محمد دائود بلوچ (آکاڻي)
ظالم زميندار
گهڻي وقت جي ڳالهه آهي، ته ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو ظالم ۽
لالچي زميندار رهندو هو. وٽس ڌن دولت ججهو هو، پر
هميشه پيو انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ ڳرندو هو ته ڪهڙيءَ طرح
اڃا به وڌيڪ دولت گڏ ٿئي. سڄو ڏينهن پيو پهه
پچائندو هو ته ڪنهن طرح علاءُالدين جو ڏيئو هٿ لڳي
ته ان کي حڪم ڪريان ته هڪدم قارون جو سمورو خزانو
کڻي اچي. ڪڏهن وري سوچيندو هو ته جيڪر منداس
بادشاهه جيان جنهن شيءَ کي هٿ لايان سا سوني ٿي
پوي.
هڪڙي ڏينهن اهي په پڇائيندو گهوڙي تي چڙهي
پنهنجي ٻنيءَ تي ويو. اتي سندس هاري ٻني کيڙي رهيو
هو. هن کي ڏسي زميندار تپي باهه ٿي ويو. هاريءَ کي
چيائين ته اڃا تائين تو منهنجو قرض نه ڏنو آهي.
مون کي هينئر جو هينئر منهنجو قرض موٽائي ڏي، نه
ته تولاءِ چڱو نه ٿيندو.“ غريب هاري اهو ٻڌي حيران
ٿي ويو. هن وٽ پئسا هجن ته ڏي. ويچارو حيرت سان
چوڻ لڳو ته”سائين، مون مسڪين وٽ هينئر پئسا ڪٿان
آيا! فصل لهڻ شرط پنهنجو سمورو قرض لاهي باقي
ڪجهه ته مون کي ڏجو نه ته آءُ چادر ڇنڊي هليو
ويندس.“ پر زميندار سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ ڪاوڙ ۾
چريو ٿي پيو. هن چيو ”نه رڳو تنهنجو ان“ پاڻي بند
آهي، پر سجي ڳوٺ جي ماڻهن جو ۽ ڍور ڍڳن ۽ پکين جو
پاڻي به بند آهي. جيستائين تون قرض نه ڏيندين،
تيستائين نڪو آءُ هتان چُرندس ۽ نه وري توکي ٻنيءَ
مان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيندس.“
ٻنيءَ وٽ هڪڙوئي تلاءُ هو، جنهن مان
ڳوٺاڻا پاڻي پيئڻ لاءِ ڀري ويندا هئا. مال جي پاڻي
پيئڻ لاءِ پڻ اتي حوض ٺهيل هو ۽ ٻيا پکي پڻ ساڳئي
تلاءُ مان پاڻي پيئندا هئا. زميندار لٺ کڻي ويهي
رهيو، نه ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻي پيئڻ ٿي ڏنائين نه
ڪنهن پکيءَ کي. هاري ويچارو چپ چاپ وڻ هيٺ ويٺو
هو، ٻئي ٻٻر جي وڻ هيٺان دلو پاڻيءَ جو پيو هو پر
هاريءَ کي همت ئي نه ٿئي جو وڃي اتان پاڻي پي
سگهي. جيڪي به ڳوٺاڻا مرد توڙي عورتون ۽ ٻار پاڻي
ڀرڻ پئي آيا انهن کي ڊوڙائي ٿي ڪڍيائين. اهڙيءَ
طرح سڄو ڏينهن ذري گهٽ اچي پورو ٿيو. هاريءَ جي
ڏاندن ۽ سندس ڳئونءَ جي رنڀ پئي پيئي. پر ڇا ڪري،
ڏاڍي جي لٺ کي به مٿان. زميندار کي دل ئي دل ۾ بد
دعائون ڏيندو رهيو. سڄو ڏينهن پکين جا لامارا لڳا
پيا هئا، پر جيڪو پکي تلاءُ تي ويهڻ لاءِ ڪري هڪدم
ان کي پٿر هڻي پئي اڏايائين. آخر شام جو هڪڙو پکي
اُڃ کان ماندو ٿي اچي هاريءَ جي پيرن ۾ ڪريو.
هاريءَ هڪدم پکيءَ کي کڻي، دلي مان پاڻي ڪڍي پکيءَ
جي وات ۾ وڌو ۽ کيس ڇنڊا هنيا. ڪجهه وقت کان پوءِ
اهو پکي ڪجهه سامت ۾ آيو ۽ ساهه کڻڻ جهڙو ٿيو.
پوءِ آهستي آهستي اڏامڻ لڳو، اڏامڻ وقت پکيءَ جي
پرن مان هڪ کنڀ ڪري اچي هاريءَ جي ڀرسان زمين ۾
اُڀو کُپي ويو. هاري عجب مان کنڀ کي ڏسڻ لڳو ۽ اٿي
ان کي کڻڻ جي لاءَ هت وڌائين ته کس ائين محسوس
ٿيو، ڄڻ ڪنهن زمين ۾ ٺوڪي ڇڏيو هجي. هن کوٽن جي
ڪئي ته کيس ائين معلوم ٿيو ڄڻ کنڀ جون پاڙو پاتال
۾ آهن. هاري حيران ٿي ويو، کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه
پئي آيو، ته ڇا ڪري، ڪجهه وقت کان پوءِ سج لهڻ مهل
زميندار پاڻ به بيزار ٿي گهوڙي تي چڙهي روانو ٿيو.
ان کانپوءِ هاري انهيءَ کنڀ واري هنڌ ڪوڏر سان
کوٽڻ لڳو. کوٽيندي کوٽيندي هن جي ڪوڏر وڃي هڪ سخت
شئي سان لڳي. هاريءَ عجب مان ڏٺو ته هڪ ديڳ هئي.
کولي ڏٺائين ته سڄي ديڳ ناڻي سان ڀريل هئي ۽ هن جي
کڻڻ کان زور هئي. هن انهيءَ هنڌ ٿوري مٽي وجهي ڇڏي
۽ پوءِ هو پنهنجن ٻين هاري ڀائرن کي وٺڻ ويو ۽
انهن کي ساڻ ڪري اها ناڻي واري ديڳ ڪڍرايائين. هنن
اها سموري دولت پاڻ ۾ ورهائي کنئي.
چوندا آهن ته خون کٿوري ڪين لڪي، سو زالن به هڪٻئي
سان ڪن ۾ سُس پُس ڪندي سڀني کي اها ڳالهه ٻڌائي ۽
ان سان گڏ هر ڪنهن کي منع ڪرڻ لڳيون ته اها ڳالهه
ڪنهن سان نه ڪجو. پر جيڪو راز پنهنجي سيني ۾ نٿو
ٽڪي سگهي، اهو راز ٻيا ڪيئن سانڍي سگهندا. اهڙيءَ
طرح هڪ کان ٻئي وٽ، ٻِئي کان ٽئين وٽ هلندي اها
خبر نيٺ زميندار کي پئجي ويئي، ۽ هو وري لٺ کڻي
اچي تلاءُ تي ويٺو، نه ڪنهن ماڻهو کي پاڻي پيئڻ ٿي
ڏنائين نه ڪنهن پکيءَ کي. ايتري ۾ اهو ساڳيو پکي
پاڻي پيئڻ آيو ۽ زميندار کيس پٿر هنيو. پٿر وڃي
پکيءَ کي لڳو ۽ هڪ کنڀ اچي زمين ۾ اّڀو کّتو.
زميندار دل ئي دل ۾ خوش ٿي اتي کوٽيندو رهيو. هن
پاڻ سان نه ڪنهن هاريءَ کي آندو ۽ نه وري ڪو نوڪر
آندائين ته متان انهن کي خبر پوي. ڪجهه دير کان
پوءِ اتان هڪ سوراخ ظاهر ٿيو. زميندار سمجهو ته
اجهو ٿو ناڻي جو ديڳيون کڻان. اوچتوئي اوچتو
انهيءَ ٻر مان هڪڙو زهري نانگ نڪتو جنهن زمنيدار
کي ڏنگي پورو ڪيو.
ٻارو ظالم زميندار لالچ ۾ اچي غريبن تي
ظلم ڪيو، جنهن کي ڪجهه به هٿ نه آيو، پر پنهنجي
حياتي به وڃايائين.
مترجم: نذير احمد شورو
(روسي لوڪ ڪهاڻي)
وڌيڪ سگهارو ڪير
آهي؟
ڳالهه ٿا ڪن ته گهڻو وقت اڳي هڪڙي ٻيلي ۾ هڪ ڪتو
اڪيلو رهندو هو. هو جڏهن پنهنجي اڪيلائي مان تنگ
اچي ٿيو، تڏهن ڪنهن ساٿيءَ جي ڳولا ۾ نڪري پيو. پر
هن کي هڪڙي اهڙي سنگتيءَ جي گهرج هئي جيڪو هن دنيا
۾ سڀ کان وڌيڪ سگهارو هجي ۽ ڪنهن به شئي کان ڊڄندو
نه هجي.
گهڻي ڳولا کان پوءِ ڪتي نيٺ فيصلو ڪيو، ته دنيا جي
سڀ کان وڏيڪ سگهاري مخلوق بگهڙ آهي. هو بگهڙ وٽ
ويو ۽ چيائينس ته.”ادا بگهڙ! اچ ته ٻيئي ڄڻا گڏجي
رهون.“
”ڀلي. اها ته پاڻ سٺي ڳالهه آهي.“ بگهڙ وراڻيو.
۽ هنن ٻنهي ڄڻن پاڻ ۾ گڏجي رهڻ شروع ڪيو.
هڪڙي ڏينهن ٻيلي ۾ کڙ کڙ جا آواز ٻڌي ڪتو ڀونڪڻ
لڳو. بگهڙ کي اچي ڊپ ورتو سورڙهي آيو ڪتي جي پاسي
۾، ۽ آهستي آهستي چوڻ لڳو:” ماٺ ڪر، نه ته رڇ
ايندو ۽ اسان ٻنهي کي ماري کائي ڇڏيندو.“
”چڱو،چڱو. ٺيڪ آهي.“ ڪتو ماٺ ٿي ويو. دل ۾ ويچار
ڪيائين،” تڏهن رڇ ئي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ سگهاري
مخلوق آهي، جنهن کان بگهڙ به ٿو ڊڄي.“
تڏهن ڪتي بهگڙ سان گڏ رهڻ ڇڏي ڏنو ۽ رڇ جي ڳولا ۾
نڪري پيو. نيٺ جڏهن هن رڇ کي ڳولهي هٿ ڪيو، تڏهن
چيائين ته ”ادا رڇ! اچ ته ٻيئي پاڻ ۾ گڏجي رهون.“
”ڇو نه. آءُ ان لاءِ بلڪل تيار آهيان.“ رڇ هڪدم
راضي ٿي ويو. ۽ ٻيئي ڄڻا گڏجي رهڻ لڳا.
هڪڙي رات ٻيلي ۾ ڪتي وري به ڪي کڙ کڙ جا آوزا ٻڌا
۽ ڀونڪڻ لڳو. ڪتي جي ڀونڪ ٻڌي رڇ کي ڊپ اچي ورايو.
رڙيون ڪري ڪتي کي چوڻ لڳو:”هش! توکي خبر ڪانهي ته
شينهن توکي ٻڌو هوندو ۽ هو اچي اسان ٻنهي کي کائي
کپائي ڇڏيندو.“
ڪتي ويچار ڪيو:”تڏهن رڇ به سگهارو ناهي. انڪري ئي
ته هي شينهن کان ڊڄي پيو. پڪ رڳو شينهن ئ اڪيلو
سگهارو جانور آهي.“
۽ هو شينهن جي ڳولا ۾ نڪري پيو. نيٺ وڃي هڪڙي هنڌ
شينهن کي ڳولهي هٿ ڪيائين ۽ چيائينس ته ”ادا
شينهن! اچ ته ٻيئي پاڻ ۾ گڏجي رهون.“
شينهن چيو: ”ڏاڍو چڱو خيال آهي. اچ ته گڏ رهون.“
هڪڙي ڀيري رات جو ڪتو وري ڀونڪڻ لڳو. تڏهن شينهن
هن کي دڙڪو ڏيندي چيو: ”هش! نه ڀونڪ، نه ته ماڻهو
لوهي لٺ کڻي ايندو ۽ اسان ٻنهي کي ماري وجهندو.“
ڪتي پنهنجو پاڻ کي چيو: تڏهن شينهن به دنيا جي سڀ
کان وڌيڪ سگهاري مخلوق ناهي. انهن سڀني ۾ ماڻهو ئي
وڌيڪ سگهارو آهي؟
۽ هن ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ ڊوڙڻ شروع ڪيو. جڏهن ڪتي
ماڻهوءَ کي ڳولي لڌو، ته چيائينس:”اچ ته گڏجي
رهون.“
ماڻهو راضي ٿي ڪّتي کي پنهنجي گهر وٺي آيو.
هڪڙي رات ڪّتو آواز ٻڌي ڀونڪيو . ڪتي جي ڀونڪ تي
ماڻهو جاڳي پيو، پر هن ڪّتي کي ڀونڪڻ کان ڪونه
جهليو. هن پاڻ رڙ ڪري چيو:
”شاباس، زور سان ڀونڪ، سياڻا ڪتا! زور سان ڀونڪ.“
تڏهن ڪّتي محسوس ڪيو ته ماڻهو ڪنهن به شئي کان
ڪونه ٿو ڊڄي ۽ اهو ئي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ سگهاري
مخلوق آهي.
ان ڏينهن کان وٺي ڪتو ماڻهوءَ سان گڏ رهندو ۽
سچائيءَ سان هن جي خدمت ڪندو اچي. |