ليکڪ: ليوس ڪيرول
مترجم: سليم سهتو
[ٻالڪ ناول]
خوابن جو سير
[باب ٻيو]
هي ڇا؟ ڪيڪ کائڻ کان پوءِ ايلس جو قد تيزيءَ سان
وڌڻ لڳو. کيس ائين محسوس ٿيو ته سندس مٿو آسمان
سان وڃي لڳندو. جڏهن هن پنهنجي پيرن ڏانهن ڏٺو ته
هن کان رڙ نڪري وئي . ”الله“ منهنجا پير ڪيترا.
وڏا ٿي ويا آهن. هاڻي مان جوراب ۽ بوٽ ڪيئن
پائيندس؟ ۽ هتي ڪير آهي جو ان ڪم ۾ منهنجي مدد
ڪندو.“
هوءَ اهو سوچي رهي هئي جو سندس مٿوڪمري جي ڇت سان
وڃي لڳو. هاڻي هُن جو قد نو فٽ هئو. هُن جلدي ۾
اها سونهري ڪُنجي کڻي ورتي ۽ باغ واري دروازي
ڏانهن وڌڻ لڳي. پر افسوس جو ايلس جو قد ايترو ته
وڌي ويو هو. جو هوءَ هڪ اک سان جھاتي پائي ڏسي پئي
سگھي. سندس هٿ به ٻاهر نڪري نه پئي سگھيو. ايلس کي
روئڻ اچي ويو. هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ”
مان ايتري وڏي ٿي وئي آهيان . پوءِ مون کي روئڻ ٿو
اچي، مان چپ ڇونٿي ٿيان“ سندس ڳوڙها نه پئي بيٺا،
ڪنهن ننڍڙي ناليءَ وانگر پئي وهيا. ايتري قدر جو
ڳوڙهن جو پاڻي سڄي ڪمري ۾ پکڙي ويو ۽ ڇهه انچ
اونهو هڪ تلاءُ بڻجي ويو.
امالڪ هُن کي ڪنهن جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن
جلدي پنهنجون اکيون اُگھيون ۽ تڪڙ ۾ ڏٺو ته ڪير
اچي رهيو آهي. هي اهو ئي سهو هو. جيڪو عمده ڪپڙا
پهري آڪڙجي هليو رهيو هو. سندس هڪ هٿ ۾ اڇي رنگ جا
هٿن جا جوراب هئا ۽ ٻئي هٿ ۾ هڪ گؤرو پکو هو. هُو
ڏاڍي تڪڙ ۾ هو ۽ بڙ بڙ پئي ڪيائين. الاڙي ڪٿي
سانئڻ ڪاوڙجي نه وڃي مون ڏاڍي دير ڪري ڇڏي آهي“
ايلس ان وقت ڏاڍي پريشاني هئي. هوءَ ڪنهن کان به
مدد حاصل ڪرڻ لاءِ تيار هئي. جڏهن سهو ان جي هٿن
مان دستانه ۽ پنکو ڪري پيا ۽ هو ٽپا ڏيندو. انڌيري
۾ هڪ ڪنڊ ڏانهن ڊوڙي ويو.
ايلس پکو ۽ دستانه کڻي ورتا. ڪمري ۾ ڏاڍي گرمي
هئي. هٿ جي پکي سان هوا ڪرڻ لڳي ۽ سوچڻ لڳي ۽ سوچڻ
لڳي اڄ سڀ ڳالهيون ڪيتريون عجيب ٿي ويون آهن .
ڪالهوڪو ڏينهن ڪيترو مزي سان گذريو هو.خبر ناهي
مان ڪيترو بدلجي ويو آهيان. ڪٿي منهنجي صورت
منهنجي ساهڙين مان ڪنهن وانگر ته نه آهي؟ ايڊا جا
وار گھنگھرالوي آهن ۽ نوبل ڱي ته ڪجھ اچي ئي نٿو.
مان ته گھڻو ڪجھ ڄاڻان ٿي. مون کي ته هاڻي به جوڙ
۽ ڪٽ جا حساب ياد آهن. انگ به ياد آهن ۽ کوڙا به
پنج چوءنڪ ويهه ۽ ڇهه چونڪ چوويهه ۽ ست چونڪ
ٿيا........ خير وڃڻ ڏي. انگن ۽ کوڙن ۾ ڇا رکيو
آهي! ڪو مون کان جاگرافي جا سبق ٻڌي. ۽ لنڊن پيرس
جي گادي جو هنڌ آهي ۽ روم..... نه“ نه مان هي سڀ
ڇا پئي بڪواس ڪيان؟ اهو ته سڀ غلط آهي“ هن کي ٻيهر
روئڻ آيو.
هو پکي سان هوا به ڪري پئي وئي ۽ گڏو گڏ سڏڪا به
ڀريندي رهي. هن دستانه پائي ڇڏيا. امالڪ کيس لڳو
ته سندس قد ننڍو ٿي رهيو آهي هوءَ پاڻ کي ماپڻ
لاءِ فورا ٽپائي جي ڀر ۾ وڃي بيٺي. هاڻي ڊيگھ فقط
ٻه فٽ وڃي بچي هئي. ۽ هوءَ تيزي سان سڪڙجندي پئي
وئي. هوءَ سمجھي وئي. ان جو سبب اهو پکو هو. جنهن
سان هوءَ هوا ڪري رهي هئي هُن پکي کي فورا پري
اڇلائي ڇڏيو ۽ اطمينان جو ساهه کڻي چيائين:“ اي
الله مان ته وار وار بچي ويس! نه ته پکي سان هوا
ڪندي مان ته ڪويليءَ کان به ننڍي ٿي وڃان هان،
هاڻي هلي باغ جو سير ڪجي ۽ پوءِ هو ننڍي دروازي
ڏانهن وڌي پر دروازو ته بند هو. ۽ ان جي چاٻي هن
ٻيهر ٽپائي تي رکي ڇڏي هئي . ايلس جيئن ته هاڻي
ٻيهر ننڍي ٿي وئي هئي، تنهن ڪري سندس هٿ ميز جي
مٿان نه پئي پهچي سگھيو. هو خفا ٿيندي چوڻ لڳي
”اڙي“ هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي، ايتري ننڍي ته مان به
ڪڏهن ڪونه هيس. اهو ته ڏاڍو خراب ٿيو.“
امالڪ سندس پير ترڪيو ۽ ڌڙام جي آواز سان هوءَ
ڳچيءَ تائين کاري پاڻي ۾ ڪري پئي. پهرئين ته هن
ايئن ڀانئيو ڄڻ هوءَ سمنڊ ۾ ڪري هجي. پر جلدي کيس
خبر پئجي وئي ته اهو، اهو ڳوڙهن جو ٺهيل تلاءِ
آهي. جيڪي هن ڳاڙهيا هئا، ۽ جڏهن هو نو فٽ ڊگھي
هئي. اف ڪيترو چڱو ٿئي ها جي مون نه رنو هجي ها
لڳي ٿو ته پنهنجن ئي ڳوڙن ۾ ٻڏي مري ويندس، اها ته
اڃان به عجيب ڳالهه ٿي ويندي، ماڻهو چوندا ته ايلس
پنهنجن ئي ڳوڙهن ۾ ٻڏي مئي.“
ايتري ۾ هن ويجھو کان ڇپ، ڇپ جو آواز ٻڌو، هو ڊڄڻ
لڳي ته ڪٿي سامونڊي گھوڙو ته نه آهي، پر جڏهن هن
هوءَ ان شيءِ جي ويجھو پهتي ته ڏٺائين اهو ته اهو
هڪ ڪوئو هو، جيڪو هن وانگر ترڪي ڳوڙهن جي تلاءُ ۾
تري رهيو هو.
ايلس پهرين ته سوچيو ته هن کي ڪجھ چوڻ ۽ ٻڌڻ بيڪار
آهي. پر پوءِ هن چيو ”اوڪُئا! ان تلاءُ مان ٻاهر
نڪرڻ جي تو کي خبر آهي؟ مان ته ترندي ترندي ٿڪجي
پئي آهيان، اي ڪُئا“ ۽ هن کي پنهنجي ڀاءُ واري
گرامر جي ڪتاب مان اسم جي فاعلي صورت ۾ سبق ياد
اچي ويو ۽ هو ورجائڻ لڳي ” هڪ ڪُئي، هڪ ڪئي کي
ڪوئي جي لاءِ ...اي ڪُئا ! ان ڳالهه تي ڪُئي حيرت
سان هن ڏانهن ڏٺو ۽ پنهنجي ننڍڙي اک مچڪائي. ايلس
کي شرارت سُجھي. هن کانئس پڇيو ”ادا ڪُئا“ ٻلي
تنهنجي ڇا لڳندي آهي “؟ اهو ٻڌي ڪُئي ٽپو ڏنو ۽
ڪنبڻ لڳو. ايلس فورا چيو!“ معاف ڪجانءِ مان بلڪل
وسري وئي هيس ته ٻلي تو کي بلڪل پسند نه آهي.“
ڪُئي پنهنجي سنهڙي آواز ۾ چيو. جيڪڏهن تون منهنجي
جاءِ تي هجين ها نه ته ڇا ٻلي کي پسند ڪرين هان؟
وڏي آئي ڳالهين ٺاهڻ واري.“
ڪئو ترندو هن کان ڏاڍو پري نڪري ويو. هاڻي ڳوڙهن
جي تلاءُ ۾ رش وڌندي پئي وئي. طرح طرح جا جيت
جيڻان ۽ ٻيا جانور ان ۾ اچي ڪريا هئا ۽ تري ڪناري
ڏانهن پهچڻ جي ڪوشش ۾ هئا. ان ۾ بدڪ هئي، طوطا ۽
چٻرا هئا ۽ نه معلوم ڪهڙا ڪهڙا ٻيا جانور هئا. سڀ
جانور ايلس جي پويان قطار ٻڌي ترڻ لڳا ۽ ڪنهن نه
ڪنهن طرح اهي سڀ ڪناري تي وڃي پهتا.
تحرير: صالح سنجراڻي
نانيءَ جي مار
اسان جڏهن ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين، ته اسان سان گڏ
ناني به رهندي هئي ، پر ناني جو تڪرار هوندو ئي
مون سان هو. تڪرار ان ڪري هوندو هيس جو منهنجي
خراب عادت هوندي هئي، شل رڳو نانيءَ ٻوڙ چاڙهي، بس
وٽو کنيو مٿن بيٺو هوندو سانس، ناني وري انهي عادت
تي ڏاڍو چڙندي هئي، ناني جي چڙڻ تي مون کي رونشو
لڳندو هو. ڪڏهن ته ناس واري دٻلي کڻي لڪائي ڇڏيندو
هو مانس، بس پوءِ ته مون تي وڏ ڦڙي مينهن وانگر
ڪڙڪي پوندي هئي. پوءِ ناني منهنجي پويان مان ناني
جي اڳيان ڀڄ ڀڄان نيٺ ناني ٿڪي پوندي هئي. پوءِ
پري کان بيهي دڙڪا ڏيندي هئي. ڇورا تون رڳو هاڻي
گھر اچ ته سهي. پادر ته هڻائين“ پوءِ ناني جي ڀوء
کان شام جو سج لٿي اچي امان جي پاسي ۾ سمهي پوندو
هيس.
هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو ناني پنهنجي ڪمري ۾ ستي پئي
هئي ته اوچتو مان به سندس ڪوٺي ۾ هليو ويس. ناني
تيز کونگهرا پئي هنيا. جو ڊنس ٿي. ناني اهڙا ته
کونگھرا تيز هڻندي هئي، جو ڪيڏي ڪيڏي محل ته گھر
جا ننڍڙا ٻار به اٿي پوندا هئا ۽ ناني جو وات به
ائين پٽجي ويندو هو. ڄڻ ڪا شي کائڻ لاءِ وات پٽيو
پئي آهي. ان ڏينهن مون به چيو ته ڇونه ناني کي
ٿورو پريشان ڪيان، مون سوچيو ته ناني جي وات ۾ لوڻ
چپٽي ٿو وجھانس پر وري سوچيم ته جيڪڏهن پڪڙجي پيس
ته پوءِ ته ناني اڳيون پويون ڪسرون ڪڍندي، آخر مون
کان رهيو نه ٿيو مان وڃي رڌڻي مان لوڻ چپٽي کڻي
آيس، ناني جيئن وات پٽيو ستي پئي هئي ته مان به
آهستي آهستي وڃي وات ۾ لوڻ وڌو مانس، جيئن وات ۾
لوڻ وڌو مانس ته اوچتو اهڙو ڇرڪ ڀريائين جو مورڳو
کٽ تان ٿي ڪري. مان اڃان در به نه ٽپيس ته منهنجي
سلوار جو پاڇو پاڇو ڦاٽل هو. اوچتو ان ۾ پير وچڙي
پيو ڌو وڃي پٽ تي ڪيم. در جو ڌڪ به اهڙو لڳو جو
اکين اڳيان اونڌهه ڇانئجي وئي، اڃان گوڏن تي زور
ڏيئي اٿڻ جي پئي ڪيم، ته تيستائين ناني به اچي ڪن
مان جھليو، ناني جو هڪ هٿ ڪن ۾ هو ته ٻئي هٿ سان
در جو اندران ڪڙو ڏئي ڇڏيائين. ناني چوڻ لڳي ته
ٻچڙا مس مس هٿ آيو آهين هاڻي تنهنجي منهنجي خبر
پوندي، ان محل مان ائين پيو ڏڪان جڻ جنوري جي
مهيني ۾ پٺن اگھاڙو ٿڌ ۾ بيٺو هجان. ناني چيو
”هون“. هاڻي ته ڪيئن ٿو ٿڙڪين، اڃان ڏڪندي هاڻ
مڙئي اک ڏيکاري اٿم. ترس مان تو کي ڏسان ٿي، پهرين
ناس ڏيئي وٺان، ناني گگھي رچوڦڙي، يعني کيسي مان
ناس ڪڍي هڪ چپٽي نڪ جي ساڄي پاسي ۾ ڏئي اهڙا ته
زور سان ڌڪ هڻڻ لڳي جو ناس ڏيڻ کان پوءِ ڄڻ ناني
کي به ٻه سئو وولٽ“ پاور اچي ويو هجي منهنجي دانهن
مٿان دانهن هئي ناني کي به اوڏي مهل رونشو لڳو.
مان جيئن پيو دانهن ڪيان تئين ناني به زور سان پئي
ڌڪ هنيان، چيائين پئي ته پٽ تو به گھڻا ڏينهن مستي
ڪئي آهي ڀلي ڪر دانهون ته خبر پئي ناني کي چيم
ناني او منهنجي پياري ناني مان اڳتي ائين نه ڪندس،
بس مون کي معاف ڪر مون توبهه ڪئي گيسي ڪئي ناني
چيو. هاڻي نڪ سان ليڪو ڪڍ ته پوءِ ڇڏيائين. جيڪڏهن
نڪ سان ليڪو نه پيو ڪڍان ته اڃان وڌيڪ مار پيو
کانوان، نيٺ نڪ سان ليڪو ڪڍيم پوءِ مس مس ناني
ڇڏيو. پر ائين ته اڳتي تنگ نه ڪندين مون چيومانس
ناني رڳو مون مان هٿ ڪڍ مون توبهه ڪئي.
هڪ استاد ۽ شاعر نواز رڪڻاڻي
ننڍپڻ جون ساروڻيون
سانوڻ جا ڏينهن هئا،اسان جي ڳوٺ رڪڻ پراڻا وارو
واهه نئون وهي آيو هو. واهه ۾ اسان کي ڳچيءَ ۾ تي
پاڻي آيو ٿي.واهه اڃان تار ٿي وهيو ڪونه هو. اسان
ٻار پاڻيءَ ۾ تُڙڳي داڦوڙا هڻي رهيا هئاسين. مان
واهه جي هن پاسي هڪ ٿلهي لئيءَ جي وڻ تي چڙهي
پنهنجي ڳوٺ جي وڏن ٻارن کان اسڪولي بيت بلند آواز
۾ پئي ورجايو:
مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو،
پيار منجھان ٿي گود وهاريو،
خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو،
منهنجي امڙ
مون کي ياد آهي، مان ڪافي بيت يا انهن جا ٽڪرا ٻين
کان ٻڌي بر زبان ياد ڪندو هوس، هڪ ڏينهن بابا جو
ماسات لونگ ٻڌندو آيو. ان چيو ته ” اڙي چاچو پڃيل
آهين نه؟“ منهنجو پهرين ڇٽيءَ جو نالو، بابا جن
پڃل يا پڃيو رکيو هو، ڇو جو منهنجي ڏاڏي جي ڀاءُ
جو نالو پڃل هو، ناهر نالو مون تي رکيو هئائون،
منهنجي سڳي نانيءَ جي، رنڙ ٿيڻ کان پوءِ ان سان
شادي هوس، ناني مون کي مڙس جي نالي سان نه سڏيندي
هئي ان ڪري اها مون کي پيار مان اَڪُو چوندي هئي؛
چاچي لونگ مون کي چيو ته، ”سڀاڻي اسڪول وڃ وڃي
پڙهه، مان پڻهين کي چوان ٿو ته اسڪول موڪلئي“ بيت
ياد ڪرين ٿو باقي پڙهين ڪونه ٿو؟“ مون ڊپ وچان
هٻڪي چيو ته: ” مان پڙهندس“ ”ها جوان ٿيو، پڙهو،
نه ته اسان وانگر پيا مزوري ڪندؤ“ مون کي شوق ٿيو
ته مان پڙهان. رات جو امڙ کي چيم ته ” امان پڙهڻ
وڃان؟“ ابا، الله پڙهيو نصيب ڪندو شوق اٿئي ته وڃي
پڙهه.“
رات جو مون ڪرڙ، بصر ۽ سلطان کي به چيو يار هلو ته
هلي پڙهون، ڪرڙ جنهن کي هاڻي عبدالستار سڏيون
ٿا،بصر کي غلام رباني چوندا آهيون، اهي هڪ جيڏا
هئا صبح جو پٽي کڻي پنهنجي همعصر ٻارن يعني کيڏڻ
وارن يارن سان رهلي ۾ نورپور پهتاسين، انهن ڏينهن
۾ اسان کي ويجھو اسڪول نورپور هو، جنهن کي گھلپور
به سڏيندا آهن. ان وقت اسان جي ڳوٺ مان چار پنج
وڏا ڇوڪرا به پڙهڻ هلندا هئا، خدا بخش، فقيرمحمد،
محمد يوسف (منهنجو وڏو ڀاءُ)، امام بخش ۽ نبن شاهه
ٻيا حافظ عرض محمد جي ڳوٺ جا ٻار آدم چنو،
سائينداد کوسو، يوسف چانڊيو ٻه ٽي ٻيا يار به دادو
ڪئنال تي ملندا هئا، مهينو کن ته بنا داخلا پيا
ايندا هئاسين. پوءِ ٻاراڻي ڪتاب ۾ استاد اسان جا
نالا لکيا. ان وقت نورپور اسڪول جو هيڊ ماستر
سائين ريوا چند استاد هو. نائب ماستر، سائين نوند
ڏنو چنو هو. اسان هاڻي ڀانيان ٿو ته اسڪول ۾ 1938ع
۾ داخل ٿياسين، مون ٻاراڻو پاس ڪيو، پهريون پاس
ڪيو، اسن شوق سان اسڪول ايندا هئاسين. اسن ننڍن
ٻارن ۾ هڪ غلامي ربانيءَ ۾ ڀڄڻ جي عادت هئي، باقي
ٻيا سڀ شوق سان اسڪول ويندا هئاسين 1939ع ۾ زوري
تعليم دادوءَ جي مخلص سياستدان حاجي پير الاهي بخش
رائج ڪرائي جو وزير تعليم هو. مان وڏي ٿيڻ کان ٻئي
درجي جڏهن آيس ته پوءِ هيڊ ماستر سائين محمد رمضان
پنهور ٿي آيو. جيڪو پيارو ڳوٺ جو ويٺل هو. زوري
تعليم ۾ ٻارن جو تعداد وڌيو، پوءِ نور پور ۾ چار
استاد ٿيا محمد آچر پنهور سائين محمد ادريس جو پٽ
به نائب ماستر ٿي آيو، سائين علي حسن ملاح پراڻي
ديري جو، سائين امام علي پنهور ۽ سائين محمد
اسماعيل جو پٽ، جيڪو پوءِ اي، ڊي، ايم روينيو ۾
ٿيو، سائين مير محمد پلهه، اهي استاد ٽئين درجي
تائين رهيا، هڪ ڳالهه جنهن منهنجي ڪچڙي ذهن ۾ ڀؤ
پيدا ڪيو ۽ مان ان ڳالهه ڪري ننڊ ۾ ڇرڪ ڀريندو
هوس، امڙ جاڳائي مون کان پڇندي هئي، ڇو ته ان کي
اڻ ڄاتل خوف هوندو هو ته مون کي ڪو حساب (جن) ته
نه ٿيو آهي. اها ڳالهه هئي ته رسيس ۾ اسان گهلپور
جي ڦٽل بازار مان کٽاڻ، ڳڙ، ماني کائڻ لاءِ وٺڻ
ويندا هئاسين يا ڪو گھر جو سودو، اها ڳالهه پهرين
درجي جي آهي. اڃان سائين ريواچند هيڊ ماستر هو.
مان به ٻين ڇوڪرن سان گڏجي هندو ڀائِن جي دڪان تي
ويس اتي ڀائيءَ جنهن جو نالو مورند مل هو ان چلم
پئي ڇڪي، هو اٿي دڪان ۾ ويو ته مون ان ٻاراڻي خيال
کان نڙ چلم وارو کڻي گھريءَ ۾ پيل پاڻيءَ کي ڦوڪ
ڏنم، ته جيئن هو بوڙيا ڪري، اوچتو واڻئي جي نظر
مون تي پئجي ويئي، بس هن مون تي جُھل ڪئي مان وٺي
ڀڳس . واڻيو پويان ڪاهي پيو، مون کي پويان ڪو ڌڪ
اڇلائي به هنيائين، مان اسڪول جي پٺ ڏئي جھنگ جو
پاسو ورتو، مون کي اها سڌ ڪانه رهي ته ڀائي ڪاوڙيو
ڇاتي. خير مان لڪندو لڪندو اسڪول ۾ پهتس، ٿوري دير
کانپوءِ واڻيو جي دري جي ٻاهران اچي بيٺو سائين
ريواچند کي نڙ جي دانهن ڏنائين؛ استاد الاهي ڇا
ڪندو، استاد مون کي ڏڪندو ڏسي واڻئي کي چيو ته سيٺ
ٻار آهي ننڍو، هن کي مان ڇا مار ڪڍان باقي نَڙ جا
پئسا ٻه آنا کڻي وڃي نڙ وٺ، جوٺو ٿيل نڙ ڦٽي ڪر،
واڻيو پئسا استاد کان وٺي بڙبڙ ڪندو هليو ويو،
پوءِ جيتر واڻيا هئا مان موروند مل جي دڪان تي نه
ويس، اها ڪاوڙ واڻئي واري منهنجي ذهن کي ڪمزور
بڻائيندي رهي، ٻئي درجي ۾ ٿيس ته مهينو کن، اسڪول
يوسف پنهور ۾ ويس، ڇو ته اتي اسان جو مائٽ سائين
عبدالواحد ماستر هو، اسڪول ملان مڪتب هو. هيڊ معلم
ميان محمد بچل پنهور هو، هڪ ڇوڪري هڪ ڇوڪرو
عبدالقيوم ملان جو پٽ به مون سان پڙهندا هئا،
ڇوڪري جو نالو شايد بانو هو. مان ڳوٺ نه ڇڏي سگھيس
ان ڪري وري اچي نوپور ۾ پڙهيس، ٽيون پاس ڪري محمد
سلطان ۽ مان سائين محمد عارب سان الهه آباد پڙهڻ
وياسين. اتي ڏيڊ سال لڳاتار رهياسين، هفتي تي آخر
رات ڳوٺ ايندا هئاسين، باقي اسڪول ۾ رهندا هئاسين،
ڀيٽا جي امتحان جي تياري ڪندا هئاسين، اتي سائين
محمد عارب سان ٻيو استاد الهه ورايو به رهندو هو،
۽ حڪيم محمد صالح به اسان سان گڏ رهندو هو ابراهيم
ڪچيءَ وارو محترم صلاح الدين پنهور سوشل ويلفيئر
جو ڊارئريڪٽر جو پيءُ آهي.
الهه آباد اسڪول ۾ ان وقت هيڊ ماستر سائين محمد
يعقوب پنهور هو ۽ ٻيا ست اٺ استاد هئا، جن ۾ سائين
هاسارام الهه آباد ڳوٺ جو ويٺل هو، ٻن استادن جا
نالا نٿا اچن، جو اهي اسان جي ڪلاس جو پيرڊ ڪونه
وٺندا هئا. جي سائين محمد عارب نه هوندو هو، ته
پوءِ سائين هاسارام اسان جي ڪلاس ۾ اچي پڙهائيندو
هو، اسان سان تلجارام ۽ ڄيٺومل ٻه هندو شاگرد ڪلاس
چوٿين ۾ پڙهندا هئا، تلجارام جي مون سان دوستي
هئي، هو آچار کڻي ايندو هو، مان هن لاءِ چڻن جا
ڦوٽا ۽ ڦريون ڪچي جون آڻيندو هوس، هڪ دفعي جي
يادگيري اٿم ته استادن کي امتحان ۾ ڪڪڙيون مليون
هيون، سو اتي استاد ٻه ٽي ڪڪڙيون ڪهائي ٻوڙ رڌرايو
ٿي، استاد الهه ورايو جيڪو ذات جو لاکير هو، ان
چيو ته ڪڪڙين جون ٻوٽيون ڪيو هڪ مون کي ڏنائين، ۽
ٻيون ٻين ٻارن کي ڏنائين مون ڪڪڙ جھلرائڻ لاءِ
تلجارام کي سڏيو، هو خاموش مون سان ڪڪڙ جون ٻوٽيون
ڪرڻ ويٺو، اوچتو سائين هاسارام، جيڪو تلجارام جو
سئوٽ هو، اهو آيو، ان وڃي سائين محمد عارب کي چيو
ته ”تلجو ويشنو آهي هو ڪا به جاندار (ساهواري)
شيءَ نه کائيندو آهي، ان ڪري الله نواز ڪڪڙ ويٺو
ڪپرائي، سائين اتي آيو مون کي چڙٻيائين ته هن کي
ڇو ٿو ڪڪڙ ۾ هٿ وجھرائين، مان اها مام سمجھي ڪو نه
سگھيس، پوءِ مون ٻئي ڏينهن تلجارام کان پڇيو ته
چيائين ته: ”مان ويشنو آهيان“ وڍڻ جي ڪا ڳالهه نه
هئي، پر مان کائيندو ناهيان، مون هن کي چيو ڇو؟ هن
چيو:”مون کي قياس ٿيندو آهي.“
الهه آباد کان پوءِ مان سائين محمد عارب سان گڏجي
اسڪول گاجي پنهور ۾ ويس، ڇو ته سائين پنهور کي اتي
هيڊ ماستر ڪري رکيو هئائون، تڏهن مان پنجين ڪلاس ۾
پڙهندو هئس. اتي ٻيو استاد سائين امام علي پنهور
هو، جو نائب ماستر هو، هن اسڪول ۾ ٻه ماستر هئا،
شهر جو نيڪ مرد وڏيرو محمد اسحاق خان پنهور هو،
مون سان ڪلاسي امام بخش پنهور۽ غلام مصطفيٰ پنهور۽
سيد ڏنل شاهه هئا، اسان جي ڳوٺ مان خدا بخش،
عبدالستار، گل حسن کوسو نورپور جو، محمد بخش پٽ
حاجي الهه ورايوخان پنهور ابراهيم ڪچيءَ جو لونگ
پنهور ۽ ٻيا ڪيترا ٻار پڙهندا هئا، ڇهين ڪلاس ۾
مان 1944ع ۾ پهتس، مان شاعري شروع ڪئي ڇو ته مان
شوقيه ڳائيندو هئس آواز سٺو هو انهي ڪري پنهنجن
طرزن تي لکڻ لڳس، پر اهي ٻين کي ڳائي ڪونه
ٻڌائيندو هئس، مون کي فائينل تائين پڙهڻو هو.
1946ع ۾ مون فائينل امتحان ڏنو جنهن ۾ سٺن مارڪن
سان پاس ٿيس فائينل جي عرصي ۾ سائين اميد علي شاهه
( ڏنل شاهه جو پيءُ) جي اوطاق تي به ڪجھ مهينا
رهياسين فائينل ۾ محمد بخش پنهور هو پر اهو ناپاس
ٿي پيو هو، اسان جو استاد سائين محمد حسابن جو جو
تمام هوشيار هو، ان ڪري مان به حسابي ڪم ۾ دلچسپي
رکندو هوس، رانديون ٻهراڙيءَ ۾ جيڪي هونديون هيون
اهيص شوق سان کيڏندو هئس.
اٽي ڏڪر، ٻلهاڙو، ونجھوٽي، اکٻوٽ، ڦر ڦر
سونٽو،دٻلي تي ڇڻڪي. ارچڪ مرچڪ، آڦري آڦري
ڪرڙا،ڪري، نڪري، ڪُئي ٻلي،ننڍڙا هئاسون ته هلو
منهن جو ٻڪريون جي ڏڻ جان ٻيڪون ڪندا ڪڏندا
هئاسون، ناناڻي جي ڳوٺ ويندو هئس ته وري ٻيون چند
رانديون رهندا هئاسين، مان شوق سان ننڍي لاءِ ڀاڄي
کائيندو هئس، پوءِ سائي ڀاڄي هجي يا گوشت، مڇي،
کير رات جو شوق سان پيئندو هئس باقي مکڻ ڪڏهن
ڪڏهن کائيندو هئس، ڀاڄي ٻن ويلن جي ملندي هئي هته
رسندو هوس ۽ ماني نه کائيندو هوس،(بابا جن سان
گڏجي) اتي لسي ماني ملندي هئي، مهمان ٿي ويندو
هوس، زرچي اسڪول واري دؤر ۾ هڪ پئسو ملندي هئي
جنهن ۾ ٽي پايون هونديون هيون، پائيءَ جو ڳڙ، کٽاڻ
يا ٻئي ڪا شيء ملندي هئي يا ان ڪجھ پوتڙي ۾ ٻڌي
کڻي ايندا هئاسين، اهو ڏئي پوءِ ماني کائيندا
هئاسون، ڪڏهن اسان مان ڪي ڇوڪرا مڇي تريل پٽاٽا
يا واڱڻ تريل به کڻي ايندا هئا،مون کي امڙ گھڻو
ڀائيندي هئي، بعضي بعضي چلا پچائي ان ۾ مٺائي کنڊ
مکڻ وجھي بند ڪري ڏيندي هئي، اسڪول نور پور ٽي ڪلو
ميٽر ڪکن پند تي هو جنهن کي ان وقت ڪوهه سوا چوندا
هئا مان خرچي تي ڪڌهن رسندو ڪونه هئس منهنجو
سهروجو 1930ع ۾ اوورسيئر گاج تي ٿيو هو، سو منهنجي
لاءِ سٺا ڪپڙا آڻيندو هو، ان وقت هن جي شادي ٿيل
ڪانه هئي، پر اسان سان گڏ رهندو هو سندس نالو هاجي
خان هو، پوءِ ته نوڪريون ڇڏيندي ڇڏيندي اچي ايس
ايم جو ڪلاس جو انگريزي ماستر ٿيو،جتي سنڌي
پرائيمري اسڪول مان ٽي درجه انگريزي جا پڙهايا
ويندا هئا، مون 1946ع ۾ هڪ ٻاراڻو نظم لکيو هو اهو
هاڻي هٿ آيو آهي، سو گل ڦل رسالي لاءِ موڪليندس.
1946ع فائينل ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي ڪهاڻي کلي اٿم
جيڪا قسمت ڀڙايو ته ڇپرائيبي، مان ننڍي لاءِ درسي
ڪتابن سان گڏ ڪهاڻين جو ڪتاب پڙهندو هوس، حفيظ
تيوڻي جو نظم ۾ لکيل مومل راڻو، ڪافي ياد ڪيو هوم،
حافظوتيز هو جو هڪ ڦيري ڏئڻ سان بيت ياد ٿي ويندو
هو حساب سليڻي به ياد زباني حساب به جلد ڪري ويندو
هوس.
ننڍڙا جاسوس
رفيق شيخ لاڙڪاڻو
(ڪهاڻي)
رات جا ڏيهه ٿيا هئا، آسمان تي چنڊ چمڪي رهيو هو.
اسلم ۽ عامر اسڪول جي سالياني فنڪشن ۾ شرڪت ڪرڻ کا
پوءِ گھر وڃڻ لاءِ سمنڊ جي ڪناري تان گھر تڪڙو،
تڪڙو وڃي رهيا هئا ته جلدي گھر پهچي سگھن.
عامر ڏس ڪيڏي نه تيز روشني آهي منهنجو خيال آهي ته
اهو ٻيڙي آهي، پر ايترو دير سان ان ٻيڙي جو سمنڊ ۾
ڪهڙو ڪم ٿي سگھي ٿو؟ ٻيئي بيهي رهيا ۽ خيال ڪيائون
ته اها ٻيڙي ڪيڏانهن ٿي وڃي، ٻيڙي جڏهن ويجھو آئي
ته کين خبر پئي ته هيءَ موٽر واري ٻيڙي آهي، هينئر
هنن کي انجڻ جو آواز چٽو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو. ڪناري تي
پهچڻ کان اڳ ئي ان ٻيڙيءَ جي رفتار گھٽجي ويئي
هئي. هو ٻيئي ٻوٽن پٺيان لڪي بيهي. ٿوري دير کان
پوءِ هنن ڏٺو ته اها ٻيڙي سمنڊ جي ڪناري تي بيٺي
آهي ته ٻه ماڻهو لهي هيڏي هوڏي ڏسي رهيا آهن ته ڪو
موجود ته نه آهي، پوءِ اهي ٻيئي ماڻهو سمنڊ کان
ٿورو پري هڪ پراڻي بنگلي ۾ داخل ٿي ويا. اسلم ۽
عامر پئي حيران ٿيا ته رات جو هي ڏي دير ٿي ويئي
آهي ۽ هنن جو هن پراڻي کنڊر نما بنگلي ۾ ڪهڙو ڪم
آهي ان بنگلي ۾ ڇو ويا؟ پوءِ هو آهستي آهستي ان
بنگلي جي ويجھو ويا ۽ ڀڳل ڀت جي اوٽ تي لڪي بيهي
رهيا، اتان هو انهن ماڻهن جو آواز ٻڌي سگھن پيا ۽
انهن کي ڪم ڪندي پڻ ڏسي سگھن پيا، پنج منٽ گذرڻ
کان پوءِ هنن، ان کنڊرن مان چار ماڻهو نڪرندي ڏٺا
جن کي هڪ هڪ پيتي هئي جيڪي هن کنڊر ۾ اول ئي موجود
هيون، پوءِ هنن اهي چار ئي پيتيون ٻيڙي ۾ رکيون.
انهن مان هڪ ماڻهو واپس کنڊر ۾ آيو ۽ هڪ ٻئي پيتي
کڻي ويو. اهري طرح انهن ماڻهن پنج پيتيون ان ٻيڙي
۾ رکيون. ٻيڙيءَ ۾ وڌيڪ پيتي رکڻ جي ضرورت نه هئي
اهڙي طرح اهي سڀ ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي نامعلوم هند
ڏانهن هليا ويا. ستت ئي ٻيڙي نظرن کان غائب ٿي
وئي. پوءِ عامر ۽ اسلم ان ڀڳل ڀت کان ٻاهر نڪتا.
منهنجو خيال آهي ته هتي سڀ اسمگلر آهن، جيڪي ملڪ
جي مفاد ۽ سلامتيءَ خلاف پيا ڪن ۽ هو ڳجھي طريقي
سان ملڪي سون نشو اسمگل پيا ڪن.“
اسلم چيو: عامر اچ ته هن کنڊر جهڙي بنگلي کي اندر
وڃي ڏسون متان ڪو راز معلوم ٿئي، پوءِ هو ٻئي ان
ڀڳل ڀت واري رستي سان ان بنگلي ۾ داخل ٿيا ۽ ڪجھ
ڳولڻ لڳا، بنگلو بلڪل خالي هيو اوچتو هنن کي گند
هيٺيان ڪجھ لڪل ٿي لڳو، هنن گند پري ڪري ڏٺو ته.
ساڳيون انهن جهڙيون پيتيون لڪل هيون جيڪي هو چار
ماڻهو کڻي ويا هئا. اسلم ۽ عامر انهن ٻنهي پيتين
کي ڀڳو، اهي ته سون سان ڀريل آهن، ٻنهي کان رڙ
نڪري ويئي، ٻنهي ڇوڪرن انهن کي ٻيهر بند ڪيو. هڪ
اتي ترسي پيو، ٻيو سڌو ٿاڻي تي آيو، سڄي حقيقت
صوبصدار کي ٻڌايائين.
پوءِ جلد پوليس وارا اتي پهچي ويا ۽ عامر ۽ اسلم
به پوليس سان گڏ ان علائيقي جي لڪي نگراني ڪرڻ
لڳا، پوليس کي پورو ڀروسو هو ته اهي اسمگر رهيل
پيتيون کڻڻ لاءِ هتي ضرور ايندا. ٻي رات ڏٺو ته
اها ئي ساڳي ٻيڙي اچي رهي آهي. اسلم ۽ عامر پوليس
وارن کي خبردار ڪيو، ٻيڙي سمنڊ جي ڪناري تي اچي
بيٺي ۽ ان مان ساڳيا ئي چار اسمگر پيتيون کڻڻ لاءِ
ان ان پراڻي بنگلي ۾ داخل ٿيا، تيئن هو داخل ٿيا
تئين ئي پوليس کين سوگھو ڪري ورتو، گرفتار کان
پوءِ انهن پوليس آڏو اقرار ڪيو ته هو واقعي اسمگر
آهن ۽ ڪافي سالن کان وٺي سون جي سمگلنگ ڪري ملڪ کي
نقصان پهچائيندا رهيا آهن. جڏهن اها خبر اخبار ۾
شايع ٿي ته حڪومت اسلم ۽ عامر کي تعريف جا
سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ڏنا.
علي حسن عباسي
پڇتاءُ
سج لهڻ وارو آهي، جاءِ جي پاڇن اڳڻ کي ڍڪي ڇڏيو
آهي ۽ سج لهڻ ۾ باقي ٿورو وقت وڃي بچيو آهي. شانو
۽ دينو گھر جي اڱڻ تي راند ڪري رهيا هئا، دينو
ننڍوشانو وڏو آهي. آهن ٻئي سڳا ڀائر پر وڙهندا
ائين آهن، ڄڻ پاڻ ۾ ڀائر ئي نه آهن. سندن ماءُ
بورچي خاني ۾ رات جي مانيءَ جي تياري ۾ لڳي پئي
هئي، ٿوري دير دينو ۽ شانو هڪ ٻئي سان وڙهي ٿا
پون.
” اڙي ڇڏيا ڇورا“ سندن ماءُ بورچي خاني مان ئي رڙ
ڪري ٿي، ايتري ۾ شانو هڪڙو چنبو دينوءَ جي پٺي ۾
هڻي ٿو ڪڍي. دينو آهي ته ننڍو پر مڙڻ وارو اهو به
ڪونهي، پلاند وٺڻ لاءِ شانوءَ ڏانهن ڊوڙ ٿو پائي،
شانو ڀڄي ٿو، پر دينو به ان جي پٺي تي چنبو هڻي ٿو
ڪڍي. شانو وري موٽ ٿو کائي ته هوڏانهن سندن ماءُ
وري رڙ ٿي ڪري ”ٻڌو ڪونه ٿا نه وڙهو. ”اهڙو کيڏو
ڇو ٿا؟ جھليم پئي، ته اها چون واري نڀاڳي راند نه
کيڏو وڙهندؤ ته به ڪونه مڙيئو. پر هو ٻئي واري
واري سان هڪٻئي کي ڪڪڙن وانگر ٺونگا پيا ٿا هڻن،
آخر ٻڳين پئجي ٿا وڃن. شانو آهي ته وڏو پر جسم ۾
سنهڙو سڪل اصل ائين پيو لڳندو هو ڄڻ هڏن مٿان چمڙي
چڙهيل هجيس، ڪٿي به ماس جو ذرو نظر ڪونه ايندو، ڪن
وڏا، سنهڙيون ٽنگون ۽ وري ان جي ڀيٽ ۾ دينو آهي ته
ننڍو جسامت ۽ صحت ۾ شانوءَ کان سٻر آهي، پر وڏو
آخر وڏو آهي، هي ٻئي ٻکين پئجي ٿا وڃن. ڪڏهن دينو
هيٺان ته شانو مٿان ۽ ڪڏهن شانو هيٺان ته دينو
مٿان. سندن ماءُ جي اتان بورچيخاني مان ويٺي رڙ ٿي
پئي پوي، پر انجي هڪ به نه ٿا ٻڌن، اوچتو دينو کان
دانهن نڪري ٿي وڃي. اباڙي مري ويس. شانو ٽپ ڏئي
اٿي ٿو بيهي ۽ دينو زمين تي ڪري دانهون ٿو ڪري ۽
ٻئي هٿ ساڄي ڪن تي رکيل اٿس. ماڻنس رڙ ٿي ڪري ڇورا
ڇا ٿيئي؟ ”ڪن ۾ چڪ هنيو اٿس، دينو ماءُ کي ٻڌائي
ٿو. ماڻنس جي نظر دينوءَ جي هٿ کي لڳل رت تي پئي
ٿي ته هوءَ چلهه وٽ ٻاريل ڪاٺين مان هڪڙي ڪاٺي کڻي
اٿي ٿي، نه امان چڪ ڪونه پاتو اٿمانس، ائين چئي
شانو ٿورو ڀڄي ٿو ته ماڻنس به پويان ڊڪ ٿي ڀري.
شانو گھر کان ٻاهر ڀڄي ٿو وڃي. ماڻس گھر جي ٻاهر
در وٽ بيهي، جيڪو گھٽي ۾ ٿو پوي ۽ شانو ڪافي پري
اڃان به ڀڄڻ واري حالت ۾ بيٺو آهي، چويس ٿي، اچ
تون گھر ۽ شام جو پڻهين به اچي ته ان کي به چئي،
تنهنجي کل ٿي لهرائيان. تنهنجو من وڌي ويو آهي.
وڃين ٿو ڏينهون ڏينهن مٿي تي چڙهندو.ائين چئي هوءَ
موٽي ٿي اچي ۽ دينوءَ کي ٻانهن کان وٺي پٺيءَ وارو
هڪ ٻه چنبو هڻي کٽ تي ويهاري رت ٿي اگهيس. گھڻا
دفعا جھليو مانو ته نه کيڏو وڙهندئو ته به پيا
مڙو.
شانوءَ ماءُ جي ڏنل ڌمڪي ٻڌي ٻاهر روڊ تي وڃي بيٺو
۽ پوءِ سوزڪيءَ تي چڙهي شهر هاءِ وي تي جتي بسون
اچي بيهنديون هيون ان هوٽل تي ويهي رهيو. هاڻي سج
به لهي ويو هو ۽ رات ٿي وئي هئي. مينگوره جي هڪڙي
بس جڏهن هلڻ لڳي ته هي چڙهي ان ۾ ويهي رهيو بس
جڏهن شهر کان گھڻو ٻاهر نڪري آئي. ته بس جي
ڪنڊيڪٽر هن کان اچي پڇيو ته ڪاڏي ويندي؟ هي جھڙوڪ
ڀت چوء جوکڻي ڪڇي نيٺ ڪنڊيڪٽر بس روڪرائي هن کي
لاهي ڇڏيو. هاڻي هن جي کيسي ۾ نه ڪو پئسا هئا ۽ نه
گھر ئي ايترو ويجھو هو، اوڏانهن واپس وڃي، مٿان
وري رات ٿي وئي هئي ۽ هن ماني به ڪونه کاڌي هئي بک
۽ خوف اچي هن ورائيو آخر هي رڙيون ڪري روئڻ لڳو
لڳو خبر ئي ڪونه پئي پيس ته ڪٿي آهيان، ڀرسان ئي
هڪڙوئي ڳوٺ هو، اتان هڪڙو ماڻهو اچي لنگھيو جيڪو
هن جي روئڻ جو آواز ٻڌي هن وٽ آيو ۽ پڇيائين ته
”ابا ڪير آهين؟ ماڻهو ڏسي هن جي جان ۾ ساهه پيو،
پر پوءِ به ڪڇي ڪين نه پيو. نيٺ ان ماڻهو جي پيار
ڪرڻ کان پوءِ جواب ڏنائين عباسي، ڪٿي ويٺو آهين؟
راڻي پور، پوءِ هت ڙي هن محل ڪيئن پهتين بس وارن
هت ڙي لاهي ڇڏيو، ڪهڙي بس وارن؟ مينگوراه وارن. ان
۾ تون ڪاڏي پئي وئين؟“ خيرپور ”ڇو؟“ اتي ڪري هي
وري چپ ٿي ويو. ها ها ٻڌاء اتي منهنجي ڀيڻ آهي.
رات جو تون اڪيلو پنهنجي ڀيڻ ڏي ڇو پيو وڃي؟ بابا
جي مار جي ڀَوَ کان شڪر ڪر ابا، اهي مينگوره وارا
هتڙي لاهي ويئي نه ته اهي پٺاڻ ته ٻار کڻي ويندا
آهن. ويتر هن کي ڊپ ٿيڻ لڳو، چڱو ماني کاڌي اٿئي؟
نه! گھر کان ڪهڙي ٽائيم نڪتو آهين؟ سانجھيءَ جو
هاڻي مون سان منهنجي گھر هل، ماني به کاءُ ۽ رات
اتي سمهي رهه سڀاڻي آئون تو کي تنهنجي گھر ڇڏي
ايندس.“ نه چاچا مان گھر ويندس، پٽ هن مهل رات جا
نو ٿيا آهن، هن مهل تون ڪيئن ويندين گھر.
صبح جو آءٌ پاڻ هلي تو کي ڇڏي ايندس. هن کي خوف
به ٿئي پيو ته هي پٺاڻن وانگر ڪو ٺڳ نه هجي. پر ان
سان وڃڻ کان سواءِ ٻيو رستو به ڪونه هئس. آخر
مجبور ٿي ان سان وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. چڱو چاچا
مون کي پنهنجي گھر وڃي هل پوءِ اهو ماڻهو هن کي
گھر وٺي ويو. رستي ۾ وري پڇيائينس. ابا راڻي پور
شهر ۾ ويٺو آهين؟ نه چاچا شهر کان ٻاهر اسان جو
ڳوٺ آهي. شهر ۾ ڪنهن کي سڃاڻين؟ ها منهنجي چاچي جو
دڪان آهي راڻي پور ۾، چڱو پوءِ سڀاڻي تو کي چاچهن
وٽ ڇڏي ايندس، ٺيڪ آ. گھر پهچي ان ماڻهوءَ، هن کي
ماني کارائي ۽ سمهڻ لاءِ هنڌ کٽ ڏئي چيائينس پٽ
هاڻي سمهي راهه صبح تو کي ڇڏي ايندس. هوهوڏانهن سج
لهڻ کانپوءِ جيئن ئي ٿوري اونڌاهي ٿي ته گھر جا سڀ
ڀاتي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا ته شانوءَ جي پيءُ علي نواز
چيو ”شانو ڪٿي آهي؟ پوءِ هن جي ماءُ پنهنجي مڙس کي
سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. جيئن وقت گذرندو ٿي ويو ۽
شانو گھر ڪونه آيو ته سڀئي گھر وارا ويا ٿي پريشان
ٿيندا. آخر سڄي ڳوٺ ۾ شانوء کي ڳولهيائون، پر هن
جو ڪٿي به پتو ڪونه پيو. نيٺ علي نواز شهر ويو ۽
اتان خير پور پر اتي به هي ڪونه هو. سڄي شهر گھر
جا ڀاتي پريشان رهيا ڪنهن ماني به ڪونه کاڌي.
شانوءَ کي به سڄي رات ننڊ ڪونه آئي ۽ سڄي رات
پنهنجي هن حرڪت تي پڇتائيندو رهيو. دل ئي دل ۾
الله پاڪ کان سوال ڪندو رهيو ته هڪ دفعو گھر پهچان
ته وري اهڙي غلطي نه ڪندس. بابا جيڪا مار ڏيئي ها.
اها چڱي هئي. پر مون کي دينوءَ سان وڙهڻ ئي نه
گھربو هو. هو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي آخر مون هن کي
چڪ ڇو هنيون ”نه وري ڪڏهن به نه وڙهندو مانس ۽
ائين گھر کان به نه ڀڄندس سچ جي پٺاڻ کڻي وڃن ها،
ته پوءِ ته آئون ڪڏهن به گھر وڃي نه سگھان ها ۽
منهنجو الائي ڪهڙو حشر ٿئي ها. يا الله جلدي صبح
ڪر ته مان پنهنجي گھر وڃان.“ گھڻي رات گذرڻ کان
پوءِ هن جي اک لڳي وئي. سج اڀريو ته ان ماڻهو اچي
اٿياريس اٿ پٽ نالو ڇا اٿئي؟ شانو، چاچا، چڱو اٿ
هاڻي هٿ منهن ڌوء ۽ پوءِ ماني کاءُ ته پوءِ هلون،
هن جلدي جلدي هٿ منهن ڌوتو ۽ تڙ تڪڙ ۾ ماني کائي
هلڻ لاءِ تيار ٿي ويهي رهيو. پوءِ اهو ماڻهو هن کي
جڏهن سندس چاچي جي دڪان تي وٺي آيو ۽ هن چاچهنس کي
ڏٺو ته مرڪيو، چاچهنس هن کي ڏسي ڪاوڙ مان چيس. اڙي
ڪاٿي هئين سڄي رات سڀني کي پريشان ڪيو کڻي ڪيو
اٿئي.هن جي چاچي کي ان ماڻهوءَ رات واري سڄي ڳالهه
ڪري ٻڌائي ۽ تاڪيد ڪيو ته هن سان وڙهجو نه، هن جي
چاچي ان ماڻهوءَ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان کي چانهه
وغيره پياري پوءِ هن کي گھر وٺي آيو.
منهنجو انتظار نه ڪجو ....!
شمس الدين سومرو
گلڻ جوان اچي ٿيو آهي. نه اٿس ڪم نه ڪار، نه
پڙهيو، نه ئي ڪم سکيو. سڄو ڏينهن ڪيڏيءَ مهل
فيضوءَ جي دڪان تي ته ڪيڏيءَ مهل غلام جي دڪان تي
ويهيو وقت وڃائي. پاڙي جي ڪنهن مائي ڪم ڪار لاءِ
بازار موڪلينديس ته هليو ويندو. پوءِ مشين تان ڪڻڪ
پيهائڻ، گوشت ڀاڄي وٺي اچڻ، جيڪو به ڪم چئبس، اهو
ڪم ڪري وري به اچي دڪانن تي ويهندو. شام جو انور
ڪاسائي جي گوشت جي دڪان جي ٿلهي تي ويهي، بشارت،
چاچا علڻ ۽ نورو کان اخبارون پڙهائيندو پوءِ سياست
جون خبرون، تلاش گمشده جا اشتهار، نوڪري ڏيڻ جا
نوٽيس چاچا علڻ پڙهي ٻڌائيندس. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهي
ٿلهي تي ويٺو هوندو آهي بلڪ ڪيڏيءَ مهل انهيءَ
ٿلهي تي بغير وهاڻي ليٽي به پوندو آهي.
هڪ ڏينهن اخبار ۾ ڪنهن هنڌ نوڪريءَ جي جاءِ خالي
هجڻ جو اشتهارڇپيو. سو چاچا علڻ ۽ نوروءَ اچي کنيس
ته اتي نوڪري ڪرڻ لاءِ وڃ. گلڻ گھڻو ئي نٽايو ته
مون کي اوڏانهن نه موڪليو. انهن جي گھڻي ضد تي
آخرڪار هاڪار ڪيائين.
ٻئي ڏينهن صبح جو گلڻ سهي سنڀري انهيءَ هنڌ
نوڪريءَ لاءِ پهچي ويو. ڇوڪرن جي رش اهڙي هئي جو
توبهه سوَن جي تعداد ۾ انٽريو ڏيڻ لاءِ ڇوڪر آيل
هئا. انهن جي هڙن ۾ ڪي ڪاغذ به هئا. گلڻ کي خيال
آيو ته اهي ڪاغذ وري ڇا جا اٿن؟ پڇا ڪيائين ته خبر
پيس ته اهي ڊوميسائيل، ڊگريون ۽ مارڪ شيٽ آهن ۽
انهن ڪاغذن کان سواءِ نوڪري ڪونه ملندي.هن بيڪار ۽
اڻ پڙهيل ڄٽ وٽ ته ڪابه ڊگري ڪانه هئي. هيءُ ننڍي
هوندي پڙهيو ئي ڪونه، ته ڊگري وري ڪٿان هونديس.
اتي موجود پڙهيل لکيل ڇوڪرن کي خوبصورت ڪپڙا پاتل
ڏسي، گلڻ کي پاڻ تي افسوس ٿيڻ لڳو ته هو ننـڍي
هوندي، اسڪول ۾ ڇو ڪونه پڙهيو؟ ڇو ڪونه انهن ٻارن
جهڙيون ڊگريون حاصل ڪيائين؟ گلڻ اتي ويٺل ڇوڪرن
کان سوال ڪرڻ شروع ڪيا. انهن گلڻ کي ٻڌايو ته ڪو
ڏهه ڪو ٻارنهن درجا پڙهيل آهي ته ڪو وري ان کان به
وڌيڪ پڙهيل آهي. انٽرويو لاءِ آيل ڇوڪرن مان هڪ هڪ
کي سڏ ٿي رهيو هو ۽ جنهن کي سڏ پئي ٿيو، اهو اندر
ٿي ويو. گلڻ به ڪنهن طريقي سان پنهنجو نالو اندر
ڏياري موڪليو هو ۽ اتي بيهي سندس وارو اچڻ جو
انتظار به ڪري رهيو هو.هڪ شاگرد گلڻ کي بار بار
علم سمجھائي رهيوهو ته جيئن گلڻ کي جھالت مان ڪڍي
سگھي. آخرڪار انٽرويو وٺندڙن وٽان گلڻ کي سڏ ٿيو.
گلڻ اندر آفيس ۾ وڃي هٿ ادب جا ٻڌي بيهي رهيو.
سوال ٿيو. نانو ڇا اٿئي؟
جواب؛ سائين گلڻ
سوال پيءُ جو نالو : ڇا اٿئي؟
جواب: سائين، جمعو خان.
سوال: پي آر سي آندي اٿئي؟
جواب: اها ڇا ٿيندي آهي.
سوال: ڊوميسائيل ڪٿي جو اٿئي؟
جواب: اهو نالو ئي مون اڄ ٻڌو آهي.
سوال: تعليم ڪيتري اٿئي؟
جواب: ڪجھ به نه.
هڪ آفيسر ڪڙڪيدار آواز ۾ مٿس ناراضي ٿيندي چيو ته
باقي هتي ڇا ڪرڻ آيو آهين، جو پڙهيل به ڪونه آهين
۽ ڪجھ اٿئي به ڪونه؟ گلڻ نماڻائيءَ سان ڪنڌ هيٺ
ڪري، هٿ ٻڌي چيو ته ”سائين مان توهان کي اهو ئي ته
ٻڌائڻ آيو آهيان ته اوهان منهنجو انتظار نه
ڪجو....“ ائين چئي گلڻ پنهنجي بوڇڻ کي آفيس ۾
ڇنڊڪو ڏيندي وري چيو ته اوهان هينئر منهنجو انتظار
نه ڪجو، پر مان وري اوهان وٽ تعليم حاصل ڪري،
اوهان وٽ هڪ ڏينهن انٽريو ڏيڻ لاءِ ضرور ايندس ۽
اوهان کي گھربل سڀ ڪاغذ کڻي آڻي ڏيندس.
مختيار گھمرو
ڏاها ساري ڏيهه جا
بوعلي سينا
بوعلي سينا جو اصلي جو حسين بن عبدالله هو 976ع ۾
بخارا جي ڌرتيءَ تي اک کوليائين کيس مشرق ۽ مغرب ۾
طب ۽ فلسفي جو امام مڃيو وڃي ٿو سندس ڪتابن ۾
”القانون“ ”الشفا“، ”لسان“ ۽ ”العرب“ تمام گھڻي
شهرت ماڻي چڪا آهن. هن ڏاهي سائنسدان جو لاڏاڻو
1027ع ۾ ٿيو. سندس قول آهي ته
جو پنهنجي دوستن جي هر خطا تي خفا ٿيندو ته ان جا
دشمن، دوستن کان وڌيڪ هوندا.
ٽالسٽاء
ٽالسٽاء جو پورونالو ” ڪائونٽ ليو ٽالسٽائي“ آهي
سندس جنم 9 سيپٽمبر 1828ع روس جي صوبي تولاجي
سرزمين تي ٿيو، سندس ناول ”امن ۽ جنگ“ تمام گھڻو
مشهور آهي هو پنهنجي دؤر جو وڏو فلسفي ٿي گذريو
آهي. هو مظلوم ۽ هيڻن هارين جوو همدرد ۽ حمايتي
هو، سندس وفات 20 نومبر 1910ع تي ٿي.
ٽالسٽائي جي هڪ مشهور چوڻي آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص
چوي ته ” مان خدا کي پيار ڪريان ٿو پر ساڳي وقت هو
خدا جي مخلوق يعني انسان ذات کان نفرت ڪري ٿو ته
پڪ ڄاڻو ته خدا ساڻ ڪا به محبت ڪانهيس. |