سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 

باب: --

صفحو :4

 

زيب نظاماڻي

باندر ۽ ڀولڙو

”امان! باندر ۽ ڀولڙو ٻه جدا جدا جانور آهن؟!“ ذيشان اوچتو سوال ڪيو.

”نه پٽ، اُهي هڪ ئي جانور جا ٻه نالا آهن.“ وراڻيو مانس. ”جڏهن ته نالا به الڳ الڳ آهن ته پوءِ هڪ جانور ڪيئن ٿيو؟“ ذيشان وري پڇيو.

”نه پٽ، باندر وڏي کي ۽ ڀولڙو ننڍي کي چئبو آهي، پر آهي سو جانور هڪ. جهڙ طرح وڏي گهوڙي کي گهوڙو ۽ ننڍي کي وڇيرو چئبو آهي.“ مون کيس سمجهايو. ذيشان پڪ ڪرڻ لاءِ مون کي راڻي با۽ وٺي هلڻ لاءِ چيو، ڇو ته کيس خبر هئي، ته اُتي باندر ۽ ڀولڙا به هوندا آهن. مان ساڻس واعدو ڪيو ته کيس شام جو راڻي باغ گهمائيندس.

شام جي اوسيئڙي ۾ ذيشان، ٻيون سڀ مشغوليون ملتوي ڪري ڇڏيون ۽ ور ور ڪيو پئي، مون کان باندر جي باري ۾ ڳالهيون پڇيائين. سندس دلچسپي وڌي ويئي، هُن باندر کان باقاعدي ”انٽر ويو“ وٺڻ جي تياري ڪئي. باندر کي ڳالهه ٻولهه لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ ذيشان باندر لاءِ ڪافي ٽول به ورتا ۽ ٻه ٽي رانديڪا به کنيائين جهروڪ جهنجهڻو ۽ بال. باندر نه صرف ٽول کائڻ جو شوقين آهي، پر ٻارن سان ته ڏاڍي مزي سان کل ڀوڳ ۽ حرڪتون ڪندو آهي.

شام ٿي اسين راڻي باغ پهتاسين، اسان سان گڏو ننڍڙو احسان به هو. گهمندا ڦرندا، اسين سڌا باندرن واري پڃري وٽ پهتاسين اتي ڪجهه وڏا باندر ته ڪجهه ڀولڙا به هئا. ذيشان هڪ وڏي باندر ڏانهن ٽول وڌايا، هو ڊوڙندو آيو ۽ اچي اسان جي سامهون پڃڙي جي شيخن مان منهن ڪڍي هٿ شيخن ۾ وجهي بيهي رهيو. ذيشان پهرين ته کيس ٽول ڏنا ۽ پوءِ هو ٽول کائيندو رهيو ۽ ذيشان ساڻس ڪچهري به ڪندو رهيو.

ذيشان باندر کان پڇيو، ”ڀائو، باندر ڏي خبر توهان هتي ڪيئن اچي ڦاٿا!

”ادڙا ذيشان، ڪهڙي ٿو خبر پڇين، بَس اسان جو ته هي گهر آهي“ باندر جواب ڏنو.

”گهر ته اوهان جو اصل جهنگل ۾ آهي“ ذيشان کانئس وري پڇيو ”ها بابلا، اسان پنهنجي وڏن کان ٻڌو هو ته اصل اسين جهنگل جي پئدائش آهيون پر پوءِ اسان جي وڏن کي اوهان جا وڏا جهنگل مان ڦاسائي هتي کڻي آيا، پر ادا اسين ته هتي ئي پيدا ٿيا آهيون.“ باندر وراڻيو ۽ ڪيلي جي کل لاهي ڪيلو کائڻ لڳو.

”پر جيڪڏهن اوهان کي هن پڃري مان ڪڍي ڇڏجي ته اوهان ڪيڏانهن ويندا.“ ذيشان باندر کان پڇيو.

”اسان وري به هن پڃري ۾ اينداسين، جو اسان اُن جا هيراڪ ٿي ويا آهيون ۽ جهنگل ته اسان ڏٺوئي ڪو نه آهي ۽ ٻيو وري ته رستي تي ايتري ته ٽرئفڪ آهي جو چپجي پونداسين.“ باندر جواب ڏنو.

”تنهن جي معنيٰ ته اوهان هتي خوش آهيو“ ذيشان باندر کان ڄڻ پَڪ ڪئي.

”ها ڏاڍا خوش آهيون پر......“ باندر ڳالهه اڌ ۾ روڪي ڇڏي. ”پر.......“ ذيشان کيس ڳالهه پوري ڪرڻ لاءِ چيو.

”پر، بابلا ماڻهو اسان کي ڏاڍو ٿا تنگ ڪن پٿر ٿا هڻن، گاريون ٿا ڏين، چٻرا ٿا ڪڍن.“ باندر ڏک مان ڳالهه ڪئي.

”ماڻهو به ڏاڍا عجيب آهن!“ ذيشان عجب مان وراڻيو

”ها، عجيب ته اسين آهيون پَر غريب آهيون ”نه ته.......“ باندر مسرت مان چيو.

”نه ته.......“ ذيشان باندر جي اندر ۾ رهيل ڳالهه کي پوري ٻڌڻ چاهيو. ”نه ته......“ باندر وري رڪجي ويو.

”ها ٻڌاءِ ٻڌاءِ، ڊڄ نه.......“  ذيشان باندر جي همت ٻڌرائيندي چيو. ”ڇا ٻڌايان بابلا!!“ باندرهڪ ڊگهو ساهه ڀريو.

”ٻڌاءِ، ٻڌاءِ، مان ڪنهن سان به ڳالهه ڪو نه ڪندس“ ذيشان واعدو ڪيو. ”سچ پچ!“ باندر پَڪ ڪرڻ چاهي.

”ها سچ پچ، اَمي به اها ڳالهه ڪنهن سان ڪا نه ڪندي“ ذيشان رازداري واري انداز ۾ چيو.

”بابلا، نه ته ماڻهن کي اهڙو ته سبق سيکاريون جو ياد ڪن، اُنهن کي اسان وارن هنن پڃرن ۾ بند ڪري، اسين وڃي اُنهن جي جاءِ والاريون. سڄي شهر جو نظام پنهنجي حوالي ڪري خوب مزا ماڻيون.“ باندر پنهنجي من جي ڳالهه ٻڌائيندي چيو.

ننڍڙو ذيشان باندر جي ڳالهه ٻُڌي سوچ ۾ ٻڏي ويو. مان ذيشان کي چيو.

”پٽ، ذيشان، ڪهڙي ڳالهه پيو سوچين. ڀلا باندر کان ٻيون به ڪي ڳالهيون پُڇ ني.“

”امي، سوچيان پيو ته ماڻهو هنن کي ڇو ٿا تنگ ڪن؟“ ذيشان مان کان پڇيو.

”بس ابا ماڻهن جي فطرت ئي اِها آهي“ مون ذيشان کي چيو.

پوءِ اَمي ڇو نه هنن کي پاڻ پنهنجي گهر وٺي هلون“ ذيشان مان کي چيو.

”ابا، پڇين، جيڪڏهن هلن ته پاڻ کين وٺي هلون“ مون چيو ۽ ذيشان وري باندر کي مخاطب ٿيو.

”اوهان اسان جي گهر هلندا، اُتي اوهان کي ڪير به تنگ نه ڪندو ۽ ها اُتي پڃرو به ڪو نه هوندو.“

”بابلا تنهنجي مهرباني، اسين هِتي ئي ڀلا آهيون، هڪڙي پڃري مان نڪري، ٻي چوديواري ۾ رهڻ مان فائدو...... پر ٻُڌ بابلا توهان اسان وٽ ايندا ڪريو، ها ٻئي ڀيري ايندا ته آئون توهان کي خوب تماشا ڏيکاريندس، ضرور اچجو.“ باندر خوش ٿيندي چيو.

”ها اسين ٻئي ڀيري ضرور اينداسين“ ذيشان هٿ لوڏي باندر کان موڪلائيندي چيو.

”ها ضرور اچجو، پر ٻڌو ڪٿي ايئن نه ٿئي ته فن فيئر جي شوق ۾ اسان کي وساري ڇڏيو. سڀ ٻار ڇڙو، فن فيئر ٿا گُهمن، اسان ڏانهن لڙن ئي ڪو نه ٿا. ڏسو ته اسان ڏاڍا اڪيلا ٿي پيا آهيون.“

 

 

رحيم بخش ”قمر“

لولي

لَا اِلٰہَ اِلَّا الله- ڏيان توکي لولي

جيئن شال ٻچڙا جيئن شال ٻچڙا،

گلابي اُو گُلڙا.

ڇڪي ڏور لوڏيان، لُڏي تُنهنجو پينگهو،

ڪندي دور لوڏيان، لُڏي تُنهنجو پينگهو،

لَا اِلٰہَ اِلَّا الله- ڏيان توکي لولي

مِٺي ماءُ صدقي، مُنهنجا مور توتان،

لکين لعل موتي، ڪيان گهور توتان،

لَا اِلٰہَ اِلَّا الله- ڏيان توکي لولي

خُدا پاڪ جا مون تي ٿورا نه ٿورا،

ٻچا جنهن ڏنا هِهڙا، سُڻا سَدورا،

لَا اِلٰہَ اِلَّا الله- ڏيان توکي لولي

منهنجي باغَ جا گُلَ، تون گُلشن هُجين

شل، ”قمر“! سِج سِتارن جان روشن هُجين شل،

لَا اِلٰہَ اِلَّا الله- ڏيان توکي لولي

جيئن شال ٻچڙا، جيئن شال ٻچڙا!

جيئن شال ٻچڙا، گلابي اُو گُلڙا.

 

منٺار سولنگي

”سَچُ سدا ڳالهائج ٻچڙا“

سَچُ سدا ڳالهائج ٻچڙا!

سَچُ سدا ڳالهائج.

 

سَچ جي راهه تي هَلندي هَلندي،

پير نه پٺتي پائج ٻچڙا.

 

سَچ سدا ڳالهائج.

ڌرتي تنهنجي جيجل آهي،

 

هِن سان نينهن نِڀائج ٻچڙا.

سَچ سدا ڳالهائج.

 

ويهڻ مان ڪُجهه ورڻو نه آهي،

اڳتي وِک وَڌائج ٻَچڙا.

سَچ سدا ڳالهائج.

 

اڪرام ساگر عباسي

محنت جي مُرڪ

منجهند جا ساڍا يارنهن ٿيا، هڪ ٻالڪ گھنڊ وڄائي رسيس جو اعلان ڪيو، سڄي اسڪول ۾ شور مچي ويو. استاد ڪلاسن مان اٿي ٻاهر گڏجي ڪچهري ڪرڻ لڳا. ٻار ڊوڙندا ڪاڪي اَلُوءَ کان ڇولا وٺڻ لڳا. ته ڪي وري راند روند ۾ مشغول ٿي ويا. مطلب ته ساري اسڪول ۾ ٻارڙن جو گوڙ هيو جمن به ڇولن جو ٿالهه هڪ پاسي کان رکيو ويٺو هو. هو پنهنجون معصوم نگاهون کڻي، انهن ٻارن کي ڏسي رهيو هو. جيڪي ڪاڪي الوءَ کان ڇولا وٺي رهيا هئا.

جمن اهو لقاءُ ڏسي سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، ۽ مٿي آسمان ڏانهن منهن ڪري ڄڻ دل ئي دل ۾ الله کان پڇي رهيو هو ته ”اي منهنجا مالڪ! هي ڏسين ٿو، جو مون مسڪين کان ڇولن وٺڻ لاءِ ڪو به تيار نه آهي، ۽ ساڳيائي ڇولن وٺڻ لاءِ ڪاڪي الوءَ جي ريڙهيءَ تي ٻارن جو انبوهه لڳو پيو آهي، ”اي منهنجا پالڻهار!، انهن کي ڪا ته سمڪ ڏي جو منهنجا به ڇولا آهن ۽ مون کان به وٺن.“

جمن اڃان انهن ئي خيالن ۾ هو، ته وري گھنڊ وڳو ۽ سڀ ٻار پنهنجي پنهنجي ڪلاسن ڏانهن واپس ورڻ لڳا، جمن ٻارڙن کي واپس ويندو ڏسي، هڪ ٻار کي سڏ ڪري چوڻ لڳو، ”ڀائو!، منهنجا به ته ڇولا آهن، ڪاڪي الوءَ وٽ چٽڻي به ڪو نه آهي پوءِ به مون کان ڇولا ڇو نه ٿا وٺو؟“

هن ٻار جلديءَ ۾ واراڻيس ته اُستاد منع ڪئي آهي، تنهنجي لاءِ ان کان ڇولا نه وٺو ڇو جو اهو ٻار آهي، ۽ سٺا ڇولا ڪو نه ٿو رڌي اچي.“ ”پر ڀائو ڪالهه ته تنهنجي استاد، پاڻ به مون کان ڇولا گھرايا هئا. ڏٺو هئي ته جو پئسا گھريا هيامانس شايد ان ڪري اوهان کي روڪيو اٿائين.“

جمن ساڳي نماڻائيءَ سان کيس ڳالهه ٻڌائي، پر هُو ڇوڪرو سواءِ ورندي ڏيڻ جي هليو ويو، ۽ جمن ٻيهر به دل ئي دل ۾ پنهنجي خالق کي ٻاڏائڻ لڳو ته، ”اي هن دنيا جا ٺاهيندڙ مون معصوم تنهنجو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جو منهنجي لاءِ هر ڪنهن جي دل  نفرت ۽ ڌڪار وجھي ڇڏي اٿئي؟“ تو ته ڪالهه به ڏٺو هو ته مان شام تائين بازار ۾ به  ڇولا کپائيندو رهيس، پر سواءِ مُور جي ٻيو ڪجهه به ڪو نه بچيو، ۽ باقي ڇولا رات جو ويلو ڪري کاڌا هئاسين، ڇا مون کي انهن ڏکن ڏولاون لاءِ يتيم ڪيو اٿئي؟ منهنجو بابا ته پنهنجي حق تي وڙهي شهيد ٿيو هو، ڇا تنهنجي گھر ۾ جيڪڏهن ڪو ئي کاٽ هڻي ها ته تون چُپ ڪري ويٺو ڏسين ها؟ منهنجي بابا کي به ته چورن ئي ماريو هو!، ڇا شهيدن جي اولاد جو اهوئي ورثو ۽ ميراث هوندو آهي؟ اڄ الائي ڇو جمن کي ٻن سالن جي پراڻي ڳالهه ياد پئجي وئي هئي، هو پنهنجي بي وسي ۽ بي ڪسي تي ايترو ته رنو، جو ميرن ڪپڙن تي سندس جا ڳوڙها ڪري مٽيءَ جي گاري جھڙا ٿي پيا هئا.

رسيس کان پوءِ ڪاڪو اَلو ريڙهي کي ڌڪي وڃي انگريزي اسڪول آڏو جھليندو هو، ان کان پوءِ جمن جا ڪجھ ڇولا کپندا هئا، ۽ ڪجهه بچي پوندا هئس ۽ شام جو جڏهن ٿڪجي پوندو هو ته موٽي گهر ايندو هو. رات جو ماءُ سان سور سليندو هو هو پنهنجي مٺڙي ۽ معصوم آواز سان ماءُ کي چوندو هو ته ”امان! جنهن ڏينهن استادن کي ڇولا ڏيندو آهيان ۽ پئسا ڪو نه گھرندو آهيان ته ان ڏينهن منهنجا ڇولا بچي پوندا آهن ۽ رات جو ويلو به انهن تي گذاريندا آهيون. امان! ٻڌاءِ اهي پواڙي وارا ڀلا روز گوشت ۽ مڇي ٿا کائن ۽ اسان ڇو نه ٿا کائون؟؟.“

ماءُ انهي ٻالڪ جا اهي درد ڀريا لفظ ٻڌي پنهنجي ڳوڙهن کي روڪيندي چوندي هيس ته ”پٽ! پاڙي وارن جا گھر ڌڻي نوڪرين ۾ آهن ۽ اسان غريب آهيون.“ پوءِ جمن چوندو هيس ته امان! جيڪڏهن مان به نوڪري ڪيان ته پوءِ اسان به اهڙا کاڌا کائينداسين ۽ ماءُ کيس چوندي هئي، ته ابا اهي پڙهيل لکيل آهن ۽ تون اڃان ننڍو آهين! ٻيو ته تون پڙهيل به ڪو نه آهين! تو کي نوڪري ڪير ڏيندو، اسان ته بس اهڙي حال ۾ ئي الله جو شڪر ڪندا رهنداسين.“ ته ”پوءِ ڀلا مان ٻيو ڪجهه ڪندس.“ هن وري ماءُ کي چيو.

نه ٻچا نه! اهي ٻه ٽي رپيا ته بچائي اچين ٿو، مڙئي پيو گذري ٿئي، نه ته مان اڪيلي ڄڻي ڪيئن گھر هلائيندس. پاڙي وارن به غريب ڏسي رليون سبرائڻ بند ڪيون آهن.“ ماڻس کيس مٿي تي هٿ گھمائيندي چيو. ”امان! مان ڇڏهن بازار مان ويندو آهيان ته ڪاڪو دينو درزي ڏاڍي پيار مان چوندو آهي ته ”ڪيترا ڏهاڙا ڇولا پکائيندين! مون وٽ ويهه ته درزائپ سيکاريانءِ.“ جمن ماءُ کي دينو درزيءَ واري ڳالهه ٻڌائي. نه نه جمن! ائين نه ڪجانءِ تون ڇولائي کپاءِ .جڏهن وڏو ٿئين ته پوءِ ٻيو ڪجھ ڪجان! ماءُ هن کي حجت مان چيو.

پر جمن جي ڄڻ دل ڇولن کان ڦڪي ٿي پئي هئي هو ماسترن جو ظلم سهي سهي ساڻو ٿيو پيو هو، آخر هو به ته ٻار هو، سو پنهنجي ضد تي چڙهيو هو، ڪٿي پيو مڙي، ماءُ کان ضد سبب ٻئي پاسي منهن ڪري سمهي پيو، ماڻس به سندس دل رکڻ لاءِ نيٺ اجازت ڏني، ۽ چيائينس ته ”سڀاڻي ڇولا کڻي وڃ ۽ درزيءَ کي به چئه ته اسين غريب آهيون، ۽ تون رو رپيو خرچي ڏيندين ان سان پوءِ اسان جو گهر ڪيئن هلندو، جيڪڏهن ٻه چار رپيا ڏين ته پوءِ مان تو وٽ ڪم سکان!

صبح جو سوير جمن ڇولن جو ٿالهه مٿي تي رکي نڪتو، اڄ هو اسڪول جي بدران، دينو درزيءَ وٽ ويو، کيس چيائين ته ”ڪاڪا دينو!، تو کي خبر آهي ته اسان غريب آهيون، ۽ هنن ڇولن تي پيا گذر سفر ڪيون، جيڪڏهن تون ٻه چار رپيا ڏيندين ته تنهنجي مهرباني ٿيندي، مان ڪم به سکندس ۽اسان جو گذر به ٿيندو! ۽ ڇولن کپائڻ کان به جان ڇٽي پوندي.“ دينو، جمن جون اهي ڳالهيون ٻڌي حيران به ٿيو ته سندس دل ۾ رحم به آيس، جمن کي راٽڙي پائي، کيس هائوڪار ڪئي. پوءِ هر روز جمن ڪاڪي دينوءَ وٽ اچي ڪم سکڻ لڳو. اهڙي طرح جمن کي ٻه ٽي رپيا ملي پوندا هئا، ۽ ڇولن کپائڻ کان به بچي پيو. جيڪي سندس هر وقت غم دنيا ۾ وٺي ويندا هئا.

جمن پنهنجي ذهانت، هوشياري ۽ سخت محنت ڪري درزائپ جو ڪم سکي ويو، ۽ هاڻي هو چڱو ڀلو درزي ٿي شهر ۾ چڱي هاڪ ٿي ويس، ۽ اهي ڪالهوڪا ٻار ۽ اڄ آفيسر جمن وٽان ڪپڙا سبائڻ لڳا، ڪڏهن ڪڏهن جمن انهن کي پنهنجي محنت ۽ غربت جا قصا ٻڌائيندو هو. هو ائين ڪرڻ سان ڄڻ پنهنجي دل تان بار لاهيندو هو، ۽ اڄ جمن روئڻ جي بدران پنهنجي ڪاميابي تي خوش ٿيندو هو، ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ڪاڪو دينو مري ويو ۽ سندس سمورو دڪان، جمن هلائڻ لڳو، ٿورن ڏينهن ۾ ۾ ئي جمن شهر جو وڏو درزي بڻجي ويو، هرڪو وٽس ڪپڙا سبائڻ لڳو، هڪ ڏينهن جمن جي سهڻي سلائي جي هاڪ ٻڌي انهن ماسترن منجھان، جيڪي سندس ماضيءَ ۾ کانئس ڇولا وٺي پئسن لاءِ دڙڪا ڏيندا هئا، هڪ ماستر ڪپڙا وٺي سندس دڪان تي آيو ۽ ڏٺائين ته هي ساڳيو ئي ڇولن وارو ڇوڪرو (جمن) آهي جنهن کي اسان اسڪول ۾ ڇولا کپائڻ ڪو نه ڏيندا هئاسين، اهو ڏسي کيس ڏاڍي حيراني ٿي ۽ لڄي به ٿيو، ۽ جمن کي ادب سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته استاد!، ڪپڙا سلائي ڪرائڻا آهن، پر مهرباني ڪري جلدي سبي ڏيو.“


 

سنڌيڪار: امام راشدي

 

زراف

(دنيا جو سڀ کان ڊِگھو جانور)

هن وقت پوري دنيا ۾ سڀني جانورن کان ڊگھي ڳچيءَ وارو جانور زراف آهي. رڳو اهو ئي نه پر سڄي دنيا ۾ ڊگھو جانور به زراف ئي آهي. هن جي اوچائي ڇَهه ميٽر يعني، 19 فوت ٿيندي آهي. پنهنجي دگھي قد ۽ ڊگھي ڳچيءَ ۽ جسم تي پيل خوبصورت چِٽن جي ڪري، زراف ٻين جانورن کان بلڪل مختلف جانور آهي ۽ ان کي ٻارڙا ڏاڍو پسند ڪندا آهن توهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته زراف جو تعلق هرڻ جي خاندان سان اهي هن انوکي جانور جو نسل هاڻي دنيا ۾ تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي. ۽ هاڻي رڳو، هي آفريڪا ۽ صحرائي ملڪن ۾ ملي ٿو اڄ ڪلهه زراف جو صرف هڪ قسم مليو آهي. ۽ ان قسم مان، 9 عدد ٻيا قسم پيدا ٿيا آهن. زراف جي ڳچيءَ جي ڊگھ 6 کان 8 فوٽ ٿيندي آهي. مزيدار ڳالهه وري اها آهي جو، زراف جي ڳچيءَ ۾ به انسانن وانگر ست ڪنڊن جا جوڙ ٿيندا آهن. پر زراف جي ڳچيءَ جي هر ڪنڊي جي ڊيگھ 30  سينٽي ميٽر معني، هڪ فوٽ ٿيندي آهي. زراف جي ڳچيءَ جي هڪ اهم خاصيت اها به آهي ته، ان ۾ تمام گھڻي لچڪ هوندي آهي. اها خاصيت ريڙهيون پائيندڙ جانورن، مثلاً نانگ وغيره ۾ موجود هوندي آهي. کير ڏيندڙ جانورن ۾ رڳو زراف ۽ اُٺ، اهم جانور آهن جن ۾ اها خاصيت موجود آهي.

زراف جي اوچائي 4 کان 6 ميٽر ٿيندي آهي. هن جون ڄنگھون ڏاڍيون ڊگھيون ٿينديون آهن. هُو پنهنجي ڊگھي قد جي ڪري ڊگھن ڊگھن وڻن جا پَن ته سولائيءَ سان کائي ٿو وڃي، پر پاڻي پيئڻ وقت هن کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي. جيسين هو پنهنجون ڄنگھون ويڪريون نه ڪري، تيسين هن جي ڳچي زمين تائين نه ٿي پهچي.

زراف جي کل ڏاڍي سُهڻي ٿيندي آهي. ان تي مختلف رنگن ۽ قسمن جا چِٽ چِٽيل هوندا آهن. ڪن زرافن جي جسم جو رنگ ڪارو ٿيندو آهي ۽ ان تي ڀُوري رنگ جون ليڪون ٿينديون آهن. جنهن ڪري سڄي تي چِٽ نظر ايندا آهن. ڪِن زرافن جي کل تي ستارن جھڙا نشان هوندا آهن. ٻين زرافن جي کَلَ ڀُوري رنگ جي ٿيندي آهي. ۽ ان تي اڇا نارنگي ۽ ڦڪي رنگ جا هلڪا نشان ٿيندا آهن.

هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته، زراف جي سـِڱن تي به کَل چڙهيل هوندي آهي. عام طور تي زراف جا ٻه سِڱ ٿيندا آهن. ڪن زرافن جي ٻنهي سڱن جي وچ ۾ هڪ ٻيو سِڱ ٿيندو آهي. ۽ اهڙي ريت هنن ۾ ڪُل سِڱن جو تعداد پنج ٿيندو آهي.

زراف جي پُڇ جي ڊيگھ اَسي (80) سينٽي ميٽر کان سؤ (100) سينٽي ميٽرن تائين ٿيندي آهي. نر زراف جو وزن اٺ سو ڪلو گرام کان هڪ هزار ڪلو گرامن تائين ٿئي ٿو. جڏهن ته مادي زراف جو وزن ساڍن پنج سو ڪلو گرامن کان ٻارنهن سو ڪلو گرامن تائين ٿئي ٿو.

گھوڙي جي پُڇ وانگر زراف جي پُڇ تي به وار ٿين ٿا. ۽ اهڙيءَ طرح زراف جي ڳچيءَ تي به وار ٿيندا آهن. زراف جي رفتار پنجيتاليهه ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ٿئي ٿي. زراف جي ڏسڻ واري صلاحيت ڏاڍي تيز ٿيندي آهي. ٻُڌڻ ۽ سِنگھڻ جي صلاحيت به سُٺي اٿس.

هي چُپ چاپ رهڻ وارو امن پسند جانور آهي. ۽ گھڻو ڪري خاموش رهندو آهي. پر ماهرن جو چوڻ آهي ته مختلف موقعن تي هو گجگوڙ به ڪندو آهي. تڪليف جي وقت ڪِنجھندو آهي. جيڪڏهن هُن کي گھڻو تنگ ڪيو وڃي ته ڏاڍو زور سان رڙيون به ڪندو آهي.

زراف جي کاڌي ۾ وڻن جا پَن گل ميوا، گونچ ۽ ننڍيون ٽاريون شامل آهن. هو پنهنجي نيرن صبح جو سوير ڪندو آهي. ۽ وري منجھند جو کائيندو آهي. خشڪ موسم ۽ هُو دريائن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي هليو ويندو آهي. جيئن سرسبز ساوا وڻ ڳولهي ان جا پن کائي سگھي. زراف جي زبان ڏاڍي ڊگھي ٿيندي آهي. جڏهن هُو زبان ٻاهر ڪڍندو آهي ته، اها پنجيتاليهه سينٽي ميٽر يعني ڏيڍ فوٽ ٻاهر نڪري ايندي آهي. ڊگھي زبان جي ڪري زراف کي ڊگهن ڊگھن وڻن جا تازه ۽ نرم گونچ کائڻ ۾ کيس ڏاڍي سولائي ٿيندي آهي. انسانن وانگر زراف کي به ٻٽيهه ڏند ٿيندا آهن. هوءَ پنهنجي ٻچن کي دشمن جانورن کان بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪندي آهي زراف جي دشمنن ۾ شينهن، چيتو، جھنگلي ڪتو ۽ مانگر مَڇ شامل آهن. ليڪن ان ۾ رڳو شينهن ئي وڏي زراف تي حملي ڪرڻ جي همت ڪندو آهي. ۽ پنهنجي مضبوط چنبن جي مدد سان زراف کي گھڻو ڏئي ماري ڇڏيندو آهي باقي ٻيا دشمن جانور زراف جي ٻَچن جو شڪار ڪندا آهن. پر شِينهن لاءِ به زراف کي مارڻ سوَلو ناهي زراف جون ٽنگون ڏاڍيون خطرنا ٿينديون آهن. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي ٽنگن جي مدد سان شِينهن کي به ماري وجھندو آهي.

زراف عام طور تي هڪ سو ويهه (120) چورس ڪلو ميٽرن جي ايراضي اندر گُھمندو ڦِرندو آهي. هونئن به ان علائقي جي رڳو وڃين حصي ۾ رهندو آهي. زراف جي هڪ خاصيت اها به آهي ته هن جي جسم جو درجه حرارت ماحول مطابق تبديل ٿيندو رهندو آهي. اهڙي طرح هُن جي توانائي ضايع نه ٿي ٿئي ۽ هن کي پگھر به نه ٿو اچي.

زراف جي عمر تقريباً 45 سال آهي. پر گھڻا زراف 48 سال به زندهه رهن ٿا.

 

ممتاز علي ”شاد“ سولنگي                        ڪهاڻي نمبر-1

هڪ ڏينهن جي ڳالهه

احمد نهايت غريب مزدور هو. پر جڏهن کان دوستن سان جوا کيڏڻ شروع ڪيائين، ته سندس گهر تباهه ٿي ويو، سندس ڀاتي ٻار، ٻچا سڀ بکيا رهندا هئا، سڄي ڏينهن ۾ ڪارخاني جون ڳوڻيون کڻي جيڪي ڪجهه ڪمائيندو هو، تنهن جو تمام ٿورو حصو گھر ڏي ڏيندو هو، باقي سمورا پئسا جوا ۾ هارائي ڇڏيندو هو.

 هاڻ سندس اها حالت ٿي جو پنجن سالن جي معصوم اڪرم کي وڃي هوٽل تي بيهاريو هئائين. جيئن ته اڪرم سمورن پيشگارن کان ننڍو هو، تنهن ڪري ٻيا پيشگار پنهنجو ڪم به هن کان ئي ڪرائيندا هئا، ليڪن پئسا کيس ايترائي ملندا هئا جو سندن گهر جو گذران ئي ڪو نه ٿيندو هو. ويتر وري اڌ پئسا سندس پيءُ کسيندو هو. اڪرم جو ننڍو ڀاءُ اسلم به هاڻ پنجن سالن جو ٿيو هو، سندس پيءُ کيس به هڪڙي هوٽل تي بيهاريو، سندس اهي هٿ جيڪي قلم کي کڻڻ لاءِ آتا هوا، سي اڄ ديڳڙن جي ڪارنهن ۾ ڪارا ٿي چڪا هئا. سندس لڱن تي چڙهيل سالن جي پراڻي چولي کي جڳهه جڳهه کان ٽنگ نڪتا پيا هئا. سندس نازڪ ۽ معصوم هٿ باهه جي تؤ سبب سڙي رهيا هئا .هاڻ ته سندن پيءُ کي گهر ويٺي پئسا ملڻ لاءِ هئا، تنهن ڪري هاڻ پاڻ مزدوريءَ تي نه ويندو هو، فقط انهن معصومن جي هٿن جي حلال جي پيسن کي به جوا ۾ اڏائي رهيو هو.

اڪرم هاڻ پيءُ کي ٿورا پئسا ڏيندو هو ۽ پنهنجا ڪجهه پئسا پاڙي واري دڪاندار وٽ رکندو ايندو هو. هاڻ اڪرم اسلم کي چيو ته پاڻ ٻنهي مان هڪ کي پڙهڻ گهرجي. جنهن تي اسلم خوش ٿي چيو ته: ڀاءُ آئون پڙهندس! اڪرم کيس پيءُ کان چوري وٺي اسڪول داخل ڪرائي آيو.

هاڻ اسلم ٽئين ڪلاس تائين پهتو هو. سندس پيءُ کي جڏهن خبر لڳي ته اسلم هوٽل تي وڃڻ بجاءِ اسڪول ويندو آهي ته هو سڌو ان هوٽل تي آيو، جتي اڳ ۾ بيٺل هو. کيس انهيءَ جي حوالي ڪري ڪجهه ڏوڪڙ وٺي هليو ويو. شام جو جڏهن ٻئي ڀائر گڏيا ته اسلم سموري ڳالهه اڪرم کي ٻڌائي، جنهن تي اڪرم ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو ته: ادا هاڻ ته بابا جي پنجي ۾ جڪڙيل آهيون، سواءِ خدا جي ٻيو ڪو ٻڌڻ وارو ته ڪونهي.

ڪجھ ڏينهن بعد سندن پيءَ کي مل مان چوريءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس سزا اچي وئي. اڪرم اسلم کي پڙهائڻ لاءِ همٿايو. اسلم دل لڳائي پڙهندو رهيو، جڏهن اسلم مئٽرڪ پاس ڪئي ته کيس ماستري ملي وئي ۽ هاڻ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ انهن ٻارن کي پڙهائي رهيو هو. جيڪي سندس وانگر هئا، جڏهن سندس پيءُ جي سزا ختم ٿي ۽ جيل ڪاٽي آيو. اچڻ سان ئي اڪرم کان معافي ورتائين پٽ تنهنجي مستقبل جو ذميوار آئون آهيان، جو چاهين سزا ڏي! اڪرم سندس پيرن تي هٿ رکي چيو بابا توهان جواب ڇڏي ڏيو. هاڻ گھر جو سمورو خرچ مان ۽ ادو اسلم ڪري رهيا آهيون!

سندس پيءُ جوا ڇڏڻ جو واعدو ڪيو ۽ هاڻ خاموشيءَ سان گھر ويٺي سندس پٽن جي خدمت اصل ڪري رهيو هو. ۽ خوشيءَ سان سمورا گھر جا ڀاتي رهڻ لڳا هئا. هاڻ سندس زال جانل ۽ سندس ڌيءَ شبانه به ناناڻن کان واپس آيا هئا، جن کي هن گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com