ادب لطيف
جهامنداس ڀاٽيا
اديب
ادب زندگيءَ جو روح آهي. جو انسان پريشانين جي تِيرن کان مجروح
ٿي پيو آهي، تنهن ۾ ناز ته هوندو ئي ڪين؛ نياز جو
منجهس آواز ڪندو هوندو، سو به سوز سندو راز هوندو.
آغاز ادب جو ازل کان آهي، ۽ آخرت سندس ايندي
زندگيءَ جي سڪرات ۾.
اکرن جي ڄاڻ اديب جو سينگار نه آهي. ادب ئي اديب جو معمار آهي.
علم جي طاقت لياقت پيدا ڪري سگهي ٿي، مگر لقاءَ جي
لَکَ، سندس چهڪ جي چَکَ، اک عطا ٿي ڪري سگهي.
اکيون مڙيئي اکين جهڙيون، مگر ڪنهن اک ۾ ڪشفُ ڪمال
جو ٿو ٿئي. جهَٽُ هڻي، جمالُ ساريءَ جهلڪ جو، پلڪ
۾ پنهنجو ڪري ڇڏيندي: قلم پوءِ اُن کي مصوريءَ
پنهنجيءَ سان حسين بنائي، کڻي آڇيندو عجيبن کي!
ادب جو مالڪ، مُلڪ ۽ فلڪ جو هڪيو تڪيو آئينو ٿو ٿئي. هو ڏسي پسي
پيو، هَسي رَسي پيو، رُسي گُسي پيو: غصي ۾ اچي ته
سندس صورت سهڻي، ڦريو رنگ بدلايو ڇڏي؛ مگر ادب کيس
وري اُن جو اظهار سينگار سان ڪرائي ٿو، ڦوٽ جي
جواب ۾ جيءُ ورائي پيو، لُڙڪ کي مُرڪ ۾ بدلايو
ڇڏي!
ادب انساني لازمي آهي. ادب اِلاهي نيازي آهي. ادب نازي به آهي،
غازي به آهي. ادب جي بازي، اديب بازيگر ٿي پيا
کيڏن.
انهيءَ کيڏ ۾ کيڏاري ڪي عقلي ٿا ٿين، جي شطرنج جي سوارن ۽ پيادن
کي سورن پورن ائين پيا، جئن سندن مخالفتي تنگ ٿي
دنگ ڇڏي وڃي.
ٻيا وري اُهي ٿا ٿين، جي اصلي رنگ پنهنجو اهنجو ٿا ظاهر ڪن. هو
ڍنگ رکي، ڍونگ رکي، ونگ وجهن ٿا. اهي نقلي اديب
آهن، جي خيال ۽ حال ٻين جو ترجمو ڪري، وکر پنهنجو
ڪري، وڻجارا بنجي ٿا حڪمت هلائين ۽ سِڪو ڄمائين.
اڃا ٻئي قسم جا به اديب آهن. اسم جي آکاڻي اُهي لعل نه ڪندا.
جسم جي جَسَ ۽ رَسَ، وَسَ ۽ واسَ جي پيا تاس
جاڳائيندا. انهن کي روماني ٿا چون. رومان جو رنگ
ئي پردي پويان لڪل آهي. حرص آهي، هوس آهي؛ بک آهي،
باهه آهي نفس کي. قفس ۾ قابو ڪبوتر اچي ڪيئن؟
ساگر ۽ چنڊ جو رومان لاثاني آهي، مگر انسان جو ايمان لافاني
آهي. شيطاني رومان کي رحماني روپ ڏيئي، شرر ۽
شرارت کي ڍڪ ڏيڻ، اديب ٿيڻ نه آهي.
پهاڙَ ادب سان آسمان اڳيان بيٺا ٿا رهن، تڏهين ته وسڪارا ٿا
لهن، جن مان وِس تي وَس ٿي ٿئي.
ادب نازي به آهي، مگر انهيءَ ناز ۾ آغاز نياز جو، ساز ۽ راز جو،
آواز غمگداز جو.
* * *
ادب اخلاق جو مرڪز آهي. اديب انهيءَ مرڪز تي بيهي، چوگول تي
ڦرندو ٿو رهي. اُو، روشن مينار وانگيان، مِليل
جهلڪون، دور سمنڊ جي سطح تي لڏندڙن ڊونڊين ۽ ٻيڙين
کي ڏيندو ٿو رهي.
اهي چڻنگون، ٻار به چڻنگائي تِيلين کي ٻاري اونداهه ۾ راهه
ڏيکاريندا آهن، مگر اديب جي چڻنگ چولي پئي ته عشق
جو اسرار اٿيو پوي؛ انساني عقل، همت ۽ حوصلو کٽيو
پوي.
اديب جو نه هُلَ سان هِتُ، نه هنگامَ سان انجام، اُو ته ماٺ ميٺ
۾ رقصُ جو دل- ديسَ ۾ ڏسندو، ويسَ جي اداڪارن جا
پَسندو، ٻولَ جي ٻُڌندو، ٽول جي چکندو، تن جو عڪس،
تن جو تصور ۽ تاثرات اکڙين ۾ اوتيندو.
ادب قدرتي ڪلا آهي، اديب ڪلاڪار آهي.
* * *
ڪلاڪار جي ڪمزور ڪوٺڙيءَ ۾ ڪُل تصويرون اچي ٿيون ڊاٻو ڪن. هڪ هڪ
مورت سينگار لئه سهي سنڀري ٿي بيهي. ڪهڙيون
ڪامڻيون، ڪهڙا سورما هو قبول ڪندو، تنهن جي خبر
صرف هن کي ئي ٿي رهي. هو هڪ هڪ کي هوشياريءَ سان
اٿلائي پٿلائي ٿو، هيرائي ڦيرائي ٿو، ۽ جڏهين نه
کيس ڪنهن مان سرهاڻ سجاڳ ٿيندي معلوم ٿي ٿئي، ته
ان کي قبول ڪري مٿس مقناطيسي رنگ ٿو لڳائي، جنهن
کي ڏسندي هرک هاريو ويهن ٿا. عام ۽ خاص.
اديب اڪبر آحي. هو عاقل نه آهي، هو فاضل نه آهي؛ هو عامل آهي،
هو ڪامل آهي؛ جميل آهي، جليل آهي؛ ذليل ڪڏهين نه
ٿيندو، ۽ نه ذلت ڪنهن کي ڏيندو.
عطار آهي اديب: گُل ڦُلَ جي ڏسندو، تن جي حسن، رنگ ۽ سرهاڻ کي
سوگهو ڪري، کين مَنَ – ماٽيءَ ۾ ولوڙي، رَس ڪڍي
پيو اوتون اوتيندو- اڀوڳي عوام کي سڻڀي ستابي
بنائڻ لاءِ!
غريب هوندي غني آهي. احتياج کان آجو هوندي، هو قدرت ۽ قادر جو
باجو ٿيو پوي. بيواهه ۽ بيراهه هوندي، هو باراهه
آهي، گمراهه ناهي.
سندس دل جي ديگ ۾ ڪاڙهو ڪڙهندو ٿو رهي: دَمُ دَمُ سندس، ڦوڪون
ڏيئي، ڌنوڻي ڦوڪيندي، چڻنگ کي ڀنڀٽ ڪريو ڇڏي.
اُگهراُڀَرَ کي لڪايل لفظن ۾ ڏيندو، معنيٰ معنوي
رکندو؛ اُڇَلَ ۽ آزاديءَ رکندي، اَٻهرو نه آهي،
ديرينو آهي. ادب ته سندس راند آهي!
* * *
مجنون آهي ’ادبَ ليليٰ‘ جو اديب.
سهڻِي، سياري گهاگهائي، گهڙي پئي گهيڙ ۾، مگر اديب ته غواص آهي
اونهائين جو؛ ڇاڇري جو پٻو آهي، اونهائين جو عاشق
آهي، لهواريءَ لَسَ ليٽَ جو کينهوڙو آهي. ادب جي
اڻاٺ، انسانيت جي اڻاٺ آهي!
انهيءَ هوندي به هو ٻار آهي—
مجاهد هوندي به هو البيلو عاشق آهي، غريب هوندي غني آهي: ٻنيءَ
نه رکندي، ونيءَ نه ڌاريندي، ڪُنيءَ نه چاڙهيندي،
هو پنهنجيءَ راند سان، پنهنجي رت سان، رنڱي ٿو ڇڏي
پنهنجن پروان کي!
رنڱڻ سندس ريت نه آهي؛ نه سندس سودو آهي اِهو، نه سُود اٿس
واپار جو. موج ۾ اچي ته ڳايو پيو ڳائي، آلاپَ ۽
اوسيڙا پيو اَلائي، نه ته چُپ جي غفا ۾ غوطا ڏيئي،
اصل عين اَندر جو کولي، ٽول ڳولي، پيو ٻولي ٻولَ
انمول!
* * *
اِلهام جو علمبردار اديب آهي. شاعر پيغمبر کان گهٽ نه آهي.
مصورُ اُپائيندڙَ جو جي مَٽُ نه آهي، ته به مِٽُ
ته اُن جو آهي ضرور.
سونهن، سَچَ ۽ سُرهاڻ تي آهي سندس سلطنت!
هو نامه نگار نه آهي؛ تُڪبند نه آهي؛ سربند نه آهي؛ رازو نه
آهي، پر رازَ وارو، سازَ وارو آهي.
لوندو رهي لاتيون... راتين جون راتيون، تاتيون پيو توائيندو،
ڳُڻ پيو ڳائيندو ڌرتيءَ ۽ انسان جا. اميدون ۽ آسرا
اُسرڻ کان عار ڪندس، ته دل جو خون ڏيئي، پوک سائي
سرسبز رکندو ايندو؛ مگر جي اڃا به آٿت نه مليس، ته
ڌرتيءَ ڏانهن مُهڙ ڪري، سندس ماءُ واري محبت جهٽي،
پاڻ کي تازو توانو ڪري ڇڏيندو!
ڊَٺل هوندو، ته آسمان ڏانهن اکيون کڻي، هوا ۾ پيو اَڏون
اَڏيندو؛ لهرن کي لوليون ڏيئي، ماڻڪ موتي مهراڻ
کان پيو حاصل ڪندو!
اُڇَلَ وري اندر ۾ ايڏي ته هونديس، جو سموري حاصلات لُٽائي، وري
پاڻ ئي قدرت جي پناري پيو تڳندو!
پڙهي ٿو ته پُرجهي به ٿو؛ ڪڙهي ٿو ته ٺري به ٿو؛ ڊهي ٿو ته ٺهي
به ٿو؛ وٺي ٿو ته وراهي به ٿو. ماکيءَ جي مک
وانگيان رَس وٺي ٿو ته رَسائي، وَسائي ٿو بوندون،
جي بيهيو نٿيون بيهن.
* * *
مسرت جو مواد، ادب جي سواد مان ٿو اُڀري. ادب وارو، اک ادب جي
رکندو، چَکَ ادب سان ڪندو، لَکَ ادب سان لهندو؛
ادب سان هلندو، ادب سان ٻول ٻوليندو؛ ادب ۾ رهي،
ٺهي پيو ٺهندو. جي نه کڻي واتان ٻولَ ٻوليندو، ته
منجهانئن بوءِ بهار جي پئي ايندي! گفتار سندس
منٺار هوندي، رفتار سندس رمڻيڪ هوندي، للڪار سندس
هوندي لاهوتين واري!
* * *
زندگي هڪ اعليٰ ادب آهي. انسان جي زندگي ڇڏي ڏجي، ته به ڏسڻ ۾
ڏَسَ ڏاهپ جا ملندا. ماڪوڙيءَ جي زندگي صفائيءَ ،
سچائيءَ ۾، وفائيءَ ۾، انساني زندگيءَ کان زور
آهي. دشمن سان وڙهندي، ڏسندي ته سندس ويڙهاڪ همت
هاري ويٺِي، ته وڃي سندس وَڙُ ڪندي. انسانيت لاءِ
هي نُڪتو ادب آهي!
ادب ڪونهي، تڏهين ته آرام ڪونهي. آرام نه آهي، تڏهين ته انسانيت
ڪانهي. سائنس جي ترقي قوميت جي قوت آهي، مگر ادب
جي اُسر قوم جي زندگي آهي! ادب جي خدمت انسانيت جي
بندگي آهي!
(2)
وقت
سلطان سوين، مگر سمو سلطانن جو سلطان. هرجاءِ، هر مڪان آهه سندس
سلطنت جو دنگ. هردَمَ تي، هر ڪَمَ تي آهي سندس
ونگ. ڪنهن جو ڄايو، ڪنهن نپايو؟ اڄ تائين حل نه
آيو هوشمندن وٽان ڪو ان جو. اصلي ايامن کان آهي،
ايامن ۾ قيام آهي سندس. طعام آهي سندس توئي.
اُڀَرَ اُڀري، اُسري، چوٽيءَ چڙهي ته کڙي لاهي
ضرور.
صبح جو غرور، مانجهاندي جي ٽامڻي، کهنبي جو چٽڪو، غروب ٿيو وڃي
مغرب ۾.ائين ازلي ايام جو انت ڪيئن ايندو؟ اوندهه
۾ اوطاقي آهي اُو، مگر باقي آهي سندس سوجهري ۾.
اُو ته سفر سِج جي سَج ڌَج سان ڪندو، وِسُ کي
واسيندو، انڊلٺ جي رنگن ۾ لپٽجي، ڪنوار جيان،
رانول سان رات تات ۽ تنوارن طلبن جي ۾ گذاريندو،
وري به صبح جي سجهندي لاءِ اکيون وجهي ويهندو. بس،
اهڙي ئي چڪر ۾ چُرندو ٿو رهي ويچارو ’وقت‘.
باقي آهي يارن سان؛ ٻارن سان وري ڪا اهميت به اٿس ڪيئن؟
هِڪَ ڪَرو ته هلندو ٿو هلي اُو، مگر احساس جو ماپو ان جي حق ۾
علحدو آهي، جدا جدا جان وارن لئه.
سندس يڪائيءَ کي، پڪائيءَ لاءِ، آدمن گهَرن ۾ کڻي وراهيو.
سيڪنڊن، منٽن، ڪلاڪن جو کڻي هنن ماپو ٺاهيو. پوءِ
ته ويا ڪلاڪن مان ڏينهن اُپائيندا، ڏينهن مان
مهينا، مهينن مان سال، ۽ سالن مان صديون، جُڳ.
وقت تڏهين به، ’مَٺي به ماٺِ مُٺي به ماٺ‘ واري واٽ وٺي، هلندو
پئي هليو آهي؛ مگر آدمي تڏهين به چوندو پئي رهيو
آهي- ’وقت چڱو آهي‘، ’وقت اڻائو‘، ’بهاريءَ جو وقت
آهي‘!
وقت ته بي دقت لطيف للڪار سان پڪاريندو پئي رهيو آهي پاٻوهه
سان.
* * *
ماٺ ئي ماٺ ۾ ڪرمي سان ڪِرت ڪندو ٿو رهي، پگهر ڳاڙيندو ٿو رهي.
شامَ ويلي، وري به ٿڪل ٽٽل پيو چوندو، ’ڏاڍو ڪوسو
وقت هو ٻنيءَ تي!‘
هڪ ٻئي کي خوش ڏسي پيو پوسرندو، حسد ۾ پيو هڄندو ۽ هپائبو.
عداوت جي انگن ۽ رنگن سان رانديون ڪندو پيو پاڻ، ۽
ٻين کي چيريندو ڦاڙيندو، ته به چوندو، ’ڏاڍو ڏنگو
ڏينهن هو جو ڦاسي ويس ڦاهيءَ ۾‘!
محبت ۽ صحبت ۾ ته ڪلاڪ ڇا پر سال ساعتن سمان گذريو وڃن، ته به
سمڪ ۽ سُڌ نه رهي گذر جي يا گذران جي؛ سارَ نه رهي
جهوپڙيءَ يا ميدان جي.
وقت هلندو رهي. چي، مان ته بي ريا آهيان؛ نه ٺاهيان، نه ڊاهيان،
ته به ميارون مارن جو مون مسڪين ڏانهن!
جت ڪنهن گهڙيءَ ڳَچَ ٿي ڳڙيا، اُت هِنيانوَ ٺريا. اکيون جن آب
ٿي هاريو، تن ۾ چمڪ اچيو چمڪي. جت ڦوٽ ٿي ڦيٽاڙو
وڌو، اُت جانِ جانيءَ دل دل کي ٿي ڳڌو. اُهي ئي،
جي ڪنهن سمي هڪٻئي جي گلي ڪپڻ جا ڪوڏيا ٿي ڏٺا، سي
ئي ثنائي ۽ فنائي ٿيو پون. پوءِ به، وقت ويچاري جي
وٿُ جو ڪَٿُ ڪونڌرَ ڪن ئي ڪين!
* * *
رمڻيون ۽ ڪامڻيون ڀل ته وقت کي ڪا مُجرا نه ڏين، مگر جڏهين نه
مهل مٿن اُها اڇي بيهندي آهي، جڏهين ساري ڏينهن جي
سَڙَ پَچَ جو اوٻاڙو، سهيلن جي سنگ ۾، چار چونڪ
اوراڻن جي اورڻ ۾، ٺري ڳڱ ٿي پوڻ جي اميد هوندي
اٿن ته پاڻيءَ جي گهر ۾ ٻاڙَ نه هوندي به هيماڻيون
گهڙيون مٿي رکي، لوٽيون هَٿَ ڪري، دليون ڪَڇَ ڪري،
لڏنديون لمنديون، کِلنديون ٽِڙنديون، وِکون
وجهنديون، سَٽون ڏينديون، کوهه جي ٻني تي يا واهه
جي ڪناري تي اچي ساهه کڻنديون.
هِلن جو هيسايل، خوف دڙڪن جون دٻايل، هڪواريءَ هانءُ هلڪو ڪري
ساهه پٽينديون، سامت ۾ اينديون، پوءِ حال احوال
ڏينديون وٺنديون. اُهو به ڪو وقت ڏسڻ جو آهي. دلو
مٿي تي هوندن، دِلي ڪَڇَ، ته به سندن قدم جو ڪو
پاڇو پَڇاڻي! اهڙي ته نفيس ۽ لطيف ٿئي سندس پيرن
جي چورَ ۽ موڙَ، جو ائين وسهڻ ۾ پيو اچي ته ڄڻ
ڪنهن ڪلاڪار جي رقص جي ترتيب ۽ تعليم جي ورزش ٿي
رهي آهي. ائين پيو معلوم ٿئي، ڄڻڪ کين سندن سهڻي
ڪو سُنهن ڏنو ٿو ڏسجي ته خبرداريءَ سان اڳتي پيرو
رکجو، متان اوهان جا پير پيروزن کي پيسي نه وجهن!
ويهي ڏسي ڪو ڏاهو، ته ڪيئن نه لوڏَ ۽ لامَ ۾ ٿيون هلن! حسن
ساريءَ وِسُ جو سندن موڙَ جهوڙَ مان آبشار جي صورت
۾ ڇُلڪي ٿو ڇُلي پوي!
مجال نه آهي ڪنهن خيال کي جو سندن چِت کي چور ڪري، سندن چوٽين ۾
چُگهه پيدا ڪري سگهي. طاقت نه آهي وهم ويچار کي جو
سندن سيني جي سطح تي ڪو گهُنج آڻي سگهي. وقت پيو
سندن پيڇو ڪندو. لَسَ گَسَ گوندر جا پيو ڀيٽيندو.
مٺو ۽ ماٺو پيو سِرڪندو سُرڪندو، ٿڙ ڪندو تاٻڙبو
بنهه ڪين.
ٿَڪيون، ٿَڪ ڀڃي، وري اچي وٿاڻ ڀيڙيون ٿينديون.
وچين ويلا ڪندي؛ سانجهي، مانجهيءَ جي ماڳ رسندي.
وکَرَ ۽ پَچَ جي سَکر ونڊ ورهاست ڪري، هاج کان آجيون ٿي، اَڇا
اوڍڻ لئه، معمولي مهٽ چهٽ مومليون ڪري، چونديون،
’وقت اَڄوڪو ته وَهي ويو!‘
ڪنواري، ويچاري ٿي، وستي ۽ بستي پنهنجي جوڙيندي. ننڍڙن ٻارڙن کي
ٻولائيندي، ڪڏائيندي، لولويون ڏيئي ننڊا کرن کي
ننڊ ڪرائيندي. وقت سان آنک- مچولي کيڏي. مَنُ تَنُ
ميلي وجهندي مهراڻ ۾، جت دل دماغ جو ڪو داغ کيس
داغي ڪري نه سگهندو.
وَريتي، گهر جي ڪار جي سرانجامي ڪري، اکيون دَرَ ۾ وَرَ جي وَرڻ
لاءِ وجهيو ويهندي. سندس اچڻ جي اَهَٽَ ڪَنِ
پونديس، ته ساري ڏينهن جو ٿڪ لهي ويندس ۽ هڪواريءَ
هلڪي ٿي پوندي.
- وقت چوندو، ’هي سڀ آهي منهنجو تماشو!‘
* * *
پيسي جو پوڄاري وقت جو پارکو ٿيو پوي. هو سمي جو نُوريءَ جيان
نسورو نوڪر بنجي پوي ٿو، مگر ڪنهن نه ڪنهن وقت جي
هو بيحيا ٿي پنهنجي سمي ٺوڪرون هڻندو ٿو رهي، ته
وقت کيس اهڙيءَ الغرضائيءَ ۽ فضول خرچيءَ ڪري
پنهنجي طرفان تحفو ضرور ڏئي ٿو: انتظاريءَ،
بيقراريءَ ۽ دربدريءَ جون ٽيئي سوغاتون کيس عطا ٿو
ڪري. هو جيڪڏهن چوي ٿو- ’او سما سلطان، مان خطا
ڪئي، بخش کڻي تقصير منهنجي‘، ته وقت کيس ورندي ڏئي
ٿو- ’هيءَ سزا نه اٿئي، جزا نه اٿئي، مگر اٿئي
ڪيميائي ڪَکُ، اڪسير!‘
عاشق لاءِ گهڙي، ساعت، سڄڻ سامهون بي بها آهي. عابد لاءِ دَم
املهه آهي. عامل لاءِ وقت جو مُلهه مهانگو آهي.
شاگرد لاءِ امتحان جو وقت اهميت وارو ٿو ٿئي. اگرچ
اصليت ايام جي آهي عجيبن جو اسرار!
وقت ساڳيو، مگر ڪنهن جي اک جي چک چوکي، ڪنهن جي سوکي، ڪنهن جي
وري اوکي. نظريو آهي،- امير جو هڪڙو، فقير جو ٻيو.
هڪ حدن اندر بنديل کيس ڏسندو، ٻيو کيس لاحد پائيندو ۽ کيس
اُڏائيندو اُن طرف. حرف حساب جا آهن علحدا علحدا.
مجنون وقت جو پابند نه ٿيندو. هن جي محبت لاحد آهي، ته وقت سنسد
سِڪ جي ويڪر ڪري سندس سلطنت قبول ٿو ڪري.
وقت چوي، ’آءٌ سڀني جو سلطان آهيان، مگر عشق آهي منهنجو آقا!‘
* * *
اکين- سڄي جي ڪَٿَ ڪَڻيا ئي ٻي ٿي ٿئي. هو چوي، ’رات ڏينهن مان
ئي ٿو ٺاهيان: جڏهين جاڳان تڏهين مون لاءِ ڏينهن
ٿيو پيو، مگر جڏهين مان سمهي رهان ته مون لاءِ رات
ٿيو پوي. مون کي لوڪ جي ليڪي جي ڪهڙي ڪاڻ؟
منهنجيءَ ڄاڻ جو ماڻ ۽ ماپو آهي پنهنجو ۽ سهنجو.‘
عام آدمي کڻي جي کيس چون، ’وِسُ وَهي اولهه ته تون اوڀارو
اُڪارين!‘ هو کين چوي، ’هر هڪ دنيا جي گهڙت پنهنجي
خيال مطابق ٿو ڪري. ٻارُ مٽيءَ جا قلعا سمنڊ جي
ڪناري ٺاهي ٿو، مٽيءَ جا ماڻهو بنائي ٿو، مٽيءَ جي
توبن سان قلعا اُڏائي پاڻ پنهنجي پهلواني پڏائي
ٿو، مان ته صرف رات ڏينهن جي جوڙ جوڙي پاڻ ٿو خوش
ڪريان؛ وقت ايندو، ۽ ٿيندو منهنجي مرضيءَ موافق
منهنجي دنيا ۾!‘
* * *
بي ميار آهي بيمارِ، جي هو وقت کي تکي هلڻ لاءِ هَڪلي. ڏکيو ٿو
ڏينهن گذري، ته وري رات راڙي ۾ ٿي نبري سندس.
کيس خبر آهي ته قرض ۽ مرض وقت سر چڙهن ته لهيو وڃن، ته به
گهڙيءَ هڪڙيءَ جاهٿ هوءَ تيز ڪري پاڻ کي خوش ڪندي
رهي ته اجهو ڏينهن پورو ٿو ٿئي ۽ رات جو سک مون کي
ڏيندي ننڊ.
پر، اتفاق سان، جي سندس چوڻ تي چُرڻ واري جي ڪَلَ بيهجي وئي ۽
ڪَن سندس تي ڪڙڪو نه ٿيو گهڙيال جو، ته، جابر
مالڪَ ٻنيءَ واري وانگيان، هڪل حاڪمياڻي ڪري
چوندي، ’جوڳ بيهجي وئي، ڳاڌيءَ تي ڪو ڳڀرو ويهاريو
جو ڀٽارن کي ڇمڪي چکائيندو رهي!‘
سُک جي اوسيڙي ۾، گهڙيال کي خوب چُست ڪندي رهي. وقت به ويو سندس
مرضيءَ موافق وِکون وجهندو.
وقت چيو، ’سست ته سهاڳڻ! آءٌ آهيان ڪين، مگر جي يقين نه آهي
توکي ته توڙ تائين تکائيءَ سان هلندس توسان!‘
- وقت انجام تي پورو رهيو، مگر هوءَ تيزيءَ سان اُن کان اڳ وئي
هلي!
* * *
گهڙيون گهڙيال بيهجيو وڃن، مگر وقت ته هلندو ٿو هلي. سندس اکيون
ننڊاکريون ٿين ئي ڪين ٿيون. خبر نه آهي، اوسيڙو
آهيس الاجي ڪهڙي محبوب جو؛ ميلو به الاجي ٿيندس
ڪڏهين! ساگر ساريءَ ڪائنات کي ويڙهي ويٺا آهن، پر
خبرنه آهي ڪنهن کي ته ڪهڙيءَ مهل ۽ ڪٿان اُهي
سِرڪي آيا سجهندي ۾.
وقت جي شروعات ڪٿان ٿي؟ آخرت سندس وري ٿيندي ڪِٿ؟ وقت کي نه ابد
آهي نه آخر. ته به زمانَ آهن، زمانو به آهي.
زمان آهي ته اسم به آهي؛ اسم آهي ته ضمير به آهي، صفت به آهي ته
ظرف به آهي: اهي مڙيئي وقت جي وِٿين اندر ورندا ٿا
رهن.
وقت سنئون سڌو هلي ته رقص زندگيءَ ۾ ڪيئن اچي، رومان ڪيئن نپجي،
راڳ ڪيئن اُڀري اُسري؟
اُڏاريون وقت جون ڌيئر آهن؛ گُتون غواصن واريون وقت جون
رانديون؛ لاهيون آهن وقت جون کانديون. هيڪانديون
جي حُبَ ۾، تن لئه وقت جو وَڪڙ ۽ چَڪر جان وارو ٿي
سگهي ئي ڪين ٿو.
* * *
نه ڪنهن جو ڄايو، نه ڪنهن جو نپايو؛ پل پل وڃي واڌ وٺندو. نه
جهلَ جهليس، نه پَلَ پَليس. هليس ٿي، تڏهين ته
ايڏا رنگ ٿو رچائي؛ پُڄيس ٿي، تڏهين ته هر ڪنهن کي
آڱر جي اشاري تي پيو نچائي! وقت ئي آهي جو پيادا
سوارَ ڪري، سوارن ڪري ٿو پيادو.
اهڙي زوراور جو اَبو- امڙ ڪير؟ انهيءَ جو آستان مقام ڪهڙو ۽ ڪٿ؟
وقت واحد آهي، زاهد آهي. والده سندس اُهائي هوندي، جا واحد وٽ
اَگهايل هوندي. ’عشق‘ آهي اَبو- اَمڙ وقت جو! اُن
ري ڪائنات ’ڪين‘ هئي، وقت اُن کي ’يقين‘ ۾ آندو
آهي.
وقت جو مندر آهي آسمان جي ڇت هيٺ،بندر آهي هر هنڌ، جت هو لنگر
هنيو، گهڙيءَ پل لاءِ بيهي، هلي ٿو. ترو آهي سندس
ڌرتي. اُو ته آب جي تاب کان تکو، شباب جي شعاع سان
چمڪندو ٿو رهي هوا ۽ پاڻيءَ تي.
وقت جي وَٺ- وَٺ اهڙي ته جبري آهي جو شهنشاهه به سندس راهه
رنڊي، مَنڊَ منڊي، کيس تابع ڪري نٿا سگهن.
پوءِ به پيشوا ڏينهن، ڪن کي نينهن مان نرالو بنائي سندن سرهاڻ
اُڏائي پيا اُڏائين، ۽ ڪن کي مٺو ڪري پيا منائين.
ڇا ڏينهن ڏينهن کي ڏات آهي، گهڙيءَ گهڙيءَ کي لات
آهي پنهنجي!
ڪن لاءِ اها اهنجي ٿيو پوي، ۽ ٻين لاءِ سهنجي-
اسم ۽ جسم جا قسم انسان ٿو بنائي، مگر جڏهين نه اُو اک الف سان
لڳائي ته قسم جي قيد کان رهائي پائي. قيد به وقتي،
مگر وقت خود وقف آهي، ۽ دائمي داتاري سندس اصل کان
اڳ لکيل آهي لوح قلم ۾.
* * *
وقت جي وهنوار ۽ آچار جو افسانو آهي عجيبن جو اِسرار.
خبر ئي نه پوندي ته طوفان توائيءَ وارو اچي ڪٿان ڪڙڪندو؛ جهَٽَ
ئي نه گذرندي ته بادل اچي هڪٻئي سان رانديون
رهندا؛ ويرم ئي نه پوندي ته سج پنهنجي چمڪ سان
اونداهه کي تَڙي، راهه روشن ڪندو: عرصي جو ورثو،
گهڙيءَ گهڙيءَ کي پنهنجو پنهنجو ٿو ٿئي. وقت ڪن کي
وَڍَ پيو وجهي، ته وري ٻين جي ڪَڍَ پيو ڦِري. ڪن
سان سُهج پيو ڪري ته ڪن کي سهما پيو ڏيندو، سٽڪا ۽
ڦٽڪا پيو هڻندو.
موج ۾ ايندو ته شاهي اُڇَل ڏيئي رنڱي ڇڏيندو؛ جي غصي ۾ لهي
پوندو ته ڀڃي ڀوري ڇڏيندو. اُڏائي ته عرش کان
اعليٰ کڻي ويندو، جي نه ته فرش کان هيٺ لهي ويندو.
وقت جو حسن اعليٰ آهي، بخت سندس بالا آهي.
جمال ۽ جلال به وقت جون عنايتون آهن؛ ڪمال تڏهين وري ڪنهن جو
سينگار آهي؟ راهي به وقت ٿو ٿئي، ته گمراهي به وقت
ٿو ڏئي.
ايڏي اهميت رکندي به، هو چَکَ چڱي ٿو ڪينَ جي!
* * *
وقت جي چال آهي تال واري، حال واري، خيال واري، ته به مال کان
وانجهي ڪينهي ڪا به سندس وک.
ڊيل جي رفتار، ڪوئل جي گفتار، شير جي گجگوڙ، مور جي ٽور، ٺينگ
ٽپو جوانڙيءَ جو، لوڏَ لمڪ، اُڇَلَ اُڀَرَ ڳڀروءَ
جي،... وقت جي وصف جا ڪي انگ آهن. رنگ به سندس آهن
روماني، لاثاني!
ڪن کي ڪُنن ۾ ڦيرائي ڦيرائي ٿڪايو ڇڏي، ته ڪن کي گهمائي،
وندرائي، وهڪ ۾ هلايو ڇڏي. ڪي وندريا ويٺا رهن ته
سالَ ساعت جيان سرڪيو وڃنن؛ ڪي وري ساعت کي سال
پيا سمجهن!
پنڌ به سندس آهن نوان نوان. ڪن سان گهوڙي جي ٺاپ-ٺاپ وارو پنڌ
هلندو، ته ڪن سان دُرڪي. هڪڙن سان لَسو، ته ٻين
سان هيٺانهون، ته وري ٻين سان مٿانهون.
وقت جو حساب ئي حيرت ۽ عبرت جهڙو آهي. حسرت ۽ مسرت، خوشي ۽ رنج،
وقت جا گنج آهن. فهم ۽ وهم وري سندس آهي ڪهڙو؟-
بيمثل!
لاثاني به آهي، ته آساني به آهي؛ مشڪل به آهي، ته معمولي به
آهي؛ عام به آهي، ته خاص به آهي.
* * *
وقت امير، وقت فقير؛ وقت اڪسير، وقت اسير؛ وقت تقاضا، وقت تار؛
وقت قرار، وقت تڪرار؛ وقت طلب، وقت قلب؛ وقت
تانگهه، وقت مانگ، وقت سانگ؛ وقت رنگ، وقت ڍنگ،
وقت ونگ؛ وقت ساز، وقت راز، وقت آغاز، وقت ناز،
وقت نياز... وسيع آهي وستار، ڳَوري آهي دستار وقت
جي.
وقت سج جي اُڀرڻ ۽ لهڻ، چنڊ جي اچڻ ۽ موٽڻ، گهڙيءَ جي ٻِن بانهن
جي ڀاڪر ۾ اچڻ کان اعليٰ آهي. وقت جي وچتر لِيلا ۾
ساري ڪائنات هلي چلي ٿي. وقت جي وهڪ ۾ سڀڪي هلي
چلي پيو.
وقت جو چَڪر ۽ مَڪر ڦرندو ٿو رهي، مگر وِچ وقت جو ڪير لهي!
شاهه گدا وقت بنائي؛ ننڍي وڏي جو ڀيد وقت هلائي؛ خوشيءَ غميءَ
جو چڪر وقت چَلائي؛ مُندن جي موج وقت مچائي؛ سڀ
حقيقت وقت سمجهائي: وقت جي ڳجهارت ڪير سُلجهائي؟
وقت ڇا هي؟
ڪلاڪارَ حال، ماضيءَ ۽ مستقبل ۾ ٽٻي هڻي چيو- وقت زندگيءَ جي
وهڪ جو ٻيو پاسو نه آهي ته ڇا آهي؟
* * *
زندگيءَ جي زور کان نڪري، موت جي موڙ وٽان ٽَڪَر ٽُڪي، زمين
ڦاڙي، آسمان اُڏاري، هو اُها راهه راڳ واري وٺي
رمندو رهي ٿو، تالَ سان، خيالَ سان، موجَ سان،
مستيءَ جي اوج سان، اُنهيءَ منزل ڏانهن، جت ازل جو
آستانو آهي، عزرائيل جو نشانو پهچي پهچي ڪين ٿو
اُت!
ڪَلا آهي ’وقت‘ جي ڪلاڪارَ کي، جو تارَ هلائي، ملائي ٿو مُلڪن ۽
ماڻهن کي، جي جدائيءَ جي جفا ۾ رهندي، وفائيءَ جو
وضو ڪري، عشق جو انجام ادا ڪري، وِسُ کي وعظ ٿا ڪن
وحدت جو!
تلاءَ ۾ پٿر ڪريو. پاڻيءَ جون لهرون اُٿيون، ۽ چئني طرفن ڊوڙندي
وڃي ڪناري سان ٽڪريون.
پاسي ۾ هڪ وڻ هو، ان جي سُڪل پَنَ کي به جوش آيو. ان به تلاءَ ۾
کڻي پاڻ اُڇلايو، ليڪن تلاءَ ۾ نه لهرون اٿيون ۽
نه ڪو آواز ئي آيو.
مان ڏسي رهيو هوس. کِلي چيومانس: ’بيوقوف نه ٿيءُ، پَنَ! دنيا ۾
اهو ئي حرڪت پيدا ڪري سگهي ٿو، جو پاڻ ۾ وزن رکي
ٿو!‘
پن شرمندو ٿي پاڻيءَ ۾ ٻڏي مئو.
2
افسانا
1. |
قدرت جو قانون |
- موهن ڪلپنا |
2. |
هوا کي ڪير روڪي؟ |
- طارق اشرف |
3. |
شيشي جو گهر |
- غلام نبي مغل |
4. |
پڃري جا پکي |
- علي بابا |
5. |
غير مذهب |
- اسد قاضي |
6. |
مان روئڻو آهيان |
- گوورڌن محبوباڻي |
7. |
ڊڄڻي |
- آغا سليم |
8. |
غيرت |
- ثميره زرين |
9. |
چڻنگ |
- رشيده حجاب |
10. |
ڪاري بلا |
- شوڪت صديقي
سنڌيڪار: شمشيرالحيدري |
ناٽڪ |
1. |
’گهاتو گهر نه آئيا...‘ |
- سراچ |
”پري، هڪ مٿانهين مَنَهه تي، هڪڙي ڊيلَ بيٺي هئي، ۽ مور پنهنجن
دلڪش کنڀن جي ڇَٽَ کي ڦهلائي ان جي اڳيان نچي رهيو
هو. سڄي ڪائنات نغما ڳائي رهي هئي، ۽ زمين پنهنجي
محور تي گهمندي نچي رهي هئي. هن دلڪش، دلفريب ۽
ابدي رقص جي اڳيان انساني زندگي، اُن جون خوشيون ۽
غم، ڪيڏو نه هيچ هئا- نه ان جي شروعات جي خبر، ۽
نه ان جي منزل جو پتو! مور جي ڇَٽَ تي رنگبرنگي
نازڪ چتر ڪاريون بدلجي رهيون هيون- گلابي، آسماني،
واڱڻائي- خوشيون، غَمَ، زندگيون!
”پرڪاش سوچيو: هيءَ ڪائنات نغما ڳائيندي رهندي، هيءَ زمين نچندي
رهندي... ايستائين جو انساني زندگي، ان جي تهذيب،
ان جو تمدن- ان جو سمورو رنگ روپ، رَکَ جو ڍير
بنجي ويندو، زمين چنڊ جيان خاموش ۽ مغرور بنجي
ويندي... ليڪن، پوءِ به هيءَ زمين ائين ئي نچندي
رهندي!“
- ڪرشن چندر
موهن ڪلپنا
قدرت جو قانون
سوين سال اڳ جي ڳالهه آهي، اسان جي ديس ۾ هڪ بهادر راجا راڄ
ڪندو هو. هن لڙايون ڪري گهڻيئي ملڪ کٽيا؛ جيتوڻيڪ
لڙائيءَ ۾ پنهنجي ملڪ جا لکين ماڻهو مارايا به
هئائين. آخر راجا لڙاين مان تنگ اچي، لڙايون ڪرڻ
ڇڏي ڏنيون.
لڙائيءَ کٽڻ بعد سڄي ملڪ جا ماڻهو ناچ گانا ۽ ناٽڪ ڪندا هئا.
راجا لڙايون بند ڪري، ناچن گانن ۽ ناٽڪن وغيره تي
بندش وڌي. راجا جو خيال هو ته ماڻهن کي ناچن گانن
وغيره ۾ پنهنجو قيمتي وقت برباد نه ڪرڻ گهرجي.
راجا جو حڪم ٻڌي، ڪيترن ماڻهن بغاوت ڪئي. راجا انهن کي جلاوطن
ڪري ڇڏيو.
ماڻهن کي زنده رهڻ لاءِ صرف اٽو، لٽو، ۽ اجهو کپندو آهي؛ ۽ خوش
رهڻ لاءِ ناچ گانا ۽ ناٽڪ کپندا آهن. ماڻهو جيڪڏهن
ڳائي وڄائي ۽ کلي نه، ته بنا سڱن ۽ بنا پڇ وارو
جانور ليکجي. ڳائڻ ۽ وڄائڻ تي بندش سبب ماڻهو
اُداس رهڻ لڳا. ويٺي ويٺي هنن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي
ويندا هئا، پر ٻڙڪ به ڪونه ٻوليندا هئا. راجا خلاف
ڳالهائڻ واري کي ديس- نيڪالي ڏيڻ جو حڪم نڪتل هو.
ماڻهو ڏک ۾ راڳ ڳائي، پنهنجي من کي هلڪو ڪندو آهي،
پر هتي ته ڳائڻ جي اصل منع هئي. ماڻهن نديءَ ڏانهن
وڃڻ به ڇڏي ڏنو، ڇو جو آسمان ۾ چنڊ کي ڏسي ۽
چانڊوڪيءَ ۾ لهرن کي ڏسي، نديءَ ڪناري، ٿڌيءَ هوا
۾، هر ڪنهن کي ڳائڻ تي دل ٿيندي آهي، ۽ ماڻهن ڳائڻ
چاهيو نٿي. تمام ٿورن ڏينهن ۾ سڄو ملڪ ڄڻ زنده
ماڻهن جو هڪ لامحدود قبرستان ٿي ويو. جيڪي ماڻهو
ڳائڻ وڄائڻ کان رهي نٿي سگهيا، سي ملڪ ڇڏي ٻين
ملڪن ڏانهن وڃڻ لڳا.
راجا جڏهن به پنهنجن هٿياربند باڊي گارڊن سان ملڪ جو واءُ سماءُ
لهڻ نڪرندو هو، تڏهن ماڻهو راجا جو درشن ڪرڻ ته
ايندا هئا، مگر هو راجا کي کيڪاريندا نه هئا.
ماڻهو غمگين ۽ موڳا لڳندا هئا. پنهنجيءَ پرجا جي
اهڙي حالت ڏسي، راجا ٽٻيءَ ۾ پئجي ويندو هو. هڪ
ڏينهن هن پنهنجن وزيرن جي ميٽنگ سڏائي. سڀني کان
پڇيائين ته آخر ماڻهن کي خوش ڪيئن ڪجي.
بچاءُ کاتي جو وزير، ڪمر ۾ لٽڪندڙ تلوار جي مُٺيي تي هٿ رکي
چيو، ’منهنجو خيال آهي ته وري ٻين ملڪن سان لڙايون
ڪرڻ چالو ڪريون. لڙائيءَ ۾ ماڻهن جو ڌيان دشمنن کي
مارڻ ڏانهن ڇڪجي ويندو، ۽ پوءِ هو دشمنن کي ماري
خوش رهندا.‘
پرڏيهي کاتي جي وزير اعتراض وٺندي چيو، ’هن وقت دنيا ۾ اسان جو
ڪوبه دشمن ڪونهي. سڀني ملڪن سان اسان جا بيحد سٺا
ناتا آهن. ٻئي طرف، لڙائي انسانذات جي تباهي ٿي
آڻي. لڙائيءَ ۾ ڪنهن جو پُٽ ٿو مري ته ڪنهن جو
ڀاءُ، ڪنهن جو مڙس ٿو مري ته ڪنهن جو دوست. ان مان
ملي ته ڪجهه به نٿو، حياتي زهر بڻجي وڃي ٿي. ماڻهو
کي کپي ته هو ڪمائي، کائي، ۽ ائين رب جي رضا تي
سدائين راضي رهي. توهين جيڪڏهن لڙائي ڪندا ته مان
پنهنجي عهدي تان استيعفا ڏيندس.‘
مکيه وزير چيو، ’سائين، مان بچاءُ کاتي جي وزير سان متفق آهيان.
بهتر ٿيندو، جيڪڏهن اوهان نچڻ ڳائڻ ۽ ناٽڪ ڪرڻ تان
بندش هٽائي ڇڏيو. ماڻهوءَ جي دل ۾ جڏهن اُمنگ
جاڳندا آهن، تڏهن هو نچندو ڳائيندو آهي. توهين
انسان جي روح کي ماري رهيا آهيو. مهرباني ڪري ائين
نه ڪريو. ماڻهن کي آزادي ڏيو ته هو ڀَڳتون وجهن،
جُهمر وجهن، ڇيڄ وجهن، بهراڻا ڪڍن، درياهه شاهه جي
ڪُني تي ڳائين وڄائين!‘
راجا غصي ۾ چيو، ’تنهنجو مطلب آهي ته مان پنهنجو حڪم واپس وٺي،
پنهنجي هار مڃان؟ منهنجي خيال ۾، ڳائڻ وڄائڻ بيڪار
ماڻهن جو ڪم آهي. مان هڪ دفعو حڪم ڪڍي واپس نٿو
وٺي سگهان!‘
پوءِ راجا تعليم کاتي جي وزير ڏانهن منهن ڪري هن کان پڇيو،
”تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“ تعليم کاتي جي وزير ٻيئي
هٿ ٻڌي چيو، ’سائين، جيڪڏهن گستاخي معاف ڪريو ته
ٻڌايانو.‘
’ٻڌاءِ‘، راجا چيو.
’اوهين مون کي اجازت ڏيو ته مان سڄي ملڪ ۾ چَرچن جا عمدا ڪتاب
ڇپائي ماڻهن ۾ مفت ورهايان. ماڻهو چرچا پڙهي ٽهڪ
ڏيئي کلندا، ۽ ائين هنن جي حياتي اِنڊلٺ وانگر
رنگين ٿي ويندي!‘
راجا پنهنجي جڳهه تان اُٿي هن جي پاسي ۾ ويو. هن جي پٺي ٺپري
چيائين، ’بيشڪ، ملڪ ۾ تون ئي هڪ عقلمند شخص آهين!‘
تعليم کاتي جو وزير اکيون چمڪائي ٻين وزيرن ڏانهن نهارڻ لڳو.
ٻئي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ اعلان ڪيو ويو ته ’سرڪار وڏي تعداد ۾ چرچن
جا عمدا ڪتاب ڇپائي رهي آهي. جيڪي ليکڪ چرچن جا
ڪتاب لکي سرڪار کي مدد ڪندا، تن کي مالا مال ڪيو
ويندو. سرڪار چرچائي ليکڪن جي شان ۾ شاهي مجلسون
سڏائيندي. ليڪن ياد رهي ته شاهي مجلس ۾ ناچ، گانو
۽ ناٽڪ وغيره نه ٿيندو!‘
دهلن تي ڏونڪا هنيا ويا، گهٽين ۾ پوسٽر ٽنگيا ويا، مگر مزي جي
ڳالهه اها جو هڪ به ليکڪ ميدان ۾ نه آيو. ليکڪ
اڪثر اهو لکندا آهن، جو هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏسندا
آهن، محسوس ڪندا آهن. ماڻهن جي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن
درد هوندو آهي ته هو ان درد کي پنهنجو درد سمجهي
ڪتاب لکندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾، ڪير اهڙو ليکڪ
هوندو جيڪو چرچن جا ڪتاب لکندو، جڏهن عام ماڻهو
دُکي هئا. هڪ به ليکڪ ميدان ۾ نه ايندو ڏسي، راجا
پنهنجي زبردست بيعزتي محسوس ڪئي. هن جاسوسن جي
معرفت سڀني ليکڪن جون ائڊريسون هٿ ڪيون، ۽ پوليس
جا اٽالا موڪلي، سڀني ليکڪن کي گرفتار ڪيائين.
ليکڪن تي شهر جي مکيه چونڪ ۾ کُليو ڪيس هليو. هزارين ماڻهو آيا،
مگر سڀ غمگين.
راجا پنهنجن وزيرن سان اتي آيو. هن هڪ وڏي ليکڪ کان پڇيو،
’ٻڌاءِ، ڙي، توکي پئسن ڪمائڻ جو خيال ڪونهي؟‘
وڏي ليکڪ تحمل سان وراڻيو، ’توهان ڳائيندڙن کي ڳائڻ کان، ناچ
ڪندڙ کي ناچ ڪرڻ کان، ۽ ناٽڪ ڪرڻ کان منع ڇو ڪئي
آهي؟‘
’منهنجي مرضي!‘ راجا جواب ڏنو.
”جيئن توهان جي مرضي، تيئن اسان جي مرضي!“ ليکڪ بيباڪيءَ سان
جواب ڏنو.
راجا اڳيان وڌي ان ليکڪ کي ڀَرُ ڪري چماٽ هڻي ڪڍي.
ليکڪ چيس، ’راجا، جيڪا ڳالهه قدرت جي قانون تي ٻڌل آهي، ان کي
اوهين ته ڇا پر دنيا جا سڀ راجائون به گڏجي مـٽائي
نٿا سگهن. توهين بندوق ڏيکاري اسان کي ڊيڄاري سگهو
ٿا، ڦاسي ڏيئي ماري سگهو ٿا، مگر قدرت جي قانون کي
مٽائي نٿا سگهو. قدرت جي قانون موجب جيئن زنده رهڻ
لاءِ اَن پاڻي ضروري آهي، تيئن خوش رهڻ لاءِ گانو
بجانو ضروي آهي.‘
راجا سڀني ليکڪن کي سخت پورهيي سان ست سال جيل جي سزا ڏني.
ماڻهن سور مچايو. هوا ۾ ٻانهون ڦهلائي هو رڙيون ڪرڻ لڳا. راجا
ڪاوڙ ۾ اچي لٺبازيءَ جو حڪم ڏنو. سولجر لٺيون کڻي
ماڻهن ۾ ڪاهي پيا، ۽ هڻي ڪيترن ماڻهن جا هڏ گڏ ڀڃي
ڇڏيائون.
ٻئي ڏينهن راجا وري وزيرن جي ميٽنگ سڏائي. هن دفعي، تعليم کاتي
جي وزير کان سواءِ، سڀ وزير ٻانهون ٻڌي ڪنڌ جهڪائي
ويٺا رهيا. تعليمي وزير جون اکيون چمڪي رهيون
هيون.
راجا پڇيس، ’تون ڇا منهنجي ناڪاميابيءَ تي خوش ٿي رهيو آهين؟‘
تعليمي وزير چيو، ’راجا، ڀلا ڪڏهن ائين به ٿيو آهي؟ ڳالهه هيءَ
آهي ته اڄ مون هڪ نئين رٿ آندي آهي!‘
راجا انتظاريءَ وچان پڇيو، ’ڪهڙي؟‘
سڀني وزيرن تعليمي وزير ڏانهن نهاريو.
هن نرڙ ۾ گهنڊ وجهي چيو، ’اوهين اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ جيڪو به
ماڻهن ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان چرچو ڪندو، ان کي
سرڪاري خزاني مان هڪ رپيو ڏنو ويندو. جيڪو ماڻهو
جيترا چرچا ڪندو، ان کي اوترا رپيا ڏنا ويندا؛ ۽
جيڪو جيترا ٽهڪ ڏيندو، ان کي اوترا رپيا ڏنا
ويندا!‘
بچاءُ کاتي جي وزير چيو، ’مگر اها رٿ غير عملي آهي: اسان کي
ڪيئن خبر پوندي ته ڪنهن چرچو ڪيو ۽ ٽهڪ ڏنو؟‘
تعليمي وزير چيو، ’تڪڙ نه ڪر، پهرين مون کي ڌيان سان ٻڌ! ڏس،
جڏهن کان اسان لڙائي ڪرڻ بند ڪئي آهي، تڏهن کان
اسان جي فوج بيڪار ٿي ويئي آهي. آخر اِها فوج اسان
وٽ ڇالاءِ آهي؟ فوج ۾ ماڻهو ايماندار ٿيندا آهن.
هنن ۾ سٺو انتظام به ٿيندو آهي فوج سست ويٺي هجي،
اهو سٺو نه آهي. اسان کي کپي ته اسين ملڪ جي هر هڪ
گهٽيءَ ۾ پنهنجن سولجرن کي بيهاري ڇڏيون. هر هڪ
سولجر وٽ هميشہ سوين رپيا هڪيا تڪيا حاضر هجن. بس،
جنهن کي ٽهڪ ڏيڻو هجي، سولجر جي اڳيان ڏئي! ماڻهن
کي سهوليت هڪ طرف ٿيندي، ته ٻئي طرف اسان کي ملڪ
جي سموري خبر پيئي پوندي؛ خاص ڳالهه اها ٿيندي جو
فوج ڪم ۾ لڳي ويندي!‘
راجا اڳتي وڌي هن کي ڀاڪر پاتو، ۽ بچاءُ کاتي جي وزير داد ڏنس.
بس، راجا جي حڪم جي دير هئي، وري ملڪ ۾ دهلن تي اعلان ڪيو ويو ۽
سڄي ملڪ ۾ فوج کي بيهاريو ويو. ماڻهن ۾ هراس ڦهلجي
ويو. چرچو ته چرچي جي ماڳ، ماڻهن هڪٻئي سان گڏجڻ
ڇڏي ڏنو مشڪل سان ماڻهو گهر کان ٻاهر نڪرندو هو.
ڌنڌي ڌاڙيءَ وارن ماڻهن ڌنڌن تي وڃڻ ڇڏي ڏنو.
ماڻهن وٽ اَن اَٽو ته ڪَٺو رهندو هو، گوشت مڇيءَ
جا مارڪيٽ ۽ ڀاڄين جا دڪان بند ٿي ويا ته هنن ڍوڍي
چٽڻيءَ تي گذران شروع ڪيو. گايون مينهون هر ڪنهن
وٽ هونديون هيون، ڍوڍي مٿان لسيءَ جو گلاس مليو ته
باقي ڇا کپي!
سولجر بندوقون کڻي ملڪ ۾ ڦِرڻ لڳا، مگر نه ڪوئي هنن اڳيان چرچو
پيو ڪري ۽ نه کِلي ئي پيو. مشڪل ڪو ماڻهو رستي تان
لنگهيو ٿي. ڳالهائڻ بند! هفتي جي اندر ئي فوجي تنگ
ٿي پيا. هو ماڻهن کي ڳچين کان پڪڙي پيا چوندا هئا،
’چرچو ڪريو‘ کِلو! پيسا وٺو!‘ ڪن سولجرن ته ماڻهن
تي مارڪُٽ به ڪئي. هڪ سولجر ته خارن ۾ هڪڙي
ماڻهوءَ کي گولي هڻي اُڦٽ ماري به ڇڏيو.
هڪ دفعي راجا ويس بدلائي، راڻيءَ سان گڏ ملڪ جو واءُ سماءُ لهڻ
نڪتو. شام جو وقت هو. ڪنهن سڃاتس ڪونه. ڏسي ته
مار، ملڪ ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو هو! سولجر، جن جو ڪم
آهي کائڻ پيئڻ ۽ خوش ٿيڻ، اُهي به اُداس پريشان
ٿي، بيوقوفن جهڙيون شڪليون بڻائي، رستن جي خاڪ
ڇاڻي رهيا هئا.
هڪ گهر مان هڪ ٻار جي روئڻ جو آواز اچي رهيو هو. راجا ان گهر جي
هڪ دريءَ وٽ وڃي بيٺو. ڏٺائين ته هڪ ماءُ پنهنجي
رئندڙ پٽ کي چئي رهي هئي: ”اڙي روءُ نه، متان راجا
جو ڪوئي ماڻهو اِن کي راڳ سمجهي توکي پڪڙي نه وڃي!
ٻاهر راجا جا ماڻهو بندوقون کڻي ڦِري رهيا آهن!“
ٻارَ بندوق جو نالو ٻڌي، ڊپ وچان کڻي ماٺ ڪئي.
راجا جي ڇاتيءَ تي ڄڻ ڪنهن مُڪ ٺڪا ڪئي. رعيت ۾ ايترو هراس ڏسي
هو حيران ٿي ويو. هن راڻيءَ ڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ
اڳيان وڌيو. سج اولهه ۾ لهي رهيو هو، مگر ان کي
ڪوبه ڏسڻ وارو نه هو. آسمان ۾ بادلن طرح طرح جون
شڪليون بڻايون هيون، پر ڪنهن جو به اوڏانهن ڌيان
نٿي ويو. جڏهن سج لهي چڪو، تڏهن اوڀر کان
پورنماسيءَ جو چنڊ نڪتو؛ مگر چنڊ کي ڏسي ڪوبه ڳائڻ
وارو نه هو!
راجا راڻيءَ سان هلندو هلندو، آخر شهر جي اُن ڀاڱي ۾ وڃي پهتو،
جتان ٻئي ملڪ جي سرحد شروع ٿي رهي هئي. اتي راجا
ٻن نوجوانن کي هڪٻئي سان کِلي ملندي ڏٺو. راجا
سوچيو، شايد منهنجي حڪومت ۾ صرف هيءُ ٻه ماڻهو ئي
خوش آهن. هو راڻيءَ جي ٻانهن پڪڙي، تڪڙو تڪڙو
اڳيان وڌيو، ۽ هڪ وڻ جي پريان بيهي هنن جون
ڳالهيون ٻڌڻ لڳو.
هو ٻه ماڻهو هڪٻئي جا دوست هئا. انهن مان هڪ پرديسي هو، جو ڪن
سالن بعد هن ملڪ ۾ آيو هو. دوست سان ڀاڪر پائي ملڻ
بعد چيائين، ’گهڻن سالن کان پوءِ تنهنجي ملڪ آيو
آهيان. پر، يار، ڪر خبر، ملڪ ۾ رونق ئي نٿي نظر
اچي، ماڻهو موڳا موڳا پيا لڳن، ڇا هتي ڏڪار پيو
آهي يا ڪا نُگري بيماري پيئي آهي؟‘
ڏيهيءَ ماڻهوءَ چيو، ’نه، اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي.‘ جواب ڏيندي هن
جي اکين مان پاڻي اچي ويو.
’تون روئين ڇو ٿو؟‘ دوست پڇيس.
’ڇو ته مان کِلي نٿو سگهان!‘ ڏيهي جواب ڏنس.
هن جو جواب ٻڌي، هن جو دوست زور زور سان ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
پريان هڪ سولجر به بيٺو هو. ٽهڪن جو آواز ٻڌي، هن جون اکيون
چمڪي اُٿيون. عرصي بعد هن اهو ٽهڪ ٻڌو هو. سو
چيائين ’راجا کي جڏهن اِها ڳالهه ٻڌائيندس ته هو
اعتبار ئي نه ڪندو؛ پر جي اعتبار ڪيائين، پوءِ ته
مالا مال ڪري ڇڏيندو، شايد عهدو وڌائي ڇڏي! بهتر
ٿيندو، مان هنن ماڻهن کي راجا وٽ وٺي وڃان‘. وري
خيال آيس، ’جيڪڏهن هي ماڻهو آلِي وڃن ته؟‘ سو
بندوق سڌي ڪري، هن ڏانهن وڌي ويو. رڙ ڪري چيائين،
’خبردار!‘ چرچو ڪنهن ڪيو؟‘ هن پڇيو.
ٻنهي مان ڪنهن به جواب نه ڏنو.
’سچ ٻڌايو، نه ته شُوٽ ڪندوسانوَ!‘
’چرچو ته ڪنهن به ڪونه ڪيو.‘ ڏيهيءَ چيو.
’ته پوءِ ٽهڪ ڪنهن ڏنا؟‘ سولجر پڇيس.
’مون!‘ پرديسيءَ چيو.
’گهڻا ٽهڪ ڏنئه!‘ سولجر پڇيس.
’تنهنجو مطلب؟‘ پرديسيءَ پڇيس.
’مطلب سان تنهنجو واسطو؟ جلد ٻڌاءِ گهڻا ٽهڪ ڏنئه؟ نه ته اِتي
جو اِتي ماري ڇڏيندوسانءِ!‘
’مون ٽهڪ ڳڻيا ٿورو ئي پئي!‘ پرديسيءَ جواب ڏنس.
”ڇو، تون اڻپڙهيل آهين ڇا؟ توکي ٽهڪن جو خسيس حساب رکڻ به نٿو
اچي! کڻي ڳڻين ها!“
پرديسيءَ وري به چار ٽهڪ ڏيئي چيو، ”ٽهڪ ڳڻبا آهن ڇا؟“
”چار!“ سولجر رڙ ڪري بندوق پٽ تي رکي. چيائين. ’ڏهه کن ٽهڪ اڳ ۾
ڏنا هوندءِ!‘ پوءِ کيسي مان ڪجهه پيسا ڪڍي، پورا
چوڏنهن رپيا پرديسيءَ جي هٿ ۾ رکيائين.
پرديسيءَ وائڙو ٿي پڇيو، ’ڀائي، ڳالهه ڇا آهي؟ ڇا توهان جي ملڪ
۾ ماڻهو پئسن تي کِلندا آهن؟‘
ڏيهي ماڻهو هن کي سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي. ڳالهه ٻڌي،
پرديسيءَ چانديءَ جا چوڏنهن رپيا زمين تي ڦٽا ڪندي
چيو، ’جنهن ملڪ ۾ نچڻ ڳائڻ جي منع آهي، ان کي مان
جهنگل کان بدتر ٿو سمجهان! هي ملڪ آهي، قبرستان
آهي؟ اهڙي منحوس ملڪ جو پاڻي پيئڻ به حرام آهي؟‘
ائين چئي، هو تڪڙو تڪڙو واپس وڃڻ لڳو.
سولجر رڙ ڪئي، ’خبردار، جي اڳتي وڌيو آهين! تون منهنجي ترقي
روڪي رهيو آهين! اڙي احمق، اسان جي ملڪ ۾ ٽهڪ تي
هڪ رپيو ملي ٿو. منهنجا پئسا کڻ، ۽ مون سان گڏ
راجا وٽ هل. ممڪن آهي، راجا توکي شاندار عزت ڏئي!‘
پرديسيءَ چيو، ’مان نه هلندس!‘
سولجر جيئن ئي هيٺ جهڪي بندوق ٿي کنئي، تيئن پرديسي ماڻهو وڻن
جي اوٽ ۾ گم ٿي ويو، ۽ ڏيهي ماڻهو، سولجر کي ڌڪو
ڏيئي، ٻئي پاسي ڀڄي ويو. سولجر خارن مان گاريون
ڪڍڻ لڳو. راجا ۽ راڻي وڻ جي اوٽ ڇڏي ٻاهر نڪري
آيا. سولجر، راجا ۽ راڻيءَ کي سڃاڻي نه سگهيو.
بندوق کڻي چيائين، ’خبردار، جي چُريا پُريا آهيو!
نه ته هنن جو بدلو توهان کان وٺندس!‘
راجا رڙ ڪري چيو، ”اڙي، متان گولي هلائين، مان راجا آهيان،
راجا! منهنجو ويس بدليل آهي.“
سولجر حيرت ۾ پئجي ويو. راجا وڌي اچي هن جي ڪلهي تي هٿ رکيو.
آهستي چيائين، ’مون کي خبر آهي ته تون هڪ ايماندار
سولجر آهين. خيال نه ڪر، مان تنهنجو عهدو
وڌائيندس.‘
سولجر جي دل ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. بندوق ڦٽي ڪري چيائين، ’راجا
هئڙيءَ ذليل نوڪريءَ ڪرڻ کان خودڪشيء ڪرڻ بهتر
آهي! آخر اسين سولجر به ته انسان آهيون، ڪيستائين
اسين پنهنجن هموطنين کي ڪُتي جو موت مارينداسين؟‘
راجا ڪجهه چوي، ان کان اڳ ئي سولجر اُن پاسي وڌي ويو، جنهن پاسي
پرديسي ويو هو.
راجا اهو حال ڏسي، پنهنجي مٿي تي ٻه ڌڪ هڻي، پٽ تي ويهي رهيو ۽
اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. راڻيءَ هن جي ڪلهي تي هٿ
رکي هن کي پرچايو، ۽ پوءِ پنهنجي ساڙهيءَ جي آنچل
سان هن جون اکيون اگهي، آهستي آهستي هن کي
اُٿاريائين. هوءَ پوءِ راجا جي چيلهه ۾ ٻانهن وجهي
کيس نديءَ ڏانهن وٺي ويئي. راجا جو ڪنڌ هيٺ هو، هن
هڪ اکر به نٿي ڳالهايو هو. نديءَ ڪناري هڪ وڏي پٿر
تي اچي ويٺا. راڻيءَ چنڊ ڏانهن نهاريو، ۽ راجا
نديءَ ڏانهن! چنڊ آسمان ۾ چمڪي رهيو هو، ۽ اُن جي
چانڊوڪيءَ نديءَ جي لهرن سان گلي ملي رهي هئي. ٿڌي
هوا لڳي رهي هئي. ڪناري تي وڻ جهومي رهيا هئا.
راڻيءَ آهستي آهستي هڪ درد ڀريو گيت ڳائڻ شروع
ڪيو. راجا پنهنجو منهن راڻيءَ جي گود ۾ لڪايو.
راڻي ڳائيندي رهي، ۽ راجا ٻڌندو رهيو.
راڻي سڄي رات ڳائيندي رهي. راجا رکي رکي هن جي گود مان اُٿيو
ٿي. ڪڏهن چنڊ ڏانهن، ڪڏهن لهرن ڏانهن، ۽ ڪڏهن
راڻيءَ ڏانهن نهاريائين ٿي، ۽ پوءِ وري راڻيءَ جي
گود ۾ ليٽي ٿي پيو.
صبح ٿيو. پکين آکيرن مان نڪري آسمان ۾ اڏامڻ شروع ڪيو. انهن طرح
طرح جا مٺا گيت ٿي ڳايا. نديءَ ۾ لهرون اُٿي رهيون
هيون، ۽ هوا ۾ وڻ جهومي رهيا هئا.
اوچتو، راجا راڻيءَ جي ٻانهن ۾ پنهنجا هٿ وجهي چيو، ’راڻي، تو
ڇا مون کي بيوقوف سمجهيو آهي!‘
”ڇو، راجن؟“ راڻيءَ عجب مان پڇيس.
’توکي خبرنه آهي ته مان نچڻ ڳائڻ جي خلاف آهيان!‘ راجا چيو،
’پوءِ تو راڳ ڇو ڳايو؟‘
راڻي کلڻ لڳي. راجا چيس، ’راڻي، توکي ته پيسن جي ضرورت آهي
ڪانه، پوءِ تون ڇو کلين؟‘
راڻيءَ چيو، ’راجا، ماڻهو رپين پيسن تي نه کلندو آهي، اهو سڀ
ماڻهوءَ جي سڀاءَ تي ڇڏيل آهي- ۽ توهين ماڻهن جو
سڀاءُ بدلائي نٿا سگهو!‘
’تون به ڏسج، راڻي، مان ماڻهن جو سڀاءُ بدلائي رهندس!‘ راجا
چيو.
پوءِ هو محلات ڏانهن وڌيو. اڃا ٿورو اڳيان وڌيو ته ڏٺائين، هڪ
ننڍو ٻار هڪ گهر جي ٻاهران ٿورو نچي به رهيو هو ۽
ڳائي به رهيو هو. راجا اڳيان وڌي پڇيس، ”اڙي
ڇوڪرا، ڇا توکي خبر ڪانهي ته هتي نچڻ ڳائڻ تي بندش
آهي؟“
’ها، سائين،‘ ٻار چيو، ’منهنجي ماءُ مون کي ٻڌايو آهي.‘
’پوءِ تون نچين ڇو ٿو، ڳائين ڇوٿو؟‘ راجا پڇيس.
’دل ٿي ٿئي.‘ ٻار چيو.
’ڇو ٿي دل ٿئي؟‘ راج ڪاوڙ مان پڇيس.
’جيڪڏهن توکي راجا جو ڪوئي ماڻهو ماري ته؟‘
’ڇو ماريندو! صبح جو پکي راڳ ڳائيندا آهن، ڀلا انهن کي ڪير
ماريندو آهي؟ هوا ۾ وڻ جهولندا آهن، ڀلا اُنهن کي
ڪير ماريندو آهي؟ مون کي به دل ٿيندي آهي ته مان
پکين وانگر مٺا مٺا راڳ ڳايان، مان به وڻن وانگر
جهولان، جهومان! منهنجي ماءُ مون کي راڳ ڳائڻ کان
منع ڪندي آهي، پر پاڻ جڏهن سنان ڪندي آهي، تڏهن
پاڻ به آهستي پکين وانگر ڳائيندي آهي... پوءِ مان
ڇو نه ڳايان؟‘
راجا سامهون جهولندڙ وڻن ۽ آسمان ۾ اُڏامندڙ پکين ڏانهن نهاريو.
راڻيءَ چيو، ’راجا! ٻڌايو، راجا! گهڻن پکين کي جلاوطن ڪندا؟
گهڻن وڻن کي شُوٽ ڪندا؟‘
راجا جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. هو ان ٻار جي پيرن تي ڪري پيو.
پوءِ راڻيءَ ڏانهن منهن ڪري چيائين، ’راڻي، برابر
مان اِنسان جو سڀاءُ مٽائي نٿو سگهان، قدرت جو
قانون مٽائي نٿو سگهان. سچي زندگي نچڻ ۽ ڳائڻ، کلڻ
۽ خوش رهڻ ۾ آهي!‘
اُن ئي ڏينهن ليکڪن کي آزاد ڪيو ويو. نچڻ، ڳائڻ وغيره تان بندش
لاٿي ويئي. جن کي جلاوطن ڪيو ويو هو، تن کي واپس
گهرايو ويو. شهر مان فوجون هٽايون ويون. وري ملڪ ۾
ساڳي رونق موٽي آئي. وري شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۾ گانا
بجانا شروع ٿي ويا. |