سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :2

 

ترجمو ۽ چتر: نظير قاسمي                         (قسط ڇهين)

 

ٽلوءَ جو خطرناڪ سفر

ٽلوءَ کي سمورن سهن اِنَ لاءِ پرڏيهه ملڪ ڏانهن اماڻيو هُئو ته هو علم ۽ ٻين ڪمن جي سکيا حاصل ڪري.

هو پهريون سهو هئو، جيڪو اِنَ سَهن کان سلامتيءَ سان موٽيو هُئو تنهن ڪري سندس مانَ ۾ هڪ وڏو جشن ڪيو ويو، جنهن ۾ سڀ ڪنهن خوش ٿي نچيو هو ۽ ڳايو ۽ هن ڳالهه جو اعلان ڪيو ويو ته ٽلو سندن اڳواڻ آهي.

[باقي ايندڙ قسط ۾، جنهن ۾ اهو سلسلو هڪ نئون رُخ وٺي ٿو]

 

 

انمول موتي

* پيارا ٻارو! توهان پنهنجي والدين سان سلوڪ ڪريو ته توهان جو اولاد توهان سان سٺو سلوڪ ڪندو.

* سچ هڪ اهڙي دوا وانگر آهي. جنهن جو ذائقو ڪڙو ۽ اثر مٺو آهي.

* زبان کي به ائين محفوظ رکو. جهڙو سون ۽ چانديءَ کي رکندا آهيو.

* انسان جبل تان ڪري ته بچي سگھي ٿو، پر نظرن کان ڪري ته نٿو بچي سگھي.

* پيارا ٻارو جيڪا سٺي ڳالهه ٻڌو. لکي ڇڏيو ۽ جيڪو لکو اهو ياد ڪريو ۽ جيڪو ياد ڪريو. اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪريو.

چونڊ ڪندڙ: عبدالحق سنجراڻي شهر ٻرهون

 

محمد رحيم ميمڻ

مورPEACOCK

پيارا ٻارو! توهان مور جو نالو ٻڌو هوندو ۽ توهان مان گھڻن ڏٺو به هوندو. هن جي ڇاتيءَ جو رنگ بلو ۽ پڇ سائو هوندو اٿس ۽ وچ ۾ بلو ۽ سائي رنگ جا خوبصورت چٽ هوندا اٿس، جن تي مور ٽڪيون چئبو آهي. مور جو ذڪر بائيبل ۾ پڻ ٿيل آهي. يوناني ۽ رومن ڏند ڪٿائن ۾ پڻ هن جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن ۾ هيءَ ديوتائن جو وڻندڙ پکي سڏيو ويو آهي. ان وقت هن جو گوشت پچائي کائيندا هئا ۽ سندس کنڀ تاج ۾ هڻندا هئا. اسان وٽ به ٻين ٻولين وانگر سنڌي ٻوليءَ ۾ مور لاءِ محاورا ۽ بيت پڻ چيل آهن جيئن:

مور چڱو پر پير ڏنگا

مور آهي مور

يا هڪ لوڪ گيت پڻ آهي:

مور ٿو ٽلي راڻا مور ٿو ٽلي.

مور لاءِ ڪجھ ڏند ڪٿائون پن آهن:

1_ مور جڏهن پنهنجي پيرن ۾ نهاريندو آهي ته روئي ڏيندو آهي.

2_ مور جي کنڀن ۾ ٽامون گھڻو ٿيندو آهي.جنهنڪري سندس کنڀ چمڪندا آهن.

3_ حڪيم هن جا کنڀ ساڙي هن جي رک دم جي مرض لاءِ استعمال ڪرايندا آهن. پر اهي ڳالهيون، سائنس توڙي ميڊيڪل ۾ ثابت ٿيل نه آهن.

مٿيون ته ڏند ڪٿائون هيون، پر توهان کي ان جي باري ۾ ڪجھ حقيقي ڳالهيون به ٻڌائبيون، جي هي آهن.

مور جو تعلق رنگدار پکين جي ڪٽنب وارن پکين سان آهي، هن جا ٻه وڏا قسم آهن.

پارو ڪرسٽيٽس:Povo cristatus  نيري ڳچي ساوا کنڀ هندستاني مور

جاوا نيز پي مسٽيڪس:Javanees P. musticuss   سائي ڳچي ۽ نيرا کنڀ برما ۽ جاوا جا مور.

ٽيون قسم جيڪو 1936ع ۾ لڌو ويو آهي جنهن کي cango peacock (ڪانگو پيڪاڪ) آفريڪي مورچيو ويندوآهي. 

مٿي ڄاڻايل مان پهرين ٻن قسمن جي بدن جي ماپ 30 انچ ۽ پڇ جي ماپ 60 انچ ٿيندي آهي. هنن جو پڇ گول ٽڪين سان (مور ٽڪيون) جيڪي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ڊگھي قطار وانگر هونديون آهن. جڏهن مور پڇ کوليندو آهي، ته پريان سج جي روشنيءَ ۾ چمڪندڙ بلڪل انڊلٺ جي رنگن وانگر نظر ايندو آهي.

ٻنهي نسلن جون ماديون جن کي ڊيل چئبو آهي نر جي مقابلي ۾ ڳريون ٿينديون آهن. جڏهن ته پڇ ۽ مٿو ننڍو ٿيندو اٿن، ٻئي نسل کليل ميدان ۾ واري ۾ ولر جي شڪل ۾ هلندا آهن. جڏهن ته آکيرا وڻ جي چوٽين تي ٺاهيندا آهن. هر مور ڊيل 4 کان 8 آنن تي آرو ڪندي آهي.

سهڻا مور خراب مور کان الڳ رهندا آهن. هنن جي نچڻ جو وقت مقرر نه آهي، پر گھڻن راين مان اهو معلوم ٿيو آهي ته صبح جو 6 بجي جڏهن مور نچندو آهي، ته ڊيلون سندس چوگرد نهايت هوشياريءَ سان بيٺيون هونديون آهن. جڏهن مور نچڻ شروع ڪندو آهي ته پڇ پٽ سان هڻي وڏي آواز سان ”مي، آئو“ ڪندو آهي ۽ سندس اکين مان هڪ خاص قسم جو ڳر نڪرندو آهي جنهن کي ڊيل جھٽي وٺندي آهي.

مور جڏهن نچندو آهي ته پڇ کي هوا جو ٽيڪو ڏيڻ لاءِ ان طرف منهن ڪندو آهي جنهن طرف هوا جو رخ هوندو آهي. جڏهن هوا جو دٻاءُ ناقابل برداشت ٿي ويندو آهي ته ان جو رخ ٻي طرف ڦيرائيندو آهي.نچڻ وقت هن جو پڇ 60 ڊگريءَ تي هوندو آهي.

گھڻا ماڻهو مور جي ڳچيءَ ۾ گھينگھرو ٻڌندا آهن ته جيئن مور نچي ته خبر پوي. هتي هڪڙو سوال پيدا ٿئي ٿو ته مور جو آواز به سٺو ڪونهي، پوءِ ايترو تيز ۽ گھڻو نچي ڇو ٿو؟ ان لاءِ چيو ويندو آهي ته هو پنهنجي فطري خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ ائين ڪري ٿو.اسان وٽ قرآن شريف ۾ مور جا کنڀ رکيا ويندا آهن.

سنڌ ۾ مور ٿر جي پاسي جام آهن. ولرن جي صورت ۾ هلندا آهن مور جي آواز کي ”ٽهڪو ڪڻ“ به چئبو آهي. خاص طرح سان شيخ اياز مور ۽ ڪارونجھر جبل تي گھڻي شاعري ڪئي آهي.

 

غلام محمد ”غازي“

 

پيار

اچو ته ٻارو پيار وراهيون،

الفت جا ڪي نغما ڳايون.

پيار هلائي دنيا کي ٿو،

پيار جي دل ۾ جوت جلايون.

لکڻ پڙهڻ جي ريت سڃاڻي،

علم پرائي مان وڏايون.

ادب وڏن جو ڪرڻو آهي،

جھل کان پنهنجو پاڻ بچايون.

نفرت سان سڀ ليڪا ڊاهي،

قرب سان ويهي قول نڀايون.

ديس جي ڌرتي پياري آهي،

اُن کي ”غازي“ باغ بنايون.

 

ولي محمد طاهرزادو

 

سنڌ جون رانديون _2

ناسمجھ ٻارن جون رانديون:

ٻار جي ابهم هجڻ جون ٽي ڄمارون يا وهيون آهن:

پهرين ڄمڻ کان هونگڙين ڏيڻ تائين. هيءَ ڄمار اٽڪل ستَ اٺَ مهينا هوندي آهي.

ٻي هونگڙين ڏيڻ کان ڀڀڙا يا بانبڙا پائڻ واري وَهي. هيءَ وهي ڏيڍ سالن کان ٻن سالن تائين شمار ڪندا آهن.

ٽين بانبڙن کان هلڻ ۽ ڊوڙڻ جي عمر. هيءَ عمر اڍائين_ٽن ورهين کان مٿي ليکي وڃي ٿي. هن عمر ۾ ٻار کي ٿڃ به مٺِي ڪرائيندا آهن. يعني ٿڃ ڇڏائي ڍارين.

مٿين ٽنهي ٽهين ۾ ٻر جي راند جو نمونو چالو ۽ ڍنگ نرالو هوندو آهي؛ ڇو ته هن ۾ سُگھ ، قوت، ڦڙتائي درجي بدرجي پيدا ٿيندي ۽ وڌندي رهندي آهي.

ٻانهن تي نچائڻ:

ٻار جڏهن هونگڙيون ڏيڻ لڳي ٿو ته هن ۾ جبلت ڪم ڪري ٿي. ماءُ جي منهن ۾ هر هر ڏسي ان کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ماءُ هن کي چمي ٿي ۽ ڀاڪِيون ٿي پائي ته هو چپن چورڻ سان غون غون ڪري ٿو.ماءُ ڪوڏاڻا ٿي ڏي، ته ان جي آواز کي جھٽڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مُرڪي ٿو ته ماءُ ٻانهون ڊگھيون ڪري هن کي کنڀڙاٽين کان جھلي مٿڀرو کڻي ٿوري ٿوري وري ڇاتيءَ سان لڳائي ٿي. ڀيچائي ٿي. وري پري ڪري ٿي. هن سان ٻاتي ٻولي ۾ ڳالهائي ٿي. هو سرهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

ٻار جڏهن ڪنڌ جھلڻ جهڙو ٿيندو آهي، پر اڃا پنهنجو پاڻ ويهڻ جهڙو نه ٿيندو آهي، تڏهن ٻار کي ماءُ ويهڪڙيءَ ۾ ويھاري ڇڏيندي آهي. ويهڪڙو ڪاٺ يا ٺڪر جو ٿيندو آهي،جيڪا ڄڻڪ ٻار جي ويهڻ جي بنا ڄنگھن جي ڪرسي آهي. پٺيان چوڌاري گول ڀت هوندي اٿس ۽ اڳ کليل هوندو اٿس. اڳئين حصي جي وچ تي سنهڙو گول ٿنڀو هوندو آهي. ويهڪڙي ۾ رلهڪو يا ڪپڙو وجهي، ٻار کي ويهاري، ان جون ڄنگھون ٿنڀي جي ٻنهي پاسن کان ٻاهر ڪڍي ڇڏبيون آهن. ٻار سنهي گول ٿنڀي جي مٿان هٿ رکي پيو راند ڪندو آهي. ماڻس ڪم به ويٺي ڪندي آهي، هونگارون به ويٺي ڏيندي اٿس.

پينگھي ۾ راند:

ڪي مائٽ پينگھي جي سرائيءَ ۾ ڪمانگري جھينجھڻو يا رنگين چوپڻي يا شيشي جا رنگين گولا، جن کي ستارا چون (اڳين جاين جي ڇتن ۾ لڙڪايا ويندا هئا) سي ٽنگي ڇڏين. جيئن ٻار سُڄاڳ ٿيڻ شرط انهن رنگين رانديڪن کي ڏسي روئي نه ؛ پر وندرندو رهي. ڪي چوپڻي يا جھنجھڻو چوسڻ ۽ راند ڪرڻ لاءِ هٿ ۾ ڏيندا اٿس.

ويهڪو ٻارن جون رانديون:

ٻليءَ پيرو کڻڻ: مائٽ ٻار جي هٿ جون آڱريون سڌين ڪري هٿ کولي تريءَ تي تري رکي چوندو:”هت مکڻ ماني رکيو هو سو ڪير کڻي ويو“؟ جي ٻار جواب ڏنو، ته خود مائٽ پاڻ چوندو”ٻلي“. ”ٻلي“ چئي پوءِ ڏسڻي ۽ وچين آڱرين جو ٻٽَ ٻيانگڙي گڏي آڱرين جي ڏوڏن کي اڳيان رکي پويان ڪري ٻار جي بُڪ کان وٺي هلائيندو ۽ چوندو ويندو:”ٻليءَ پيرڙو کڻان، ٻليءَ پيرڙو کڻان“. جڏهن ٻانهن جي جوڙ وٽ پهچي، ته چوندو: ”اڙي اڙي هي ڇا، هت ته در آيو پيو آهي!“وري تري کان وٺي چوندو:”ٻليءَپيرڙوکڻان“. چئي ٻانهن جي ڏوري وٽ پهچي چوندو: ”هت ته ڪلف آيو پيو آهي!“ تنهن کان پوءَ ٽيون گھمرو تِريءَ وٽان آڱريون هلائي چوندو: ”ٻليءَ پيرڙو کڻان، ٻليءَ پيرڙو کڻان“. ائين چئي آڱريون ٻار جي ڪڇ ۾ آڻي ڪِتڪتولي ڪري چوندو: ”اڙي اجھا ٻلي لڌي“. ٻار خوش ٿيندو ۽ کلندو.

بانڀرا ڀرڻ واري راند:

ويهڪو ٻار جي گسرڻ ۽ رڙهڻ لڳندو ته مائٽ چوندس: ”هلي آءُ، ڊوڙي آ“.

ان تي تڪڙو تڪڙو ريڙهيون پائيندو. ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا ائين چوڻ سان هن جي عادت پڪي ٿيندي ۽ ريڙهن بدران پير ڀر مٿڀرو گوڏن ۽ هٿن تي هلڻ لڳندو؛ ۽ هيڏانهن هوڏانهن تکو تکو پيو ايندو ويندو. پوءِ مائٽ چوندس: اٿي وڏو ٿيءُ؛ اٿي وڏو ٿيءُ“. ائين اٿي بيهڻ سيکاريندس. پوءِ کٽ کي به جھلي بيهي سگھندو.

روشنيءَ جي راند:

ماءُ ٻار کي ڪنهن روشنيءَ اڳيان بيهاري ٻاتڙيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندي به آهي، ۽ کيڏائيندي به آهي. ڪڏهن چنڊ جي روشنيءَ اڳيان بيهاريندي اٿس ته ڪڏهن بتي جي روشنيءَ آڏو، ٻار جڏهن روشنيءَ کي ڏسندو آهي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيندو آهي. ۽ ان ڏانهن نهاريندو آهي. راند کيڏائڻ جي خيال کان ماءُ بتي ڦيرايندي آهي، ته ٻار به اوڏانهن ڪنڌ ڦيرايندو آهي.

چنڊ راند:

مائٽ پنهنجي ٻار کي چنڊ جي سامهون جھلي، کيس چوندا آهن: ”ماما چنڊ ڪٿي آهي“؟ جيڪڏهن ٻار کين نه ٻڌائي سگھندو، ته پاڻ چنڊ ڏانهن آڱر جو اشارو ڪري چوندا: ”ماما چنڊ پائي ڏي، پائيءَ ۾ شرڪت، تو ۾ برڪت، هڻ ٻليءَ کي موچڙو، اندر ٻاهر سوجھرو.“

بانبرن وارو ٻار جڏهن کٽ کي جھلي اٿي بيهندو ته پوءَ مائٽ ڌڪڻي، جاٽن ڦيٿن سان پُٺائين منجيءَ وانگر ٿيندو آهي، سا اڳيان بيهاري ان جي ٻانهنءَ تي هٿ رکائي هلڻ سيکاريندس. ٻه چار لڱا ائين ڌڪڻي هلائڻ سان ڊپ ڀڄي پوندس.

ٻار پنهنجي سر يا مٽ جو ڍڪ لاهي اندر جھاتي پائيندو. جي اهو خالي هوندو ته اندر منهن وجھي ڪندو ”هائو“. ائين ڪيترائي لڱا پيو ڪندو. اها ”هائو“ ان ڪاڻ راند هوندي.

آڱرين جو اُٺ هلائڻ:

مائٽ، ٻنهي هٿن جون آڱريون هٿن جي پٺن کان ٻيانگڙين ۾ وجھي پوءِ مُٺيون اُبتيون ڪندو ته ٻٽو مڪو ٺهي پوندو. ان ٻٽي مڪي کي مٿي اُڀو جھلي ان مان اڳيان ٻيئي ڏسڻيون آڱريون ٻاهر ڪڍي، اُڀيون ڪري انهن جون چوٽيون پاڻ ۾ ملائبيون ۽ پٺيان به ٻيئي چيچون ڪڍي انهن جون چوٽيون پاڻ ۾ گڏبيون. پوءِ ٻار کي چوندو ته هي ٻيئي اُٺ آهن. ”تون ڪهڙو ٿو کڻين؟“ ٻار جي چوندو ته ”اڳيون“، ته پاڻ چوندو: ” منهنجو اٺ پويون آهي“. پوءِ ٻيئي گڏيل چيچون هيٺ مٿي ڪري چوندو: ” منهنجو اُٺ هلي پيو؛ پپوءَ جو اُٺ بيٺوآهي“. اهي لفظ ٻڌي ٻار جي هانءَ تي مونجھارو ٿيندو. اهو محسوس ڪري وري اڳيون آڱريون هيٺ مٿي ڪري چوندو: ”پپوءَ جو اُٺ هلي پيو، منهنجو اُٺ بيٺو آهي“. ٻار خوش ٿيندو. وري ٻيئي جوڙا آڱرين جا ملائي چوندو: ”ٻئي اُٺ پيا هلن“.

[هلندڙ]

 

ترجمو: ممتاز مهر

ٽي ننڍيون آکاڻيون

ٻلي ۽ لومڙ

هڪ لومڙ کي ٻٽاڪن هڻڻ جي عادت هوندي هئي، سو هڪڙي ڏينهن هڪ ٻليءَ کي پئي چيائين ته: ” مون کي تمام گھڻيون اٽڪلون ايندون آهن....

مثال طور: پنهنجي دشمن يعني ڪتن کان بچڻ لاءِ مون کي گھٽ ۾ گھٽ هڪ سو اٽڪلون اينديون آهن.

”اوهان ته وڏا عقلمند ٿا لڳو“، ٻليءَ چيو، ” پنهنجي بچاءَ لاءِ مون کي ته فقط هڪي ئي اٽڪل ايندي آهي.........مهرباني ٿيندي جيڪڏهن توهان مون کي پنهنجيون اٽڪلون سيکاريو“.     

”هاها، ڇو نه لومڙ چيو، ”ڪڏهن واندڪائي ملي ته توکي مان پنهنجيون ڪي سوليون اٽڪلون سيکاريندس“.

انهيءَ دوران پري کان کين ڪي شڪاري ڪتا ڊوڙندا نظر آيا. اُهي ڪُتا سڌو ان طرف پئي آيا جتي ٻلي ۽ لومڙ هئا.

ٻلي ويجھو وڻ تي چڙهي وئي .

”پاڻ بچائڻ لاءِ اها اٿئي منهنجي اٽڪل جيڪا مون کي ايندي آهي“، ٻليءَ هيٺ بيٺل لومڙ کي چيو، ”هاڻ تون ڪهڙي ٿو اٽڪل استعمال ڪرين؟“

لومڙ سوچيندو رهيو ته هو ڪهڙي اٽڪل ڪم ۾ آڻي، پر ڊپ ۽ خوف ۾ ڪو فيصلو ڪري نه سگھيو تان جو شڪاري ڪتا کيس وڪوڙي سندس انت آڻي ڇڏيو.

سمجھاڻي: هڪ وقت ۾ هڪ ئي سٺي اُپاءَ کي ڪم ۾ آڻڻ بهتر آهي هڪ سؤ وسوسن جي.

هڪ گڏهه جي ڳالهه

هڪڙي ڏينهن هڪ گڏهه کي هڪ شينهن جي کل هٿ آئي هن شينهن جي کل ۾ پاڻ کي لڪائي جھنگ ۾ گھمندو ڦرندو رهيو ۽ ڪمزور دل وارن جانورن کي ڊيڄاريندو رهيو. جڏهن هڪ لومڙ هن وٽان لنگھيو ته گڏهه کيس به ڊيڄارڻ لڳو. پر لومڙ، جنهن گڏهه جي آواز کي سڃاڻي ورتو هو، چوڻ لڳو: ”جيڪڏهن واقعي تون مون کي ڊيڄارڻ چاهين ٿو ته پوءِ تو کي پنهنجي هينگ کي به لڪائڻو پوندو“.

سمجھاڻي: سٺا پاتل ڪپڙا ڪنهن بيوقوف کي لڪائي ته سگھن ٿا، پر سندس ڳالهه مان هن جي بيوقوفي ظاهر ٿي ويندي.

 

ڪنجوس

هڪڙي ڪنجوس ماڻهوءَ کي هميشہ پنهنجي گڏ ڪيل مال ۽ سندس دولت جو فڪر هوندو هو. سو هن پنهنجي سموري مال دولت کي بدلائي پاڻ سون جو وڏو ذخيرو جمع ڪري ڇڏيو. انهيءَ سون جي ذخيري کي پنهنجي باغ جي ڀت جي ڀرسان هڪ کڏ کوٽي ان ۾ دفنائي ڇڏيو، هو روزانو صبح جو انهيءَ هنڌ وڃي ڏسندو هو ته ڪنهن چورکڏ کوٽي سون ڪڍيو ته ڪونهي. اتفاق سان چور چوريءَ جي ارادي سان ان پاسي نڪري آيو ۽ ڪنجوس ماڻهو کي باغ جي ڀت وٽ پرسرار حالت ۾ گھمندي ڏسي، کيس شڪ پيدا ٿيو ۽ باغ جي وڻن پٺيان لڪي ڪنجوس جي چرپر کي تاڙيندو رهيو. ڪنجوس ماڻهو جي وڃڻ کان پوءِ چور انهيءَ هند کي کوٽڻ لڳو جتي اڳ ۾ ڪنجوس پنهنجي اطمينان لاءِ هٿڙا پئي گھمايا. چور کڏ مان سمورو سامان ڪڍي انهيءَ کڏ کي کليل ڇڏي هليو ويو.

ٻئي ڏينهن تي ڪنجوس ماڻهو اچي ڏٺو ته کڏ کليل آهي ۽ سون غائب آهي ته پوءَ پنهنجا وار پٽڻ لڳو ۽ دانهون ڪرڻ لڳو. سندس هڪ پاڙيسري هن جون دانهون ٻڌي وٽس آيو ۽ ماجرا معلوم ڪيائين.

پوءِ کيس دلاسو ڏيندي چيائين ”تون به ڪهڙو نه بيوقوف آهين....زمين ۾ پوريل شيءَ تي روئبوٿورو ئي آ .....هاڻ هڪ پٿر کڻي ان ۾ پوري ڇڏ ۽ سمجھ ته سون پوريل آهي، جنهن کي تون ڪڏهن به استعمال ڪونه ڪندي.

کڏ ۾ پوريل سون ۽ پٿر کي هڪ برابر ڄاڻ.“

سمجھاڻي: پئسي جواصل ملهه ان کي استعمال ڪرڻ ۾ آهي نه ڪي اجايو رکڻ ۾.

 

عطا محمد ڀنڀرو       

پَٽ ڳيري

او پَٽَ ڳيري، ڏئي تون ڦيري،

ويهي نه وڻ تي، آءُ اڱڻ تي.

اُڏري ساجھر، چُڳُ تون آهر،

جوئر ٻاجھر، چيڻو چانور.

تو کي ساريان نت نهاريان،

ٻهه ٻهه ٻلين، باکون ڳولين.

سونهن پٽن جي، وسنهه وڻن جي.

ڪئونري ڪُوڻي، ڪپهه پوڻي.

رنگ جي لاکي، مٺڙي ماکي.

سُرَ جي ساکي، تڪڙي تاکي.

کنڀڙا تنهنجا، سون سريڪا.

ڪنڌ ۾ ڳاني، جڙيئه جاني

اکڙيون الا لا ٻرن مشالا

چهنب چندن آ، من ڪُندن آ،

رين بسيرا، پٽ جا ڍيرا

چال چڱيري، ڀاڳ ڀليري

سيڻ سنڀاري، ڪين وساري

جاٿي هلندي گھر ڏي ورندي.

وَلرين ويندي، ولرين ايندي،

جهڙا آهن، تهڙا آهن،

پنهنجا آهن، پيارا آهن.

 

حبيب الله سومرو

 

آسمان جا تارا

ٻار اسان جا پيارا آهن،

آسمان جا تارا آهن.

 

ٻولي جن جي مٺڙي مٺڙي،

اهي جيءَ جيارا آهن.

 

مرڪن مهڪن خوشبو پکيڙين،

گُل گلابي سارا آهن.

 

جيڪي پڙهن ٿا شوق ڪري،

قوم لاءِ سي موچارا آهن.

 

ڪوڙ نه ”حبيب“ هڻندا،

سڏبا اهي  مانوارا  آهن.

 

ليکڪ: عنايت الله عباسي                          [قسط آخري] 

 

نٿو نانوائي

عيدو جي هوٽل تي هر قسم جا گراهڪ ايندا رهندا هئا. قاسو ۽ عالم به انهن گراهڪن مان هڪ هئا، جيڪي گھڻو ڪري هنن وٽ ماني کائيندا هئا. اهي ٻئي نامي گرامي شودا يا بدمعاش هئا. عيدو هنن کي لب لالچ ڏئي نٿو کي اغوا ڪرڻ لاءِ ريڀايو. هي به هئا بشني، سو هڪ رات نٿو دڪان اڳيان کٽ تي ستو پيو هو ته هن جي وات تي هٿ رکي کڻي سوزوڪيءَ ۾ هنيائونس آڻي هڪ ويران مڪان ۾ ڦٽو ڪري ٻاهران تالو لڳائي هليا ويا. رات جي وڳوڙ ۾ اهو ڪم اهڙي ته ڦڙتائيءَ سان ڪيو جو ڪنهن کي ڪل ئي ڪانه پئي. نٿو جڏهن هوش ۾ آيو ته پاڻ کي هڪ اونداهي ڪوٺي ۾ کٽ تي پيل ڏٺائين. هي پهرين ته حيران ٿيو، پوءِ سمجھي ويو ته کيس ڪنهن اغوا ڪيو آهي. هيڏانهن صبح جو حسب معمول دڪان جو نه کليو ته گراهڪ پريشان ٿيا. پاسن وارن دڪان وارن کان بند رهڻ جو سبب پڇڻ لڳا، پر سڀني لاعلمي ظاهر ڪئي. چاچو عبدالله به روز جيان جڏهن نيرن ڪرڻ لاءِ ات پهتو ته دڪان بند ڏسي تعجب ۾ پئجي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته ڇورو آخر ويو ڪيڏانهن؟

گراهڪن کي جو گرم گرم منڍيءَ جو ٻوڙ ۽ چانورن جي ماني جو چشڪو نه مليو، سي ماڳهين اهو پاسو مٽي، مارڪيٽ ۾ وڃي وڏين هوٽلن جي حوالي ٿيا. روزانه جا ٻڌل گراهڪ جڏهن واپس وڃن لڳا ته عيدو جي ٻاهران بيٺلن نوڪرن پئي هوڪا ۽ آواز ڏنا: ”هل منڍي پاوا“، ”گرم گرم منڍي پاوا“، ”سائين اچو فرسٽ ڪلاس ناشتو ڪرايان“ وغيرہ وغيرہ. گراهڪ لنگھندا رهيا، هي آواز ڏيندا رهيا، پر ڪو به سندن دڪان تي نه ڪانه چڙهيو.چاچو عبدالله پريشاني واري حالت ۾ ڦرندو، مارڪيٽ جي پوئين درزين ۽ ڪپڙي جي دڪانن واري گھٽي ۾ اچي نڪتو ۽ نورو درزي جيڪو نٿو جو دوست هو، تنهن وٽ اچي ويٺو ۽ ان کي نٿو جي اوچتي غائب ٿيڻ واري خبر ٻڌائي. هن به صبح سان اها اوچتي خبر ٻڌي، سو مشين مان پير ڪڍي وائڙو ٿي ويهي رهيو.

هي ٻئي ڪيترو وقت ڳالهائيندا رهيا، پر کين ڪابه ڳالهه سمجھ م نه آئي. نوروءَ کي يار جي ڳڻتيءَ ته اهڙو ته ورايو جو صبح جو سوير هڪ گراهڪ هڪ تڪڙي سٿڻ سبڻ لاءِ ڏيئي ويو هئس، سا به وسري ويس ۽ اهو وعدي مطابق اچي سهڙيو. نوروءَ ان کي ڪلاڪ کن ترسي اچڻ لاءِ چيو. هي ٻئي چانهه پي رهيا هئا ته مٿان ميان موسيٰ خان اچي سلام عليڪم ڪئي. هنن کي ويڳاڻو ۽ پريشان ڏسي سبب پڇيو. عبدالله ساري حقيقت ڪري ٻڌايس. موسيٰ خان سي. آء. اي ۾ جمعدار هو ۽ ٻه سال ٿيا ته پينشن تي لٿو هو. هي به نٿو جي پيءُ محرم جو يار هو ۽ گهڻو ڪري ماني ان جي هوٽل تي کائيندو هو. ان ڪري چاچي عبدالله ۽ نورو جي پيءُ طالب درزي سان سٺي سنگت هوندي هئس. هنن چئن يارن محرم نانوائي، عبدالله نيروٽي، طالب درزي ۽ موسيٰ خان جمعدار جي پڪي ياراڻي هئي. محرم ۽ طالب جي وفات کان پوءِ به موسو جمعدار نٿو ۽ نوروءَ وٽ پيو ايندو رهندو هو. نٿو ۽ نورو ۾ فرق اهو هو ته نوروءَ پنهنجي پيءُ جو ڌنڌو اختيار ٺيهو وسايو هو. نٿو ڪم نه سکي ڌنڌو ڪجھ وقت اجاڙي وري اچي آباد ڪيو هو.

مارڪيٽ جي نانواين واري گھٽي جي پوئين ڳلي وري ڪپڙي جي دڪانن ۽ درزين ڪري مشهور هئي. جھڙي ريت ٻهراڙي وارن جي جانورن جي نعلن هڻڻ لاءِ نعلبندن ۽ ماني ٽڪي جي سهوليت لاءِ نانواين جي دڪانن جي گھٽي اهي ضرورتون پوريون ڪندي هيون، اهڙي طرح اها ڳلي وري ڪپڙي لٽي ۽ سبڻ ڀرڻ جون گھرجون گھٽ ڪندي هئي. ان ۾ زياده تر ٻهراڙي وارن جي ٽيسٽ، پسند ۽ ضرورت ۽ وسعت آهر ڪپڙو وڪامندو هو. سوخ رنگ، ڳوڙها ڪلر، سستو ۽ هلڪو ڪپڙو، ڀيلن ۽ ڪولهين جي سڀيتا مطابق، ڇاپي، ڇپائي ۽ ڇُر وارا ڪپڙا ملندا هئا. مسلمانن کان علاوه ڪولهي، ڀيل ۽ باگڙي وغيره به پنهنجن زائفائن سان گڏجي سبرائيندا هئا. گھڻو ڪري دڪان تان ڪپڙو خريد ڪري، ٻاهر ويٺلن درزين مان ڪنهن هڪ کي سبڻ لاءِ ڏيئي باقي گھربل ٻيو سودو سلف وٺڻ لاءِ بازار يا شهر هليا ويندا ۽ موٽڻ مهل سبيل تيار ٿيل ڪپڙا پاڻ سان ڳوٺ کڻي ويندا. ان ڪري ڪپڙي جي دڪانن جي ٻنهي پاسن کان درزين جي ٺيهن جي لائين لڳي پئي هوندي هئي. رب رزاق آهي. سڀ ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي ڀاڳ ۽ مقدر جو روز ملي ويندو هو ۽ اهڙي طرح نورو به پيو تڳندو هو. فرق صرف اهو هو ته نورو پنهنجي پيءُ وارو ڌنڌو ننڍي هوندي کان سکيو ۽ وڏو ٿي اختيار ڪيو. نٿو نالائق ٿي احمق ثابت ٿيو پر وري مالڪ مٿس مهر ڪئي ته بهتر نانوائي ٿي نروار ٿيو.

موسيٰ خان سي. آءِ. اي پوليس جو پراڻو ماڻهو هو. هو سمجھي ويو ته نٿو سان ناحق ٿيو آهي ۽ ضرور ڪنهن نانوائي، هن کي اغوا ڪرائڻ جي حرڪت ڪئي آهي، جيئن ته کيس سڀ نانوائي سمجھندا هئا، سو عبدالله وارن کي اتي ويٺل ڇڏي هليو ويو. ڪلاڪ کن ۾ واپس اچي عبدالله کي ساڻ ڪري ان جي گھر آيو. اتي گھران آندل پاڪيٽن مان ميڪ اپ جو سامان ڪڍي ويهي ٻهروپ ڪيائين. ويهن پنجويهن منٽن ۾ موسيٰ خان ڏاڙهين مڇون ڪوڙيل شخص مان ڦري سفيد ريش بزرگ، مٿي تي پٽڪو ٻڌي، پڪو ٻروچ بڻجي گھر کان ٻاهر نڪري اچي نانواين جي هوٽلن جا چڪر هڻڻ لڳو. ٻنپهرن جو وقت ٿي چڪو هو، سطني وٽ مڙئي گراهڪن جي چڱي خاصي آمدرفت لڳي پئي هئي. هڪ هڪ دڪان تاڙيندو جڏهن عيدو جي هوٽل وٽ پهتو ته ٻاهر واري ڇوڪر چرٻ زباني سان چيو:”چاچا پوڙها!هلي آ....ڇا کايندي؟“ کيس ٻاهر کٽ تي ويهڻ لاءِ چيو. هي ٻاهر ويهڻ بجاءِ اندر گھڙي آيو ۽ عيدو جي ديڳڙن واري ٿلهي جي پاسي کان هڪ خالي ڪرسي جانچي ويهي رهيو.

هوڏانهن نٿو سڄاگ ٿيو ته پاڻ کي هڪ ننڍڙي ڪوٺي ۾ بند ڏٺائين. هي سمجھي ويو ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي. هن ڪوٺي جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. اولهه طرف دروازو هو ۽ اتر پاسي هڪ دري هئي. اهي ٻئي بند هئا. کٽ تان اٿي دري کولڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها نه کلي. هن در کي به جھنجھوڙيو جو ٻاهران بند ٿيل هو. هي ماٺ ڪري اچي کٽ تي ويٺو ۽ ويهي سوچڻ لڳو. هن جي دل ۾ طرحين طرحين خيال اچي وڃي رهيا هئا ۽ هي ڪيترو وقت ائين گم سم ويٺو رهيو. مٿان ڪافي ڏينهن چڙهي آيو. اوچتو دروازو کليو ۽ هڪ برجستي قداور مائي اندر گھڙي آئي ۽ هن اڳيان دٻڪي ۾ ٻه ٿلهيون چانورن جون مانيون ۽ ڏڌ جو لوٽو ۽ گلاس رکي ويئي. نٿوءَ ان سان ڳالهائڻ چاهيو، پر هو در بند ڪري هلي ويئي. جنهن وقت مائي در کولي اندر آئي ته نٿوءَ کليل در مان ٻاهر جو جائزو اک ڇنڀ ۾ وٺي ڇڏيو. ٻاهر سامهون ٻه مينهون ٻڌيون بيٺيون هيون ۽ کٽ تي هڪ همراه ڪانڀ ٻڌيو ويٺو هو ۽ سندس پاسي کان ڪهاڙي رکي هئي.

مائي جي وڃڻ بعد هن گرم ماني مان اڌ ڀڃي ڏڌ سان کاڌو. هي صبح کان بکايل هو ۽ ٻيو اڌ به کائي، ڏڌ جو گلاس پي، لڳو ڪوٺيءَ ۾ پسار ڪرڻ. پسار ڪندي سونچي به رهيو هو. آخر هڪ اٽڪل سوچي اچي دروازي جي سير وٽ بيٺو، جيڪا ڪافي چوڙي هئي. ان مان ٻاهر جو ڏيک جاچڻ لڳو. کٽ تان همراه وڃي هو مائي. مائي ڪوٺي در کان چند قدمن تي مينهن کي چارو وجھي رهي هئي. هن سوچيل اٽڪل جي عمل جو موقعو وٺي وڏي واقعي رڙيون ڪيون: ”اڙي الا ڙي.....اڙي مري ويس ...الا... او....“

مائي جو ٻاهر هن جون رڙيون ٻڌيون ته دل ۾ اهو سوچي، سو رڙيون ڪري خلق نه ڪٺي ڪري. ماڻهن کي خبر نه پئجي وڃي ته ڪو اسان وٽ هت ناحق روڪ بند ۾ آهي. مئي وڃي ٿي موڇڙو هڻي ماٺ ڪرايان. اهو خيال ڪري جھڙو در کولي اندر آئي ته نٿو رڙيون ڪري چيو: ”ماسي... او... ماسي... وڇونءَ پير ۾ ڏنگ هنيو آهي“، ”الا...الا...“ ”الا... مران ٿو... .“

مائي گھٻرائجي چيو: ”اباهت وڇون ڌڇون آهي ئي ڪونه“.

”ماسي اجهو هن ڪنڊ ۾ ويو آهي“ مون پاڻ ڏٺو آهي. مائي اڳهرو ماني ڏيڻ وقت حفاظتي لٺ کڻي آئي هئي ۽ هاڻ به. اها زمين تي رکي جھڪي ڪنڊ ۾ وڇون جاچڻ لڳي. نٿوءَ وري گيگھ ڪري چيو.

”اوهيو... ماسي.... هو ڀڄندو ٿو وڃي هاڻ ڀت جي پاڙ وٽ آهي“ مائي جھڪيل حالت ۾ اڳتي وڌي وڃي بيٺي. نٿوءَ وجھ وٺي پٺيري جھڪيل مائي جي ساڄي ٽنگ جي پني کي اهڙي ته زوردار لت هنئي جو مائي بئلنس نه جھلي سگھي ۽ ڌو پيٽ ڀر وڃي پٽ تي ڪري. نٿوءَ فڙتائي مان ٻاهر نڪري آيو ۽ جدلي ۾ ڪوٺي جو در بند ڪري ٻاهريان ڪڙو وٿاڻ مان تڪڙو ٻاهر نڪري، وٺي ڊڪ پاتي.هي ٻنين ٻارن مان ڊوڙندو رهيو ۽ ٿوري دير ۾ اچي شاهي سڙڪ تي نڪتو. پهرين ته سڙڪ ت به ڊوڙندو رهيو، ٿڪجڻ تي رستي جي ڪناري تي هلندو رهيو ۽ آخر هڪ پٺاڻن جي ٽرڪ ڊرائورن جي هوٽل تي ساهي پٽيائين. هڪم بينچ تي ويهي رهيو ٿورو ترسي ميز تي رکيل ڊالڊا جي پاڻي ڀريل دٻي مان پاڻي پي هڪ چانهه ۽ بند، آڊر تي گھرائي کاڌائين. کائي پي، جيڪا ٽرڪ شهر ڏانهن پي وئي، تنهن ۾ ڊرائيور کي ٻه رپيا ڏيئي ٽرڪ ۾ چڙهي ويٺو.

موسيٰ خان عيدو جي هوٽل تي هڪ چانورن جي ماني ۽ سنگل قيمي جو آرڊرڏيئي ويهي رهيو. جيستائين ماني اچي هن اندر جائزو وٺن شروع ڪيو جاسوس هئڻ ڪري هن جون نظرون تڪڙيون تڪڙيون چوڌاري ڦرڻ لڳيون ۽ ڪن لائي ماڻهن جي گفتگوٻڌڻ لڳو. ماني آئي ۽ کائڻ ويٺو پر ڪن سرلا هئس. پرين ڪنڊ ۾ هڪ ٽيبل تي ٻه مشتب شخص ماني کائي رهيا هئا جن جي اڳيان ڪافي طعام رکيل هئا ۽ مزي سان کائي به رهيا هئا ۽ ڳالهائي گھڙي گھڙي ٽهڪ ڏئي هٿ ٿي ملايائون. هيڏانهن وري وري ٽيبل واري ڇوڪري ڪنهن محل وجھ وٺي عيدوءَ کي عي چيو: ”استاد، نٿو وارا سڀ گراهڪ پاڻ وٽ پيا اچن“.

ٻي مهل ”استاد، اڄ ته پنج آڱريون گيهه ۾ آهن. گراهڪن کي ويهڻ لاءِ جاءِ ئي ڪانه ٿي ملي. ٻاهر ڪيترا ڀاءُ جاءِ خالي ٿيڻ جي انتظار ۾ بيٺا آهن. نٿو به ڇا ياد ڪندو ته ڪهڙي ناٿ سان پالو پيو اٿس.“

عيدو جھڙڪيندي. ”ڇورا ماٺ ڪر، ڀتين کي به ڪن آهن. جھٽ جھٽ سروس ڪندو وڃ ته ڪرسيون وانديون ٿينديون وڃن.“

وري ٻاهر واري کي: ” شاباس پٽ، اڪلائيندو وڃ، گراهڪن کي اجايو ويهڻ نه ڏي. ڌنڌي جو ٽائيم آهي.“

موسو سمجھي ويو ته اها ڪارستاني عيدو جي آهي. هٿ ڌوئڻ جي بهاني، هنن ٻن نوجوانن تي ٽيبل پاسي لڳل نل مان آرام سان بيهي هٿ ڌوئڻ ۽ گرڙيون ڪرڻ لڳو ۽ ڪن ڏئي هنن جو گفتگو ٻڌڻ لڳو: ”يار باقي رقم ڪڏهن ملندي؟“

هڪ پڇيو: ”اها، عيدو چيو آهي ته شام جو ڏيندو“ ٻئي وڏو گراه وات ۾ وجھي چيو.

”ڀلا مائي ته ڀر پاسي واري آهي نه“

”تون ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين. هوءَ ته ٻن مڙسن جي مٽ آهي. تنهن کي نٿوءَ جهڙو ڇا ٿو ڪري سگھي.

”ان کي ته باقي رقم ڏيڻي آهي نه .“

”ها عيدو کان وٺي، سڀاڻي هلي ڏينداسين“ موسو بل ڏيڻ مهل عيدو کي هٿ ۾ پنجن رپين جو نوٽ ڏئي پڇيو: ”ابا اهو پاسي وارو نانوائي ڇوڪرو چاق ناهي ڇا؟“

”ڇو پر يا مڙس؟“

”ابا ماني ان وٽ کايندو آهيان، جڏهن شهر ايندو آهيان، اڄ دڪان بند ڏٺم تڏهن توکا پڇيم. ٻيو منهنجو مائٽ لڳي  ڪيئن؟“

”چاچا هاڻي اهو دڪان بند ئي رهندو“.

”چاچا ان ڇوڪر کي سلهه ٿي پئي آهي. کڻائي ويا اٿس ڪوٽڙي سلهه جي اسپتال. اچي باقي هي رپيو.

موسو هيٺ لهي آيو.

منهن انڌاري ڌاري نٿو اچي مارڪيٽ پهتو. هي عبدالله جي گھر ويو پر نٿو ڪونه هو، تالو لڳو پيو هو. ور يمڙي آيو دوست نورو وٽ. نورو هن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ٻنهي هڪ ٻئي کان حال احوال ورتا. نٿو اغوا کان ڀڄي اچڻ واري ڪار گذاري ٻڌائي ته نورو عبدالله ۽ موسيٰ خان جي پريشاني ۽ بهروپ بدائي سوراغ لڳائڻ جي ڪوشش وارو قصو ڪري ٻڌايو. هي ٻئي يار ڪچهري ڪندا رهيا. چانهه جا دور هلندا رهيا. مڙئي وقت ڪاٽڻو هو ڇو جو چاچو عبدالله رات جو دير سان گھر وڃڻ جو عادي هئو. اٽڪل يارهين ڌاري نورو دڪان بند ڪري نٿوءَ کي ٽوال جو جُھنڊ هڻائي عبدالله جي گھر وٺي آيو. جت موسو به موجود هو. هاڻي هنن کي خبر پئجي وئي ته اغوا جو ڪم عيدو ڪرايو آهي. ته جيئن عيدو کي هن ڌنڌي مان تڙي ڪڍي. هي ڪيترو وقت صلاحون ڪندا رهيا. عبدالله جو خيال هو ته عيدو ۽ سندس ساٿين کي ٻڌائجي، مٿن پوليس چاڙهجي، موسي جو خيال هو ته در گذر ڪجي ۽ نٿوءَ کي هوٽل ڄمائڻ واري ڪم کي وٺجي ٿاڻن جا چڪر، پوليس جا مڪر، وڪيلن جون فيئون، ڪورٽن جا پنڌ، اهي سڀ خرچ ڀڃي ڇڏيندا ڪنڌ. سڀ کان وڏي ڳالهه ته وقت جو زيان.

آخر اهو فيصلو ٿيو ته نٿو پنهنجي دڪان چمڪائڻ ۾ لڳي وڃي رات جو چاچي عبدالله جي گھر سمهندو رهي. باقي عيدو ۽ سندس ساٿين کي ڪنهن ٻئي طريقي سان سيکت ڏجي. ٻئي ڏينهن به نٿوءَ پنهنجو دڪان بند رکيو ۽ سارو ڏينهن عبدالله جي گھر رهيو، فقط تاثر ڏيڻ لاءِ ته عيدو کي خاطري ٿئي ته همراهه سوگھو آهي. ٽئين ڏينهن هن پنهنجي دڪان جو ڪم چالو رکيو. عيدوءَ ٻئي ڏينهن پتو پيو ته نٿو ڀڄي ويو ۽ کائنس هو بدمعاش ڇورو هڪ هزار رپين جي رقم ڇڏائي رفو چڪر ٿي ويا، هن ٽئين ڏينهن پنهنجا ڇاڙتا نٿو جي دڪان تي موڪليا ره نٿو ڪالهوڪي ڏينهن جي غير حاضري جو ڪهڙو سبب ٿو ڄاڻائي، جڏهن نٿو جواب چيو ته سندس پيءُ جو دوست گذاري ويو هو، سو ان جي فاتح ڪرڻ ويل هو. اهو جواب ٻڌي عيدو پهرين ته وائڙو ٿي ويو پر پوءِ ان خيال سان اطمينان ٿيس ته شاهد هن کي اها سڌ ئي ڪانهي ته اغوا وارو ڪم ڪنهن جو آهي يا وري کائنس ڊڄي ٿو.

اهڙي طرح مهينو سواءِ گذري ويو، نٿو پنهنجو ڌنڌو خوب وڌائيندو ۽ ڄمائيندو رهيو. عيدوء کي دل ۾ ساڙ ته ڏاڍا هئا، پر في الحال چپ رهيو. هيڏانهن نٿو جا ساٿي چاچو عبدالله ميان موسيٰ خان ۽ نورو به چوڪس هئا. هڪ ڏينهن موسو عيدو جي دڪان تي چڙهي آيو. عيدو پڻس جي وقت کان کيس سڃاڻندو هو. هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون، آخر موسو وجھ وٺي نٿو جي اغوا جو ذڪر ڇيڙيو ۽ هن کي سڀ قصو ڪري ٻڌايو ته کيس سڀ خبر آهي. عيدو ڪجھ حيران به ٿيو ۽ گھٻرائجي به ويو. موسيٰ، هن کي پيار سان سمجھايو ته عيدو جي پيءُ عرس ۽ نٿو جي پيءُ محرم جا پاڻ م ڪهڙا نه سٺا تعلقات هئا. محرم مشهور ۽ وڏو هو، عرس ننڍو نانوائي هو، پر سڀ هڪٻئي کي برداشت ڪندا هئا. آخر موسيٰ سان عيدو وعدو ڪيو ته آئنده نٿو کي پنهنجو ڀاءُ سمجھندو ۽ اغوا جي نقصان ۾ هڪ هزار رپيا جرمانو ڀري ڏيندو ۽ واقعي عيدو نٿو کان معافي وٺي ڳراٺڙي پائي جرمانو ڀري ڏنو.

نٿو کي هڪ دفعو پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻو سو ڄمي ويو. سندس دڪان خوب هلڻ لڳو. هيڏانهن حاجاڻي کتوران به عبدالله کي گھرائي نٿو جو مڱڻو پڪو ڪيو ۽ هڪ ڏينهن نٿو مختصر ڃڃ وٺي ۽ ڪري آيو. ڇهن مهينن کان پوءِ نٿو جي شادي به ٿي سال کن اندر نٿوءَ پڻس وانگر خوب نالو ڪڍيو ۽ جڳ مشهور نانوائي ٿي پيو. هاڻي چاچو عبدالله جنهن کي سندس سڳو پٽ هميشہ لاءِ ڌارين وٽ ڌڪن کائڻ ۽ ساري ڄمار نانواين ۽ هوٽلن تي ماني کائڻ لاءِ ڇڏي ويو، تنهن به سوچيو ته هاڻ سندس پڇاڙي جو وقت آهي جو وارث سندس ناخلق اولاد ڇو ٿئي ۽ نٿو کي پنهنجو پٽ سمجھي ساري مليڪت لکي پڙهي نٿو نالي ڪئي. عبدالله کي نٿو جو گھر ناٺي رهڻ ياد هو. هن حاجاڻي ۽ نٿو جي ڌنڌي جي ويجھي ڀيٽ ڪئي ته حاجاڻي کان نٿو ٻيڻو ٽيڻو ڪمائي رهيو هو ۽ حاجاڻي ٻهراڙي ۾ هئڻ ڪري وکر، بقر، ڪچو مال ۽ هر ڳالهه ۾ ڏکي ۽ ٻين جي محتاج هئي. نٿو شهر ۾ هر لحاظ کان سکيو هو ۽ آسودو هو. وڏي ڳالهه ته سندس هوٽل تي ذات آفيسر ۽ وڏو ماڻهو اچڻ لڳو هو ۽ شهر جي چڱن ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ ٿو وئي هئس.

حاجاڻي کتوران جي معذور ڌيءَ ته ڪجھ وقت ٿرو هري وئي هئي. هاڻ حاجاڻي شادي جي شرطن پوري ڪرڻ جي تقاضا شروع ڪئي. هيءَ ضد جي پڪي هئي. ان ڪري ڌيءَ جي شادي ڪرائي پاڻ وٽ وهاري ڇڏي ۽ رخصتي ڪانه ڪئي. نٿو هڪ ڏينهن وڃي زال وٽان چڪر هڻي ايندو هو. هڪ ڏينهن کتوران سخت بيمار ٿي پئي. نٿو ۽ عبدالله ان کي شهر سول اسپتال ۾ کڻائي آيا. چئن پنجن ڏينهن کان پوءِ حاجاڻي کتوران وفات ڪري وئي. لاش ڳوٺ کڻائي ڪفن دفن ۽ ٽيجهو ڪري نٿو زال کي وٺي عبدالله جي گهر آڻي رهايو. پٺيان چاچو عبدالله هوٽل، جايون، جڳهيون وڪڻي، زمين ڳوٺ جي وڏيري کي مقاطي تي ڏئي باقي هڪ مينهن کير جي سهنج لاءِ شهر ڪاهي آيو. نٿو کي ساهراڻي ملڪيت مان ڪافي پئسو مليو. هاڻ چاچي عبدالله کي گھر جي ماني ۽ سک نصيب ٿيو. نٿو ۽ سندس زال هن کي پنهنجو پيءُ سمجھي خدمت ڪندا رهيا. آخر هڪ ڏينهن ان به راه رباني ورتي. اهڙي طرح نٿو نانوائي جي ڪهاڻي ختم ٿي.

ٻارو محنت، اورچائي سان دنيا ۾ سڀڪجھ حاصل ڪري سگھجي ٿو. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com