سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :2

 

 

سيد عباس علي شاهه اختر

مان مزدور

مان مزدور- مان مزدور.

ساٿي آهيان مان مزدور.

ٽيڪم سان ٽڪرن کي ٽوڙيان

سهڻيون سهڻيون جايون جوڙيان

ڏاڍن آڏو محنت منهنجي ڏاڍي آ مغرور.

مان مزدور- مان مزدور

پورهيو صبح ۽ شام ڪريان ٿو.

دنيا کي آرام ڏيان ٿو،

محبت، محنت منهنجو ايمان ڪلفت کان مان دور.

مان مزدور- مان مزدور

لال جواهر هيرا موتي،

ڳوليان تيل، سون ۽ چاندي،

ناڻو اڻڪٿ آءٌ ڪمايان مانيءَ لئي مجبور.

مان مزدور- مان مزدور

ٽيليفون ۽ بجلي تارون،

جيٽ، ريل ۽ موٽرڪارون،

اونداهي دنيا کي اختر مون آبخشيو نور

مان مزدور- مان مزدور.

 

جوهر بروهي

غزل

علم سنواري جيون سارو

بڻجي جيون روشن تارو

سڀئي ماڻهون عظمت وارا

منڊو، ٽنڊو، ڪاڻو، ڪارو

ڪهل سان ماڻهون بڻبو ماڻهون

پٿردل بيڪار هچارو

سوچي سوچي ڳالهايو ۽

ڇا لئه ويهي ڏرجي ڏارو

سچائي ۾ سرهائي آ

ڪوڙي جو آ ٻوٿ به ڪارو

مڃجي حڪم ابي امان جو

ٻول نه ٻوليو کهرو، کارو

استادن جو ادب ڪري جو

هوندو ڳوٺ ۾ سو موچارو

ڪنهن جي سرتي مهل اچي ڪا

ان جي مدد ڪجي اي ٻارو!

لال لطيف جا بيت ٿا ڳايون

”جوهر!“ سنڌ اسان جو نعرو.

 

ڊينيئل ڊيفو                                    قسط نمبر-1

سنڌيڪار: قاضي آصف

برباد ٻيٽ اڪيلو ماڻهو

 اونداهي رات، کنوڻ جا چمڪاٽ، ڪڪرن جي گجگوڙ، تيز برسات ۽ قيامت جهڙي سامونڊي طوفان ۾ اسان جو هڪ سو ويهه ٽن وزني جنهن تي 6 توبون لڳل هيون، ڪنهن رانديڪي جيان لڏيو، لميو پئي ۽ پنهنجي قسمت ۾ لکيل دردناڪ تباهيءَ ڏانهن وڌندو پئي ويو. ڇولين جي آواز ۾ ڪٿ ڪو به آواز ٻڌي نه پئي سگھيا. هن جھاز تي اٽڪل پنجويهه ماڻهو ڪم ڪندا هئا .جهاز برازيل جي بندرگاهه ڏانهن ڪپهه ۽ گرم مصالحا کنيو پئي ويو، ۽ ان تي منهنجو واپاري سامان پڻ رکيل هو.

هتي توهان کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ڇڏيان ته، مان برطانوي ٻيٽن جي ”يارڪ شاعر“ جي علائقي جو رهندڙ آهيان. ۽ منهنجو نالو رابنسن ڪروزو آهي. ان وقت منهنجي عمر اٽڪل ويهه پنجويهه سال هئي، جڏهن منهنجو پيءُ سدائين مون کي سامونڊي سفر کان جھليندو هو. پر مون کي وري شوق هوندو هو ته سامونڊي سفر ڪري پنهنجي روزي ڪمايان ان سلسلي ۾ پهريون دفعو، جڏهن مون ڪجھ رانديڪا، چاقو، ريشمي ڪپڙو خريد ڪيو ۽ لنڊن جي بندرگاهه تان هڪ واپاري جھاز تي چڙهي ”گِني“ ملڪ ڏانهن روانو ٿيس. اها شايد منهنجي بدقسمتي هئي، جو وچ سمنڊ ۾ اسان جي جھاز تي سامونڊي ڌاڙيلن قبضو ڪيو ۽ پوءِ سڀئي مسافرن کي غلام بڻائي وڪڻي ڇڏيو. مون کي هڪ تُرڪ امير خريد ڪيو ۽ آئون ان جو ٻن سالن تائين غلام رهيس. هڪ ڏينهن مان ۽ منهنجي غلام ساٿي، گڏجي ڀڄڻ جي سٽ سٽي ٻئي ڏينهن ٻيڙي تي چڙهي، پنهنجي مالڪ لاءِ مڇيون مارڻ وياسين اسان ان ڏينهن هروڀرو به ٻيڙيءَ کي کليل سمنڊ ۾ ڪاهي وياسين، ۽ پوءِ اتان پنهنجي ٻيڙيءَ جو رخ ڏکڻ طرف ڦيرائي، ڀڄڻ سان گڏ پنهنجي آزاديءَ جو سفر به شروع ڪيوسين. رستي ۾ منهنجو ساٿي اوچتو سمنڊ ۾ ڪري پيو ۽ مان ڪوشش جي باوجود هن جي ڪا به مدد ڪري نه سگھيس. ۽ پوءِ سمنڊ جي هڪ ڊگھي لهر هن کي گھڻو پري گھلي وئي ان کان پوءِ مان هن پنهنجي ساٿي کي ڪڏهن به ڏسي نه سگھيس. هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات جي ساندهه سفر کان پوءِ اهڙي ڪناري تي پهتس، جتي تمام گھاٽو جھنگ هو ۽ هتي شينهن ۽ چيتي جي پيرن جا رَند پڻ ڏسڻ ۾ آيا .تنهن ڪري ڊڄندي ڊڄندي جھنگ ۾ داخل ٿيس. هتي مون کي حبشي قبيلي جا ماڻهو ملي ويا، جن مون سان دوستي ۽ شفقت وارو ورتاءُ ڪيو خاص ڳالهه اها هئي ته هتان جا مرد توڙي عورتون هي ويچارا تهذيبي دنيا کان ڪيڏو نه پري هئا.

جھنگ ۾ مون يارونهن ڏينهن، گذاريا ۽ ٻاريهن ڏينهن، اتفاق سان هڪ واپاري جھاز جو هتان گذر ٿيو .اسان باهه ٻاري ان جي دونهين سان جھازين جو خيال پاڻ ڏانهن ڇڪايو. هي جهاز، جيڪو پرتگال ملڪ جو هو، ڪناري کان ڪجهه پري بيهي رهيو حبشي قبيلي جا ماڻهو مون کي پنهنجي هڪ ننڍي ٻيڙيءَ تي کڻي جھاز تائين ڇڏڻ آيا انهن مون کي آخر م گلن جا تحفا به ڏنا جيڪي مون پوءِ جهاز جو ڪپتان هڪ زنده دل انسان هو. مون هن کي چيو ته مون وٽ ڪرائي لاءِ ٽڪو به ڪونهي. پوءِ به هي مون کي مفت ۾ کڻي هلڻ تي راضي ٿيو. چيائين ”ڪا ڳالهه ڪانهي مسٽر انگلش مئن، مان تو کي مفت ۾ پنهنجي جھاز تي کڻي هلندس.“

جھاز مون کي برازيل پهچايو. هتي ڇهه مهينا محنت مزدوري ڪري، ان مان ڪجهه پئسا ڪمائي، ٿورو گھڻو سامان خريد ڪيو ۽ لنڊن اچي وڪڻي ڇڏيم. لنڊن مان رانديڪا وٺي هڪ دفعو ٻيهر برازيل ڏانهن وڃي رهيو هيس، ته رستي ۾ اسان کي طوفان وڪوڙي ويو سڄو سارو هفتو اسان جو جهاز طوفان سمنڊ ۾ خطرناڪ لوڏا کائيندو رهيو. تجربيڪار ڪپتان جھاز کي طوفان مان ڪڍي وڃڻ جي پوري ڪوشش پئي ڪئي. پر تيز هوائن تي سندس وس نه پئي هليو. سمنڊ جون وڏيون لهرون اُٿي زور سان اچي جھاز سان پئي تڪرايون ۽ جھاز ڪڏهن هڪ طرف پئي جھڪيو ته ڪڏهن ٻئي طرف برسات ۽ ڪڪرن جي گوڙ ۾ ڪپتان جھاز جي ڊيڪ تي چڙهيو بيٺو ڏاڍايان رڙيون ڪري ملان کي هيڏانهن هوڏانهن ڪم ڪرڻ لاءِ چئي رهيو هو.

پر... آخر اهوئي ٿيو، جنهن جو ڊپ هو، جهاز سمنڊ ۾ اڀريل جبلن ڏانهن وڌڻ لڳو. ڪپتان لنگر ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر طوفان جي زور لنگر کي ڇني ڇڏيو. جهاز رستي تان ٿڙي ويو هو، ڪپتان کي ڪا خبر ڪان هئي، تي هو ڪيڏانهن پئي ويو ۽ ڪهڙي سمنڊ ۾ نڪري آيو آهي. سامهون وڏيون وڏيون چهنبدار ٽڪريون اچي ويون. ڪپتان جهاز کي بچائڻ جو هر هيلو هلايو پر هو ڪنهن هڪ ۾ به ڪامياب نه ٿي سگھيو ۽ جھاز کي هڪ خطرناڪ وڏي لهر کڻي وڃي جبل سان هنيو ۽ پوءِ هڪ زبردست ٺڪاءُ سان گڏ جھاز ٻه ٽڪر ٿي ويو.

مون کي رڳو اهو ئي ياد آهي ته، مان ٻن ٽڪرن جي وچ ۾ سمنڊ جي پاڻي جي ڪُن ۾ ٻڏي رهيو هئس.

هلندڙ

 

ماڻڪ ملاح

اچو ته الفابيٽ پڙهون

(سنڌيءَ ۾ صُورتخطي)

اب

الف انب بي بلا،

ڪينجھر ڪنڌيءَ  تان آڻيندو، بابا نيٺ پَلا

ٻ      پ

ٻي ٻڪري پي پلو،

اچو ته پنهنجا سبق پڙهون،

پڙهندر ٻار ڀلو

ڀ                  ت

ڀي پولڙو تي تارو،

پڙهڻ کان پوءِ مال چاريون ٿا،

ڏي ٿو کيرُ ڀٽارو

ٺ                ٽ

ٺي ٺونٺ ٽي ٽنڊڻ،

نشان چُٽڻ جي بازي رکبي،

ڏيئي بلورن ٽڻ.

ث         ٿ

ثي ثواب ٿي ٿَنڀُ،

ٻارو ڪنهن به پکيئڙي جو،

ناهي پٽبو کنڀ.

ف         ڦ

في فانوس ڦي ڦيٿو،

بابا! مون کي خرچي ڏي،

ٽانٽ ڪيان کيسو.

گ        ڳ

گاف گڏهه ڳي ڳيرو،

وهنجو ٻارو اُجرا بڻجو،

وڳو مٽيو ميرو.

ڱ        ک

ڱي سنڱ کي کٽ،

ڪڻڪ جا آڀُون پَٽي پَچائي،

موهي وٺون وَٽ.

ي         د

يي ياقوت دال دُهل،

پَهرَ پڙهڻ جي راندين وانگي،

ناهي ڪبو هُلُ

ذ                ڌ

ذال ذرو ڌال ڌوٻي،

لالچ خاطر ڪنهن ڀي شيءِ ۾،

ڪين هڻو گھوٻي.

ڏ                 ڊ

ڏي ڏيڏر ڊي ڊيل،

ماڻهو سڀ هوشيار ڪري ٿي،

ڪوڪيندي ڏسي ريل

ڍ                 ح

ڍي ڍڳو حي هٻڇي،

سڱاريءَ ۾ کاءُ پلاءُ،

هُونئن تَرِيَلَ مَڇي.

ج                  ڄ

جيم جَتُ ڄي ڄڀ،

اسلامي تاريخ چوي ٿي،

سَتَ سمورا نِڀَ.

ڃ              چ

ڃي مُڃَ چي چَتون،

پياري سُواري گھوڙي واري،

گڏهه هڻي لتُون.

ڇ              خ

ڇي ڇَٽي خائي خچر،

مينهن پوڻ تي ٻارن لاتو،

خوشين جو ڌمچر.

ع                 غ

عين عينڪ غين غاليچو،

عيد جا ڪپڙا بابا آڻيندو،

خرچي ڏيندو چاچو

ر               ز

ري رِڇُ زي زنجير،

در در سئن هڻن ٿا جوڳي،

سادا سڀ فقير.

ڙ                  م

ڙي ماڙي ميمُ مَسُ،

ٻارؤ! گس کي هردم،

سولو ڏسجي گس.

ن                  ل

نُون نَٿَ لام لَڪُڻ،

اچو ته پنهنجي پريت وڌايون،

ڇانوَ ٿئي جِئن وَڻُ.

س        ش

سينَ سانُ شينَ شينهن،

ڪويل ڪُوڪي ٻار به ڪُوڪن،

آڻي وجھندا مينهن.

و                  ق

وا واڍو قاف قلم،

ڊاڪٽر چئي ٿو ڦَٽَ ڦُرڙيءَ کي،

جلدي مَکيو مَلمُ.

ص       ض

صُواد صندوق ضواد ضامن،

ساوا سنگ سونهري ٿيندا،

جي به ڪڍيا ڪڻڪن.

ط                 ظ

طوئي طوطو ظوئي ظالم،

جيڪو سوچي سمجھي پڙهندو،

ٿيندو سو عالم.

ڻ               هه

ڻي وَڻُ هي هَرڻي،

ٻارو! ڪريو ياد پهاڪو،

”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.“

گھ                جھ

گھي گھوڙو جھي جھرڪي،

ترڪڻ ٺاهي حرڪتي ٻارن،

واٽهڙو پيو ترڪي.

ڪ             ئه

ڪاف ڪُتو الف حمزڙو،

وڏڙن جي هر ڳالهه مڃو،

ان تي ڪين چڙو.

 

منير جتوئي

نظم

(نئي سال جي خوشي ۾)

گيت سڀئي گڏجي ڳايو

هار پايو مٺائي ورهايو

نئون سال مبارڪ آيو، نئون سال مبارڪ

گڏجي اڳتي قدم وڌايو

پيار منجهان سڀ ڀاڪر پايو

نئون سال مبارڪ آيو

امن امان جو ٻول هي ڳايو

مولا ڪري هي سال سجايو

نئون سال مبارڪ آيو،

ڪوڙ ڪُپت جا ڪوٽ هي ڊاهيو

ٻج سچائيءَ جج هيءُ هلايو

نئون سال مبارڪ آيو.

اوهان سڀئي هت ڀائر آهيو

”منير“ محبت جو سبق سڻايو

نئون سال مبارڪ آيو.

 

انٽرويو وٺندڙ: خادم ڀنڀرو.

عبدالرحيم سُرهيو

ننڍڙي ذهين شاگرد سان ڳالهه ٻولهه

 

سنڌ سونهاريءَ ڪيترن ئي ذهين ۽ باصلاحيت نونهالن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي ذهانت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. عبدالرحيم سُرهيو به انهن ذهين نونهالن مان هڪ آهي. سندس انٽرويو پڙهي، يقيناً توهان دنگ رهجي ويندا.

 

دراصل عبدالرحيم سرهيو ننڍپڻ کان وٺي معذور آهي. پڻ معذور ضرور آهي، پر مجبور نه آهي. هينئر گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه ۾ فرسٽ ايئر) پري ميڊيڪل گروپ) جو شاگرد آهي سندس هڪ ڀيڻ نيلم به معذور آهي، ۽ پڙهڻ جي خواهشمند آهي، پر مالي مجبوريءَ جي ڪري پڙهي نه ٿي سگهي. سندس وڏو ڀاءُ عبدالخالق به ميٽرڪ پاس آهي، پر اهو به مرگهيءَ جهڙي مرض ۾ مبتلا آهي. سندس ٻه ڀينرون پڙهي رهيون آهن. عبدالرحيم سرهيو جو والد تمام غريب آهي. ۽ پاڙي ۾ ريڙهي لڳائي ٻارن جا رانديڪا وڪڻندو آهي. عبدالرحيم سرهيو، جيڪو توهان جي تعاون ۽ مدد جو حقدار آهي.

خادم: توهان پهريائين ته اهو ٻڌايوته توهان معذور ڪيئن ٿيا؟

رحيم: مان ننڍپڻ ۾ سخت بيمار ٿي پيو هئس، جنهن ڪري منهنجون ٽنگون ڪم ڪرڻ ڇڏي ويون ۽ مان معذور ٿي پيس.

خادم: توهان معذور به آهيو ته به پڙهي رهيا آهيو مون ته اهو به ٻڌو آهي ته توهان هينئر تائين پوزيشن هولڊر !به رهيا آهيون.

رحيم: هائو مان معذور بيشڪ آهيان پر مجبور نه .مون پرائمري سٺي پوزيشن سانپاس ڪئي. ڇهين، ستين ۽ اٺين درجي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪندو رهيس. هاڻ ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه مان ميٽرڪ ”اي“ گريڊ ۾ پاس ڪري فرسٽ ئيير (پري ميڊيڪل گروپ) ۾ داخلا ورتي اٿم.

خادم: اڄ ڪلهه جي تعليمي حالتن جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي.

رحيم: دراصل ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو دارومدار تعليم جي ترقي تي آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته شاگرد، استاد، والدين، انتظاميا ۽ سياستدان پنهنجا فرض صحيح نموني ادا ڪن. نه ته موجوده تعليمي بگاڙ اسان کي تباهه ڪري ڇڏيندو.

خادم: اڄ ڪلهه ٽيوشن جي وبا زور شور سان ملڪ ۾ پکڙجي وئي آهي، ان باري ۾ توهان جي ڇا راءِ آهي.

رحيم: منهنجي خيال ۾ ته جيڪڏهن شاگرد روز وڃي توجه سان استاد جو ليڪچر ٻڌي ۽ گهر اچي ياد ڪري ته ٽيوشن جي ضرورت ڪانه پوندي.

خادم: اڄ ڪلهه ڪاپيءَ جو رواج به وڌي ويو آهي، ان لاءِ توهان ڇا ٿا چئو.

رحيم: دراصل اسان جا اڪثر شاگرد پنهنجو سمورو وقت سکڻي سياست ڪرڻ ۾ برباد ڪري ڇڏين ٿا، پوءِ ڪاپي نه ڪن ته ڇا ڪن کين فرصت ملي ته ويهي پڙهن. ٻيو ته استادن کي به ذميواريءَ سان پڙهائڻ گهرجي. ۽ امتحان جو نظام تبديل ٿيڻ گهرجي. سياستدانن کي تعليمي ادارن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.

خادم: توهان پڙهائيءَ کان علاوه ٻيو ڇا ڪندا آهيو.

رحيم: مان پڙهائيءَ سان گڏوگڏ ڪتابن تي جلد چاڙهي، پڙهائيءَ جو خرچ ڪڍندو آهيان پر هاڻ ڪاليج ۾ خرچ وڌيڪ آهي

خادم: اڳتي پڙهڻ لاءِ توهان جو ڪهڙو ارادو آهي.

رحيم: مان انٽر بعد ميڊيڪل ۾ داخلا وٺي تعليم جاري رکڻ چاهيان ٿو ڇو ته مان ڊاڪٽر بنجي مريضن جو مفت علاج ڪندس ۽ پوءِ مون جهڙا هزارين غريب، جن وٽ ڊاڪٽر جي فيس نه آهي، معذور نه ٿيندا پر مان مايوس آهيان ته ”لياقت ميڊيڪل ڪاليج“ ۾ منهنجي لاءِ پڙهڻ مشڪل ٿي پوندو. مون کي معذوري جي ڪري هر وقت والد جي تعاون مدد جي ضرور پوي ٿي. ان ڪري منهنجو بالا حڪام کي عرض آهي ته مان کي خاص اجازت ڏني وڃي ته جيئن مان پنهنجي ڀينرن سان گڏجي ”پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه“ ۾ پڙهان. ڇو ته منهنجو پيءُ ڪٽنب جو واحد ڪفالت ڪندڙ آهي، جيڪو پاڙي ۾ ريڙهي لڳائي، ٻارڙن جا رانديڪا وڪڻي گهر جو مشڪل سان پورائو ڪري ٿو.

 خادم: توهان ڪاليج ڪيئن ويندا آهيو.

رحيم: مون کي منهنجو والد گذريل ڏهن سالن کان بنا ڪنهن دير جي روزانو ڪاليج وٺي ويندو آهي ۽ وٺي ايندو آهي.

خادم: توهان جي صحتمند ٻارن جي والدين کي ڇا صلاح آهي.

رحيم: منهنجي صحتمند ٻارن جي والدين کي گذارش آهي ته هو پنهنجي اولاد تي توجهه ڏين ۽ کين علم کانسواءِ ٻين اجاين حرڪتن کان باز رکڻ جي ذميواري پوري ڪن، ته جيئن تعليمي ماحول ۾ سڌارو اچي سگهي.

منهنجي خيال ۾ ته باغ تڏهن آباد ٿيندو آهي، جڏهن سندس مالهي ان کي سنڀاليندو ان ڪري والدين) مالهي) کي استدعا آهي ته باغ (اولاد) کي آباد ڪيو. هڪ مثال جيڪو اسان جي اکين اڳيان اهي ته ”تاج محل“ شاهجان بادشاهه جو ڪارنامو سڏجي ٿو، پر منهنجي خيال ۾ ته اهو ڪارنامو شاهجان بادشاهه جو نه پر انهيءَ ڪاريگر جو آهي، جنهن کيس ٺاهيو. پر افسوس جو شاهجان کي مشهوري جي طاقت هئي، ۽ ڪاريگر کي نه هئي، انڪري شاهجان مشهور ٿي ويو، پر مان شاهجان وانگر پاڻ کي اعزاز نه ٿو ڏيان، مان ٿورائتو آهيان ڪاريگر (والد) جو، جنهن ڊٺل ۽ بيڪار جاءِ کي سهارو ڏئي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جو مان علم حاصل ڪرڻ جون منزلون طئي ڪري رهيو آهيان. خداوند پاڪ ڪاريگر والد کي صحت ۽ عمر دراز عطا فرمائي.) آمين)

خادم: آخر ۾ شاگرد ڀائرن لاءِ ڪو پيغام؟

رحيم: منهنجي شاگردن کي اهائي صلاح آهي ته هو وقت نه وڃائين ۽ علم حاصل ڪن. سياست کان پاسو ڪن ۽ علمي زندگي ۾ اچڻ بعد سياست ۾ ڀلي تعميري حصو وٺن.

 

ابن لائق سومرو

ڪوڙ ڳالهائڻ

آئون نه ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايان

پنهنجو مان ۽ شان وڃايان

ڪوڙ ڪپت کان پاسو ڪريان ٿو

قول پنهنجي تي پختو رهان ٿو

جو ٿو ماءُ پيءُ جي خدمت ڪري

استاد پنهنجي جي عزت ڪري

سڀ ڪو دل سان ڀانئي ان کي

پاڙو اوڙو به چاهي تنهن کي

رکندو جو پاڙي اوڙي جو خيال

ڪير نه چوندو پوءِ ان کي بد چال

علم سان جيڪو رکي ٿو چاهه

ابن لائق چئي تنهنجي کي واه واه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com