پيشورام صوفي فقير
ڪهاڻي
ڪاش مان به پڙهان ها!
هڪ ڳوٺ ۾ هڪ غريب هاري رهندو هو. جنهن کي ٻ پٽ
هئا، سندس وڏي پٽ جو نالو نورو هو ۽ ننڍي جو نالو
احمد. جڏهن هي پڙهڻ جي لائق ٿيا، ته انهن کي
پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪريو ويو. جتان هي ٻئي ٻالڪ
خير خوبي سان پنجون پاس ڪري آيا، ۽ پوءِ ڳوٺ جي
ويجھي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيا. هاءِ اسڪول ۾ داخل
ٿيڻ کان پوءِ انهن جي طبيعت ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. نورو
آهسته آهسته شرارتي ٿيندو ويو ۽ شرارتي ٻارن سان
دوستي ٿيس. پر ان جي برعڪس احمد هوشيار ٻارن جي
ويجھو رهيو.
هاڻي نورو شرارتي ڇوڪر هو، ڪلاس ۾ هرو طرو پيو
ٻارن سان پيو وڙهندو هو ته ڪن کي پيو ستائيندو هو.
جيڪڏهن و ٻار استاد صاحب کي دانهن ڏيندو هو، ته
نورو اهڙي چالاڪي سان ڳالهه ڪندو هو. جو پاڻ بچي
ويندو هو ۽ وري به مار سامهون واري ڇوڪري کي ملندي
هئي،. احمد نورو ڪافي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن
نورو لاءِ ”سئو موڪوڙا ڊڍر ۾.“
جڏهن اسڪول کان موڪل ملندي هئي ته احمد سڌو گھر
ايندو هو ۽ گھر جو ڪم ڪار ڪندو هو، جنهن ۾ ڍگن
لاءِ گاهه ڪرڻ ، گھر لاءِ ڪاٺيون ۽ ٻيو ڪم به ڪندو
هو ۽ نورو موڪل ملي ته واندن ۽ آواره ماڻهن سان گڏ
پيو گھمندو هو. رات جو سمهڻ لاءِ ڪڏهن رات جو اٺ
بجي ته ڪڏهن نوين بجي پيو ايندو هو.
انهن جو پيءُ به هاڻي پوڙهو جھور ٿي چڪو ۽ ڪمائڻ
جي لائق به نه رهيو هو. پر لاچار پيٽ پالڻ پٽن جي
پڙهائي جو خرچ ڀرڻ لاءِ هارپي جو ڌنڌو پيو ڪندو
هو. انهي وچ ۾ نورو کي پيءُ گھڻو ئي سمجھايو ته
”ابا پٽ تون هنن بيڪار ڇوڪرن جي سنگت ۾ نه هل،
سُڌري وڃ سٺو ڪونه ٿيندو انهيءَ جو نتيجو نيٺ خراب
نڪرندو“ پر نورو هڪ ڪن کان ٻڌندو هو ته ٻئي مان
ڪڍي ڇڏيندو هو، نورو کي استاد به ماري ماري ٿڪجي
پيا هئا، پر نورو به ”لوهه تي ليڪو ڏيئي ڇڏيو“.
ڪجھ سالن کانپوءِ سندس پوڙهو پيءُ به هي جھان ڇڏي
ويو. احمد کي ان جو ڏاڍو ڏک ٿيو. مجبوري سبب هن
اسڪول ڇڏڻ لاءِ سوچيو. نورو ته اڳي ئي اسڪول مان
نڪتل هو پر ٻڍڙي ماءُ احمد کي چيو ته پٽ تون پڙهه،
مان رليون ٺاهي، تنهنجي پڙهائي جو خرچ برداشت
ڪنديس“. احمد چيو، ”ها امڙ! مان شام جو ڇولا
وڪڻندس، ائين احمد محنت ڪري مئٽرڪ جو امتحان ڏنو
پر ان جي برعڪس هاڻي نورو بلڪل کري چڪو هو.
احمد مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ نوڪري جي ڪوشش به
ڪندو رهيو ۽ پاسي واري شهر ۾ گذر سفر لاءِ فروٽ جو
گاڏو به هلائيندو رهيو. جنهن سان پنهنجو خرچ، گھر
جو سامان ۽ ٻڍڙي ماءُ جو علاج وغيره به ڪرائيندو
هو. اگر احمد ڪجھ پئسا بچائي ماءُ کي رکڻ لاءِ
ڏيندو هو ته نورو زوري کڻي ويندو هو.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ هڪ شفيق استاد هن جي نوڪري
لاءِ ڪوشش ڪئي ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن جي محنت ۽ ڪوشش
رنگ لاتو، احمد کي پرائمري ماستري جي نوڪري ملي
وئي، سندس ٻڍڙي ماءُ دعا لاءِ هٿ مٿي کنيا ۽ الله
سائين جو شڪر ادا ڪيائين.
جڏهن اها نورو کي خبر پئي، تڏهن ڏاڍو پڇتايائين ۽
رُنو دل ئي دل ۾ چوڻ لڳوته ڪاش! مان به پڙهان ها ۽
محنت ڪريان ها ته زندگي سُڌري پوي ها. پر پوءِ به
پڇتائڻ مان ڪجهه به ڪونه مليس، سندس پيءُ ۽ استاد
جون نصيحتون ياد اينديون هيون ته هي پشيمان ٿي
روئي ڏيندو هو پر گذري ويل وقت ڪڏهن به واپس نه
ورندو آهي. پر وري به احمد کي هن تي رحم آيو ۽
نورو کي اسڪول ۾ پٽيوالي وٺي ڏنائين..
از: ظفرعلي لاکير
[سائنس]
سائنس جي علمي ميدان ۾ مسلمان سائنسدانن جون
خدمتون]
اڄ دنيا جيڪا سائنس جي وسيلي ترقيءَ جي هن عروج تي
پهتي آهي، ان جو سبب اسلامي علم ۽ مسلمان
سائنسدانن جي ڪاوش جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ ته اسلام
کان ٿورو وقت اڳ عيسائي پادرين عوام کي اها تعليم
ڏني ته دين دنيا جو سمورو علم”انجيل پاڪ“ ۾ موجود
آهي. ان کانسواءِ باقي علم انسان کي گھمراه ڪندڙ
آهي. اهوئي سبب هو، جو انهي تعصب ذهنن جي ڪري
يوناني عالمن جي ڪتاب پڙهڻ کان روڪيو ويو ۽
ڪيترائي ڪتب خانه ساڙيا ويا. وڏن بزرگن عالمن کي
شهيد ڪرايو ويو، اسڪول بند ڪرايا ويا، جتي سائنس
جي تعليم ڏني ويندي هئي.جھالت ۽ ناداني وارو هي
دؤر تقريبا هڪ هزار سالن تائين يورپ جي سرزمين تي
موجود رهيو، جنهن کي تاريخ جي اڪابرن جھالت ۽
اونداهيءَ وارو دؤر سڏيو آهي، پر ايڏي جھالت ۽ ظلم
جي باوجود مسلمانن، سائنس جي علم کي زنده ڪرڻ لاءِ
پنهنجي سر تي جفائون سهي، سائنس جي علم کي ٻيهر
اجاگر ڪيو.
ٿوري عرصي بعد، عرب جي سرزمين تي اسلام جي چڻگ
دکي، جيڪا دکي روشني جي لاٽ ٿي پئي 8 صديءَ کان 13
صدي عيسوي واري زماني کي علم وحڪمت جو دؤر چيو وڃي
ٿو. انهيءَ دؤر ۾ مسلمان سائنسدانن نه رڳو فلسفي،
طب رياضي، فلڪيات ۽ سائنس جي ٻين علمن کي به زندهه
ڪيو پر ان سان گڏو گڏ سائنس جي ميدان ۾ اڳ جيڪو به
سمورو مواد محفوض ڪيو هو، انهي کي پنهنجي عربي پاڪ
ٻوليءَ ۾ ترجما ڪري علم سائنس کي هڪ وڏو ذخيرو
مهيا ڪيو ۽ نهايت اعليٰ تبصرا ڪري تشريحون به پڻ
لکيائون جو اڄ يورپ وارن کي جالينوس، افلاطون ۽
بقراط علوم ۽ فڪر جون تشريحون عربي ٻوليءَ ۾ ملن
ٿيون.
مسلمان سائنسدانن باقائدي تجربا ۽ مشاهدا ڪري
سائنس جي ميدان ۾ سائنس جي علم جي هر شاخ متعلق
ڄاڻ ڏني آهي جن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
علم طبphysics.
,،
جي سلسلي ۾ بوعلي سينا علم طب ۾ ڪافي ڄاڻ ڏني، هن
جو لکيل ڪتاب (قانون شفا) سڀني علاجن جو انسائيڪلو
پيڊيا آهي. عمرخيام جيڪو فارسيءَ زبان جو شاعر پڻ
هو. تنهن هڪ ڪلينڊر ايجاد ڪيو، جيڪو جديد دؤر جي
ڪلينڊرن کان زياده صحيح هو. عباس بن سعيديحيٰ بن
منصور ابوطيب بن علي ابن عيسٰ زمين جو قطر
Diameter,،
معلوم ڪيو فارابي سائنسدان علم موسيقيءَ تي ڪتاب
لکيا، سندس موسيقي تي لکيل ڪتاب ”موسيقي الڪبير“
نهايت اهم آهي. يعقوب ڪنڊي آواز ۽ ان جي ماهيت
(Nature)
متعلق ڪافي ڄاڻ ڏني.
البيرونيءَ ٻڌايو ته روشني جي رفتار آواز کان
زياده آهي. زمين قطر ۽ زمين جي گھيري جي ماپ پڻ
ٻڌائي. بنوموسيٰ ”ميزان“ تي ڪتاب لکيو. ان
کانسواءِ ٻين ڪافي سائنسدانن علم طب ۾ نهايت مفيد
معلومات فراهم ڪئي.
علم ڪيميا
Chemistry.،
جي ميدان ۾ ڪيميادانن ۾ خالد بن زيد، امام جعفر
صادق ۽ جابر بن حيان جا نالا قابل تعريف آهن. جابر
بن حيان نوان عنصرElements,،
۽
Compounds,،
۽ ڪيميائي طريقا دريافت ڪيا. الرازي ماتا جي مرض
تي هڪ هڪ ڪتاب لکيو. ابن سينا جو لکيل ڪتاب
(القانون في الطب) مسلم ملڪن ۾ توڙي يورپ ۾ صديون
مشهور رهيو. ابوالقاسم زهروي هڪ وڏو ماهر طبيب ۽
سرجن هيو.
Biology
جي علم ۾ عبدالمالڪ اصمعيٰ علم
حيوانيات
Zoology))
۽ علم نباتات
Botany))
جو وڏو ڄاڻو هيو.
علم رياضي
Mathametics))
جي سلسلي ۾ مسلمان سائنسدانن وڏا ڪارناما سرانجام
ڏنا هنن يوناني ۽ هندستاني رياضيدانن جي تجربن جي
جاچ پڙتال ڪري انهن تي مفيد شرحون لکي علم رياضيءَ
جي ميدان ۾ وڏو ذخيرو مهيا ڪيو. رياضي جي ميدان ۾
عمر خيام، سفير الدين طوسي محمد بن موسيٰ،
الخوارزمي ڪمال الدين ۽ ابن الهشيم جا نالا اچي
وڃن ٿا. خوارزمي ڏهائي نشاني استعمال ڪري رياضي ۾
هڪ جديد انقلاب پيدا ڪيو ۽ الجبرا تي پڻ طبع
آزمائي ڪئي.
سائنس جي ميدان ۾ مسلم سائنسدانن ٻين ڪيترن ئي
علمن تي پنهنجون تحقيقاتون ڪيون جهڙوڪ: تاريخ،
جاگرافي، سياست، معدنيات وغيره ۾ خدمتون سرانجام
ڏنيون.
جاگرافي متعلق ”شريف الاد ريسي“ سائنسي طريقي تي
دنيا جو خاڪو تيار ڪيو. سمنڊن تي تحقيقات ڪري ابن
ماجد ڪيترائي ڪتاب لکيا. اهوئي سبب هو جو واسڪو ڊي
گاما انهيءَ جي رهنمائيءَ ۾ ڪئلڪيٽ پهتو.
مطلب ته سائنس جي ميدان ۾ مسلم سائنسدانن سائنس
جي هر شعبي ۾ عظيم خدمتون پيش ڪيون آهن، جيڪي
واقعي تعريف جي مستحق آهن.
سنتوش ڪامراڻي
بڙ جو وڻ
هاڻي ته خاص طور تي شهرن ۾ ۽ آهسته آهسته اسان جي
ڳوٺن ۾ به ننڍن گھرن ۽ فليٽن جو سسٽم جو رواج عام
ٿيندو پيو وڃي جن ۾ نه وڏا اڱڻ هوندا آهن ۽ نه ئي
وري گل ٻوٽا ۽ وڻ ٽڻ پوکڻ جي گنجائش. پر اڳي جا
گھر جيڪڏهن توهان ڏسندو ته اهي نه صرف وڏا ڪشادا ۽
هوادار هوندا هئا، پر انهن ۾ اڱڻ ۽ باغ لاءِ به
تمام مناسب جڳهه ڇڏيل هوندي هئي ۽ هونئن به هڪ عام
خيال اهو هوندو هو ته جتي وڻ گھڻا هوندا اتي صحت ۽
خوشحالي به گھڻي هوندي ڪو وقت هوندو هو. جڏهن هر
گھر ۾ وڻ جو هجڻ خوشبختي جي نشاني سمجھيو ويندو
هو. ماڻهو به ڏاڍي چاهه سان پنهنجن هٿن سان چڪيون
هڻندا هئا، انهن کي پاڻي وغيره ڏئي وڏو ڪندا هئا،
اها تمام فخر جي ڳالهه سمجھي ويندي هئي، ته نه صرف
گھرن ۾ پر ٻاهر رستن تي ۽ روڊن جي ڪناري تي وڻن
جون باقائده قطارون پوکبيون هيون. اهڙن وڻن پوکڻ
وقت اهو خاص طور تي خيال رکيو ويندو هو، ته وڻ وڏا
۽ گھاٽا هجن جيئن انهن جي ڇانوءَ ڪو مسافر به
گھڙيون آرام ڪري سگھن اهڙن وڻن مان هڪ وڻ بڙ جو به
هوندو هو، جنهن کي اڄ به ماڻهو پنهنجن گھرن ۾ هڻڻ
پسند ڪندا آهن. بڙ جو وڻ ته توهان به ڏٺو هوندو.
اسان جي هن ڏکڻ واري علائقي ۾ هي هيڏو خوبصورت وڻ
تمام گھڻو ملندو آهي. 90 يا 100 فٽ کن ته هي ڊگھو
هوندو آهي ۽ وڌيڪ خوبصورت وري هن وڻ جون پري پري
تائين ڦهليل شاخون پيدا ڪنديون آهن.
هي وڻ نه صرف تمام گھڻي ٿڌي ڇانوءَ ڏيندو آهي، پر
انيڪ بيمارين لاءِ يڪ ٽڪ علاج پڻ آهي.
خدا نه ڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن سبب جي ڪري بيهوش
ئي ٿي ويندو آهي ته حال في الحال ته سڀ گھر وارا ۽
مٽ مائٽ پريشان ٿي ويندا آهن ته هاڻي آخر ڪجي ڇا؟
اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ڪو بڙ جو وڻ ويجھڙائي ۾ هجي ته
هن جي ٿڙ يا پنن کي پٽڻ وقت نڪرندڙ کير جا چند ڦڙا
مريض جي نڪ ۾ وجھڻ گھرجن. جيڪڏهن ممڪن ٿي سگھي ته
ان کي ماکي سان ملائي مريض جي نرڙ تي ليپ ڪرڻ سان
مريض منٽن ۾ هوش ۾ اچي ويندو.
اهو ته بڙ جو هڪ معمولي فائدو هو، پر ان کانسواءِ
اکين ڏندن گلي، سيني، ڦڦڙن، دل، معدي، جيري، هاضمي
۽ بخار کانسواءِ به ٻين ڪيترن ئي بيمارين جي لاءِ
بڙ هڪ ٽڪ علاج آهي.
جيري جي خرابي سبب سائي ٿي پوندي آهي، جنهن ۾
اکيون، جسم جي کل ننهن ۽ زبان بلڪل پيلي ٿي پوندي
آهي. ماڻهو جي بک مري ويندي ۽ جسم ۾ رت به نه
ٺهندي آهي. بڙ جي خوبين تي تحقيق ڪندڙ چون ٿا ته
سائي ڪيڏي به گھڻي ڇو نه هجي. هي وڻ ان علاج لاءِ
يڪ ٽڪ آهي. بڙ جي وڻ جي ٿڙ جي مٿين کل لاهي ڦٽي
ڪري ڇڏيو. ان جي اندران واري مادي جا تقريبا وزن ۾
4 توله کڻي ڏيڍ پاؤ کن پاڻي ۾ رات جو وجھي ڇڏيو.
صبح جو اهو پاڻي ڇاڻي گھٽ ۾ گھٽ ٻن هفتن تائين
مريض کي استعمال ڪريو. ۽ ها اها ته اوهان کي خبر
هوندي ته ڏهي ۽ ٻيا رس وارا ميوا پڻ هن مرض لاءِ
بيحد مفيد هوندا آهن. |