هو هاتڪ حيدرآباد ۾، شيرمحمد رندُ،
شهر ته ’شورَڻِ‘ جاء هئس، نَرَ جو ’ناڙي‘ هنڌ،
مانجهي ميرن وٽ رهي، بانڪو بخت بلندُ،
رانوَلُ رندستان جو، صوبو هو سرمندُ،
ڪين نوايَئيِن ڪنڌُ، هو جيسين جوان جهانَ ۾.
مغيري، مگسين وٽ هئا، ڀَر ڪُلهي ڀاڳيا،
پَهُون پوياڙيءَ کي، تن ٿي سنڀاليون ساڳيا،
جمالي جاڳيا، ته مگسين مالُ هَڻي اچون.
مگسين مال هڻي اچون، آ ويُر تنين سِر وڳ،
هلي هونگن سان ڪيون، کِني رانگ کڙڳ،
پيادا سوارن کون اڳي، دَوڙيا مٿي دڳ،
جنهن پيچ ورايو پَڳ، سي سڀئي چڙهيا گهل تي.
مال مغيرين جو هڻي، واهَ ڪيئون وارو،
ٻه ٽي مڙس مري پيا، ٿيو ڌڻن سان ڌاڙو،
شير ته ’شاديهڙ‘ سندو، اَرڏو اَڻيارو،
ڏاهه پئي ڏَسُ گَهل جو، ڪيو ناميءَ نغارو،
’احمد خان‘ اچي پين، نَرُ هڻي نعرو،
جُنبي جمالين سان، تنهن هو مرد ڪيو مارو،
پيادا پوکن ۾ لِڪا، متان پوي مٿن پسارو،
ٿيو لشڪر لهوارو، ڀَوَ کون مال ڇڏي ڀڳا.
ٿيا جيڪي سورهيه سامهون، سي ماريا مرد مڻيارَ،
جنين کون توفيق وئي، تن تي ناهه ميار،
پيادا پوکن مون پڳا، پير چُمي پيزار،
وري ويا هئا تن تي، مگسي مَلغذار،
پيادا پوين کي ڀڳا، رڻ رهيا ريڍار،
دنُوي دعويدار، جنهن پِيلي ڪونڌ پَڻِي ڪيا.
هڪ آيو هو گَهل تي، ناتوان نادانُ،
جڏهن ڏٺائين جنگ کي، بيٺو ٿي حيران،
پيش وڏيري جي پيو، اچي عاجز ٿي انسان:
ٿيءُ ميان مهربان، ڏيئي هٿ پناهه جو.
نيچو ٿِي نادانَ ڪيو، اوچو آدرڀاءُ:
مون کي هيڏي موڪليو، ڏئي ڏس جيجل ماءُ،
ڪونهي ڍڳو در تي، وڃي نَرَ کون وٺي آءُ،
جوڙي هيءَ جَڙاءَ، جُنگَ رسيس هن جاءِ تي.
ڏياريس ڏاندُ وڏيري، هو ڪُڏندو قداور،
ڀري ٻوري اَن جي، مَٿون وجهي اَٿرُ،
باغ لنگهائي بَرُ، هي نيئي ويجهو وسئين کي رسيو.
جِئين منجهه جهان، اهڙا راجا راوَ،
همت هيڻن کي ڏين، اَڙين ڪن اُپاءَ،
صاحبَ سخا جا ڌڻي، ناميارا نَرَ ناءَ،
شيرن جا شعاع، ملڪن ۾ مشهور ٿيا.
بيهي نه سگهيا بَرَ ۾، جنگ تي جمالي،
ڳوٺ وڃي ڳالهيون ڪن، خبرون ڏين خالي،
هٿ نه مگسين کي لڳو، مالُ نه ٻي مالي،
هادي بچائي هنن کون، آندو ورائي والي،
جي ساڻ هليا سوالي، سي ماهو ٿيا ميدان ۾.
پِيِڙو شور شهر ۾، اوٿيڙو اندوهه،
مٿي مگسيءَ جي لڳو، هو رُڪ مثل روهه،
پيادا مَرايوَ پڙ ۾، ڊوهڙ ڪري ڊوهه،
جڏهن ڇنڊايوَ ڇوهه، تڏهن البت ٿيو آرام ۾.
جيڏو جماليءَ کي ٿيو، غلام محمد غمُ،
وير نه ويريءَ کون وٺان، وڏو آهه وَهمُ،
هاتڪ حيدرآباد ۾، بانڪو سو بهرمَ،
جيڪر آڻيون جنگ تي، رِندُ چاڙهي رستمُ،
اسان جي ايذاءَ جو، ٿيندو شيرَ شرمُ،
وٺي وير اسان جا، ميل ڪري محڪمُ،
تنهن کي جالَ ڏياريون جَمُ، جنهن مگسيءَ ڪالهه مذاق ڪئي.
مڙي جمالين پاڻ ۾، مردن ڪئي مصلحت،
جن جا جگر ڇڄي پيا، ريلا وهندي رَت،
وڃي تنهن وَرنَههَ سان، هيءَ ڪر حقيقت،
آڻي وجهه ويريءَ تي، ڪا ازغيبي آفت،
پلڪ نه ڪر فرحت، رات چڙهي وڃ رندَ ڏي.
غلام محمد غم ۾، ڇڏيو ڳوٺ ڳڙهِي،
سانجهي کي سنڀري هليو، چانگي تي به چڙهي،
ٻيا ڀي ٻه ٽي تنهن سان، هليا مرد مِڙي،
رانوَل تِت رڙهي، ٿيا رات روانا رند ڏي.
ٿيا رات روانا رند ڏي، ڏوري کنيائون ڏُکَ،
هوري جهوري هيانوَ ۾، جِيئڙي اندر جُکَ،
نڪي کائن خوشيءَ کون، باهه اندر منجهه بُکَ،
سورَ وڃاين سُکَ، هليا ديس ڇڏي پرديس تي.
هتون حيدرآباد اَٿوَ، پنڌ پري سو ڪوهه،
سَليون سُورَ اندر جا، گَنوَ سان سڀ گروهه،
ايندو اسان سان چڙهي، جي طالع وريو توهه،
جيئن لوهر ڦوڪي لوهه، تيئن مدعي کي مادُ ڪندو.
ساهي واڳَ سَٽيون، بازَ بڇيون بانڪا وڃن،
عاقلَ ڪاهِن اڳتي، پويان ماڳَ مَٺيون،
دل ۾ درد فراق جون، سنديون زهر وَٽيون،
نر وڃي نروار ٿيا، رهبر راهه وَٺيون،
هيون سي حيدرآباد جون، گهاٽا سير گهٽيون،
پوءِ پِيلي پنڌَ پَٽيون، وڃي دُرس مليا داناءَ کي.
پاڻَوَ لاهي پَڳَ، اُڇليائون ارغونَ ڏي:
مگسيءَ هُت مارو ڪيو، اسين ڀڄي ٿياسي ڀَڳَ،
هِڻي نِي هيٺون ڪيا، اٿس واهه اسان جا وَڳَ،
جاڙ اُهائي جَڳَ، ساري ملڪ سڄي ٻڌي.
آياسون اسين ڪهي، دانهن وٺي داناهه،
ويري وَڳُ هڻي ويو، نَرُ چڙهي ناگاهه،
’مِيرو‘ ميڙ وٺي وياسين، چاڙهي منجهون چاهه،
ڪين مڃيائين تنهن کي، هو پُٽ سندو بادشاهه،
پوءِ وياسين مالُ هڻڻ، جُنگَ اُنهيءَ جاڳاهه،
وڃي مال هنيوسين تن جو، ڪَستون ڪري ڪاهه،
احمد خان اڳي لٿل هو، ڏاڍي پشت پناهه،
هي مگسي حملو ڪري پيو، جاري منجهه جنگاهه،
ماري مال ڇڏايائين، رکِي سيف سلاح،
پيادا ماريا پِڙ ۾، هئا جيڪي همراهه،
مگسيءَ جي ڪنهن مرد تي، ناهي نَرَ نگاهه.
ڏِس، ٿو سنجهه صباح، شهر ته ’شورَڻِ‘ جو هڻي!
نانءُ رکايو پانهنجو، جنهن مگسيءَ ’جنگ دوس‘،
لاهي ٿو لُڙ ڪينڪي، وتي کنيو شرُ شروسُ،
آهي آڳ اندر ۾، ڏِيلون ڏاڍو ڏوسُ،
ڪونڌ! وڏو ڪَر ڪوسُ، وِيرَ! چڙهي هل ويريءَ تي!
تون آهين بانڪا بلوچن جو، رند بيشڪ بادشاهه،
تون سونهين سڀني وچ ۾، جيئن منجهه ستارن ماهُه،
ويريءَ هِت وڻاهه، ڏسجو ڏاڍوئي ڪيو.
تڏهن وَرنَهه کي ورندي ڏني، شيرمحمد شيرَ،
موڪلَ ميرن کنون ڪندس، ستين ڏينهن سويرَ،
جلدي هلي جهل تي، پاڻ گهمايان پيرَ،
وَرنَهه تنهنجا وير، ڏس وٺان ٿو ڏينهن ۾!
(غلام محمد خان جماليءَ چيو) ويٺي ورهيه لنگهي ٿو، ساعت ساعت
سال،
جيڪا مرضي تو سندي، پر خاوند! رکج خيال،
جي مرضي منهنجيءَ تي هلين، چڙهه هڪدم حال في الحال،
همه معلم (معلوم) حال، ٿَئِي اسان جي ايذاءَ جو.
هليو سنگُ سلام تي، اُتان ميرن تائين،
جماليءَ جي جنگ جو، قصو چوريائين:
مگسيءَ هُت مارو ڪينِ، هڻي هنڌائين،
مان وٽ مِڙي آئيا، دانهن وٺي دانهين،
ماڳ چڙهي مائِين، آءٌ دانَهه ويندس ديس تي.
قبلا! اڄ اوهان کون، ٿو مير! گهران موڪل،
نيئي جهنڊا نيشان سڀ، جُهلايان منجهه ’جهَلَ‘،
گهوڙا منجهه گهٽين جي، ڪُڏيان ڪونتل،
جيئن ڪري ڪڙمي دَل، سا پَرِ مگسيءَ سان ڪندس.
سمجهي وڃج سيال تي، مِيرن پايَس پَلَ،
وَسَ کون جنگ نه وارجي، سي ٻَنِ خوفَ خلل،
هنئين کون اولاريو، ڪثر اها ڳالهه عقل،
مرد، سڃاڻي مهل، جي کيڏي راند کَٽِي اچن.
مِير ڏنو هو ميهڻو، ڪر ياد سخن يڪبار،
چيو هو چرچي ۾، سو ورنهه ڪين وسار،
جا هڻندس هُت ترار، سا هِت ڳوٺ اچي ڳالهيون ڪندس.
(شير محمد خان چيو) منهنجو ميرَ اوهان سان، قبلا آهه ڪلام،
جاري ڪندس جنگ جو، سڀاڻي سرانجام،
ڪڏهن مُڙندس ڪينڪي، هڻندس تيغ تمام،
باقبائل بند ڪندس، مگسيءَ کي به مدام،
دانَهه وجهي دام، آڻيان پيش اوهان جي.
باندي هِت بَٺيءَ تي، مَر ڍوئِن ڪاٺيون گاهه،
اِئين ڪيم ته واه، نه ته مان کي مير! نه مڃجو.
موڪل ميرن کون ڪري، جان اُٿيو اڻ گِيلُ،
سڏو صبح جو ڪري، مانجهيءَ ڪيو مِيلُ،
لشڪر آيو لاڙَ جو، ٻڌي دِيم دليل،
تنهن دم ترت تريلُ، چڙهيو اَرڏو آلادين جان.
جيئن دُولهه دودي راوَ تي، چاڙهيو چنيسر،
هليو حيدرآباد کان، ڪانَ ڀڃي ڪيبر،
وڃي نڪتا ويڙهه جا، دماما ڏهون در،
اُسهيو اَلاهرَ، اَلغرضو اقبال سان.
ڪري ڪارونڀار، سارنگ جيان سنڀري هليو،
ٿيو کڙو روٿَ کِنوڻ سان، بادلُ چاڙهي بار،
پَهري پاونگ تي چڙهيو، جُنگ جنگي جنسار،
دُرس ڪري ڌڌڪار، لٿو دانَهه ديوُ درياءَ تي.
پُور لنگهائيندي پاتڻي، ماندا ٿيا به ملاح،
ٻه ٽي ٻيڙيون گڏ ٿيون، وهڻ لنگهائڻ واهَه،
وهن مٿانهون وِير جي، تائين سنجهه صباح،
پوءِ ڍَلمِي تؤن درياهه، لشڪر سڀ لنگهي پيا.
ساڻ کنيا ها سارڌو، سڀ سيڌا ۽ سامانَ،
رِنگندا وڃن راهه سان، گَلن جا گهمسانَ،
ريشم رُپي سون جي، ڪمِي هُيڙن ڪانَه،
مانجهي منجهه ميدانَ، هڪ لحظي منجهه لهي پون.
بورَ ٽپائِن بَرَ تي، سِر واڳان ساهيو،
دُنگَ جنين جي دست ۾، پِيئن مُنهن لايو،
وٺن هرڻ هٿن سان، ڦيري ڦاسايو،
ڪونڌَ وڃن ڪاهيو، ماڳ ڪپيندا منزلون.
جهُلي جهانگارن ۾، ڪُل ڪٽڪ آيا،
رِندَ ڪناري روهه جي، هئا هردم همسايا،
سرس ڪري سعيا، اُت ڀِي جوان کنيائين جوهري.
جوان کنيائين جوهري، ڳوڌي ڏيئي ڳَنُ،
جنهن کي هُيڙو جان ۾، زهرُ اندر سان زنُ،
جوڙي ڪيائين جنگ جو، سڄو ئي سر تنُ،
دهوڙي دشمنُ، ذري ۾ ضايع ڪندس.
منزل منزل تي رکن، دانَههَ ڌنڌاگِيرَ،
اڳتون اُٺَ سامان جا، مهمايا مهميرَ،
وڃن ڪَرهه قطاريا، بودا منجهه بهيرَ،
آيا ساڻ اُڪيرَ، سرحد ڪاڇي سنڌ جي.
نَرَ کي ناري ڀَر تي، رند اچي پئي رات،
ماڻهو ملاقات تي، اچن ذات بذات،
ڪن مهمانيون ملوڪ جون، طرحين طرحين تات،
وَرنَهه وائي وات، مُور نه مگسيءَ کي ڇڏيان!
مُور نه مگسيءَ کي ڇڏيان، ڪنهن کي ڪندو ڪُوڪَ؟
ماڻهو اُنهيءَ حد جا، مليا ساڻ ملَوڪَ،
خبر جنگ بنگاهه جي، هر جا پِئڙي هُوڪَ،
ريڍرُ، رندستان جِي، ڇا جهليندو ڦوڪَ،
جڏهن ڏيندس باهه بَندوقَ، تڏهن روهه رَيون ڪندو.
ڪري جمالي چوچرو، راتيان ۽ ڏينهان،
جن جا جهيڙي وَرَ جهلي وڌا، سي رڙيون ڪن رِيهان،
درد تنين جي دل تي، پلپل ڏي پِيهان،
ڪُوڪ ڪريو ڪِيهان، ٿا ڇورَن هِنيانوَ ڇڄيو پون.
شيرمحمد شور وجهي، چٽو هيئن چيوس،
دهوڙي دشمن کي، مُدعي ماريندوس،
ڳارو وجهي ڳچيءَ ۾، آءٌ ڀي آڻيندوس،
نال وٺي نيندوس، جاٿون قول ڪري هليس.
ٿوري گهڻي ڏينهڙي، آيو ڪَهِي منجهه ڳوٺ،
جيڏي جماليءَ ڪئي، سورهيه سان سهوٽَ،
هل ته هِتون ئي هلون، چڙهه اُٿي ڏي چوٽَ،
ڪاهه قلعي منجهه ڪوَٽ، ڀِيڙ ته ڀيليون ’جهل‘ کي.
جي سَڏُ ڀائِي اٿم سنگتي، سي ميڙيان ڪريان گڏ،
ننڊ تنهين کي ناهه ڪا، هِنيون جنهن جو هڏ،
هڪل هاڙن کي ڪري، سڀني ڪندس سڏ،
ٽاڻِ ڀڃندس ٽَڏ، جنهن زوراور زور ڪيو.
اِتي خبر امير کي، سُڌ پئي ساري،
تنهن مَڳ مگسين کي چيو، چڙهي ٿيو چاري،
اُڙد ڏسي اُٿلي اچو، پوءِ ڪريو پوئواري،
تَنِ ڪئي تياري، هلو ته ڏِيلُ ڏسي اچون.
تازين ڇڪي تَنگَ، جُنگ هليا جاسوس ٿي،
ويجها ويرين کي ٿيا، ڪُڏائي به ڪُهنگ،
ڏيهان ڏور رهيا، دانَههَ مَٿي دَنگ،
راوت وقت رات جي، چاري ٿيا چورنگ،
سي مَڳ موٽيا پوئتي، اُڙدَ ڏسي اڙٻنگ،
اچي لٿا اَورنگ، وِيرَ وڏيري جي اڳيون.
ويهي وڏيري سامهون، هُن جو ڏنائون حال،
بيحد آهه بلوچ سان، باري اُڙد بحال،
اڃا ٿو اڳتي وڃي، خانِي رکيو خيال،
نڄاڻي ڪاٿون اچي، ڦِري سو في الحال،
نيٺ ته ايندو جنگ تي، جنهن ميڙيو آهه محال،
اُڙدَ اهي احوال، ٻهڳڻ! ٻُڌ ٻنهي ڪَنين.
پَهه ڪيو پاڻ ۾، مردَ اڳيون مگسين،
جيڪي هليا جنگ تي، آخر نيٺ اچن،
منهن ڏينداسين مامري، سامهون سيالن،
ڀري جامَ شراب جا، تُرت پياريو تن،
ڏسندي کيڏ کڻن، اٿئي سوڀان هٿ ستار جي.
ڀَڙَ چيو ڀائُن کي، اَرڏي احمد خانَ،
اوهان جي انصاف جي، ڪمي آهي ڪانهَ،
هُنَ ڀي ٻه ٽي ٻروچن جا، گڏ ڪيا تُمانَ،
هيڪڙائي هاديءَ جي، آ ٻئي کي طاقت ڪانَه،
اسين به آڻيون وٺي ڪي، ڪيهر جُنگ جوانَ،
رازُ جنين رحمان، سوڀ تنين کي سامهين.
چڙهي وڃ چانڊيي ڏي، اَٿِي دَنگَ ڀائِي دِهدار،
جنهن جا ڀائر جوهري، بَڙا بيشمار،
قابل سو ڪاڇي ڌڻي، سورهيه آ سردار،
دهڪو دشمن کي پوي، ڏُور ٻُڌي ڏهڪار،
ٿيءُ تُريلا تيار، وڃ وڏيري وِير ڏي.
قابل ڪاڇي ڌڻي آ، ولي محمد واهَ،
منهنجي ڀِي مرضي هئي، پر ڪهڙي ڏيو صلاح،
پُٽ ڀائٽو احمد خان جا، ها مرد مثل جئن ماهه،
مينهان ملوڪ هو، ڪوپو ساڻ ڪماهه،
ٻيو غازي گهرام هو، بانڪو بيپرواهه،
تان ڀِي تياري ڪري، اُٿيا علي الصباح،
دنگُ لنگهي داناهه، وڃي دُولهه ديري ۾ لٿا.
گَنوَ سين گڏيا پاڻ ۾، فائق سان فرحت،
ڏين تعظيمون تن کي، روح گڏين راحت،
تان ڀِي تواضح ۾ ٿيا، خان اڳيون خدمت،
مردن ڪئي محبت، ويهي وڏيرن پاڻ ۾.
خبر خانن کون پُڇي، هو دانَههَ جو دستور،
چي، سائين! جماليءَ جي جنگ جو، معلوم اٿئي مذڪور،
چاڙهي آيو رندَ کي، سور ٻڌائي سُور،
ميڙيو مڙني کي اچي، ڪي پاڙا جمهور،
پيم اندر ۾ پور، ته وڃان دانهن وٺي داناهه کي.
ارڏن کي ائين چيو، مانجهي شير مَٿيرَ،
ابا! رکُ الله تي، ڪر وڏي دل دلير،
هوڏانهن حيدرآباد هجي، هوڏانهن جيسلمير،
هوڏانهن حد قلات جي، مر گڏ ڪري گجمير،
هڻنداسونس ٻنهي هٿين، شوق منجهون شمشير،
اٿم اميد الله ۾، ڏيندم سوڀ سوير،
پويان ڏيئي پير، ويندو ڪين وٿاڻ تي.
آياسين آس ڪري، وڏيرا تو وٽ،
ابا، ڪر اسان مٿون، سورهيه سِرَ جي سَٽ،
چوڪنڊ ويرِيءَ ويڙهيو، ڪونه ڀانيون سي گهٽ،
ڍوليا، هل تون ڍَٽ، مومل مِهڻي هاب اٿئي!
(وڏيري ولي محمد چيو) منهنجو آهه اوهان سان، ابا قسم قول قرآن،
مَرُ جيڪي ميڙيون اچن، آدم ڇا حيوانَ،
ڪنهن کون ڊڄان ڪين ڪي، توڻي هجن تُمانَ،
’جهَلَ‘ ته منهنجي ماءُ آهه، ڄاڻي هڪ سبحانَ،
ڇڏي مادر مانَ، پُٽ ويهن ڪيئن پوئتي!
سڏايو صوبن کي، ماڻهو مُنجي ميرَ،
وڃو وڏيرن سان چڙهي، مٿي جنگ مُنيرَ،
’ڪُنڍو‘ ڪيهر شينهن هو، پٽ ولي محمد ويرَ،
ڏيئي چوٽ چڙهي هليو، حاضر ساڻ حميرَ،
جڏهن ڀانيون جنگ جي، سوڙهي اچي سِير،
ڏاهي مون کي ڏاهه ڏئي، هلي وانگي هِيرَ،
آءٌ ڀِي جلد امير، ڄاڻ اوهان وٽ آئيس.
چڙهيا لشڪر چانڊڪا، ’ڪُنڍي‘ سان ڪَرڳل،
رات پئي هُئن وچ تي، ٿاڻا ڏين ٿرٿلَ،
چانڊيا مگسي پاڻ ۾، محڪم گڏيا مَلَ،
اڙٻنگ شير اچي لٿا، جهُلي رسيا منجهه جهَلَ،
ٻڌي هاڪ هڪلَ، مَرُ دهڪو دشمن کي پوي.
وڃي پئي ورنَهه جِي، پاندي ڪن پچارَ،
لشڪر آيو چانڊڪو، گَجِي منجهه غبارَ،
حد وٺيو هاڙهو گهمن، چوڪُنڊ چوڪيدار،
هيڏانهن هوڏانهن خابرو، ڪَلَ رکن ڪلدار،
ٻول ٻڌائون ٻيهار، ٿيا قولين ’قادر بخش‘ چئي.
شير چڙهي ويو ’شَهولِي‘ ميڙَ طريقي مَلُ،
پيش پيو پرڌان جي، دانَههُ دوڙي دَلُ:
(شهوليءَ رند کي چيو) صلح صلاحت خير جو، عاقل کي به عقلُ،
ڇڏ تون جنگ جنجل، مهلت ٻارنهن ماهه ڏي.
(رند چيو) چار مهينا مهت ٿِي، آگهيو تنهنجو عرض،
ڇو وڙهو، ڇاڪاڻ ڳرو، ناهه اوهان جو غرض،
اڳيون پويون قرض، ڪُل اُڳاڙيان مگسيءَ کون.
شير محمد شير جئن، گَنوَ ڪئي گفتار،
يار ٻڌو سڀ يارَ، هيءَ جا ڳالهه ڳڻي اسان.
جيڪر هتون ئي هلون، بُڙدن ڏي بيشڪ،
ڪڏهن هلندي ڪين ڪي، چانڊيي جي چَڪ مَڪ،
وڃي ٿيندو ڪڪ، مَرُ جان ميل ڀَڄي وڃي.
هو وَرنهه ويجهو ’جهَل‘ کي ويڙو مرد مُڙي،
پانؤ پاساهون چڙهي، هليو رِند رڙهي،
ساري رات صبح تائين، رندَ جِي فوج آڙهي،
پوءِ لائق شير لڙي، وڃي ڪونڌ لٿو ڪنڌ ڪوٽ ۾.
ڪونڌ لهِي ڪنڌ ڪوٽ ۾، ماڳِي ٿيا مهمان،
بانڪن بُڙدين جا هئا، انهيءَ هنڌ وٿاڻ،
مانجهي ملڪن جا ڌڻي، پارس پهلوان،
تائي جي تلوار جا، ساڻ کنيائون سرواڻ،
جڏهن ٿيا به پرياڻ، روٿَ ويندا رَڻَ سامهون.
(چانڊين چيو) خرچ خزاني خورش جي، ناهه ڪا پرواهه،
کائن لشڪر لاڏڪا، ويهي ماهه بماهه،
جتي خرچ کُٽي وڃي، اُٺ اَٽن جا ٽاهه،
بڙدين مال متاع، آهن سڀ اسانهنجا.
ڏينهن ٻه – ٽي ويهي رهيو، ٿاڻُ ڪري ٿاڻو،
چانڊيو ويهي ڪڪ ٿيو، اڪثر اهڃاڻو:
مانيون کائون مفت جون، ناحق ڏيو داڻو،
راز ڇڏيو راڻو، ٿو موڪل مگسيءَ کون گهري.
هِي سو آيو ڪينڪي، ويڙو پنڌ پري،
سانگ چرڻ ويو سڦرو، مالن ڀاڻ ڀري،
اڳي پوءِ ايندو اُتي، جو آيو ڪاهه ڪري،
مَرُجان گاهه چري، ’مَمَل‘ ۽ ’روجهاڻ‘ جا.
هاڻي موڪل ٿا گهرون، دل کون ڏي داناهه،
جنهن دم اچي جود مان، ڏاهِي ڏئي ڏاهه،
اينداسين اسين چڙهي، رَمِي راتو واهه،
اٿئي سوڀان وس الله، ڏاتيون وَس ڏاتار جي.
اهو سخن ستار ڏني، چيو چولياڻِي،
ٻيو ٻِٽُ تنهين سان ٻيل هو، خيالي قنبراڻِي،
دائود خان دلير هو، ٻهڳڻ ٻٻراڻِي،
احمد خان اول جهنڊو، مُهڙ ماڻائي،
ٽلو ٽري ڪينڪي، جيئن پِيل ڪري پاڻي،
جنگ مُهرا ’جنگ دوست‘ جا، اڙٻنگ آرياڻِي،
وتن پٺيءَ ويڙهه جي، کنيو کانڀاڻِي،
ڇا ڪبي ڪهاڻي، انهن جي انصاف جي.
اها ڳالهه ڳڻي ڪري، پرسن هيئن پهِي،
هرڪو جُنگ جاڳاهه ويو، راتيون تت رهي،
ڪودم دولهه دير ٿي، ويندو لُڙ لهي،
ڪُنڍو خان ڪهِي، ديري آيو دير سان.
ڏاهپ ڪري ڏانءُ، دَنگ لنگهي دُور ويو،
لڙي ها ته لڙي چڪي ها، هو ويجهو گنوَ جو گانءُ،
هن کي ٻين ٻروچن جو، گيرب هيڙو گِرانءُ.
تنهن جو ٻڌي نانءُ، اڃا ته مرد مُڙي ويو.
خبر سڻائي خابرو، چونڪِي سان چالاڪ،
ٻڌائن ٻنهيءَ کي، هاڙهو سان هوشناڪ،
منهنجا سواري هيٺ هئا، باقي جا بوراق،
پُڄي پرڌانن کي، ڏهاڙيون پئي ڏاڪ،
هئي جنين جي هاڪ، سي چانڊيا ڪالهه چڙهي ويا.
خبر پئي تنهن خانَ کي، ويا جوان چڙهي جائِي،
ٻهڳڻ تنهن ٻروچ جي، ٿي سورهيه سرهائي،
هاڻي مگسي هيڪلو، ويُس ڀَڄي ڀائي،
واتَ اٿس وائي، ته مور نه مگسيءَ کي ڇڏيان.
ٻهڳڻ ٻروچن کي، آندو رند تائين روجهاڻ،
فائق فلڪ نه ڪنهن تي، ڪانه ڪنهين جي ڪاڻ،
ڪري ڪُرنشون تن سان، جن سان روح رهاڻ،
ماڳ هلي سا ماڻ، جا ’جهَلَ‘ ڏيهي جاگير ٿي.
سڀني سردارن ڏي، ماڻهو مُڪائين،
ملي آيا ميل ٿي، جوان چڙهي جائين،
ساڻ هلو سائين، ٿيو مير! اسان جا مادتُو.
ٻول ٻڌائون پاڻ ۾، عهد رهيو اقرار،
مرجان ميل ڀڄي وڃن، ديري مون دهدار،
مٿئون مگسيءَ جي پئون، اُت ڪري الغار،
هرڻ چڙهي پَٽ تي، هڻو سندي شوق شڪار،
هٿ نه ڀرجي رت ۾، هڻو سڀ هٿيار،
ويهو ڀاڱو وار، هوند نه اچي هڪڙي کي.
جائي ڏينهن ٻه ٽي رهِي، هرڪو ٿيو حيران،
آهنجا اُڙدن کي ڏين، سڀ سيڌا ۽ سامان،
مٿو ماڻهن جي ڦري، ڏيندي آب و نان،
ماڳ ٿيو مهمان، ڏاتي پٽ غلام عليءَ جو.
فوجون ڦيرائي ڪري، آندا اُڙد امير،
ڏاتو پٽ غلام عليءَ جو، بڙدي بلند بهير،
خبر کاڻوٽي جي ٻڌي، ولي محمد وير،
ترت ڪيو تدبير، من ڪو پڳهه پڄي پوي.
ويهي وڏيري کي، چانڊين هيئن چيو،
ڪاڏي حيدرآباد ٿي، ڪاٿون پنڌ پيو،
ڪڏهاڪون مگسيءَ سان، وڃي واه وڙهيو،
ترسيو آهه تو کون، تڏهن رند رهيو،
جنهن سو قول ڪيو، ڪڏهن مُڙندو ڪينڪي.
منهن مُهاندر ڪهڙي، پانوَ پائيو پير،
هاڙهي هيس هڪجهڙو، مصري خان مٿير،
مڃي منٿ مُڙي وڃي، ڇڏي جنگ ڇڳير،
خاصو آهي خير، بهتر جنگ بنگاهه کون.
اچڻ وڃڻ جي واٽ آهه، بڙدين ساڻ ڀلي،
آهن عذر انهن جا، ڏيون هلون ته هلي،
هي ڀِي لٿل اتهين، ڪٽڪ ساڻ ڪلي،
سائل ٿي سندايون، عرض ڪيو عقلي،
ڇڏي ڇوهه ڇلي، مَنَ مڃِي منٿ مُڙي وڃي.
فائق فاتح ڪاڻ چڙهيو، ساڻ ٿورن سوارن،
ساڻس صوبا ڪيترا، سرڪش سردارن،
رس رکيا هئا پاڻ ۾، گهوڙن ۽ مهرن،
بانڪا منجهه بڙدن، اچي جُنگ لٿا ”جويو“ چئي.
جُنگ لٿا تنهن جاءِ تي، عاقلَ اوتاري،
ماڳين مهمانن کي، ٿيا خوش ٿي کيڪاري،
اڳيون اُڙدَ لٿل هئا، شهرون پساري،
سڀ عذر ساري، فهيدي فاتاح ڪئي.
ماڳهين مهمانن جي، ڪن خاصي خذمت خاص،
ناهه بکيو نغن جو، آيو وٺڻ واس،
ڏسي اُڙد امير جا، هرڪنهن ٿئي هيراس،
پر منجهه تائين پڌرو، رند مثل راڪاس،
مانيون چانور ماس، گهوٽن تت گهڻا ڪيا.
گَنوَ کي گڏجڻ گانءُ ۾، رند نه آيو رات،
ٿيو وهم وڏيري کي، گهڻو عجب لڳس اثبات،
جيءُ ته پنهنجي جيءَ کي، چڱيءَ طرح آهه تات،
جي مرد رکن مرجات، سي سرندي ٽرن سارڌو.
اٿي اوڏانهين هليا، ساجهر ساڻ صبوح،
گَنوَ سين گڏيا پاڻ ۾، ويهي ڪن ورونهه،
شرم ڌڻي تون شيرمحمد، رنج ڪڍج مون روح،
لهس ڦٽي ڪر لُوهه، ڇو هلان هيڻن تي ڪرين.
تون ٻهڳڻ ٻروچن ۾، جيئن چوڏهينءَ جو چنڊ،
سونهين سڀنيءَ وچ ۾، جيئن کير گڏجي کنڊ،
گوڙ ڦٽي ڪر گَنڊ، ڇو هلان هيڻن تي ڪرين.
سڀ گگيلا تنهنجي، آهن منجهه اَمر،
هڪ مگسي آهه هيڪڙو، ٻي واهه نه ٿس واهر،
منهنجا قسم ٻروچ سان، آهن ٻولَ ٻَڌل ٻيهر،
ڇڏ ته پاڻ ڇڏائيان، ڪنهن حرفت ساڻ هنر،
هو جي ڏوهن کان ڏمر، هن باندن تي بخشيش ٿي.
غلام محمد گوڙ ڏئي، ڪيو گوڌي هيءُ ڳالههءُ،
ادا ولي محمد وچ ۾، تون اسان جي نه پُئه،
اسين مگسي پاڻ ۾، مرڌاڻي ڪيو ڊءُ،
اسين ادا تنهنجا، تون چڱيءَ طرح سان چئُه،
مَٽ وڏيرو شيرمحمد، واڌو ناهه جئُه،
تيز ڪرين ٿو تَئُه، تون رند وٺي هن راهه سان1
ورائي ورندي ڏني، جماليءَ جواب،
تون آهين چانڊيو اهڙو، ناهي ڪنهن جو باب،
ايندءِ شيرمحمد شتاب، ته سڀ ديري وڃي دانهون ڪندو.
(محرم چيو) زور وڌو ٿَئِي زيادتي، ڏس اُڙد عميق،
ٻيا ڀي آڻي ايترا، گڏج ساڻ رفيق،
دَرَ دَرَ مٿي ميڙيون، شامل ڪئي شريڪ،
جڏهن مگسي هو هيڪلو، تڏهن ڪرين ها توفيق،
آندءِ رند بادشاهه کي، ڪري ڳالهه وڌيڪ،
تڏهن وهندءِ...، جڏهن ايندءِ مهڙدار محرم جو.
چڙهي ويئي رند کي، ڪاوڙ ڪاپاري،
تون آهين آمڙ گاهه جو، مگسيءَ سر باري،
وڃي گڏج پيءُ سان، متان پوءِ ٿئين مياري،
جلدي ايندس ’جهل‘ تي، بار کڻي باري،
دائود خان، ٽلو خان، ڪئي گويا هي گفتاري،
ڇڏ وڏيرا ڇوهه ڇنڊي، سر هلي تان هاڙي،
جنهن ڏني آهه ڏاڙهي، سو پلڪ نه رهندو پوئتي.
آين ڪاوڙ قهر جي، قيري رمز رندن،
هنيائون حملو ڪري، هٿن تي هٿيار،
دستين بندوقون کنيون، چاهه منجهان چانڊين،
وچون پئي بڙدين، هو ڇني هوڏي ڪيا.
مهمانن سان مامرو، ناهي رسم رندن،
جنگ نه جڳائي تن سان، جي پيهي اڱڻ اچن،
ساڻ تڏي آين، هوت نه گهرجي هيتري.
اَٿَئِي سوڀان هٿ ستار جي، گهڻي ٿوري ناهي،
ڏسي اُڙد اوڀاروان، تون ٿو بانور ڀائين،
سر تنين تون صدقي ٿيا، جنين جيءَ تائين،
جڏهن آياسون جائين، ته واه جا جنگ مزو ڪندي.
اسهيو الاهر ٿي، دولهه چاڙهي دم،
گَنوَ سان نڪتا گام مون، بُڙدن وڏو بم،
وري وڃون پوئتي، ماڳين ٿيون محڪم،
گهڻن ٿورن سان مرڻ، اهو آهه اسان جو ڪم،
هوندو جيئن حڪم، تنهن مان لِک نه لهندي هڪڙي.
ارڏي احمد خان کي، نيئي چارڻ چِتايو،
چانڊيي چوٽ اُتي ڏنيس، پر بڙدن بچايو،
ڄاڻ ته جهُلي ’جهل‘ تي، اڄ سڀان آيو،
سَنبري ڪر سعيو، مگسي ننڊ متان ڪرين.
وري وڏيرو آئيو، جاڳهه پنهنجيءَ جاءِ،
مان جي ٻول ٻروچ سان، ويهي قول ڪياءِ،
اٿم اميد الله ۾، پوءِ ڏيندوسانس پاءِ،
يارو جيڪا راءِ سا ڀلي ٻڌايو، ڀائرو.
(احمد خان چيو) راءِ ته آهي جنگ جي، ٻي چئون ڪيهي،
ڪالهه ڪيائون قول تو، ورنَهه جي ويهي،
نيٺ هلندين هن هنڌان، هي ديش ڇڏي ديهي،
جيهي آهي تيهي، بيهي سر نباهيون.
(احمد خان چيو) راءِ ته آهي جنگ جي، چوَن مرڪڻ مورَ،
ويريءَ ساڻ وڙهڻ ۾، ڪهڙي ڪَسَ ۽ ڪورَ،
هڻنداسون ٻنهي هٿين، زخمان منجهون زورَ،
دل وڏا ڏي دَونر، اَٿئي سوڀان هٿ ستار جي.
(شهوليءَ چيو) اٿوَ ڀاري اُڙد بلوچ سان، ڏاڍي روح اريڙ،
جنهن کي طلب ترار جي، سانگ هليو سانگهيڙ،
هڪڙي صباح اڳي ڪيو، پوءِ هلو سر ويڙهه،
ماڳ سنباهي ميڙ، ڪنهن ڏياري ڏهيءَ کي مُنجئون.
(ولي محمد چيو) ڪُل پِيرن ۾ پڌرو، آهه پارس منهنجو پِير،
اوکيءَ منجهه اچي ڪري، واهر ڪندو وِير،
جو رانول راڻيپور ۾، آهه دولهه دستگير،
الهه بخش ڇتاڻي، امير، اڙهي مڪائين محبوب ڏي.
هن حقيقت حال جي، وڃي ڪر دانهن مٿي درگاهه،
پِيرَ ڪِري پيرن تي، پهريون گهُر پناهه،
رندُ مگسيءَ تي ٿو وڃي، ڪاهيو ڪاهه بڪاهه،
آئي آهي اهنجي، سختي مٿئون سر آهه،
سيد! پهچ سگهو رس، والي ڪر ڪا واهه،
وڃ تنهين ڏي ميڙ ٿي، ارڏا لڳ الله،
سهڻا ’صالح شاهه‘، ٻهڳڻ اچي ٻيلهه ٿي.
عاجزَ ٿي عليل، وڃي دانهن ڪئي درگاهه ۾:
مرشد وڃ تون ميڙ ٿي، جانب لڳ جليل،
ظاهر باطن زور جي، ڪر ڪا واهه وسيل،
ٻيو ڪو ناهه دليل، تو ريءَ ترهو تار ۾.
ديس توڻي پرديس ۾، هِنِ دولهه جا ڌاڪا،
سَڏيو سَڏ اچي ڏئي، ورائي واڪا،
اڳيون ميرَ مطيع سڀ، ٻي ڇا آهي ڇا ڪا،
جنهن مڃيو ناهه محبوب کي، ٽوڙي تنهن ٽاڪا،
ڏائڻ جا ڏاڪا، چارئي ڀڃي چوڙ کون.
سنڌ جا محبوب جي، صاحب سينگاري،
وڄي طبل وليءَ سندو، چوڪنڊ چوڌاري،
نِوَن اڳيون نَرَ جي، سنڌ ڪڇي ناڙي،
لکين فيض لهيو وڃن، جي اچن آزاري،
ٿي تڏهن تياري، سيد جي سانباهه جي.
چڙهيوشاهنشاهه، عاصين کي آڌار ٿي،
باندين بند خلاص ٿي، معافي ڏوهه گناهه،
مڙي جماعت پِير جي، فائق جو فقراهه،
سو نَرُ ناڙي تي هليو، دَونري ڪري درياهه،
هن جو ڏس تنبوءَ ۾، ميڙو منزلگاهه،
رند پڇائي راهه، اچي ڪامل لٿس ڪنڌ تي.
پيرَ کنيو هو پاڻ سان، سخي سو سهراب،
لغاري لائق ڀريو، ناميو نر نواب،
گهڻي کون به گهڻو ڏين، اچيو تنهن کي آب،
پهچايائون شتاب، تڏا کٽولا خان ڏي.
مچن مارڪن ۾، ڪن ٽڪر ٿا ٽوليون،
خزان ڪن خوشيءَ کون، ٻاروچيون ٻوليون،
مگسي هن ملڪ کون، لهندي ڳلين مون ڳوليون،
’جهل‘ ندر جهوليون، ٻڌندين هن ٻروچ جون.
پاسيرو تنهن پِير سان، اچي گڏيو منجهه غماز،
نڪو عجز نه عاجزي، نڪو نرت نياز،
صبر ٿيو سيد کي، ڪئي دولهه دل دراز،
روءِ ڪچهري راز، مڙيوئي معلوم ٿيس.
خبر پڇيائين پِيرَ کون، منهن ۾ وجهي مير،
(پِيرَ چيو) گهُرون خير خدا کون، دل ۾ اٿئون خير،
جي خير گهرندين خوش رهندين، ڪونه جوهيندءِ ڪير،
مُڙي وڃ مگسيءَ کون، بخش اسان کي وير،
ڪاهه نه ڪمزورن تي ڪجي، اهڙو ڪين انڌير،
ڪر ڀلائي ڀير، ته مان مُهتُ لهي موٽي وڃان.
(شير محمد چيو) نڪي مُڙان، مگسيءَ کون، نڪي ڪندس خير،
هي چرچا ٿو چانڊيو ڪري، سو ٿيندو آهي ڪير؟
اول سمجهي ها ڳالهه کي، پوءِ وجهي ها پير،
جايون جوڙايان ’جهلَ‘ ۾، ڍونڍ ڪريان تنهن ڍير،
ڪيئن ڪريان وير اَوير، نيڻين ننڊ حرام آهه.
پلپل پور پون، روز چڪن ٿا چاڪ،
ڌرتي ۽ اُڀ ٿو سڻي، وسي ڏنهه نه افلاڪ،
جنهن اوجهه ڏاڪيو آهه ڏاڪ، تنهن جو لاهيان ور ترار سان.
(پِيرَ چيو، اَبا) جنهن جي وَرُ ترار کي، سا ٿيندي ڪين سنئين،
سگهڙ سيد فقير کي، موٽايو نه ڪنهين،
ناحق اُڙد نِئين، ٿو کپائين کاڻ ۾.
(شير محمد چيو) پِيرَ اسان کي پانهنجا، سَڏَ سان ٿين ساڻي،
ڏسندين خلق خداءِ جي، ڀيليا ڀوتاڻي،
چڙهي تنهن چانڊيي جي، گهائيندس گهاڻي،
جڏهن پرٽياڪ رڪ پاڻي تڏهن کاڻ به ويندءِ خاڪ ٿي.
موج آئي ’مهراڻ‘ کي، ڪيائين ڪنڌيءَ تي ڪاهه،
ڏيئي ڀيڙ ڀڃون وجهي، ڌوڌو منجهه درياهه،
آيو جذب جيلانيءَ کي، شوريو شاهنشاهه:
ڇا سمجهيو ٿَئِي، رندڙا! ڇا ڏيکارين ٿو ڏاهه،
تون آهين مثل گاهه، اٿئي چانڊيي ڏاٽو هٿ ۾.
اٿئي چانڊيي ڏاٽو هٿ ۾، لاهي ڪندءِ لاب،
وڃين ته ويڙهه ڪري ڏس، ته وٺين هڪ حساب،
سَٽي وجهندءِ سامهون، تيرَ رکندءِ تاب،
ٿيندين نئين بُهه هاب، مُڙي منافق ڪينڪي.
ٿو تڪڙا پوين تنگ، اجها ٿي پيش اچئي،
مُنڍئون ئي منڍجي وئي، تنهنجي تيغ تفنگ،
جاٿي ڪندين جنگ، کٽندين ڪينڪي.
اُسهيو الاهر ٿي، نَرُ ڪري نعرو،
پارس موٽيو پوئتي، سيد سونهارو،
چوايائين الهه بخش (ڇتاڻيءَ) ڏي، سڀ قصو سارو،
ڪيو عالم امارو، دُرَ ورتيون ٿي دعوتون.
دُرَ ورتون ٿي دعوتون، نيڪ ته جاءِ نشين،
جلوو جيلانيءَ سندو، وڏي رنگ رنگين،
سوين سائل سيڪڙا، دنيا ڪارڻ دين،
مطلب مڙنيءَ جا ٿيا، ماڻهو جي مسڪين،
خاوند خبر ۾ ڏيئي، پهريندين پرين:
معاملو مگسيءَ کون، ڪڏهن کٽندو ڪين،
اهوسوال امين، اسان دُرس گهريو درگاهه مون.
خوش وزيرو خان ٿيو، شاد گهڻيرو شاد،
منهنجو تنهن مرشد تي، اصلون آهه اعتقاد،
چئي پيو چانڊين کي، ٿيو مدعي ماد،
الله ڪئي امداد، سڀ اوهان کي سامهون.
چڙهيا تنبو جي شهر مان، اُڙد ڪري ادراٽ،
لشڪر ليکو ناهه ڪو، جيئن ماڪڙ جا ميلاٽ،
وڄن نغارا ويڙهه جا، ڪيون ڪنواٽن ڪڻواٽ،
ٿيو سوگهو سج رئي ۾، لٽيو منجهه لڙاٽ،
واه وڌائون واٽ، ويا ملڪ منجهارون خانڪي.
هاڻي ’شورڻ‘ نه هلون، جيتر ڪيون ديکا ديک،
مهڙ مگسيءَ کي ڏسون، مُر رُڪ گڏجي ريک،
بيهي ڪِي ڀڄي وڃي، جڏهن ٿئي ترارن تيک،
محڪم کوڙي ميک، نئين ڀاڳهَه پنجڪ ۾ هڻون.
ڪاهي آيا ڪوٽڙي، لوڏ ڪري لشڪر،
ويجهي ڇانو ڇپر جِي، ڏسجن پيا ڏونگر،
ناميا ڀر نغور جي، ٽڪيا ساڻ ٽڪر،
آيا ’پاڇهه‘ شهر، منجهه ديهه ديناري.
گاجَ گَجِي جهُڙڪاج ڪِي، ’گاجڻ‘ جي مٿئون،
لٿاهون ’شادڻ‘ مون، جي يار هئا باقي،
سي ڀِي سنڀرائي کنيون، جي هئا بهادر باقي،
ڪاهي ڪانڌوريءَ ۾، اڄ ٿيون اوطاقي،
جيون پيا جاڪِي، ته مگسيءَ لڙ لاهي ڇڏيو.
سباڻي سهرا ٻڌي، گهوٽ چڙهيو گهوڙي،
مرد بيهو ميدان ۾، جنگ بيهو جوڙي،
وَسايو ويريءَ کي، خوب کَنا کوڙي،
ڳوٺ ڳڙائي نه ٿيو، ته منهن ويندو موڙي،
ٿيو ويجها وڪوڙي، ته مَرُ اکين ’جهَلَ‘ جهنڊا ڏسن.
وٺايو لشڪر جو، چهرو چهريدار،
جلب جتوئي جهوريا، جهيڙي جا جهونجهار،
رند، جمالي، عمراڻي، بُڙدي بيشمار،
گڙد، گبول،گاڏهي، ديناري دهدار،
ڪلفر، لاشر، کيڙي، قَدَ وَڏي ڪاپار،
لاشاري هئا لاڏڪا، جوڙ وڏي جنسار،
ٻارهن ٻروچن جا، تمن ٿيا تڪرار،
ليکو لشڪر جو ٿيو، ساڍا اٺ هزار،
جڏهن گڏجن گهوڙا پاڻ ۾، هانهُر ڪن هڻڪار،
بادل چاڙهيا بار، مورهه ڪاڇي مينهن جا.
ساز وڄن ٿا سُرندڙا، رنگ لايو شعرن،
ساز کڙا ڪيا سارنگن، تارون طنبورن،
نادَ نفيلن نوبتن، ناز ڪيا نقرن،
ساز سنباهيو جنگ جا، ويلون ويل وڃن،
اڄ صبح اُڙدن، آئِي مند ميلاپ جِي.
اولاهو ٿي اُڀريو، ڪاري ويسَ ڪڪر،
ٿيو کڙو روٿ کنوڻ سان، باني ڏيئي بر،
وسندي ورچي ڪينڪي، سانوڻ مينهن سَپر،
جڏهن پيس ڏکڻ جو ڏر، تڏهن ڪڪر نه ڪڪريءَ کي گڏيو.
ڪاهيو ڪاهه ڪري، ساجهر آيا سٽهه تي،
پهڻ کنيائون پاڻ سان، جهوليون جهول ڀري،
اول جنگ اِها ڪريون، بِيهي پنڌ پري،
جنهن کي اچي جان ۾، ڪري زخم ذري،
جان پڻ مرد مري، جان وري ايندو ويجهڙو.
لنگهي پيام لغڙ، شوريا ڪاڻ شڪار جي،
بحريون باشن سان گڏيون، ڪاهن ٿيون ڪڙڪڙ،
ڪڙڪيا ڪانڌوريءَ تي، جوان وڏي سان جر،
ڇڏي ور وڪڙ، سڌا ٿيا ساڙيهه تي.
رات ته ’روهيلن‘، ۾ ديم لهي ديرو ڏنو،
ماڻهو ملڪ ڇڏي ڀڳا، مڙيا کان ميلن،
هڪ ديهه داڻو گاهه ٿي، بنا ٻِن ويلن،
تائين تنبن اُڙدن، کائي ملڪ خزان ڪيا.
عصر ويل کي ڪئي، تان ڀي تياري،
’جَهل‘ هتان اَٺ ڪوهه ٿَوَ، منزل موچاري،
پهر ڏينهن هلي پڄون، ڏيون ڏيکاري،
نيٺ هڪ واري، اڄ اَٿوَ ڏينهن مقابلو.
بيبيون آيون ميڙ ٿي، بالا سان برڪت،
سَتيون ساداتيون هيون، اعليٰ جن عزت،
قرب ڪرامت اڳريون، قوي سان قوت،
صاحب آيا سيگهه ۾، راحم سان رحمت،
مرسل مير مدد، ڪر عربي ڄامَ اسانهنجي.
آيا علي الصباح، ڪنهن هنڌ حاويليءَ لٿا،
پاڪ ته پهري پوش هئا، پهري منجهه پناهه،
آڻايائون ’ارغون‘ کي، جائي تنهن جا ڳاهه:
(بيبين چيو) ابا توتي شيرمحمد، سندي رب نگاهه،
مُڙي وڃ مگسيءَ کون، ڪَست ڦِٽي ڪر ڪاهه،
اڳ موٽايئه ميڙ کون، سهڻو ’صالح شاهه‘ ،
اسين به تو ڏي آئيون، وٺي اسم الله،
ڪر معافي ڏوهه گناهه، ڏي مهلت هن مصحف کي.
ڏي مهت هن مصحف کي، ته ٿيئه دعا نصيب،
چوين ته آڻي پيش وجهون، مگسي آهه غريب،
هي جي هت ڏسين ٿو، هلندو ڪونه قريب،
اڪثر سان عجيب، پوندو ڪم ڪريم سان.
(شير محمد چيو) نڪي مُڙان مگسيءَ کان، نڪي ميڙ مڃان،
اڄ آءٌ ڏينهن مقابلي، هرگز ڀون نه ڀڃان،
هڪ نه پڳي اٿم هيڪڙي، جا اٿم اميد اڃا،
پوءِ سو واهه وڃان، وڃي ’شورڻ‘ شڪاران ڪيا.
(بيبين چيو) جي جنگ نه ڇڏين جوان، ته ڪر چار مهينا دير،
فوجون ڦيرائي هتان، وڃ موٽي پوئين پير،
نيٺ ته هلبو اڳتي، هت نه رهندو ڪير،
مڃ تون منٿون ميڙ، ڏي ڪو مُهت مصحف کي.
عصر ويل اُٿي ڪري، سوارن وڌا سنج،
(شيرمحمد چيو) دعا ڪريو تان فتح ٿئي، ڏيندس گهڻا گنج،
ساعت سيڙائو ڪريان، توڻي رهو منجهه رنج،
سجهو تائين سنج، اڄ فوجن ٿيندو فيصلو.
بيبيون بيٺيون ئي رهيون، هن پڪڙيو هٿ لغام،
وڌئين پير رڪيب ۾، تڪڙ ساڻ تمام،
(بيبين چيو) ادا رند! اسانهنجو، ٻڌ هي قرب ڪلام،
وڃ ته وڍجين ويڙهه ۾، اڄ اَٿئي انجام،
سڀان پڄندين اُت وڃي، جاٿي ماڳ مقام،
آهه پاڻي اَنُ حرام، جيتر لاشو لنگهندي نه ڏسون!
وڃ ته وڙهيا ويڙهه ۾، ويٺا اَٿئي واسينگ،
هي جي گڏهه کنيئه گجرات جا، سي هڪ نه ڏيندءِ هينگ،
مهٽَ نه ’چانڊيي‘ جي جهلن، تنهنجا ڍڍر ڍينگ،
ڀيلي ڪندءِ ڀينگ، ساڙي باهه صفا ڪندءِ.
پاڪ ته موٽيا پوئتي، ڏاڍي ساڻ ڏمر،
وڃي ويٺا شاهه تي، قُبي ڏيئي دَرَ:
جڏهن لاشو لنگهي هتان، پارون هن شهر،
پوءِ لهي ڪا ڪَرَ، هلي حاويلين وڃون!
جنهن ڏينهن هليو سٽهه کان، داميو دلاور،
ڏاهِي هليو ڏاهه تي، صبح کان ساجهر،
اڏاڻو به عقاب جيئن، راهه وٺي رهبر،
بحري ڇَٽي بَرَ تي، لنگهي ’شاديهڙ‘،
شهر پِريون پرواز ڪيئين، پَرَ ساهيائين پر،
داخل ’ديري‘ ۾ ٿيو، جان گذريس هڪ پهر،
وڏيرو ويٺو هو، ڪونڌ ڪچهريءَ ڪر،
ايندو ڏٺائونس اوچتو، درس لنگهيو هو در،
دانهينءَ اچي دانهه ڪئي، اٿي شيرَ سنڀر،
جنهن جو ڏُور ٻڌو هوءِ ڏر، سو سِرَ تي آيو سارڌو
خاطيءَ کان خبرون پڇي، واتون وکاڻي،
ڪَههُ لشڪر ڪاٿي ڇڏيئه، آيو ڪنهن ٽاڻي،
ساجهر مليو سٽهه کان، لڏي پلاڻي،
مون کي هيڏي موڪليو، رقعو ڏيئي راڻي،
دير نه سهي دم سگهان، هل چڙهي هاڻي،
ساجهر سڀاڻي، اٿئي جائزو جنگ بنگاهه جو.
اُٿي خان کڙو ٿيو، ڪيو نغارو نَر،
وڳو نغارو ويڙهه جو، ڪئي دمامن ڌڌڪر،
پري وارا ڪين پڳا، لحظي ۾ لشڪر،
ٻَڌي خان خوشيءَ کان، سورهيه سيف سپر،
جنگي جُنگ زيور، جادم پهريا جان تي.
وڳو نغارو ويڙهه جو، عالم سڀ آيا،
سايون سُرخيون بيرقون، تن جهنڊن جهڙ لايا،
سڀني ڪيا سعيا، بانڪن دل بهار ٿي.
کنيا هٿ خداءَ تي، ولي محمد وِيرَ،
چڙهان تنهنجي آسري، قادر رب قدير،
مرشد منهنجا مادتُو، ڪامل قطب ڪبير،
پارس سهڻا پِيرَ،اچي ٻهڳڻ مون سان ٻيلهه ٿي.
چڙهيو ملهه مهم تي، هاتڪ پهري هول،
’شهوليءَ‘ منع ڪيس، ڏي نه اسان کي ڏول،
مٿو پهڻ سان هڻڻ، مغز ڀڄي منهن مول،
ٿو ساٿ ڏائين جمهوريا، ماڻڪ موتي ڏهول،
(ولي محمد وير چيو) ٻَڌل هِنِ ٻروچ سان، ٻهڳڻ منهنجا ٻول،
اسان سر اختيار ڪيو، ڪارڻ منجهه الول،
پارت غيبيءَ جي اَٿيئي، آهه تنهنجي واه وندول،
’ڪُنڍو‘ ڪَرَ موڙي چڙهيو، چنچل ڏيئي چپول:
(ڪنڍي چيو) پوءِ نه رهندس پيءُ کان، گڏجي ڏيندس گول،
شال منهنجا قول، قادر ڪوڙا نه ڪري.
چڙهيو ملهه مهم تي، قابل ڪئي ڪاهه،
اٿئي مدد منهنجي، شاهن سندا شاهه،
سنمک ٿيا وڃي سيال سان، البت لڳ الله،
تريون ٽپائن تيز مان، گهوڙن ڏيارين لاهه،
لٿا راتون واهه، وڃي شهر ته ’شاديهڙ‘ ۾.
اَرڏا اَجهاپو ڪري، اُٿيا هئا اڌ رات،
ڏيئي چوٽ چڙهي هليا ساجهر ٿي سنهاٽ،
سمند، سونهاري سرخا، گهوڙا ڀاتون ڀات،
پرهه ڦٽي پرڀات، جهاڳي آيا ’جهَلَ‘ ۾.
ٿيو جاري سر جنوب، جهڙ روٿ اظهار ٿيو،
تان وڄون ڪن تن سان، سهڻو سرنگ روپ،
وڄ کون وينگس سهڻو، منهن روشن محبوب،
آهه اُداسِي جنهن لئه، ”قادر بخش“ قلوب،
کيٽ پُنان خوش خوب، سڀ ساوا ٿي سرحال ٿيا.
اڱڻ آيم سپرين، ساريندي سي ئي،
جنهن جي ڪارڻ جيءَ ۾، هيم آڪنڊ اڳي ئي،
ٿيا ويجهو سارڻ کون، هئا پرين پري ئي،
هر سر صدقي ئي، گهر آين تان گهورجي.
اڄ ملي اچي مون، جنهن لئه جيءُ اداس،
ويٺي واٽ نهاريم، روح نه هو ڪنهن راس،
جانب آيم جوهري، جن ڏٺي ڏينهن ٿياس،
اچي ڪنهن اخلاص، مليا مشفق پاڻ ۾.
ملي مشفق پاڻ ۾، خوب ٿيا خوشحال،
وٺن ويٺا پاڻ ۾، ورنهه حال في الحال،
ڪيو قادر آ گهڻو، اسان جو اقبال،
مايا مڏي مال، گهورِن مٿؤن گهوٽ جي.
ماڳين مهمانن جون، تن ڪيون تلافيون،
لکين شعر لنگها چون، ڪي چون ڪافيون،
ملڪ پنا معافيون، تن آين کي امداد ٿيا.
چڙهي ويا چارڻ ڪاڻ، گهوڙا ڪاهي گهوٽ،
جوان بهادر جنگ جا، اَرڏا ڪونڌ اَموٽ،
مَڙدن منهن اچي ڪڍيا، چانڊين ٻڌي چوٽ،
سي مڳ موٽيا پوئتي، مڙد ڏسي اڻموٽ،
سندي رد رپوٽ، اچي جوانن جلديءَ سان ڪئي.
اُڀري سنج سنئون ٿيو، آيا فريادي،
ڪي ماني کائي خوش ٿيا، ڪن ويٺي کاڌي،
پاکر پشت پناهه ٿئي هر ويلي هادي،
دم بهاوالحق هادي، نعرو نر ڪري اٿيا.
چَيُن وڏيري چاءَ، ته چانڊيا گهوڙي نه چڙهون،
هرڪو پيادو ٿي هلي، توڻي شاهه گداءَ،
پيءُ نه ساري پٽ کي، پٽ نه ساري ماءَ،
مڙس نه ساري زال کي، ڀاءُ نه ساري ڀاءَ،
سيالَ اڳيون اَٿوَ سامهان، هلي لهو سڌ سماءَ،
ڏسي ترارن تاءَ، متان پوندي ڀِيڙ ڀڄي وڃو.
لهي ٻڌائون لاڏڪيون، بورقون بوراڪ،
قوائد ۾ قابو رهيا، انهن جا املاڪ،
جڏهن گهڙياسين گهر ۾، ڏس اسان جا ڏاڪ،
جيڪي ٿيو وس واڪ، مُڙون ته مهڻي هاب ٿيون.
جهُلي نڪتا ’جهل‘ مون، جهنڊا جهڙلائي،
چوٽ دمامن تي چڙهي، طبلن کون تائي،
مهاڄڻ مڙي هليو، پخالون پائي،
اڄ ته پنهنجي اُڙدن ڏيون، پاڻي پهچائي،
هندو هيبت نه ڊنا ٿيا، سُورهيه سر آئي،
ويا ورنهه واڌائي، سانگا لاهي سر جا.
نڪتا شير شهر مون، گَنوَ گڏجي غازي،
آڳانڊو اڙ جو ڪجي، بنائي بازي،
ايندو اُرهه سامهون، مر تِير ڪنس تازي،
دستين درازي، پوءِ ڪجو دلاور دوبدو.
گجي رعد گروڙ ڪئي، دمامين داناء،
ڪري مينهن لَسِي لهي، جيئن ٻائر ٻوڙ،
وٽجي وَرُ وجهي هليو، کنوڻن لامان کوڙ،
تنهن دم رسيا توڙ، هڪ واهي اڙ کان ويجهڙي.
اَهنيا ويس خوشيءَ سان، گَنوَ پهريا گهرام،
ڀاٽيو احمد خان جو، جنهن ڪيا ڪونڌ ڪلام،
اَرڏو جنگ امام ٿيو، ڇڪي لشڪر لام،
جتي تنهن گَنوَ گام، تتي ٻيا ڀي شير شتاب ٿيا.
احمد خان ائين چيو، هڻو گڏ ترار،
چانڊيا مگسي پاڻ ۾، ديم ٻڌو درڪار،
ولي محمد وِير چيو، متان ڏئي ڪو گار،
ڪين مڃيندس ڪار، اها ارڏا ڳالهه اوهان جي.
چانڊيو مگسيءَ کان ٿئي، ڇڄي ڌارو ڌار،
جي ڀڳو چانڊيو ڀيڙ مان، ته به گانڊو گلادار،
جي مُڙيو مگسي پوئتي، ته چانڊيي سِرَ ميار،
خوب کٿوريا[1]
سڏجو، اڄ اَٿوَ پرکا پار،
هاڙهي ٿيو هشيار، ڀڄي ڀڄي سامهون.
اَڙَ ۾ آڻي توبچي، ويهاريا وينگس،
صف جوڙيائون سيگهه مان، گام پري کان گس،
اڳي اٻاهر نه ڪجو، اچي ويجها ٿين منجهه وس،
جزارن تي جامڪون، چاڙهيائون چوڪس،
شهتائون ششخانيون، ڪن رانئي بندوقن رس،
ڪيئي ڪوٺيدار هيون، لاريون لوهن لس،
ست سا هٿ بندوق هئي، ڌار هڻن تي دس،
تڏهن ڇوڙيو دَسَ، جڏهن دارون ئي ڌڌڪو ڪري.
اوڀارو مگسي ٿيو، چانڊيو اولاهين ٻانهين،
پير نه رکجو پوئتي، جُلهه ڪجو جائين،
چهرا ٿِي به چڙهِي اچن، مَرُ اَڙَ تي آڳاهين،
تاءُ ڪجو تائين، جڏهن چڙهن بندوقون ڪينڪي.
(ولي محمد وير چيو) وريو واءُ ڏکڻ جو، اُتر هو اعليٰ
چانڊيا، چار اکيون ڪجو، آهن مگسي متوالا،
متان ڏِيل ڏسي ڏَڪو، ڀيڙيندوَ ڀالا،
انشاء الله تعاليٰ، آهي سوڀ اوهان جي سامهون.
چوڪي چار ڄڻا، چڙهي اَڙَ کون لنگهيا اڳتي،
ٻيا پانَوَ ويٺا پوئتي، هئا ڪي گهوٽ گهڻا،
جَنين ۾ توفيق جي، وِڌي رب مڻيا،
’پارو‘ يارن کي چئي، خوشيون وِکَ کڻان،
بگهڙ ذات اسانهنجي، ويرِي سر وڙهان،
من ڪو هٿ هڻان، متان ڪورِي ڪانئر ڪوٺجي.
هڪڙو هئو بانوريو، ٻيو کاندي کوهه فروش،
ٽيو ’ميوي‘ نالي مرد هو، جنهن کي جيءَ اندر ۾ جوش،
مڃي موت مٿي ٿي، ’پاروءَ‘ پهريو پوش،
هاڻي ڪجو هوش، مَنَ ڪو هٿ هِڻي مَرون.
رڻ سندو رحميداد هو، بلند بروهي گهوٽ،
پرس پنجاهه سان چڙهيو، کون قابل تڪي ڪوٽ،
مدد مگسيءَ جي هليو، کنوڻ ڪري کاڻوٽ،
شامل ٿيو اچي شير سان، اَڙَ جي وقت اَموٽ،
چاڙهي ماشا چوٽ، هن به سورهيه هٿ سنوان ڪيا.
شامل ٿيو شير سان، اَڙَ جي وقت اچي،
ڏس هاتڪ هٿ اسانهنجا، باهيون ڪين پچي،
جنهن جي دل نِوڙي دوست ڏي، سو ڪيئن گپ گچي،
سورهيه سخن سچي، اچي پاڙيو پانهنجو.
ڇهه سؤ چانڊيي جا هئا، مگسيءَ هڪ هزار،
بيٺا برابر ٿي، سنڀالي به سَتار،
ڪٽڪ ڪيهر شينهن جا، ٿيا اولاهون اظهار،
واس ڪريو وڄندا اچن، دمامن ڌڌڪار،
عَلَم اُڀا تن هٿ ۾، جهالون ڏين جهلڪار،
ناميا ٿين نروار، اچي راوت رڻ کي ويجهڙو.
سوين سارنگ ساڻ، بادل هئا برسات جا،
سانوڻ پڌري سَر ٿِي، مستي ۾ مهراڻ،
ڍوري آب ڍري پئي، هيٺانهينءَ ۾ هاڻ،
ڪري ويس وسڻ جا، پهريائين پهراڻ،
مينهن ٻَڌو مانڊاڻ، آيو اوهيڙا ڪري.
وچون ٿوري پنڌ، لشڪر سڀ لاهي پيا،
پويان اڳيان پاڻ ۾، مڙي ٿيا هڪ هنڌ،
شير محمد آکيو، بانڪا ڪيو ڳالهوَ بند،
ڪامل چاڙهيو ڪمند، ته هڪدم هٿن سان وٺون.
بڙديءَ بانڪي جي اڳيون، هيءَ بات ڪَهِي بهرام،
مگسين ڏانهن اَٿئي مرتضيٰ (رضه) چانڊيي ڏانهن امام (رضه)،
اوهين ڪين اکين ڏسو، مَڪا مرسل ڄام،
ورنهه وِير وريام، سوڀ نه ٿيندي سارڌو.
ٻَڌو ٻوٿ چريي جو، ٿو خان ڳالهائي خام،
وِير هيسيو همسرن کي ڏسي، ٿيس اهڙيءَ طرح تمام،
ڪَلَ ڦري ڪا وئي، بيبيو آهه بهرام،
نَرَ وڃايو نام، اڳيون پويون پانهنجو.
درس بندوقن ڌاڙِ گهوٽن جُڌ گهڻي ڏني،
جيئن وڏڦڙيو واڪا ڪري، تيئن تِيرن ٽاڙو ٽاڙِ،
پکين هيانوَ پري ڇڄن، راڻي ٻڌائون راڙ،
اُٿيا اُڙدا وٽاڙ، هلو ته حملو ڪريون.
ديمن کي دستا ڪيو، ورنهه ورهائي،
گڙد، گبول، گاڏهي، ٻيو ديناري آهي،
جلب، جتوئي، لاشاري، وڃو چانڊيي تي ڪاهي،
ٻيا مٿي مگسيءَ جي، چڙهو ٻهڳڻ ٻولائي،
ٺاهه اهو ٺاهي، خانن جُڌ کڙي ڪئي.
جُلهه ڪيائون جنگ جِي، کڙا ٿيڙا خان،
ڪوپا ڪڏندا آئيا، جلدي ساڻ جوان،
اڳيون بيٺا پِڙَ ۾، چارئي منجهه ميدان،
مُنهنَ ۾ مٺي رند کي هنئين پاروءَ پهلوان،
کڙو کوهه فروش ٿيو، قابل ڀڃي ڪانَ،
ميوو مُڙيو ڪينڪِي، جنهن کي جيءَ اندر جولان،
بجلي ڀرو ڪري هڻي، دست کڻي دستان،
ڪَهُه، رندڙا ڪاڏي ڀڳين، ڏس ترارن تانَ،
اڳيون لائق شير لٿل هو، اٿئي پٽ غيبي سلطان،
آيا اوٿر واٽ ۾، گڏيا منجهه گمسان،
هُنِ ڪو شوق شمع جو، پيا جلي پروان،
اَرڏا سان ايمان، چارئي شير شهيد ٿيا.
ڪِريا هئا ڪوپن جا، ڌَڙَ سِرَ مٿون دُور،
لتڙ منجهه لتاڙي، پانو پهرئين پور،
وري وطن نه وريا، رڻ اوڏا، گهَرَ ڏور،
هئا جوان گهڻا جمهور، پر هنن جهڙو ڪونه ڪو.
’پاروءَ‘ جهڙا پُٽڙا، مَرُ ڄڻيو ڄڻي ماءَ،
مرندي مُڙيو ڪينڪِي، پوِ نه موڙيائين پاءَ (پير)،
ٻيا ڀي شامل شير سان، جن سيف هنئي سهجاءَ،
هئا جوان بڙي جاراءَ، پر هن جهڙو ڪونه ڪو.
ڪاهه ڪري ڪڏ چاڙهه، وٽجي آيا واءَ جان،
ڪَلَ تنين کي ڪانه ڪا، ته ڪي اڙجي منجهه اڻيار،
مٺ ڀيڙي ماشا ويا، باهه اٽيا ڌُر ڌار،
ڌٻِي دهوڙيون ٿيون، چڻگ ڪئي چمڪار،
ٿي هڪل بندوقن ڪئي، گاج مٿون گرنار،
مٿون ملوڪن جي، نِي دارونءَ ڪيا ڌڌڪار،
هٿ نه ڏسي هٿ کي، اهڙو انڌوڪار،
ٻن ٽن کون تِير ويا، ڪري گهڻو تڪرار،
ڪِريا جهنڊا هڪڙن هٿان، ٻين کنيا ٻيهار،
هڻي پوک هٿيو وجهي. پر پٽجي کون پاڙ،
ڪوڪو ڪانو ڏسجي، نظر منجهه نروار،
ڀَرِ ڪِريا ڪاپار، ڪانن هيانوَ ڪڍي وڌن.
ڪانن هيانوَ ڪڍي وڌن، تن جا ڦڦڙ ڪن ڦرڙاٽ،
هڪڙن ساهه مٿي ويا، ٻيا گهايل ڪن گهرڙاٽ،
ڪِرنگهه ڪيرائن پٽن تي، ڇنن مٿن کان مولهياٽ،
ڪُڻڪيا ڪين ڪنواٽ، بودا باهه دسي وڌا.
مُهڙيان پيا ميدان ۾، پوين ڪيا پرواز،
لتاڙي لنگهي پيا، ڪوپا ساڻ ڪواز،
اَرهاٽي اَڙَ تي چڙهيا، وجهي وک دراز،
هڻي دس دهيون ڪيا، شهتائن شهباز،
آيا آتش وات ۾، ڀڃي تيرانداز،
جي هئا پانَوَ پلٿي باز، سي سڀ ساڙي باهه صفا ڪيا.
اُٿي چانڊيي اَڙَ مان، چين ’بيا انديشاه‘،
’پنج بيا جيءُ بيا‘، چيائون مان چاه،
’خير کٿوريا توڏي‘، چواين الله،
هٿ نه ورن هن جا، سختي پسي ساه،
اٿن اکين ۾ پَراهَ، جڏهن دِيدان ڌوپن ۾ گڏيون.
ڀَڙَ اُٿي پيا ڀاڪرين، ڳنڍيائون به ترار،
اها ساعت آهنجي، آهه ڪنهن جي ڪار،
ماڻ پئي جاٿي رُڪ جو، سا هن ڀڙ جي پار،
توڻي آب اکين ڏيکار، ته به پاڻي وات ۾.
ڀڙ اُٿي پيا ڀاڪرين، ڪاهه ڪري ڪيهر،
کنُو خانَ کڙو ڪيو، وڄ کنوي ويتر،
وڪوڙيائون ويڙهه ۾، چانڊيي کي چوڌر،
مٿان وسن مينهن، پاهڻ پٽ پڌر،
هڻ کٿوريا اڳتي، ڀيڙ ڏيئي بهتر،
پير نه موڙيو پوئتي، ارُهه ڏيو اڪثر،
بيٺا جنگ بنگاهه ۾، چانڊيا بنائي بازر،
نامين جنگ نظر، اتي دل لڳي داناءَ کي.
’نانگاڻيءَ‘ نعرو ڪيو، ڏڦن ساڻ ڏڦير،
سامهون وڃن شينهن جي، مُڙن ڪين مٿير،
هڪپاري هرگز وهي، پَٽُ ڇڏائن پير،
ديمن ۾ دل شير، ٿي پرکيا چانڊيي سون جا.
ولي محمد وِير هو، هاڙهي هاڪارو،
جهلي ويٺا جنگ کي، چانڊيا چوڌارو،
مهڙ ڇڏيو ته مان وڙهان، ساهه نه اٿم پيارو،
شابس منهنجا ڀائرو، يار ٻڌو يارو،
ساعت رهي آه هيڪڙي، ٻيو وقت لنگهيو سارو،
ٽلو[2]
احمد[3]
دائو خان[4]،نڪري
ڪيو نعرو،
واري تي وارو، جوڌن ڏنو جنگ ۾.
ماڻهو مگسيءَ کي سڏن، لکين ئي لک پال،
صحبت رند سو سامهون، ٿيو دانهه سان دوچال،
ٻهڳڻ کوڙيس ٻانهن ۾، بانڪي ڏيئي بال،
سيف نڪا سر ليڪ ڪئي، نه ٿيو زخم زوال،
هاديءَ هٿ بچائيو، سالم رهيو سال،
وري وِير وارو ڪيو، ڀوتاڻِي برحال،
رند ٿيو رهوال، هن ڀي راوت رڻ ملهائيو.
مگسيءَ ڀي منهن – موڙ ڪئي، هوڏنهن بڙديءَ ڪئي ڀاڄ،
ڦاڏان ڦيرائي ڪري، هليا سي هنگلاج،
ٿيا ترارن کاڄ، رات جهليا رڻ پَٽَ ۾.
’مينهان خان‘[5]
مڙي، نئي مارو مگسين ۾ وڌو،
ڏسي ڀيڙ ڀڳا وڃو، ٿا ڪيو خر کُڙي،
هو ٿو ڄاڃي[6]
مارجي، گهوٽو هن گهڙي،
ڏيو چوٽ چڙهي، ٿيو ٻيلي ساڻ ٻروچ جي.
مرندي تائين ميهڻو، وڃو ٿا وڙواند،
موٽِي چانڊين سان هلي، هرڪو ٿئي هيڪاند،
وٿ ملي اٿو واند، جو بڙديءَ ڀڄي ڀاڄ ڪئي.
مگسي موٽيو پوئتي، چيائين رند پَنا،
ورنهه ورندي ڏني ڪانه، آکي، رند پنا،
رند جو ائين آئيو، جيئن ڀيلي آبُ ٻنا،
آهه آگي در ’آمنا‘، نه ته ڪن ها مڇي خور مقابلو!
هڪلون ڏيندو آئيو، شيرمحمد شير،
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾، دهشت ساڻ دلير،
ڌڪ پهرئين سان تڪ ڪري، وهائي شمشير،
ڪو آهي مڙس مٿير، جو دهشت جهلي ديوَ جي.
ماريا سڀ ميدان ۾، جي حال ڀائي هُس هَڏ،
نه آيس مرد نگاهه ۾، جي گهوٽ بيٺا هُس گڏ،
باقي ڪونه بچيو نئِي، جو سختيءَ ۾ ڏئي سڏ،
رند وڏو هو رَڏُ، پر پِٽائي پاڙون ڪڍيئين.
سامهون سورهيه سرَ مٿي، ڪاتير ڪئي ڪاهه.
جنهن جو نام سراج هو، پرس نه ڪئي پرواهه،
ٻکيو ٻهڳڻ سان وڃي، چست منجهارون چاهه،
ٿڙيو خول مٿي کان، جا پهريل هيس پناهه،
وڃي اُن وِٿيءَ تي، نَرَ جِي پئي نگاهه،
چڱيا چتائي هنئي، سهجُون تنهن سرواهه،
ڪِريو ڪونڌ پَٽَ تي، دَلَ نه ڪئي ڪا دانهه،
ڪِرڻ سان ڪونڌر جا، پورا ٿيا پساهه،
جي هئا هاتِڪَ جا همراهه، سي مِڙيوئي ماهوٿيا.
|