ادارو
(سنڌي لوڪ ڪهاڻي)
ڪر ڪاري ڏاند جو
ملهه
ڪنهن شهر ۾ هڪڙو غريب شخص رهندو هو. کيس هڪڙو پٽ
هو، اهو جڏههن جوان ٿيو تڏهن پڻس چيس ته” ابا،
هاڻي وڃي ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪر.“ جنهن تي ڇوڪري چيس
ته”بابا، منهنجي مرضي آهي ته ڪو واپار ڪريان.
انهيءَ لاءِ مون کي پاڻ وارو ڪارو ڏاند ڏي ته اهو
وڪڻي واپار شروع ڪريان.“پڻس اهو ڏاند سندس حوالي
ڪيو، جنهن کي پندرهن ويهن ڏينهن بيهاري کارائي ،
پياري ڪجهه ساڄڙو ڪري شهر ڏانهن وڪڻڻ لاءِ ڪاهي
ويو.
واٽ تي هن کي ٺڳن جو هڪڙو ٽولو گڏجي ويو، جي هن
سان حالي احوالي ٿي سمجهي ويا ته پڪ هيءُ ڪو
بيوقوف ٿو ڏسجي. سو انهن مان هڪڙي اڳ وٺي چيس ته ”
يار! واپار ڪندين؟“ هن چيو ته واه جو ڪندس. اتي
ٻئي ٺڳ ويجهو اچي چيس ته” چڱو ادا، لڳي تاڙي، ڪر
ٻڪر جو ملهه.“ اهو ٻڌي هن کي ڏاڍو عجب لڳو ته هي
ڏاند کي ڪيئن ٿا ٻڪر سمجهن، سو چيائين ته” ميان!
انڌا آهيو ڇا؟ هي ڏاند آهي يا ٻڪر!“ سندس اها
ڳالهه ٻڌي، ٺڳ اچي کل ۾ ڇٽڪيا. چي: يار! هي همراهه
ڪو درويش ٿو ڏسجي. وري چيائونس ته” اڙي يار! توکي
ڪو ٻڪر ڏيئي، ڏاند جا پئسا وٺي ڦري ويو آهي.“
هڪڙيءَ تي هيءُ ۽ ٻيءَ تي ٺڳ، ٺڳن هن کي گهڻو ئي
ڀنڀلايو، نيٺ گهڻي ردبدل کان پوءِ ٺڳن هن کي چيو
ته ” ادا، جي توکي اسانجي ڳالهه تي اعتبار نٿو اچي
ته پوءِ هل ته ڪنهن چڱي مڙس کان فيصلو ڪرايون.“
تنهن تي هن چيو ته واهه! اها ڳالهه ڀلي ٿي.“
سو ٺڳ کي پنهنجي اڳواڻ وٽ وٺي آيا. ٺڳن پنهنجي
سردار کي اک ڀڃي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، جنهن ڏاند
کي ڏسي چيو ته ”بيشڪ هيءُ ٻڪر آهي، هن غريب کي ڪو
ڦري ويو آهي. هاڻي ويچاري کان ٻڪر وٺو ۽ پنج رپيا
ڏئي اماڻيوس.“ اهو ٻڌي ٺڳن چيس ته ”ڏٺئي، تو پئي
چيو ته ڏاند آهي. اسان جي ڳالهه تي اعتبار ڪرين ها
ته هيتري تڪليف ئي نه ٿئي ها.“ تنهن تي هن چيو ته”
يار ڀلي، جي اوهان جي اها صلاح آهي ته مون کي پنج
رپيا ڏيو ۽ ٻڪر ڪاهيو.“ پوءِ ٺڳن هن کي پنج رپيا
ڏيئي اماڻي ڇڏيو. ويچارو پنج رپيا وٺي جڏهن گهر
پهتو تڏهن پيءُ پڇيس ته” ابا! ڏاند وڪڻي آئين؟“ هن
جواب ڏنو:”هائو، اڌارو وڪڻي آيو آهيان. ٻن ٽن
ڏينهن کان پوءِ پئسا ملندا.“ پڻس کڻي ماٺ ڪئي.
ٿورن گهڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ وري پيءُ کي چيائين
ته” بابا! مون کي هڪڙي ٻڪري وٺي ڏي ته وري واپار
ڪري اچان.“ پڻس هن کي ٻڪري وٺي ڏني. هو اها وٺي
وري به ساڳيو گس ڏيئي اچي ٺڳن جي گهر وٽان لنگهيو،
ٺڳ اڳي ئي هن کي سڃاڻيندا هئا، تن جو هڙو سولو ۽
سڻائو شڪار ايندو ڏٺو، سو ڊوڙي اچي اڳ ورتائونس.
ڏاڍي آجيان ڪري چيائونس ته” يار، هي ڪڪڙ وڪڻڻ لاءِ
کنئي اٿئي؟“ اهو ٻڌي، هن وري به چين ته ”يار! عجب
جهڙا ماڻهو ٿا ڏسجو، هيءَ ٻڪري آهي يا ڪڪڙ؟“ تڏهن
ٺڳن وري هڪٻئي کي چيو ته”يار! هي وري به پاڻ ڦرائي
آيو آهي.“ پوءِ وري چيائونس ته ”يار، اسان کي
تنهنجو ڏاڍو ارمان آهي جو توکي سدائين ماڻهو ڦريو
وڃن. پر ڇوڪرو چئي ته”ائين وري ڪيئن ٿيندو؟“ تنهن
تي هنن چيس ته ”چڱو، جي اسان تي اعتبار نه اٿئي،
ته هل ته چڱي مڙس وٽ هلون.“ نيٺ وري به کيس پنهنجي
سردار وٽ وٺي آيا. ٺڳن هن سان سموري حقيقت ڪئي جا
ٻڌي سندس اڳواڻ چيو ته”هن ويچاري سان وري ويساهه
گهاتي ٿي آهي. هاڻي هيئن ڪريو جو هڪڙو آنو ڏيئي
اها ڪڪڙ وٺوس.“ اتي هن کي پڪ ٿي ته هي آهن ته ڪي
ٺڳ پر اڄ ڀلي وڃي پنهنجو ڀت گهاٽو ڪن، هاڻي انهن
پئي مون پئي. پوءِ ٺڳن جي اڳواڻ چيائين ته ”پريا
مڙس! تنهنجو فيصلو اکين تي آنو ڏي ۽ ڪڪڙ وٺ.“
اهڙيءَ طرح هي ويچارو مفت ۾ ڏاند ۽ ٻڪري ڦرائي
موٽي آيو.
ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد هن ٺڳن کان وير وٺڻ جو ارادو
ڪري، شيشيون وٺي انهن ۾ ڪوڙيون سوڙيون دوائون کڻي
وڌيون، ۽ ڪپڙا بدلائي حڪيم بنجي، هوڪا ڏيندو اچي
انهن ٺڳن جي ڳوٺ ۾ پهتو. اتي هوڪو ڏنائين ته” انڌن
منڊن جو طبيب.“ ٺڳن جي اڳواڻ جي ڪا نظر جهڪي ٿي
ويئي هئي، سو هو ڪو ٻڌي پنهنجن ڇاڙتن کي چيائين ته
”ابا، انهيءَ طبيب کي وٺي اچو ته آءُ کانس دوا
ڪرائيندس.“ ٺڳن هن کي ڪونه سڃاتو ۽ وڏي عزت ڏيئي
کيس اندر وٺي آيا. ڇوڪري سندس اکيون ڏسي چيو ته”
هن جو علاج ڏاڍو ڏکيو ٿيندو، تنهنڪري جيڪي دوائون
مون وٽ ڪونهن، سي وڃي بازار مان وٺي اچو.“پوءِ هنن
کي ڪوڙا نالا ٻڌائي هڪڙن کي هڪڙي پاسي روانو
ڪيائين ته ٻين کي وري جهنگ ڏانهن موڪليائين، ته
وڃي فلاڻيون فلاڻيون ٻوٽيون ڳولي اچو اهڙيءَ طرح
سڀني کي اماڻي ٺڳن جي سردار کي ٻڌي اچي ڏنڊي سان
ورتئينس. ڏاڍي ڦيهه ڪڍي چيائين ته” پريا مڙس! هاڻي
ڪر ڪاري ڏاند جو ملهه.“ ٺڳن جي سردار جو گيسيءَ جو
ٺڪاءُ پئي پيو. چي:”مون کي مارنه، باقي جيڪو وڻي
سو فلاڻيءَ صندوق مان کڻي وڃ، پر منهنجي جند ڇڏ.
جيڪي توکي وڻي سو وڃي ڪاري ڏاند جو ملهه ٺاهه.“
ڇوڪرو به ڪنجيون وٺي پيتي کولي، ڍڳن جو الهه تلهه
کڻي اچي پيءُ وٽ نڪتو. پڻس پڇيس ته” هيتري مايا
ڪٿان مليئي؟“ هن ٻڌايس ته بابا! ڪاري ڏاند جو ملهه
مليو آهي، سو هيءُ اٿئي باقي ٻڪريءَ جو ملهه ڪن
ڏينهن کان پوءِ ملندو.“ اهو ٻڌي پڻس ڏاڍو خوش ٿيو
۽ کيس دعائون ڪرڻ لڳو.
ٿوري گهڻي ڏينهين وري ٻڪري جو ملڪ اڳاڙڻ جو خيال
ڪري. ڇا ڪيائين جوهڪڙو غريب ماڻهو جو ڀڄڻ جو ڇوهو
ڏٺائين. تنهن کي چيائين ته ”ادا! آءُ توکي ڏهه
رپيا ڏيندس، تون رڳو مون سان گڏ هل ۽جنهن مهل آءُ
چوان انڌن منڊن جو طبيب، انهيءَ مهل ڪي ماڻهو
ايندا ۽پوءِ تون وٺي ڀڄج.“ هن غريب شخص دل ۾ خيال
ڪيو ته سڄو ڏينهن ڪمايان ٿو، ته به رپيا به ڪونه
ٿا ملن، سو ايتري ٿوري ڪم لاءِ ڏهه رپيا ٿا
ملن،تنهن يڪدم کڻي هائو ڪئي. اهڙيءَ طرح مزور ڪري،
ان کي پاڻ جهڙو ويس پهرائي شيشين جي صندوق
کڻايائين ۽ اچي ڍڳن جي پاڙي ۾ هوڪو ڏنائين ته” آيو
انڌن منڊن جو طبيب“. ٺڳن اهو آواز ٻڌو سي يڪدم
لٺيون ڌڪا کڻي ٻاهر نڪتا، جو اهو طبيب کي گهر ويٺي
ڦري ويو هو. سوجيئين هو ٻاهر نڪتا تيئين ڇوڪري
مزور کي اشارو ڪيو ته ڀڄ! مزور وٺي ڀڳو. ٺڳن
سمجهيو ته طبيب ڀڳو ٿو وڃي، سي سڀيئي ان جي پٺيان
ڪاهي پيا. ٺڳ ويا هن مزور جي پٺيان، ۽ هن جون ڇا
ڪيو جو وري به ڏنڊو کڻي ٺڳن جي سردار کي اچي ڀتو.
ٻڌي، چيائينس ته” پريا مڙس! اڳي تو کان ڪاري ڏاند
جو ملهه وٺي ويو هوس باقي ٻڪريءَ جو ملهه رهيل هو،
سو جلدي پيدا ڪر، نه ته اتي جو اتي ٿو پورو
ڪريئين.“ ٺڳن جي سردار کي اچي سر سان لڳي، سو هن
کان جند ڇڏائڻ لاءِ چيائين:” ابا! جيڪي توکي وڻي
سو ٻڪريءَ جي ملهه ۾ کني وڃ، باقي مون کي نه مار.“
هي وري به سمورو مال ٻڌي اٿي روانو ٿيو، ۽ پڻس جي
اڳيان رکياٖئين، چي:”بابا! ٻڪريءَ جو ملهه اهو
اٿيئي.“
هوڏانهن ٺڳ موٽي اچي ڏسن ته سندس سردار وري به اڳي
وانگر ٻڌو پيو آهي ۽ پيتي خالي ٿي پيئي آهي. پڇا
ڪرڻ تي سردار ٻڌاين ته” توهين ته ٺڳ جي پٺيان ويا
هئا، پر هو الائجي ڪٿان گوهي ڏيئي اچي هتي نڪتو ،
۽ ٻڪريءَ جي ملهه ۾ سمورو مال کڻي ويو.“ اهو ٻڌي
ٺڳن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته ڀيري سان هي اسان کي گهر
ويٺي ڦريو وڃي، هاڻي هن کي اصل ڪونه ڇڏينداسين.
اهو فيصلو ڪري هڪڙي ڏينهن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪري اچي
هن جي ڳوٺ پهتا. پڇا ڪري اچي هن جو در کڙڪايائون.
ڇوڪرو ٻاهر نڪري آيو. ٺڳن چيس ته تون اسان کي ٻه
دفعا ڦري آيو آهين، سو هاڻي توسان فيصلو آهي.
ڇوڪري سياڻپ ڪري چين ته ”ڀائو! حاضر، آءُ اوهان
سان ٻڌل آهيان. جيڪو حڪم ڪريو، پر هينئر توهين
ٿڪجي آيا آهيو، تنهنڪري سانجهيءَ تائين ترسي آرام
ڪريو، پوءِ پيا ڇيڙي نبيري ڪنداسين. جي مون ڏانهن
اوهان جو حساب ٿيندو ته منهنجو پيءُ به ڀري
ڏيندو.“ ڇوڪري هنن کي اهو دلاسو ڏيئي، هڪڙيءَ اهڙي
جاءِ ۾ اچي ويهاريون، جنهن ۾ تمام وڏي ککر ويٺل
هئي.رات جو هنن کي ماني ٽڪي کارائي سمهاري
ڇڏيائين.
ڇوڪري اڌ رات جو اٿي آهستي آهستي وڃي ککر جي
ماناري کي ڊاٺو جو اچي هنن جي مٿان ڪريو. پوءِ
ٻاهران دروازو بند ڪري گهر وڃي سمهي رهيو. هوڏانهن
ککر هنن کي چنبڙي وئي. ٺڳن گهڻيون ئي دانهون ڪوڪون
ڪيون پر ڪير ٻڌي. نيٺ اتي جو اتي پورا ٿي ويا، ۽
سندس ٺڳيءَ جي کيس سزا ملي.
(سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل ڪتاب ”سنڌي لوڪ ڪهاڻيون،
جلد پنجون،“ تان ورتل.)
ادارو
اوهان جي وات ۾ پاڻي ڇوٿو ڀرجي اچي؟
کائڻ جي ڪا شئي جيڪا اوهان جي وڻندي هجي، ان کي
ڏسڻ سان يا اُن جي بوءَ سنگهڻ سان اوهان جي وات ۾
پاڻي ڀرجي ايندو آهي نه؟ اوهان گهڻن ماڻهن کي ائين
چوندي ٻڌو هوندو ته”فلاڻي شئي (کائڻ جي)
ڏسي منهنجي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو.“ ان ڳالهه ۾ ڪو
به وڌاءُ ڪونهي. وات ۾ سچي پچي پاڻي ڀرجي ايندو
آهي. ائين ڇو ٿو ٿئي؟
حقيقت ۾ اسان جي وات ۾ هڪ رطوبت يا رس ٿيندي آهي،
جنهن کي پڪ چئبو آهي. اها وات ۾ ننڍڙن غدودن مان
پيدا ٿيندي آهي. پڪ جا غدود وات ۾ هر هڪ پاسي تي
آهن. پڪ تمام ڪارائيتي شئي آهي. اها نه رڳو اسان
جي وات کي آلو ڪري رکي ٿي، ۽ ان سان کاڌو نرم ٿي
چٻاڙڻ ۽ ڳهڻ لاءِ سولو ٿئي ٿو، پر سندس هاضم
جزي”ٽائيلن، جي ڪيمياوي اثر هيٺ مرڪب مٺاڻ، يعني
اناجي جزا ڳري، سادي صورت وٺي هضم ٿا ٿين. جڏهن
کاڌو اسان جي وات ۾ پهچي ٿو، تڏهن وات ۾ موجود اهي
چکڻ جون تنتون خبر کڻي مغز کي پهچائين ٿيون ۽ اتان
وري هڪ ٻيو نياپو تنتن جي هڪ جوڙيءَ وسيلي، هيٺ پڪ
جي غدودن کي پهچي ٿو ۽ نتيجي ۾ انهن مان ججهي پڪ
گرهه سان گڏجي وڃي ٿي.
پڪ جا روز اڍائي تي پائونڊ (ڏيڍ سيرکن) وات ۾ جڙن
ٿا. ڪا به ڏاڍي شئي(سوپاري وغيره) چٻاڙبي ته پڪ
جام پيدا ٿي ويندي.
پر کاڌي جي شئي کي ٺلهو ڏسڻ سان وات ۾ پاڻي ڀرجي
اچڻ لاءِ رڳو ذائقي واريون تنتون، جيڪي غدودن کي
مغز جو نياپو پهچائين ٿيون، سي ذميوار ڪونه آهن.
انهن سان گڏ نظر جون تنتون ۽نڪ جو سنگهڻ واريون
تنتون به گهڻي قدر ملي ڪم ڪن ٿيون. انڪري جڏهن
کائڻ جي شئي ڏسجي ٿي يا ان جي خوشبوءِ سنگهجي ٿي،
ته اهي سموريون تنتون ان ڳالهه جي خبر کڻي مٿي مغز
کي پهچائين ٿيون. ۽ اتان وري هيٺ اچي پڪ جي غدودن
کي نياپو ڏين ٿيون. پوءِ پڪ نڪرڻ شروع ٿئي ٿي ۽
اسان جي وات ۾ پاڻي ڀرجيو اچي.
ادارو
بارود جي ايجاد
قصن ڪهاڻي ۾ اهو ٻڌايو ويندو آهي ته سڀ کان پهرين
چنگيز خان جنگ ۾ بارود ڪتب آندو هو. اها ڳالهه
صحيح هجي يا نه، پر تاريخ مان خبر پئي ٿي ته چنگيز
خان جي زماني کان به گهڻو اڳ يعني نائين صديءَ ۾
چين جا ماڻهو بارود ٺاهيندا هئا. ۽ان کي ڦٽاڪن ۾
ڪم آڻيدا هئا. يورپ ۾ بارود جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ
دنيا ئي بدلجي ويئي. بارود جي زور تي يورپي قومن
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي قبضو ڪيو، ۽اتي پنهنجون
حڪومتون قائم ڪيون.
چيو وڃي ٿو ته يورپ ۾ بارود ٻن ماڻهن ايجاد
ڪيو.انهن مان هڪڙو انگريز هو، جنهن جو نالو راجر
بيڪن هو، ۽ ٻيو جرمنيءَ جو رهاڪو برٿولڊ سوالز هو.
بارود هيٺين ٽن شين مان ٺهندو آهي:
1:قلمي شورو، 2:گندرف، 3: ڪوئلو. بيڪن قلمي شوري
ٺاهڻ جو طريقو ڳولي ڪڍيو ۽بارود جو نسخو تيار ڪيو.
شواٽز ان مان آتشي هٿيار ٺاهيا.
تن کان پوءِ يورپ جون فوجون تلوارن،نيزن ۽ تيرن جي
بدران لڙائيءَ ۾ گوليون ڪم آڻڻ لڳيون. 1314ع ۾
بينڪ بزن جي لڙائيءَ ۾ فرانس جي رابرٽ بروس انگريز
تي فتح حاصل ڪئي. سال 1364ع ۾ ڪريسيءَ ۾ وري
انگريزن فرانسي اميرن کي هارايو. انهن ٻنهي لڙاين
۾ بارود استعمال ٿيو.
ان وقت تائين اڃا بارود جي اهيمت ۽ استعمال بابت
پوري ڄاڻ حاصل ڪانه ٿي سگهي هئي. حقيقت ۾ بارود جي
ايجاد ٿيڻ کان پوءِ به صدين تائين اها ڳالهه مسئلو
بني رهي ته ان مان ڪم وٺڻ جي لاءِ موزون هٿيار
ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.
تان جو پندرهين صديءَ ۾ بندوق ايجاد ٿي ۽ اها پري
کان پنهنجي دشمن کي مارڻ لاءِ ڪتب اچڻ لڳي.
سنڌ ۾ آڳاٽي بندوق کي جامڪيدار بندوق سڏيو
ويندوهو. اهي ميرن جي دور ۾ عام هيون.
يورپ ۾ بارودي هٿيارن کي سڌارڻ جو ڪم ٿيندو رهيو.
ان ۾ حيرت انگيز ترقي پهرين مهاڀاري
لڙائي(1914_1918ع) جي وقت ٿي. ننڍي ۾ ننڍو هٿيار
22 نمبر جو پستول ٺاهيو ويو، ۽ وڏي ۾ وڏو هٿيار
جرمنن جي ٺاهيل توپ هئي، جنهن جو نالو بيگ برٿا
هو. ان جو ڌڪ اُسي ميلن تائين لڳندو هو.
ان کان پوءِ بارود مان سرنگون کوٽڻ ۽ جبلن کي ٽوڙڻ
جو ڪم ورتو ويو. ان مان اڻانگن جبلن مان رستن ٺاهڻ
۾ آساني ٿي. اهڙيءَ ريت بارود کي انساني ڀلائيءَ
خاطر ڪتب آڻڻ جو طريقو ڳولي ڪڍيو ويو. |