سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 2

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل 2

غلام رباني

 

گذارش

 

”گل ڦل“ جي نئين دور جو ٻيو پرچو اوهان جي هٿن ۾ آهي. اوهان مان ڪيترن پيارن پيارن ٻارن اها شڪايت ڪئي آهي ته گذريل پرچي کين مزو نه ڏنو ۽ خاص ڳالهه  اها ته اکاڻيو تمام گهٽ هيون. سچ پڇو ته پنهنجي انهيءَ ڪوتاهيءَ جو احساس اسان کي به آهي. اصل ۾ اهو سڀ انڪري ٿيو جو اسان ”گل ڦل“ کي ٻيهر شايع ڪرڻ جي سرڪار کان اجازت ملندي ئي، رسالي کي تڙ تڪڙ ۾ اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ تي چاهيو. جيستائين آکاڻين جي گهٽ هئڻ  جي ڳالهه آهي، ته اها ڪثر هن ڀيري ڏئي رهيا آهيون، سڄيون ساريون پنج آکاڻيون هن پرچي ۾ شامل آهن، ڪئين هاڻي ته اوهان خوش ٿيا نه؟ ٻارن جي وندر جي لاءِ آکاڻيون تمام ضروري آهن. اسين اوهان جي پڙهڻ جي لاءِ نه رڳو ديس ديس جون لوڪ ڪهاڻيون شايع ڪنداسين، پر ننڍڙا افسانا به ڏينداسين، اهي افسانا چاهي ٻارن جي لاءِ وڏن اديبن جا لکيل هجن يا خود ٻارن جا لکيل هجن، پر هڪڙي ڳالهه اسين پنهنجن پيارن ٻارن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا، ته رسالي ۾ رڳو آکاڻيون ۽ افسانا شايع ڪرڻ درست ڪونهي، وندر سان گڏ معلومات ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي.ان کان سواءِ اوهان جي ذهني ترقي ڪانه ٿي سگهندي. ڏسو ته دنيا هر گهڙيءَ پئي بدلجي ۽ سائنس جي ترقي جي رفتار تمام تِکي آهي. جيڪا قوم ان رفتار سان گڏ نه هلي سگهندي سا تمام پٺتي رهجي ويندي. اسان جي اها ڪوشش رهندي ته ٻارن جي ڄاڻ کي وڌائڻ جي لاءِ دلچسپ معلوماتي مضمون به شايع ٿيندا رهن.

اسان لاءِ سڀ کان مٿاهين ڳالهه اها آهي ته ٻار ڇا ٿا چاهين؟ جيستائين ٻار اسان کي پنهنجي راءِ کان، پنهنجي پسند کان واقف نه ڪندا. تيستائين اسان لاءِ پورو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. ”گل ڦل“ اڃا گهڻن ٻارن تائين ڪونه پهتو آهي ۽ ڪن ٻارن کي ته اڃا خبربه ڪانه هوندي. پر جيئن جيئن رسالو گهڻن کان گهڻن ٻارن تائين پهچندو ۽ اهي ٻار اسان کي پنهنجن راين کان واقف ڪندا، تيئن اسين پنهنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جي پسند موجب رسالي کي سڌاريندا ۽ سنواريندا رهنداسين. ”گل ڦل“ ٻارن جو پنهنجو رسالو آهي. اوهان رسالي ۾ ڪهڙيون تبديليون آڻڻ گهرو ٿا يا رسالي ۾ ٻيو ڇا ڇا پڙهڻ چاهيو ٿا، تنهن بابت اسان کي ضرور لکو.

ڪن ٻارن پنهنجون لکڻيون موڪليون آهن ۽ ڪن رڳو اهو پڇيو آهي ته سندن لکيل آکاڻيون، شعر، مضمون ۽ چرچا ڀوڳ شايع ڪيا ويندا يا نه، ڀلا اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي! اوهان پنهنجون لکڻيون بنا ڪنهن هٻڪ جيموڪلي ڏيو.شايع ڪرڻ جهڙيون هونديون ته ضرور شايع ڪبيون. جيڪڏهن موڪلڻ کان اڳ اوهان اهي لکڻيون پنهنجن وڏن يا استادن کي ڏيکاريو، ته سٺو آهي اوهان کي انهن لکڻين کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي صلاح ڏيئي سگهندا، ته هن کي دل نه لاهڻ کپي. هڪڙي شئي سٺي نه هجي، ته ڪوشش ڪري ٻي شئي لکو. ائين نيٺ اوهان سٺو لکي ويندا.

ڪن ٻارن اها صلاح ڏني آهي ته رسالي ۾ قلمي دوستي شروع ڪئي وڃي، ڇو ته قلمي دوستيءَ جي ڪري بارن جي هڪٻئي سان واقفيت وڌي ٿي ۽ پاڻ ۾ ميل جول پيدا ٿئي ٿو. ٻارن جي صلاح ڪيئن نه مڃجي! جيڪي ٻار قلمي دوستي رکن چاهين، سي پنهنجو نالو، پيءءُ جو نالو، ذات، ڪلاس، عمر، وندر ۽ ايڊريس جلدي لکي موڪيلن.

چڱو، ته هاڻي موڪلاڻي ڪانهي.

اوهان جو ڀاءُ

 

شوڪت حسين شورو

 

سُر ڪيڏارو

(1)

ڪربلا جي پڙ ۾، خيما کوڙيائون،

جهيڙو يزيد سامهون، جنبي جوڙيائون،

مُنهُن نه موڙيائون، پسي تاءُ ترار جو.

(2)

هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪ،

وجهن تان نه فرق، رُڪ وهنديءَ راند ۾.

(4)

سُوره! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،

هڻ ڀلا، وڙهه ڀاڪرين، اڏي ڍال ۾ ڍار،

مٿان تيغ نرار مار ته متارو ٿئين.

(3)

بهادر گڏيا بهاد رين، کڙڳ کلول ڪن،

وِجهن ڌَڙَ ڌَڙَن تي، هاڪارِين، هَڻَنِ،

ڪِرَن، ڪنڌَ نَچَن، رِڻُ گجيو راڙو ٿيو.

(5)

گهوڙن ۽ گهوٽن، جئڻ ٿورا ڏينهڙا،

ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه

(1) خيما = تنبو. جنبي =جوش ۾ اچي. (2) مانجهيان =بهادرن جو. رُڪ = هٿيار . رالد= جنگ (3) تيغ = ترار (دشمن جي) (4) کِڙڳ= تراريون. کلول= ڪڙڪو. هاڪارين=هڪلون.

 

سُر ڪيڏارو

(1)

هَلو مَلهو مانجهيا ! ويريين وَٺون وير،

جيئڻ ٿورا ڏينهَڙا، پوءِ ڳڻبا پير،

ٿيندو سَڏُ سوير، صبح شهيدن کي.

(2)

سوڀونِ سِرُ گُهرَن، سِرُ ري سوڀ نه سپجي،

سوڀ برابر سسيون، توريان تان نه تُرَن،

جي هينڙي منجهه هُرن، سي مُل مهانگا سُپرين.

(3)

سِسِيءَ لَٿِي سوڀ، جي هُوندَ پايان پاندَ ۾،

هيءُ جڳُ سوڌو لوڀ، هو پڻ گهوريو گهوريان.

(4)

سو سِسين ڏيئِي، وِک وٺجي هيڪڙي،

جنهنَ نيزي سِر نيئي، مرڪايو ميدان ۾.

(5)

هٿين، چڪين، ڪاتيبن، وڙ هج ويريءَ ساڻ،

پهرين مارج پاڻ، ته سوڀ ملي ئي سُٿِري.

(6)

هڻ ڪٽارو ڪات، ويري ويرمَ نه سَهي،

مَڇُڻ ڪا مَصلحات، ڪانئر وجهيئي ڪَن تي.

 

خليفو نبي بخش

 

نصير”شاد“مرزا

گيت

 

ڳائي پرهه ڦّٽيِ جو گيت،

پنهنجي درتيءَ ساڻ پريت.

 

جَل ٿلُ جوت جلائي ايئنَ،

ديپڪّ، ديپ کي ٻاري جيئنَ،

نيٺ ته ٿيندي سچ جي جيت.

 

ڳائي پرهه ڦٽيءَ جو گيت،

پنهنجي ڌرتيءَ ساڻ پريت.

 

روچو”خوابي

 (نظم)

 

بدڪن جي فوج

 

سهڻيون بدڪون پاڻ سجائي،

اوچا اوچا وستر پائي،

ڪن کي فراڪ ۽ ڪن کي ساڙهيون،

سهڻا سئنڊل، بوٽ لڳائي،

گهمنديون آيون ساڻ اوج،

اچي پئي بدڪن جي فوج!

                  

نڪتيون مايون صبح مرداني،

اڃا اٿن منزل هنئي هاڻي،

چُڳنديون، ترنديون، رلنديون، ڦرنديون،

رُسنديون راڻيون رات ٺڪاڻي،

خاوند سندن ڪندا پيا کوج،

اچي پئي بدڪن جي فوج!

 

خود ئي گهوڙا، خود ئي سپاهي،

ڪٿي الائي اٿن چڙهائي،

ڏسي ٻار ننڍڙا پنهنجي پويان،

پڇ پائي، پوءِ ڀڄنديون، جائي!

”خوابي“ ايندي ڏاڍي موج!

اچي پئي بدڪن جي فوج!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com