(ٻارن جا ليک)
الطاف حسين جوکيو
منهنجو پاليل ڪتو
واه هي منهنجو ڪتڙو،
سهڻو، ستابو، ڏاڍو سٺڙو.
مون سان اٿس ڏاڍي محبت،
ڪندو آهيان مان ان جي خدمت.
جڏهن آهيان مان گهر ۾ ايندو،
مون کي ڏسي آهي پڇ لوڏيندو.
تعظيم خاطر ايندو هلي،
واه سندس آهي چال ڀلي.
ماني کائڻ آهيان ويهندو،
ته اچي سامهون آهي بيهندو.
هڏو ڏيندو آهيانس اڇلي،
ته کائيندو اهي چنبن ۾ جهلي.
ڏسي جي مون کي ٻاهر ويندو،
در تائين گڏجي آهي ايندو.
ڪڏهن جي گهمائڻ وڃانس وٺي،
ته ڪين ڇڏيندو منهنجي پٺي.
واه هي منهنجو ڪتڙو،
سهڻو، ستابو، ڏاڍو سٺڙو.
مترجم: عبدالغفران ميمڻ
(جپاني ڪهاڻي)
تارو
اّڏامي ويو
گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جاپان جي ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ
هاري رهندو هو. هن جو نالو تارو هو. هن جي گهر جي
ويجهو هڪ وڏي ڍنڍ هوندي هئي. جنهن ۾ آڙيون پاڻي
پيئڻ اينديون هيون. تارو رَسيءَ جي هڪ ڄار ٺاهي
رکندو هو، ۽ روزانو ڄار ۾ هڪ آڙي پڪڙيندو هو.
تارو تمام لالچي هو. هڪڙي ڏينهن هن کي خيال آيو ته
جيڪڏهن سب آڙيون گڏ پڪڙيان ته ڪيترو نه سٺو ٿئي.
اهو سوچي هن هڪ وڏي رسي خريد ڪئي ۽ ان جي ڄار ٺاهي
ڍنڍ ۾ پکيڙي، ان کان پوءِ ڪناري تي لڪي ويٺو ۽
آڙين جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ آڙيون
آسمان تي اّڏامندي نظر آيون. آڙيون اڃايل هيون ۽
پاڻي پيئڻ ٿي چاهيائون، ليڪن جيئن ئي ڍنڍَ تي
لٿيون تيئن تاري جي ڄار ۾ ڦاسي پيون.
تارو خوشيءَ مان نچڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو:”اڙي ڏسو مون
ڪيتريون نه آڙيون پڪڙيون آهن، هاني ته مزا آهن
مزا“.
اهو چئي هن جيئن ڄار ڇڪي ته آڙين به گڏجي زور
لڳايو ۽ ڄار کي کڻي اڏاڻيون، تاري ڄار ڇڪي انهن کي
روڪڻ جي گهني ڪوشس ڪئي، پر ايترين آڙين جي اڳيان
هن جي طاقت گهٽ هئي! هيءُ به انهن سان گڏ اُڏامندو
هليو. هن ڄار جي رسي کي مضبوطيءَ سان جهلي ڇڏيو.
آڙيون اُّڏامنديون ويون ۽ تارو آسمان جي ويجهو
ٿيندو ويو، هاڻ ته هي ڊپ ۾ ڏڪي رهيو هو. اوچتو
آڙيون هڪ ڳوٺ مٿان لنگهيون. هن ڳوٺ ۾ هڪ وڏو مندر
هو، ان جو برج تمام وڏو هئو. آڙيون ان مندر مٿان
لنگهيون ته تاري جهٽ پٽ ڄار جي رسي بُرج سان ٻڌي
ڇڏي ۽ پاڻ وٺي رڙيون ڪرڻ لڳو، ”بچايو، بچايو،
ڊوڙو، ڊوڙو.“
ڏسندي ئي ڏسندي مندر وٽ ماڻهن جو وڏو ميڙو لڳي
ويو. هو حيران هئا ۽ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
”سوال هي آهي ته هي شخص ايترو مٿي ڪيئن پهتو؟“ هڪ
شخص چيو.
”تو ڏٺو ڪونه؟ آڙيون هن کي اُڏايو پئي ويون؟“ ٻئي
چيو.
”هاڻ هن کي هيٺ ڪيئن لاهينداسين؟“ ٽئين شخص چيو.
آخر ڪافي صلاح مشوري کان پوءِ ماڻهو هڪ وڏي چادر
وٺي آيا. سڀني گڏجي برج جي هيٺيان چادر جهلي ۽
چيو:” هاڻ ٽپ ڏي.“
تاري هيٺ ڏٺو ته خوف کان ڏڪڻ لڳو، مگر ڇا ڪري!
ويچاري اکيون بند ڪيون ۽ هيٺ ٽپ ڏنو. قسمت سٺي هيس
جو اچي چادر تي ڪريو. پر جن ماڻهن چادر جهلي هئي
سي بيهي نه سگهيا ۽ تارو اچي زمين تي ڪريو ۽ ان ڌڪ
سان گڏ هن جي اک کلي ويئي. هن مٿو کڻي هيڏانهن
هوڏانهن ڏٺو. هو پنهنجي بستري تي پيل هو ۽ سڀ ڪجهه
هن خواب ۾ ڏٺو هو. پر ان خواب تاري جي دل تي گهڻو
اثر ڪيو. ان کان پوءِ هن ڪڏهن به آڙيون نه پڪڙيون.
هاڻ هو تمام سٺو، نيڪ ۽ رحم دل ماڻهو بنجي ويو.
ادارو
اوهان کي خبر
آهي ته ....
(1)
(2)
دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ۽ ڳرو نانگ ڏکڻ آفريڪا جو
”اناڪونڊا“ آهي، 1944ع ۾ هڪڙو اهڙو نانگ ڏٺو ويو
جيڪو ساڍا ستٽيهه فوٽ ڊگهو هو. 1956ع ۾ ڪولمبيا ۾
هڪ ٻئي اناڪونڊا کي ماريو ويو، جيڪو ٽيٽيهه فوٽ
ڊگهو هو. دنيا جي چڙيا گهرن ۾ جيڪي نانگ رکيل آهن،
تن ۾ ڊگهي ۾ ڊگهي”ڪولوسس“ نالي هڪ نانگڻ هئي، جيڪا
15 اپريل 1963ع ۾ سلهه وگهي مري ويئي. اها نانگڻ
هاءِ لينڊ پارڪ زولاجيڪل گارڊنس، پٽسبرگ ۾ رکيل
هئي. هن کي جڏهن 10 آگسٽ 1949ع ۾ سينگاپور مان هٿ
ڪيو ويو هو، تڏهن ان جي ماپ ٻاويهه فوت هئي. 10
نومبر 1956ع اها ماپ وڌي اٺاويهه فوٽ ڇهه انچ ٿي.
هوءَ هر سال اٽڪل ڏهه انچ وڌي رهي هئي. 1963ع ۾
مرڻ وقت هوءَ اٺٽيهه فوٽ ڊگهي هئي.
(3)
دنيا جا وڏي ۾ وڏا دروازا چار آهن. اهي آمريڪا جي
شهر ڪئپ ڪينيڊي، فلوريڊا جي ويجهو ورٽيڪل اسيمبلي
بلنڊنگ ۾ آهن. انهن دروازن جي اوچائي چار سؤ سٺ
فوٽ آهي.
پرولي ته پڃ.....
موڪليندڙ: افروز عبدالڪريم
1_ ڌڙ مٽيءَ جو، سسي ڪپهه جي.
2_ ماءَ ميڙي گڏ ڪري، پيءُ اچي ته هڪ نه بچي.
3_اڇو اڇو کير جان،
پوڄيانس پير جان،
ٻڌانس چور جان.
4_ هڪ ٿڻي ٻڪري، اوڳاري تڏا ڀري.
5_ روئي ته ڏسي، ماٺ ڪري ته انڌي.
موڪليندڙ:محمد زمان جمالي
6_اڇي ٻلي سائو پڇ، توکي نه اچي ته ٻئي کا پڇ.
7_ٻه سڳا ڀائر، رات جو گڏ ڏينهن جو ڌار.
موڪليندڙ:گوري وليرام
8_شيشن گل، شيشن گل،
توڙي ڏين هزار گل،
ته به نه ڏيان هڪڙو گل.
9_ سائو داٻلو، گلابي ٻج،
کائوڙي ڄاڃي هٿ هٿ.
ڀڃڻي
1.ڏيئو. 2. رات ڏينهن ۽ تارا. 3.رپيو. 4. سيوين
ٺاهڻ جي گهوڙي. 5. ميڻ بتي. 6. موري. 7. دروازو.
8. اکيون. 9. ڇانهين. |