيگانن جيان هلندو اچين،
عشق ويچارو اڃا ساري ٿو تو ۾ حُجتون!

 

 

علي محمد ’مجروح‘

*

تنهنجو غم ئي سهي، سهي ته ڏسان!
زندگيءَ جو مزو وٺي ته ڏسان!
عشق جي آگ ۾ ٽپي ته ڏسان،
ڇاهي پروانو، مان پچي ته ڏسان!
هي نظارا، هي ٿڌڙي ٿڌڙي هوا،
ساقيا، اڄ چُڪو چَکي ته ڏسان!
مون کي آرام ڪجهه ملي ويندو،
شرط آهي مگر مري ته ڏسان!
تنهنجي قدمن تي عمر ڀر جهُڪيس،
پنهنجي پيرن تي ڪجهه بيهي ته ڏسان!
موجِ طوفان جي دشمنيءَ کي ڏٺم،
اي خضر، تنهنجي دوستي ته ڏسان!
آشيانو وري ٺهي ويندو،
برقِ بيتاب، روشني ته ڏسان!

 

 

’نعيم‘ دريشاڻي

*

منهنجي نيڻن ۾ تڙپن ٿا ڪَوڙين سوال،
بيخبر آهه پر تنهنجو ظالم جمال!
آءُ نيڻن جي کڙڪيءَ مان چوريءَ، پرين،
آءُ، سيني ۾ آ بي بها دل جو لال.
ڪوئي منهنجي اکين ۾ نهاري ڏسي،
هاءِ، ڇو نيٺ آ منهنجي دل پائمال!
تنهنجي وارن جي قاتل ورن ۾، پرين،
عاجزيءَ سان رهن ٿا ڪَوِين جا خيال.
تنهنجي معصوم چهري مان، منهنجا پرين،
رب شاهد، بَکي ٿو بهشتي جمال!
هاءِ، تنهنجو اهو سانورو رنگڙو،
ٿي ويا سانورا، هاءِ، منهنجا خيال!

 

(2)

خوشين جو لُٽجي ويو آ سهاڳ، روئون ٿا،
اڌورا رهجي ويا سک جا راڳ، روئون ٿا.
نه آرزو، نه تمنا، نه تنهجي پياري ياد،
اسان جو تڙپي ٿو معصوم ڀاڳ، روئون ٿا.
بسنت جهُمر وڌي آ، اي دوست، پائي ڇير،
ٿيو آ مهٽي اکيون غم سجاڳ، روئون ٿا.
اڌورو جن کي ڇڏي تون هليو وئين اُڏري،
چُڀن ٿا جيءَ ۾ سي زخمي راڳ، روئون ٿا.

 

 

’امداد‘ حسيني

*

زندگي وقفِ انتظار رهي، دل کي اميد وصلِ يار رهي.
مائلِ جور چشمِ يار رهي، دل بدستور بيقرار رهي.
گردشِ وقت اهڙو تنگ ڪيو، زيست آمادهء فرار رهي.
خسته حالي ڏسي اسان جي، دوست! چشمِ اغيار اشڪبار رهي.
جيتري دير هُو چمن ۾ رهيو، رونقِ موسمِ بهار رهي.
دوستن جو ڪرم ڪڏهن نه کٽو، دل هميشه ئي لاله زار رهي.
آشيانو وري وري ٺاهيم، همتِ برق شرمسار رهي.
اهلِ فن جي جڏهن به ياد آئي، ڪائنات، آه، سوگوار رهي.
هُو نه آيو، سوين خيال آيا، دل سڄي رات بيقرار رهي.
ساڳيو درد، ساڳيو آزار، ڇا پرايوسين هوشيار رهي!
دل جي هر ڳالهه کي لڪايوسين، ليڪن، ’امداد‘، آشڪار رهي.

 

 

موتي پرڪاش

*

نگاهون، اَدائون، اِشارا نه هوندا،
حياتيءَ جا سهڻا سهارا نه هوندا.
اِهي لهرون، طوفان، هوندا برابر،
مگر بحرِ غم جا ڪنارا نه هوندا.
وري ڦاڳ ڦُٽندو، وري ٿينديون لاتيون،
مگر بازبان هي نظارا نه هوندا.
حياتي هٿوراڙيون هڻندي ۽ ڪِرندي،
اوهان جا جي سهڻا سهارا نه هوندا.
اچو، رات چوڏس جي ۽ سرد راتيون
گذاريون، جو ههڙا سيارا نه هوندا.
اُهو وڻ، اُها رات ۽ سي سيارا،
جي هوندا ته پاسي ۾ پيارا نه هوندا.
ڇُلي پئو، ڪريو حالِ دل، غم گهٽايو،
جو دنيا ۾ ’پرڪاش‘ پارا نه هوندا.

 

 

رشيد ’ارشد‘

*

گذري ويئي ظلمتِ شب،
روشن روشن صبحِ طرب!

 

بزم جو حال سُڻايان ڇا، سِبيل آهن منهنجا لب!
تنهنجي دنيا، ساري دنيا، منهنجو سهارو هڪڙو رب.
پڃري کي گُلشن ڄاتم، پنهنجي خوش فهميءَ تي عجب!
جيڪر ڏيئي سگهين، ساقي، ڏي صهباي شوق و طلب!
هيءَ دُنيا يا هُوءَ دُنيا- پنهنجو پنهنجو حسنِ طلب!
ڪجهه ڏينهن اڳ هو ويرانو، ’ارشد‘ چمنِ شعر و ادب.

 

 

’الطاف‘ عباسي

*

چُڀي هڪ گل به ٿو دل منهنجي ۾ خارن وانگر،
مون کي گلزار جلائي ٿو شرارن وانگر.
منهنجي دل ايئن فراخ آهه، فلڪ آهي جيئن،
چنڊ آهين تون، هي سنسار ستارن وانگر.
مُند ٽهڪن جي ۾ ٿا نير وهن نيڻن مان،
نه خزان ڀي مون کي تڙپايو بهارن وانگر.
دل جي ساحل تي اوهان جي ٿي ٻڏس مان، ليڪن،
اڄ عمق مون کي ڇڏيو تاري ڪنارن وانگر.

 

 

حافظ شاهه حسين

*

صنم کان جورو جفا جي ته ڪا اميد نه هئي،
عدم کان لطف و عطا جي ته ڪا اميد نه هئي.
پيامِ يار ڏنو وقتِ نزع ٿي قاصد،
مرڻ جي وقت دوا جي ته ڪا اميد نه هئي.
خوشيءَ جي بدلي اسان کي مليو غم و اندوهه،
اوهان کان اهڙي سخا جي ته ڪا اميد نه هئي.
رهيو نه هوش، رخِ يار کي چمي ورتم،
دلِ حزين کان خطا جي ته ڪا اميد نه هئي.
نه دشمنن کان اميدِ وفا هئي، ’حافظ‘،
۽ دوستن کان دغا جي ته ڪا اميد نه هئي.

 

 

اسدالله شاهه، ’بيخود‘ حسيني

*

هجي آباد ميخانو، ۽ تنهجو ڪر و فر، ساقي!
تون آهين ميڪشن جو ڀرجهلو، ڀيڻي ۽ ڀر، ساقي!
گداي بينوا تي قرب جي ڪر ڪا نظر، ساقي،
شرابِ لاله گون سان جام هڪ ڀرپور ڪر، ساقي!
مڏيون ۽ مال، گهر تڙ، جان جند، سڀ گهوريان توتان،
لُٽايان جام هڪڙي جي عوض سڀ سيم و زر، ساقي!
پيارين يا سِڪائين يا ڌِڪي لوڌي ڪڍين ٻاهر،
رهيو آهي نه رهندو ٻيو ڪو در پيشِ نظر، ساقي!
جو تنهنجي هٿ جي سُرڪي پي ڀڄي ڪنهن ٻئي طرف ويندو،
اهو رندن جو مشرب ۾ نه هرگز آ بشر، ساقي!
وطن جي حب آهي جزو ايمان، ڪيئن ڪريان هجرت؟
خدا ڄاڻي ٿو، ميخاني جو در آ منهنجو گهر، ساقي!
مون کي، ’بيخود‘، خبر ناهي ته مَي، ساغر، سبو ڇاهي،
سڃاڻان ٿو فقط هڪ تنهنجي چشمِ فيضور، ساقي!

 

 

سڳن آهوجا

*

منهن کي ڦيرڻ ۾ آهي پيار رڳو،
آهي اڻ آزمودگار رڳو!
جو ٿو دل کان لڪائي ڪنهن کي ڏسي،
تنهن تي دل کي اچي ٿو پيار رڳو.
نشو مون تنهنجي ياد کان ورتو،
تو نظر سان ڏنو خمار رڳو.
ڪيڏو دل ۽ اکين ۾ گل ٿو چڀي،
پو به بدنام آهي خار رڳو!
دل سان گڏ جان ڀي ٽُٽي پوندي،
توتان ٽُٽندو جي اعتبار رڳو.
ناهي مشڪل وساري توکي ڇڏڻ،
جي هجي دل تي اختيار رڳو.
تنهنجي وس آهي زندگي ۽ موت،
پنهنجي وس آهي انتظار رڳو.
تنهنجي مخلوق کي، خدا، ڇا ٿيو؟
ٿئي ٿي تنهائي غمگسار رڳو!
هڪ رُئڻ جي به ’موڊ‘ ٿيندي آهه،
غم ئي ناهي جوابدار رڳو.
زندگيءَ کي جو بار ٿو سمجهي،
آهي خود زندگيءَ تي بار رڳو.
چانهه پئندڙ به ٿو ٿيان بدنام!
ناهي بدنام باده خوار رڳو.

 

 

عبدالعزيز ’بيدل‘

*

بجا آهي ته دورِ زندگي ڪجهه مختصر آهي،
مگر هيءَ زندگي، ٻيءَ زندگيءَ جي نامه بر آهي!
اڃا تائين اها ئي شوخيء برق و شرر آهي،
دعا منهنجي خبر ناهي ڇو محرومِ اثر آهي.
عمل، پيهم عمل، ۽ جستجو در جستجو، اي دوست،
اها ئي زندگانيءَ جي ته شرحِ مختصر آهي!
خِلا ۾ جي پُنو فڪرِ رسا تنهنجو ته ڇا ٿي پيو،
زمين تي ئي جڏهن انسانيت بي بال و پر آهي!
ڪيا محفوظ آهن وقت جنهن ۾ ڪيئي افسانا،
هي دنيا زندگيءَ جو سو ڪتابِ معتبر آهي.
هي دنيا، ڪالهه جيڪا لُور کان بي نور هئي، ’بيدل‘،
اسان جي زندگيءَ کان اڄ اها تابنده تر آهي!

 

 

’نذير‘ همايوني

*

تنهنجي آمد جو انتظار ڪري،
درد ويو دل کي داغدار ڪري.
ڪنهن جي ناهي، مگر هي پنهنجي آهه،
ڪير قسمت کي دوستدار ڪري.
تنهنجي ياد آئي، ۽ گهڙيءَ کن ۾
وئي محبت کي سوگوار ڪري.
اي تمنا جا دردمند خيال،
ڪير ويو توکي پائدار ڪري؟
تنهنجي زلفن جو ذڪر ڇيڙيندي،
مون خزان کي ڇڏيو بهار ڪري.
مُرڪ تنهنجيءَ جو هر تصور، دوست،
ويو سندم لڙڪ تابدار ڪري.
ٿورڙو التفات، اي سائين،
شال اوقات خوشگوار ڪري!
عشق جي آبرو وڃي نه، ’نذير‘،
ڪيئن رهان چشم اشڪبار ڪري!

 

 

محمد علي ’جوهر‘

*

اچ ته بلبل! اشڪِ خون مان گلستان پيدا ڪريون،
برق ديده آشيان کان آشيان پيدا ڪريون.
ڇو رهون، ڇا لئه رهون، منت ڪشِ بادِ بهار؟
آشيان جي خاڪ مان پنهنجو جهان پيدا ڪريون.
هي نظامِ زندگي ڪرڻو مبدل آهه جي،
لا مڪان کان ڀي پري ڪو ٻيو مڪان پيدا ڪريون.
باغِ هستي ۾ جي گل ناهن ته ڪنڊا ڀي چڱا،
خونِ دل تن کي پياري، بوستان پيدا ڪريون.
راس ناهي پاڻ کي، همدم، پراڻي ڪائنات،
نئين زمين پيدا ڪريون، نئون آسمان پيدا ڪريون.
گردشِ افلاڪ و انجم جا ستايل! سڀ اچو،
هي جهان ڊاهي، نئون دورِ زمان پيدا ڪريون.
ڪوششِ ضبطِ فغان آهي عبث، اي عندليب!
بيڪسي پنهنجي ٻُڌائي مهربان پيدا ڪريون.
ڏاڏي پوٽن ۾ آ ڇا جي فرقه بندي ۽ فساد؟
پاڻ ۾ ڪجهه آدميت جو نشان پيدا ڪريون.
همتون موجود جي دل ۾ اٿئي، ’جوهر‘، ته اچ،
خار وس خس مان ئي کڻ تيغ و سنان پيدا ڪريون.

 

 

’تاج‘ بلوچ

*

منهنجا اشعار تون نه ڳاءِ، پرين،
ڪوئي تهمت نه توتي لاءِ، پرين!
گل جي خوشبو وڃي نه ڪٿ گهٽجي،
وار کولي نه تون سُڪاءِ، پرين!
ڪنهن جي دل تي ڪِري نه برق پوي،
بيخوديءَ ۾ نه مسڪراءِ پرين!
مان زماني کي پاڻ ئي پڄندس،
تون فقط ها ۾ ها ملاءِ، پرين!
چنڊ ويچاري جو وڃي ٿو ڀرم،
زلف منهن تان نه تون هٽاءِ، پرين!
ڇا ٿيو جي خراب حال آهي،
’تاج‘ کي اڄ به آزماءِ، پرين!

 

 

(2)

*

منهنجا مٺڙا! اوهان جي انگڙائي، موت جو آهه سڏ، ادا ناهي.
حسن خود آهه طالبِ شهرت، عاشقن جي ته ڪا خطا ناهي.
هر بشر سان ٿئي ٿي همدردي، روح جو زخم ڀي ته ڇا ناهي!
ڏيئي وئين مون کي داغِ تنهائي، ڇا اها وڌ ۾ وڌ سزا ناهي؟
مان ته پنهنجي نصيب تي ٿو رئان، مونکي توسان ته ڪا گلا ناهي.
تو سوا هي جهان ائين ٿو لڳي، ڄڻ ته منهنجو آشنا ناهي.
ضبطِ غم ڪو ڪري ته ڪيئن ڪري، ظلم جي، ’تاج‘، انتها ناهي!

 

 

نيون طرزون

 

سروپچندر ’شاد‘                                   (سانيٽ)

سونهن – پريءَ جي نالي

ڪيئن مُرڪن، ڪيئن جَرڪن خيال اڄ،
سوچ جڏهين ماٺ ۾ آهي ستل؟
روح تي نفرت جا پاڇولا پيل،
ڪيئن ڪنواري ڳل تان ترڪن خيال اڄ؟
سانت جو سنگيت، الا، مان ڪيئن سُڻان؟
سازِ دل جي اڄ ٽُٽل هر تار آه،
اڌ ڪُٺل جيان مُنهنجو  زخمي پيار آه،
هاءِ، اکڙين جا نياپا ڪيئن ٻُڌان؟
جرڪندڙ نُورن جي ڄاول سونهن- پري!
اچ، اچي جاڳاءِ منهنجي موهه کي،
زندگيءَ جو دان ڏي پاٻوهه کي،
مرڪندڙ نظرن جي پاليل سونهن-پري!
گهُور جي مَي ڏي ته توکي پريت ڏيان،
پُور مون کي ڏي ته توکي گيت ڏيان!

 

 

موتي پرڪاش    

 (ترائيل)

سنڀارون

اينءَ، سڄڻ، تنهنجون ٿي سيني ۾ سنڀارون آيون،
جئن اَسر ويل ٿي اوڀر کان اچي هِير سڌير؛
جئن ٿي ويران گلستان ۾ بهارون آيون،
اينءَ، سڄڻ، تنهنجون ٿي سيني ۾ سنڀارون آيون!
جئن جُهڙالي ۾ ٿي ڪونجن جون قطارون آيون،
اينءَ، سڄڻ، غمزده دل ۾ ٿي اچي تنهنجي اُڪير؛
اينءَ، سڄڻ، تنهنجون ٿي سيني ۾ سنڀارون آيون،
جئن اَسر ويل ٿي اوڀر کان اچي هير سڌير!

 

 

(2)

دل جي ڪَلي

هاءِ، ساري زندگي روئندي پٽيندي وئي هلي،
جي خوشي آئي ته لڙڪن جي ئي آئي روپ ۾؛
نور ٿي برسيو، اسان جي دل شرارن ۾ جلي،
هاءِ، ساري زندگي روئندي پٽيندي وئي هلي!
نا اُميديءَ جي لُڪن لُوساٽِي هيءَ دل جي ڪَلي،
ڪين جهاليو هن سرءُ جي ڇانو ۾ يا ڌوپ ۾؛
هاءِ، ساري زندگي روئندي پٽيندي وئي هلي،
جي خوشِي آئي ته لڙڪن جي ئي آئي روپ ۾!

 

 

سنترام ڪلياڻي ’همدرد‘

(ترائيل)

گلرو ساقي!

گُلرُو ساقي! دل کي ڇو پٿر ڪيئه؟
دل تي ڪئن پٿر رکي موٽي وڃون!
آياسين تو وٽ، نه ڪجهه آڌر ڪيئه،
گلرو ساقي، دل کي ڇو پٿر ڪيئه؟
ايئن اسان کان ڇو پري ساغر ڪيئه؟
ڇا اسين محفل مان پياسا ئي وڃون؟
گلرو ساقي، دل کي ڇو پٿر ڪيئه؟
دل تي ڪئن پٿر رکي موٽي وڃون!

 

 

قطعا

 

’تاج‘ بلوچ

(1)

مان آزاد پکيئڙو آهيان،
ويهي رهان جنهن وڻ تي چاهيان؛
تاڙ ۾ آهن بجلي ۽ صياد،
سک سان ڪيئن آکيرو ٺاهيان؟

 

(2)

مدتون رت جا رنم ڳوڙها،
چاڪِ دل، آه! ڪو سبي نه سگهيو؛
جن ڪئي منهنجي زندگي برباد،
ڇا انهن کي خدا پڄي نه سگهيو؟

 

(3)

ميڪدي ۾ ڪو اهتمام ڪريو،
ميڪشيءَ جو ڪجهه انتظام ڪريو؛
جنهن کي دنيا ڇڏيو ڌڪاري، تنهن
دلِ شڪسته جو احترام ڪريو.

 

 

’ذوالفقار‘ راشدي

(1)

الفت اوهان سان آهي، پر حجت نه آ، حضور،
ڏوراپو آ، جناب، هي تهمت نٿو رکان؛
بزدل نه آهيان، دل ۾ اٿم تنهنجو احترام،
گستاخيءَ نگاهه جي جرات نٿو ڪيان.

 

(2)

دريائن جي ساحل سان ٽڪرن ٿيون، مانجهي،
ڪڏهن تيز لهريون، ڪڏهن تُند جهُوٽا؛
چمن ۾ هزارين خزائون به اينديون،
ته ساڙيا نه ويندا بهارن جا ٻُوٽا.

 

(3)

هار هِيرن جا سَٽيا مون کِهه کڻي،
هار موتين جا نٿا مون کي کپن؛
مهڪندڙ گل، مرڪندڙ مکڙيون مُنجينم،
جن مان خوشبويون به هيڪانديون اچن.

 

(4)

روپ – راڻي، جهول تو آڏو جهليم،
خير اهڙو ڏي جو تنهنجي منهن پوي:
اهڙي پنهنجي پيار جي پالوٽ ڪر،
جو سڄي دنيا ڏسي وه وا چوي،

 

(5)

سونهن ۽ سرهاڻ جون جهوليون ڀري،
مون اچي هاريون اوهان جي هنج ۾؛
پر ڪمي آئي نه، او محبوبڙا،
مهر تنهنجيءَ ساڻ منهنجي گنج ۾.

 

(6)

منهنجي ليلان هرکجي وئي هار تي،
مون کي مٺ موتين عوض وڪڻي وئي:
جيڪا دل ريجهي ٿي هاڻي هار تي،
ڪو زمانو هو اها منهنجي هئي.

 

(7)

چنڊ پنهنجي نور جي خيرات ڪئي،
ڪنهن ته چارڻ آهي چوريو چنگ، ڙي!
جيستائين! آ زمانو، تيستئين،
آهي ٻيجل جي ڪلا جو دنگ، ڙي!

 

رباعيون

 

’حيدر‘ جتوئي

(1)

الله جو رستو وڏي مشڪل ۾ ڏٺم،
مسجد ۾، ٽڪاڻي ۾، نه ديول ۾ ڏٺم:
هت بحث ۽ منطق جو نه ڪجهه آهه ضرور،
مولا کي ڏٺم جي ته سچيءَ دل ۾ ڏٺم.

 

(2)

قسمت جي قلم ڪن کي گنهگار ڪيو،
دنيا جي بلائن ۾ گرفتار ڪيو،
پرهيز ۽ عبادت ٿيو حصو ڪن جو،
خالق نه جهان جو ائين سينگار ڪيو.

 

(3)

اي يار، ضيا، تنهنجي کان نابين ٿيس،
زلفن ۾ ٿيس قيد، ۽ غمگين ٿيس:
مون کي نه خبر پيئي ورن وڪڙن جي،
ٿيو عقل خطا منهنجو، ۽ بيدين ٿيس.

 

 

ڪرشن ’راهي‘

(1)

ڪيڏي به هجي عمر، نه پوري ٿي پوي،
انسان جي هر آس اڌوري ٿي رهي:
خواهش ته جئڻ لاءِ ضروري آ، پر
خواهش ته نه آ عمر، جو پوري ٿي وڃي.

 

(2)

مت پنهنجي هلي ڪو ته چون سودائي،
مت ٻئي جي وٺڻ کي نه سڏن دانائي:
دنيا جو ڪئي آهه ترقي هيڏي،
مت ڪنهن جي ته آ، ڪنهن کي ته آ ڪم آئي!

 

(3)

اک ۾ جي رهي لڙڪ، ته موتي سڏجي،
اک مان جي ڪِري هيٺ، ته پاڻي چئجي:
دستور زماني جو اهو ئي آهي،
هڪ چيز جي قيمت کي ٿو ٻيءَ سان ڪٿجي.

 

(4)

انسان ڄمي ٿو ته کِلن ٿا ماڻهو،
انسان مري ٿو ته رُئن ٿا ماڻهو:
تسڪين مرڻ ۾ ته جِيئڻ ۾ ڀي آ،
پو ڇا تي رُئن، ڇا تي کِلن ٿا ماڻهو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com