ڪلام الله
بسم الله الرحمٰن الرحيم
(شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان جيڪو مهربان ۽ ٻاجھارو.)
۽ ڏيو دل جي خوشي سان پنهنجن مالن منجھان. پنهنجن ويجھن عزيزن کي، يتيمن کي،
مسڪينن کي ۽ مسافرن کي.
سورة البقرآيت 176
سمجھاڻي: قرآن پاڪ جي مٿئين آيت سڳوري مان اهو سبق ملي ٿو ته مالدار ماڻهن
تي غريبن جو حق آهي ته انهن کي صدقي ۽ خيرات طور
ڪجھ ڏين ته جيئن اهي چوري ، ٺڳي ۽ ٻئي ڪنهن بري
طريقي سان پنهنجي گذران واسطي رزق هٿ ڪرڻ لاءِ نه
واجھائين. بلڪ ٿوري مال تي ئي راضي رهن.
حضور ﷺ فرمايو
ننڍي عمر وارن جو فرض آهي ته پاڻ کان وڏن جي عزت ڪن ۽ وڏي عمر وارن جو فرض
آهي ته ننڍڙن تي شفقت ۽ پيار جي نظر رکن.
گل ڦل
پيارا ٻارؤ!
گل ڦل جو هي پرچو جڏهن توهان جي هٿن م پهچندو، تڏهن اوهان عيدالضحيٰ جون
خوشيون ماڻيندا هوندا ۽ هاڻ توهان کي گرمي جون
موڪلون به مليون هونديون. ٻارؤ گرمي جي موڪل ملندي
انهيءَ لاءِ آهي ته توهان گھر ۾ ٿڌي ڇانو ۾ ويٺا
هجو ۽ اتي پنهنجي پڙهائي به ڪندا رهو. توهان کي
استاد ”گھر جو ڪم“ ”هوم ورڪ“ به ڏنو هوندو آهي.
انهيءَ لاءِ ته اوهان پنهنجي تعليم جاري رکي سگهو.
گھڻا ٻار لُڪن ۾ به وتندا آهن باغن ۽ ٻين جاين تي اجيو رلندا، ان لاءِ ٻارو
ڪنهن به پکي پسڻ کي نه ستايو، ڇو جو هو به اوهان
وانگر ساهه وارا آهن ۽ اهو به ياد رکو ته گرمي ۾
رلڻ سان اوهان بيمار به ٿي سگھو ٿا. جنهن ڪري غريب
والدين پريشان رهندا.
بورڊ جي نئين جوڙ جڪ جي ٿي آهي. جنهن محترم شمشير الحيدري بورڊ جو سيڪريٽري
۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب کي چيئرمن مقرر ڪيو
ويو آهي. نئين انتظاميه جي ڪوشش آهي رسالو ”گل
ڦل“وقت تي اوهان کي ملي ۽ اوهان جي پسند جو مواد
ان ۾ شامل هجي. ان لاءِ ڪجھ سلسلا شروع ڪيا اٿئون
۽ تمام جلد اڃان به وڌيڪ خوبصورت ڪري رسالي کي
شايع ڪبو. ان لاءِ اوهان ٻارن جي سهڪار جي به
ضرورت آهي. اوهان هن جا گھڻي کان گھڻا خريدار ۽
پڙهندڙ پيدا ڪريو. اميد ته اوهان هن ڳالهه تي ضرور
عمل ڪندا.
ساٿ سلامت، اوهان جو ڀاءُ
اڪبر جسڪاڻي
لطيفي لات
چڱا ڪن چڱايون، مَٺايُون مَٺَنِ،
جو وَڙُ جُڙي جن سين، سو وَڙُ سيئي ڪن.
سر سريراڳ
سمجھاڻي: چڱا انسان چڱايون ٿا ڪن، ۽ بُرا انسان برايون.
جن کي جهڙو سلوڪ (ورتاء) سونهي سي تهڙو ئي ڪن ٿا.
معنيٰ: مٺايون =بُرايون. مٺن=بُرن. وَڙُ= سلوڪ، ورتاءُ .جُڙي سونهي ٺهي
ڊاڪٽر نواز علي شوق
اسلامي تاريخ جو هڪ ورق
اونداهي رات ۾ هڪ نوجوان هڪ درد ڀريون دانهون ڪري رهيو هو. هو گھڙي گھڙي
پنهنجي مٺڙي ماءُ کي سڏي رهيو هو. ڏک وچان امان
امان چئي رهيو هو. ائين ٿي معلوم ٿيو ته ڄڻ هو
پنهنجي ماءُ کان وڇڙي ويو آهي۽ هيئنر ان ڪري سڏ
ڪري رهيو آهي ته ڪو کيس پنهنجي ماءُ وٽ وٺي هلي.
اصل ڳالهه هي هئي ته پوڙهو ۽ ڏٻرو اٺ قافلي کان گھڻو پٺتي رهي ويو هو. ڊگھي
سفر ۽ ٿڪ سبب اُٺ هلي نٿي سگھيو. اهو ڏسي هو ڏاڍو
پريشان ٿيو. کيس سمجھ ۾ نه آئي ته هيئنر هو ڇا
ڪري. نيٺ هو اٺ جي پٺي تي بيهي دانهون ڪوڪون ڪرڻ
لڳو.
ٻنهي جھانن جا سردار هميشه ڪافلي جي پٺيان هلندا هئا. ان لاءِ ته جيڪڏهن ڪو
پوڙهو يا ڪمزور شخص پٺتي رهجي وڃي ته ان جي سار
سنڀال لهي سگھجي. نبي سڳوري پري کان ان نوجوان جون
دانهون ۽ ٻڌيون ۽ جلدي ان نوجوان وٽ پهچي ويا.
کائنس پڇيائون ته ”ڪير آهين؟“
”سائين مان جابر آهيان“. نوجوان جواب ڏنو.
”ايترو پريشان ڇو آهين. دانهون ڪوڪون ڇو پيو ڪرين؟“
”يا رسول الله ﷺ منهجو اُٺ ٿڪ ۽ ڪمزوريءَ سبب ئي نٿو سگھي ۽ قافلو تيزي سان
اڳتي وڌي رهيو آهي. تنهنڪري پريشان ٿيس.“
”ڀلا تو وٽ لٺ آهي؟“
” ها سائين! اجھو هيءَ لٺ.“
حضور نبي ڪريم ﷺ جن جابر کان لٺ وٺي، ان آڌار تي اُٺ کي اُٿاريو. نبي
سونهاري رڪيب پاڻ جھلي، جابر کي چيو ته ”هينئر اُٺ
تي چڙهه ڪو فڪر نه ڪر.“ هوُ اٺ تي سوار ٿي رسول
مقبول ﷺ جن سان گڏ هلي پيو. هينئر جابر جو اٺ اڳي
کان وڌيڪ تيزي سان هلي رهيو هو.نبي سڳورا نهايت
پيار ۽ محبت سان جابر سان گفتگو ڪندا رهيا ۽ جابر
جي بخشش لاءِ دعائون ڪندا رهيا.
سفر ۾ نبي سڳوري جابر کان پڇيو ته ”تنهنجون گھڻيون ڀينرون ۽ ڀائر آهن؟“
”يا رسول اللهﷺمنهنجون ست ڀينرون آهن پر ڀاءُ ڪو به ڪونهي.“
”ڀلا پنهنجي پيءُ جو قرض لاهي ڇڏيو اٿئي يا اڃا ڪجھ باقي آهي.“
”نه سائين اڃا ڪجھ رهيل آهي.“
”چڱو هيئن ڪر، مديني پهچڻ کان پوءِ تون قرض وارن سان قرض ڏيڻ بابت ڳالهه
ٻولهه ڪجانء ۽ جڏهن کارڪن لهڻ جي موسم اچي تڏهن
مون وٽ اچجانء.“
“ڀلا شادي ڪئي اٿئي؟“
”جي سائين! مديني جي هڪ بيواہ سان شادي ڪئي اٿم.“
”هيءُ اٺ گھڻي ورتو اٿئي؟“
”سائين سٺ سڪن ۾.“
”مديني پهچي اٺ جي رقم مون کان وٺجانء“.
نيٺ سفر پورو ٿيو.هرڪو پنهنجي ماڳ مڪان تي پهچي ويو. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ
جابر پنهنجو اٺ ڪاهي نبي ڪريم ﷺجن جي خدمت ۾ حاضر
ٿيو ته پنهنجو اٺ نبي سڳوري جي حوالي ڪري.
جابر کي ڏسندي ئي نبي سڳوري بلال کي چيو ته ”هن کي سٺ سڪا ڏي، جيڪا اٺ جي
قيمت آهي ۽ ڇٽيهه سڪا کيس وڌيڪ ڏي ته جيئن هي
پنهنجي پيءُ جو قرض لاهي ڇڏي ۽ هي اٺ به کيس
موٽائي ڏي ته جيئن هن کي سواري جي ڪا تڪليف نه
ٿئي.
ان کان پوءِ جابر کان پڇيائون ته ”قرض واري سان تنهنجي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي يا
نه ؟“
نه سائين اڃا انهن سان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي آهي. تنهنجي والد عبدالله
جيڪا مڏي پويان ڇڏي آهي، سا ايتري ڪانه آهي، ان
مان تون اهو قرض لاهي سگھين؟
”نه سائين.“
چڱو کارڪن لهڻ جي موسم تائين انتظار ڪر.
جابر خوشيءَ مان گھر هليو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ کارڪن لهڻ جي موسم اچي
وئي. نبي سڳورا جابر جي گھر ويا. سندس والد وارو
قرض، جيڪو جابر جي ذمي هو، سو سمورو ڏئي ڇڏيائون ۽
ڪجھ رقم جابر کي پنهنجي گھر جي خرچي پکي لاءِ پڻ
ڏئي ڇڏيائون. اهڙي طرح جابر جي هر مشڪل آسان ٿي
هئي.
محمد خان مجيدي
شهيد دودي سومري جي پڳ
صديون بادشاهي هلي سومرن جي
ڪجي ڳالهه ڪهڙي سگھن سومرن جي
هتي شاهه ڀونگر ٿي شاهي هلائي
سڄي سنڌ جي سربراهي هلائي
جڏهن شاهه ڀونگر پُڄائي حياتي
اٿي پڳداري جي سوچا سگھاتي.
تڏهن راڄ وارا ڪٺا ٿيا اٿئي،
لڳا پڳ جي فيصلي ۾ هڙيئي
چنيسر ۽ دودي جو قصو هي آهي.
۽ قصي ۾ هر هڪ حصو هي آهي
حقيقت هي آهي، نه آهي فسانو
نه گانو بجانو نه آهي ترانو.
زماني جي هڪڙي سچي ڳالهه آهي
انهي ڳالهه ۾ لڪل هڪ لال آهي.
زمانو هو اڄ کان گھڻو اڳ وارو
نبيرو هو يارو هتي پڳ وارو
جڏهن شاهه ڀونگر دنيا مان لڏي ويو
چنيسر ۽ دودو ۽ ٻاگھل ڇڏي ويو
هليا راڄ وارن جا رايا گھڻي ئي
نبيري م آيا هتي نام ٽيئي
چنيسر ۽ دودي ۽ ٻاگھل جا نالا
هليا بحث تن تي نرالا نرالا
پڄاڻي تي پهتو ادا فيصلو هي
ڀَلن جي نظر ۾ ڀلارو ڀلو هي
چنيسر جي باري ۾ ٿي ويونبيرو
چيائون ته ٿيندو وڏو پُٽ وڏيرو
چنيسر انهي ويل راجا هو ٿيڻو
سگھو پڳ جو ور وڏن کي هو ڏيڻو
چيائين ته ترسو گھران ٿي اچان مان
امان کان وڃي ٿو اجازت وٺا مان
چنيسر خوشي سان سڌو گھر رساڻو
پٺيان راڄ وارن سٽيو ٻيو سٽاڻو
گھڻي زور سان اُت گھڻو ئي چيائون
ڇڏڻ ڪاڻ باقي نه ٻيو ڪجھ ڇڏيائون
”ڪندو راڄ ڪهڙو ارادي جو ڪچو
جو ماين جي مهندان آهه ٻچو“
”اسان کان مٿي هوءُ ٿو ماين کي سمجھي
اسان جي نبيرن نه راين کي سمجھي“
”چنيسر کان هلندو نه هي ڪارخانو
پڪي ڳالهه وارو نه آهي يگانو“
”نه زالن جو آهي ادا هي زمانو
هتي مرد گھرجي توانو جوانو“
”حڪومت ۾ ماين جي مرضي مڃيندو
انهن جي چوڻ تي سڏيندو سڃيندو“
”چنيسر نه حاڪم هتي هاڻ گھرجي
ڏنل حق هن کان بنا دير ڦرجي
چنيسر کي حاڪم ڪبو ڪين هاڻي
نٿو ڀاءُ سمجھي ته ڀل فوج آڻي
سگھارو سگھارن جو سرواڻ چاهيون
اسان هاڻ پنهجو پرين پاڻ چاهيون،
نظر ۾ جو آهي سو منظور آهي
جو زوري ۾ رستم جو مٽ مُور آهي
جو مردن جي مجلس مور آهي
بهادر ۽ داناءُ مشهور آهي
اڪيلو لڙي شينهن ماري ٿو جيڪو
اسان تان ڏکيا ڏينهن ٽاري ٿو جيڪو
اهو پڳ شاهي جو حقدار آهي
اهو شاهه سلطان پڳدار آهي
اُڌاري عقل سان نه هلندي حڪومت
نه هاڻي چنيسر جي آهي ضرورت
اسان چونڊ ۾ چنڊ تارن مان چونڊيو
اسان گل گلابي بهارن مان چونڊيو
اهو آہ دودو هي دودي جي ڌرتي
هتي ناه ڪرڻي عام ڀرتي
سدا شال ماڻي جواني هي جاني
سندس راڄ آهي، سندس راڄ ڌاني.
چيائون ته دودي کي هڪدم گھرايو
اهو فيصلو ۽ اهو آهه رايو
اچي وچ ۾ ويٺو انهي ويل دودو
بنيو راڄ راڻو، جگر مست جوڌو
ٻَڌي پڳ دودو بڻيو شاهه عالي
بڻيو سنڌ ساري جو وريام والي
سڄي خلق خوش ٿي سوالي نه خالي
ڌما ڌم ڌماليون وڄائن ڌمالي
ڇڏيو راڄ وارن چنيسر جو پاسو
نڪو آسرو هو نڪو هو دلاسو
جڏهن ڳالهه پهتي چنيسر جي گھر ۾
مليس خوب مهڻا اُتي پنهنجي پر ۾
سرن مان گھر کي لڳي باهه ويئي،
اڻائي ۽ اڻ بڻت پنهنجن ۾ پيئي
چنيسر کي ماين هنيا ڇُوٽ ڇيرا
جلايا جگر جھان جيرا ۽ ٻيرا
پچي پوسري ٿيو روانو چنيسر
وٺي آيو ڪاوڙ مان دهلي جو لشڪر
وڳهه ڪوٽ وارن لڙي هي لڙائي
نه خلجين جي باقي بچي فوج ڪائي
لڙيا جنگ جوڌا ۽ جونجھار سنڌي
بنيا سنڌ ساري جا سينگار سنڌي
هتي سنڌ وارا ڪسجي ويا هزارين
چنيسر کان رسي ويا راڻا هزارين
رکي ننگ ڌرتي جو ننگر هتان ويو
هو دودو دلاور قداور هتان ويو.
چنيسر جو پورهيو نه هت ڪو اگھاڻو
ڦٽايو هٿن سان پنهنجو ٺڪاڻو.
هتي هاڻ ان جو جياپو نه آيو
ٽُٽو نينهن ناتو، نه لايو ڳڻاپو
هتي پنهنجي جدائي جو آهي نتيجو
لٿو يار ڪم ڪار چيٽي ڪتِي جو
دماغن دلين مان لهي ويو چنيسر
بڻيو ديس ساري جو دودو دلاور
اسان پاڻ کي اڄ چنيسر سان ڀيٽيون
چنيسر جي غلطين کي ميٽيون سميٽيون
اسان پاڻ پنهنجا نبيرا نبيريون
نه ڌارين کي آڻيون نه چاڙهيون نه هيريون
چنيسر به پنهنجو ۽ دودو به پنهنجو
هي پنهنجن جو جھيڙو اسان ڪاڻ اهنجو
وڙهي پاڻ پنهنجي نه طاقت وڃايون
تدبر سان دشمن کي ماري مڃايون
نه ڌارين جي ياري ۽ ٻاري وڌايون
نه پنهنجا ڪُهايون، نه ماريون نه ٻَڌايون
ننڍي ۽ وڏي جي هتي ڳالهه ناهي
وڏو جو وطن سان ناتو نباهي
ٻُڌي ڇڏ چنيسر اي اڄ جا چنيسر
امڙ سنڌ آهي ۽ دودو ڏهيسر
نه ٻاگھل جي ڪا ٻي ڀيڻ ٿيندي
آپو جي ٿيندي ته توکي وڏا ويڻ ڏيندي
امر سنڌ ڌاران نه ٻيون ڪي اَمايون
کٽين ڇونه دل ساڻ تنهن جون دعائون
اَڳي ماءُ بعضي ٿي ممڻ مچائي
سڳي ماءُ دائم سنڀالي بچائي
سدا پَڳَ قومي سلامت رهي شل
ڪڏهن ڪين دشمن هٿان سان لهي شل
هي دودن شهيدن آهي سلامي
ڪندو پيو ڪلامي مجيدي مُدامي.
عبدالستار ايم پيرزادو
سائنسي معلومات
1_ سائنس لفظ جي معنيٰ تجرباتي علم، حڪمت آهي
2_ اڄ تائين 105 عنصر مليا آهن. جن ۾ 13 مصنوعي عنصر شامل آهن.
3_ آڪسيجن سوئيڊيم جي ڪيميادان شيلي 1772 ۾ دريافت ڪئي.
4_ هوا ۾ نائٽروجن 78 آڪسيجن 21 آرگلين هئڊروجن، هيليم، ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ
۽ گھم 1 ان کان علاوہ ٻيون به گئسون آهن.
5_ اليڪٽران. سرجي ٽاپسن دريافت ڪيو.
6_ سون کان به ڪي قيمتي ڌاتو. يورينيم ، پلاٽينيم، ريڊيم آهن.
7_ سڀ کان ڳري گئس جو نالو ريڊون. جيڪا هئڊروجن کان 1145 دفعا ڳري آهي.
8_ ڪاربان عنصر هيري ۾ گھڻي مقدار ۾ ملي ٿو.
9_ ڪيمسٽري لفظ عربي ٻوليءَ جي لفظ ”ڪيميا“ مان ورتو ويو آهي.
10_ فرانس جي ڪيميادان، هنري موئيزان 1893ع ۾ سڀ کان پهريائين مصنوعي هيرو
ٺاهيو.
11_سڀ کان پهريائين
(Atomic Theory)
جوهري نظريو جان ڊالٽن پيش ڪيو. |