حاجي
شاهنواز پيرزادو
ڪلام
الله
اي
پيغمبر ماڻهو،
تو
کان پڇندا
آهن
ته خيرات
طور
ڇا ڪرڻ
گهرجي تون
چوين
ته:
”جيڪي به
خرچيندو سو
چڱو
آهي، خرچڻ
گھرجي واسطي
پيءَ، ماءُ،
جي
۽
مائٽن جي
۽
يتيمن جي
۽
مسڪينن جي
۽
مسافرن جي
اوهين جيڪا
به
ڀلائي ڪندو
تنهن
جي سموري
سُڌ
الله کي
پڪ
پوندي.“
(سورت
البقر 25)
واحد
لغاري
حضور
ﷺ فرمايو
رسول
ڪريم
ﷺ جن
فرمايو آهي
ته
مسلمان، مسلمان جو
ڀاءُ
آهي ۽ ان
کي
جڳائي ته
هو
پنهنجي ڀاءُ
لاءِ
نه مصيبت پيدا
ڪري
نه ان
تي
ظلم ڪري
جيڪو
پنهنجي مسلمان ڀاءُ
جي
ضرورت
(جائز
(پوري
ڪندو. الله
ان
جي ضرورت پوري
ڪندو. ڪير
مسلمان ڀاءُ
تي
آيل سختي
دور ڪرائي ٿو
ته
الله تعاليٰ
قيامت ڏينهن
ان
جي سختي
دور ڪندو ۽ جي
ڪير
مسلمان ڀاءُ
جي
ستر پوشي
ڪري
ٿو ته
الله
تعاليٰ قيامت
ڏينهن ان
جي
ستر پوشي
ڪندو.
(عن
ابن
عمر صحيحين)
نئون
سال مبارڪ
نئون سال
مبارڪ
حال
احوال
پيارا ٻارؤ!
ڪيئن
خوش آهيو
نه،
توهان جون
سياري جون
موڪلون به
هاڻ
پوريون ٿي
ويون
آهن، ۽ هاڻ
صبح
جو گرم
ڪپڙا
پائي اسڪول
ويندا هوندؤ،
جيڪي
ٻار سيءَ
جو
خيال نه
ڪندا
آهن، سي
اسڪول ۾ ڏسو
ڪيئن
نه ڏڪندا
آهن
ان لاءِ
ٻارؤ
سيءَ سان
سينو
نه سهائجي
۽
رات
جو به
اجايو نه
رلجي، پر
باهه
جي مچ
تي
ويهي جيڪا
ڪچهري ڪبي
آهي،
ڏسو ان
۾
ڪيترو نه
مزو
هوندو آهي.
ٻارؤ
توهان کي
پنهنجي رسالي
گل
ڦل جو
انتظار هوندو،
پر
ڇا ڪجي،
حيدرآباد جون
حالتون ئي
اهڙيون آهن،
جو
خراب ٿيندي
خبر
ئي ڪان
ٿي
پئي، ان
لاءِ
توهان جو
رسالو جنهن
کي
اسان پهرين
تاريخ تي
ته
توهان تائين
نه
پهچائي سگھيا
آهين
پر ڪوشش
ڪري
هاڻ دير
سوير
توهان جي
هٿن
تائين پهچائي
رهيا
آهيون.
نئين
سال شروع
ٿيڻ
تي اوهان
ٻارن
کي مبارڪ
باد
ڏيون ٿا
۽
ڌڻي
در دعاگو
آهيون ته
هن
ڌرتي تي
نئون
سال سک
۽
سانت
جو سنيهو
آڻي،
۽
قتل غارت
گيري
بدران سڪون
۽
محبت
ماڻهن ۾ قائم
ٿئي.)
آمين)
ٻارؤ
نئين سال
جو
ڪئلينڊر به
رسالي سان
گڏ
شامل آهي،
جنهن
جي ڌار
ڪا
به قيمت
نه
آهي ۽ رسالي
وٺڻ
وقت ڪئلينڊر
وٺڻ
نه ڀلجو.
چڱو
ٻارؤ ساٿ
سلامت
اڪبر
جسڪاڻي
ڪلياڻ اڏواڻي
لطيفي لات
ڪالهه ڪلاچي
ويا
ڇتيون کڻي
ڇڳير
ڀائرن ڀيرو
نه
ڪيو، ادن
ڪي
اوير
اهڙي
خاصي کير،
ڪُن
ورائي جھلي.
هي
بيت شاهه
صاحب
جي رسالي
مان
کنيل آهي،
جيڪو
سر گھاتو
جي
داستان پهرين
جو
چوٿون نمبر
بيت
آهي.
سمجھاڻي:
پڳون
پهريل ملاح،
وڏا
ڀالا کڻي
ڪلاچي، جي
ڪن
ڏانهن ويا،
ڀائرن مورڙي
جي
ڀائرن موت
نه
ڪئي.
ادن
دير لاتي،
اهڙي
موچاري ٽولي
جنهن
کي ڪُن
ڦيرو
کائي روڪي
ڇڏيو.
معنيٰ: ڀيرو= موٽي اچڻ
کَير= ٽولي.
نذير
قاضي
اڄوڪي تعليم
جَهڙا وڃن
ٿا،
تهڙا اچن
ٿا،
اسڪولن ۾ ٻار
پڙهن
ٿا.
ڪچن ڪلهن تي ڍير ڪتابون،
ابهم ٻالڪ روز کڻن ٿا.
هونءَ ته اڪثر فيل ٿين ٿا،
ٽِيوشن سان پر پاس ٿين ٿا.
اسڪولن ۾ ڪهڙي، پڙهائي!!
هَنگاما، هر روز ٿين ٿا.
گهر ۾ هر دم انگل، دنگل،
ٽيچر کان پڻ ڪونه ڊڄن ٿا.
پنهنجا پٺتي ئي ڌڪجن ٿا،
جڳ جا اڳتي ٻار وڌن ٿا.
جيجل سنڌ جا جوڌا ٻالڪ،
جيون جي هت جنگ لڙن ٿا.
حَقّ هنن جا، ڪاش! ڪو ڄاڻي،
دل ۾ اُڌما خوب اٿن ٿا.
علم جي ابتڙ حالت ڏسندي،
يار ”نذير“ جا نيڻ ڇُلن ٿا.
عزيز
گوپانگ
نئون
سال
پر
سال بابا
منهنجو،
ڪنهن
ڪم سانگي
شهر
ويو هو،
اڃان
نه موٽيو
ڇو؟
شايد
گم ٿي
ويو!
جڏهن
کان بابا
منهنجو،
شهر
وڃي نه
موٽيو هو،
تڏهن
کان امان
منهنجي،
ڏاڍي
اداس رهي
ٿي،
تڏهن
کان اڪثر
هو،
لڪي
لڪي روئي
ٿي،
۽
مون
کان لڙڪ
لڪائي ٿي،
مون
لڙڪ امان
جا
جھوليءَ ۾،
سانڍي رکيا
گوليءَ ۾،
سال
لڳي ٿو
صدي،
امان
به پوڙهي
ٿي
ويئي،
هي
سال به
گذري
ويو،
بابا
نه موٽيو
ڇو؟
نئون
سال به
نه
آيو،
بابا
نه موٽيو
ڇو؟
شايد
رستو ڀلجي
ويو.
سنڌيڪار غني
شيخ
ڏاهپ
جا نڪتا
1-
اياڻو سڏائي
سياڻو؛ سياڻو
سڏائي اياڻو. (شيڪسپيئر)
2- زندگي
به
جھڙي شطرنج؛
ٻنهي
جي ڪاميابي
دورانديشي ۾ آهي.
(چارلس
بڪسٽن)
3-
دوست
کي معاف
ڪرڻ
کان دشمن
کي
معاف ڪرڻ
سولو
آهي.
(ڊوروٿي ڊيلوزي)
4- معاف
ڪيو،
پر پان
کي
هرگز نه.
(سائرس)
5- ٽوٽي
لومڙي خوابن
۾
ڪڪڙيون ڳڻي.)
روسي
پهاڪو)
6-
دوست
گُهرجنئي ته
دوست
ٿي ڏيکار.
(ايمرسن)
7-
دوست
به جھڙا
گدرال؛ ورلي
ڪو
مٺو نڪري.
(ڪنفيوشس)
8-
پڪل
ميوو پهرين
ڪري.)
شيڪسپيئر)
9-
جهڙي
پاڻ لاءِ
اميد
رکو تهڙو
ٻين
سان هلو.
(ڪنفيوشس)
10- انسان
باغ
۾
الله کي
وڌيڪ
ويجھو هوندو
آهي.
(ڊي.
ايف. گرني)
11- خوش
مزاجي ٽوهه
کي
به ماکي
بنايو ڇڏي.)
ايڇ.
ڊبليو. بيچر)
12- ڏوهه
ڪري
ڀڄڻ ڏوهه
جو
اقرار آهي.
(سائرس)
13- گلن
جي
ٻولي ٻالڪ
به
سمجھيو وڃي.
(بشب
ڪوڪس)
ڊاڪٽر حسين
بخش
ڪولاچي
شالامار باغ
لاهور
لاهور شهر
۾
مغل
دور حڪومت
جو
تاريخي ۽ خوبصورت
باغ
شالامار اڄ
به
گھمندڙن لاءِ
حسين
نظارا ڏيندڙ
چمن
آهي وڻن
جون
قطارون گلن
جا
رنگ، پاڻي
جا
ڦوهارا، مغل
اڏاوت جون
باره
دريون سِڌا
رفشِ
پکين جون
لاتيون عجب چهچٽو
لايو
بيٺا آهن.
باغ
جي ٻاهران
ڪنگرن وارو
ڪوٽ
آهي. دنيا
۽
ملڪ
جا سياح
رنگ
برنگي ويسن
۾
ٽلندا آهن.
کلندا ۽
خوش ٿيندا
آهن.
ننڍڙن پوپٽ
جھڙن
ٻارڙن ۽ عورتن
جو
ڪافي تعداد
هر
وقت شالامار
۾
پيو
تفريح ڪندو
آهي.
باغ حڪومت پاڪستان
جي
کاتي آثار
قديمه جي
حوالي آهي
باغ
گھمڻ لاءِ ٻن
روپين جي
ٽڪيٽ
وٺڻي پوي
ٿي.
صبح
8
بجي
کان
شام6
بجي
تائين باغ
تفريح لاءِ
کليل
آهي. شالامار
باغ
اقوام متحده جي
آثار
قديم ۾ شامل
آهي.
شالامار باغ
سچ
پچ زمين
تي
جنت مثل
آهي.
صديون گذرڻ
بعد
به شالامار
۾
قديم
ڦوهارا، رنگن واريون
باره
دريون ۽ بالڪونيون
توڙي
نقارخانه ۽ ڪيترائي وڻ
اصلي
حالت ۾ موجود
آهن.
ٻارو جڏهن
به
لاهور اچو شالامار
باغ
گهمڻ نه
وساريندا. سير
سفر
۽
گھمڻ ڦرڻ
سان
علم وڌي
ٿو.
دماغ روشن
ٿئي
ٿو.
باغ
۾
گھمڻ لاءِ
ٽي
سرن سان
مٿڀرو ٺاهيل
سڌا
۽
سٺا رستا آهن.
جن
جي وچ
۾
پاڻي
جا ڦوهارا
آهن
۽
پاسن کان
گلن جون قطارون
۽
سروَ
جا ٻوٽا
آهن.
انهن رستن
کي
يا فرشن
کي
هيٺن نالن
سان
سڏيو وڃي
ٿو.
1-
فرخ
بخش گهمڻ
جو
رستو.
2- فيض
بخش
گھمڻ جو
رستو.
3- نقار
خانه
گهمڻ جو
رستو.
باغ
مستطيل نموني
40
ايڪڙ
زمين تي
ڦهليل آهي.
هي باغ مغل
بادشاهه شاهه
جهان
لڳرايو. شالامار
باغ
جي تعمير3
ربيع
الاول
1051هه
مطابق
1641ع
۾
شروع ٿي.
باغ
هڪ سال پنج
مهينا ۽ چار
ڏينهن اندر
مڪمل
ٿيو، مهيني
شعبان1052
هه
مطابق
1642ع
۾
مڪمل ٿيو.
شالامار باغ
تي
شروعاتي خرچ
6
لک
روپيه آهي
پر
درياهه راوي
سان
پاڻي ڏيڻ
لاءِ
هڪ نهر
کوتي
ويئي ان
تي
2
لک روپيه وڌيڪ
خرچ
آيو. شالامار
باغ
۾
وڻ
24
جمادي
الاول
1051هه
مطابق
1641ع
پوکڻ تي
شروع
ڪيا ويا.
جيڪي
وڻ لڳايا ويا
تن
۾
هي وڻ
خاص
طور هئا.
1- انب
2- گراس
3- صوف
-4
بادام
-5بهه
-6
توت
بيدانه
7- نارنگي
-8سرو
سفيد
9- ڪوڪچ
سلطاني ۽ طرح
طرح
جا خوشبودار ۽ بغير
خوشبوءَ جا
وڻ
۽
گل ٻوٽا
لڳايا ويا.
1711ع
۾
باغ جي
سنڀال ۽ نگھباني
128
مالهي ڪندا
هئا.
شالامار باغ
مغل
شهزادا ۽ شهزاديون
خاص
طور سير
ڪرڻ ايندا هئا.
1767ع
کان
1846ع
تائين
پنجاب ۾ سک
حڪومت جو
دور
هو .جن
هن
باغ کي
وڏو
نقصان رسايو،
سنگ
مرمر ۽ آرائش
جون
شيون اُکيڙيون
ويون
۽
شالامار باغ
کي
برباد ڪيو
ويو.
فوزيه حبيب
صديقي
قسط
2
علاؤالدين
(۽
جادو جو
ڏيئو)
”هيءُ وقت
آهي
جو تون
ڪجهه
ڪم ڪار
ڪر.“
علاؤالدين جي چاچي
چيو
ڇا تون
پسند
ڪندين مان
تو
کي هڪ
دڪان وٺي ڏيان
۽
تون
اُن جي
سنڀال ڪرين؟
ها
مان اهو
پسند
ڪندس. علاؤالدين جواب ڏنو. ٻي صبح جادوگر، علاؤالدين کي
خريداري ڪرڻ لاءِ
وٺي
ويو. پهريان
مان
تو کي
ڪجهه
ڪپڙا وٺي
ڏيندس. جادوگر
چيو،
علاؤالدين کي
ڪپڙا
ڏاڍا پسند
آيا
۽
هُن جي
ماءُ
کي به سندس
ڪپڙا
وڻيا.
ٻئي
ڏينهن، جادوگر
علاؤالدين کي
وڏا
وڏا گهر
ڏيکاريا، جن سان
گڏ
خوبصورت باغ
به
هئا.
هڪ
ڏينهن مان
تو
کي هڪ
خوبصورت گهر وٺي ڏيندس، جنهن ۾ خوبصورت
باغ
به هوندو. جادوگر
چيو. پر هاڻي
اسان
کي ويهڻ
گهرجي ۽ ڪجهه
کائڻ گهرجي اسان
کي
تمام گھڻو
هلڻو
آهي، ان
جادوگر وٽ ڪيڪن،
بسڪيٽن ۽ ٽافين
جو
ٿيلهو هو.
هاڻي
مان تو
کي
هڪ تمام
سهڻو
باغ ڏيکاريندس، جيڪو
اُنهن سڀني
باغن
کان خوبصورت
آهي،
جيڪي اسين
اڳ
۾
ڏسي آيا
آهيون. ڇا اهو
گھڻو
پري آهي؟
علاؤالدين پڇيو. هاڻي
اسان
جلدي اتي
پهچنداسين جادوگر
چيو.
اُهي ٻيهر
هلڻ لڳا. هاڻي
جادوگر رڙ
ڪئي
”بيهه“!
هي اها
جڳهه
آهي.
هتي
مان باغ
نه
ٿو ڏسان“؟
علاؤالدين چيو.
”بس
هاڻي
تون جلدي ڏسي
سگهندين جادوگر
جواب
ڏنو. پر
اسان
کي پهريان باهه
ٻارڻي پوندي
۽
تون
ڪاٺيون ڳول،
پوءِ
جادوگر باهه
ٻاري ۽ ڪجهه
وڌيڪ
ڪاٺيون وڌيون
جئين
دونهون نه
ٿئي. علاؤالدين، پنهنجن
پيرن
هيٺان هڪ
وڏو
پٿر ڏٺو،
جنهن
کي مٿي ڇڪڻ
لاءِ
ڪڙو به
هو.
”ڪڙي
کي
مٿي ڇڪ“
جادوگر چيو.
علاؤالدين ڪڙي
کي ڇڪيو ۽ پٿر
کي
مٿي کنيو.
هاڻي
هُن هڪڙي
غار
ڏٺي ان
جا پاسا ڪارا
هئا
۽
هيٺ اونده
هئي،
علاؤالدين هيٺ
چڱي
طرح ڏسي به
نه
ٿي سگھيو.
”هاڻي
تون
ان ۾ هيٺ
ويندين“ جادوگر چيو.
”ڇا
تون
مون سان
گڏ
هلندي؟ علاؤالدين
چيو
.”نه
نه
صرف تون هيٺ
ويندين“ جادوگر
چيو
.”جيڪڏهن
تون
اهو سڀ
ڪجهه ڪندين، ته
تون
وڏو ماڻهو
ٿي
ويندين.“
”ٺيڪ آهي،
هاڻي
تون مون کي
ٻڌاءِ ته
مان
ڇا ڪريان؟
علاؤالدين چيو.
جادوگر چيو
جڏهن
تون هيٺ
ويندين ته
تون
ڏسندين غار
۾
سون
۽
چاندي سان
ڀريل
پيتيون پيون
هونديون، پر
تون
اُنهن مان
ڪا
به نه
کڻجان پر
مان
وڏو ماڻهو
ڪيئن
ٿيندس جيڪڏهن
اُنهن سان
ڪا
به پيتي
نه
کڻندس. علاؤالدين
چيو
تون ائين
ئي
ڪر جيئن
مان
چوان ٿو
جادوگر ڪاوڙ
مان
چيو.
تون
ايستائين اندر
هلندو وڃجان
جيستائين تون
هڪ
ٻي غار
۾
نه
پهچين، ٻي
غار
۾
وري تون
ساڳئي طرح
سون
۽
چاندي سان
ڀريل
پيتيون ڏسندين،
پر
تون اُنهن
مان
ڪا به
نه
کڻجان. جادوگر
سمجھائيندي چيو.
جڏهن
تون آخري
غار
۾
پهچندين ته
اُتي
هڪڙو خوبصورت
وڏو
عاليشان باغ
هوندو جنهن
جي
آخر ۾ هڪ
ٽيبل
پيل هوندي
جنهن
تي ڏيئو
رکيل
هوندو اهو
مون
کي اڻي
ڏجان
۽
پوءِ جيڪو
تنهنجي دل
چوي
سو باغ
مان
کڻي وٺجان
۽
پوءِ
هن علاؤالدين
کي
هڪ منڊي
ڏني.
اها تنهنجي
ضرورت وقت
تنهنجي مدد
ڪندي
جادوگر
هن
کي سمجھايو!
۽
هاڻي
تون وڄ!
علاؤالدين اونداهي
غار
۾
اندر ويو،
هيٺ
تمام هيٺ
هو
هلندو ويو
سڀ
ڪجهه بلڪل
ائين
ئي هو
جيئن
ان کي
جادوگر ڏسيو
هو.
هن پئسن
سان
ڀريل غار
به
ڏٺي پر
هن
ڪجهه به
نه
کنيو، ان
کان
پوءِ واري
غار
۾
سون ۽ چاندي
هو،
ائين ئي
جئين
ان جي
ان
جي چاچي
ٻڌايو هو.
هن
ڪنهن کي
به
هٿ نه
لاتو
۽
آخي دروازي
مان
اندر باغ
۾
ويو
اُتي هُن
ڏيئو
ڏٺو، هن
اهو
کنيو ۽ چؤ
طرف
نطر ڊوڙايائين.
هر
وڻ ۾ ائين
نظر
اچي رهيو
هو
ڄڻ باهه
ٻري
رهي هجي،
اُهي
تمام قيمتي
۽
خوبصورت هيرا
هئا.
ڳاڙها، نيرا،
ساوا، سنهري
۽
اَڇا
۽
اُنهن کان
علاوه به
گهڻا. هُن
ڏيئو
کنيو ۽ جيترا
هيرا
هو کڻي
سگهيو کنيائين
تنهن
هوندي به.
تمام
گھڻا اڃان
وڻن
۾
هئا .مان
هڪ
ڏينهن وري
هتي
ايندس. علاؤالدين
دل
۾
سوچيو پر
هاڻي
مان هي
ڏيئو
چاچي کي
ڏئي
ٿو اچان،
تنهن
ڪري هو
واپس
ٿيو باغ
مان
۽
اُنهيءَ ساڳئي
رستي
تي سان
هلڻ
لڳو هو
جتان
هو هتي
پهتو
هو. جڏهن
هو
کوهه تي
مٿي
پهتو ته
هُن
جادوگر کي
اتي
ئي ڏٺو
جتي
ڇڏيو هئائين.
مون
کي ٻاهر
ڪڍ
منهنجي مدد
ڪر،
مهرباني ڪري!
ڇوڪري هُن
کي
سڏيو پهريان
مون
کي ڏيئو
ڏي
جادوگر چيو.
خير محمد ”خاموش“
نئون سال
ٻارو اَچو ته گڏجي گيتُ هي ڳايُون،
نئين سال 1990ع جو نعرو لڳايُون.
امن، صداقت جو ٿيندو سال هِي ثابت،
ڪَري اتحاد قائم، ويڇا وساريُون.
علم کي پنهنجو زيور بَڻائي،
ننڍڙا، وڏڙا سَڀئي پايُون.
ديسَ جي ٻَنيءَ ۾ هرڙا ڪاهي،
هِي شاداب وطن سرسبز بَنايُون.
رليون، اجرڪون، ٽوپيون ٺاهي،
پنهنجي ثقافت پاڻ نِڀايُون.
ڪي پيرين اگهاڙا، ڪي پيرين پيادا،
تن جو هاڻِ جِيءُ جرڪايُون.
آهه قدم، قدم تي پنهنجو نالو،
اچو تَه پنهنجي لڄ بَچايُون.
اڃا طئه مفاصلو ڪرڻو آهي،
اَچو ته گڏجي وِکَ وڌايُون.
چمڪن ٿا جيئن ”خاموش“ چنڊ، ستارا،
اهڙي پاڻ به روشني ٺاهيُون.
رپورٽ عين
جمالي (سيمينار)
جوهي
۾
جمهوريت ۽ ٻار
جمهوريت جي
بحالي لاءِ
سنڌ
۾
جيڪا تاريخي
ويڙهه ٿي،
اُها
ڪنهن کان
به
ڳجھي ڪانهي.
سنڌ
۾
جتي هارين،
مزدورن، شاگردن،
اديبن، دانشورن،
عورتن، صحافين،
پنهنجي حقن
۽
جمهوريت لاءِ
جدوجهد جاري
رکي،
اُتي سنڌي
ٻارڙن به
پاڻ
ملهايو .هر
ڏکئي
مرحلي تي
ٻارڙن علم
و
ادب، عقل
۽
تنظيم جي
زور
تي پنهنجي
جمهوري حقن
لاءِ
جاکوڙ ڪري
سماج
جي بي
فردن
آڏو واضح
ڪيو
ته جمهوريت
ٻارن
لاءِ به
لازمي آهي.
1978ع
۾
ٺهندڙ باشعور
ٻارڙن جي
تنظيم ساٿي
ٻارڙا سنگت
به
گذريل
11
سالن
دوران سنڌ
۾
ٻارن
جي حقن
لاءِ
جيڪا جاکوڙ
ڪئي،
اها سنڌ
جي
تاريخ جو
نه
وسرندڙ باب
بڻجي
چڪي آهي.
ان
جدوجهد دوران
روهڙي ۾ ٻالڪ
ڪنوينشن، موهن
جو
دڙو بچايو
سيمينار، ٻارن
جا
تعليمي حق
ڪانفرنس، لطيف
۽
ٻار
ڪانفرنس، سنڌ
جي
ٻارن جا
مسئلا سيمينار،
ٻالڪ
ميلو جيڪب
آباد
۽
ٻيا کوڙ
سارا
ادبي پروگرام
ثقافتي شو،
اديبن سان
شامون ملهائي
چڪا
آهن. جن
۾
سنڌ
جي نالي
وارن
اديبن، شاعرن،
صحافين، دانشورن،
فنڪارن مان
شيخ
اياز، علي
احمد
بروهي، رشيد
ڀٽي
مرحوم، فقير
محمد
لاشاري، استاد
بخاري، نورالهديٰ
شاهه، اسلم
اظهر، اڪبر
جسڪاڻي، ادل
سومرو، قمر
شهباز، رئوف
نظاماڻي، بدر
ابڙو، ڄام
ساقي، تاج
جويو، انور
پيرزادو، مدد
علي
سنڌي، اياز
گل،
سهيل سانگي،
برڪت
علي آزاد،
تاج
بلوچ، س
ب
کوسو، احمد
خان
مدهوش، بيدل
مسرور، نجمه
ملاح، انيتا
ٿيٻو، سيد
رشيد
احمد شاهه،
شڪور
نظاماڻي، منصور
ميراڻي، راهده
حنا،
نديم اختر
هن
باشعور ٻارڙن
جي
پروگرامن ۾ شرڪت
ڪري
چڪا آهن.
ساڳئي تسلسل
کي
قائم رکندي
14
ڊسمبر
1989ع
تي
سنڌ جي
تاريخي شهر
جوهي
ضلع دادو
۾
پنهنجي نائين
سالياني ڪنوينشن جي
موقعي تي
جمهوريت ۽ ٻار
جي
عنوان سان سيمينار
منعقد ڪيو،
جنهن
۾
سڄي سنڌ
کان
آيل هزارين ٻاررن،
وڏڙن
۽
ڪافي اديبن
شرڪت
ڪئي. منجهند
جو
12
وڳي
ٻارڙن جي
هن
ميڙاڪي جي
پهرين ويهڪ
پرائمري اسڪول بلاڪ
نمبر 1 ۾ شروع
ٿي
چڪي هئي
.هن
ويهڪ ۾ ٻاڙن
کي
هڪ سال
لاءِ
پنهنجي جدوجهد جو
رستو
تيار ڪرڻو هو
۽
نوان
مرڪزي عهديدار
چونڊڻا هئا
.تمام
آرام سان
ٻارڙا هال ۾ داخل
ٿي
رهيا هئا.
سڄي
سنڌ جي
هر
يونٽ مان
هڪ ٻار ڪائونسلر
هو
هال ۾ داخل
ٿيندڙ ٻارڙن
جي
قميص تي ڪائونسلرن
وارا
بيج هڻي
هال
۾
ڇڏيو ويو.
باقي
ڪافي ٻارڙا
ٻاهر
ويهي ڪچهريون
۽
تبصرا ڪري
رهيا
هئا .ڪنهن
کان
معلوم ڪرڻ
تي
خبر پئي
ته
پهرين ويهڪ
جي
صدارت ان
وقت
جي مرڪزي
صدر
خورشيد مستوئي
کان
ڪرائي وئي
۽
اسٽيج تي
سجاد
ظهير، ڪامران
رڏ،
بختاور ڄام،
بادل
ملڪ، شير
محمد
سهاڳ ۽ غلام
نبي
نظاماڻي کي
به
ويهاريو ويو. ان
ويهڪ
۾
ٻارڙن ڇا
ڳالهايو هوندو؟
ڪهڙو
بحث ڪيو
هوندو؟ ڪهڙا
فيصلا ڪيا
هوندا؟ اُها
خبر
ته انهن
ٻارڙن کي
ئي
هوندي. پر
شام
جو
5
وڳي
ڌاري
پرائمري اسڪول
کان
ٻاررن جو
هڪ
شاندار جلوس
شهر
طرف اچي
رهيو
هو، جنهن
جي
اڳواڻي سجاد
ظهير
۽
شفقت ڀيلار
ڪري
رهيا هئا
(جيڪي
چونڊيل صدر
۽
جنرل
سيڪريٽري هئا).
ٻارن
جو جلوس
گشت
ڪندو شام
6
وڳي
ڌاري شهر
ٻاهران مهمانن
جي
آڌر ڀاءُ
ڪرڻ
لاءِ تمام
گھڻا
ٻارڙا گڏ
ٿي
چڪا هئا.
ٻاهران آيل
اديبن، شاعرن،
ساستدانن ۽ فنڪارن
جو
شاندار استقبال
ڪيو
ويو ۽ هر
ٻار
جي ٻولي
ساٿي
ٻار، هر
ماءُ
جي لولي
ساٿي
ٻار، سنڌو
جي
ڇولي ساٿي
ٻار
جي نعرن
جي
گونج ۾ مهمانن
کي
پنڊال ۾ آندو
ويو.
پنڊال جي
سامهون هڪ
خوبصورت بينر
(جيڪو
ننڍڙي ساٿي
نصرالله ڪولاچي
لکيو
هو) تي
رنگ
برنگي اکرن
۾
جمهوريت ۽ ٻار
لکيل
هو.
مهمانن جي
پهچڻ
شرط سنگت
جو
اڳوڻو مرڪزي
صدر
۽
جوشيلو مقرر
خورشيد مستوئي
ڊانس
تي نمودار
ٿيو
۽
”سورهه
مرين سوڀ
کي
ته دل
جا
وهم وسار“
بيت
پڙهي پروگرام
جي
باقاعده ڪارروائي
شروع
ڪئي. ٻارڙن
جي
پروگرام جي،
هي
ٻي ويهڪ
هئي
جيڪا
”جمهوريت ۽ ٻار“
جي
عنوان سان
سيمينار جي
صورت
۾
هئي. هن
سيمينار جي
صدارت سنگت
جي
نئين مرڪزي
صدر
سجاد ظهير
کان
ڪرائي وئي.
ٻين
مهمانن پنجن
ڪتابن جي
ليکڪ
ترقي پسند
اديب، شاعر
محترم ڄام
ساقي، نامور
اديب، نقاد،
دانشور احمد
خان
ملڪاڻي، ماهوار
گل
ڦل جو
ايڊيٽر اڪبر
جسڪاڻي، سنڌ
جو
عوامي شاعر
احمد
خان مدهوش،
ماهوار شعور
جي
ايڊيٽر امداد
قاضي
۽
نوجوان ليکڪ
ڪهاڻيڪار عزيز
ڪنگراڻي کي
اسٽيج تي
ويهاريو ويو.
سيمينار جي
مُهڙ
۾
معصوم ٻارڙن
جي
وچ ۾ تقريري
مقابلو ٿيو.
ٻارڙن پُرجوش
تقريرون ڪري
وڏن
کي به
جھومائي ڇڏيو
تقريرن ڪندڙن
۾
ارشاد مستوئي،
زاهد
ميمڻ، غلام
جابر
رڏ، غلام
مصطفيٰ قمبراڻي،
غلام
رسول ميراڻي
۽
ٻين
ٻارن تقريرون
ڪيون
خاص ڪري
جيڪب
آباد مان
آيل
10
سالن
جي
ٻار ارشاد
مستوئي ۽ جوهي
جي
9
سالن
جي ٻار
زاهد
ميمڻ هال
۾
ويٺل
هزارن ماڻهن
کي
ڏندين آڱريون
ڏيئي
ڇڏيون. هر
ڪو
سوچي پيو
ته
ڇا هي
پتڪڙا ٻار
۽
ڇا
سندن جمهوريت
جي
باري ۾ اظهار
خيال
خود اسٽيج
تي
ويٺل اديبن
به
جذباتي ٿيندي،
پنهنجن کيسن
مان
پيسا ڪڍي
معصومن کي
انعام ڏيڻ
لڳا.
مقابلي ۾ ججن
جي
فيصلي مطابق
ارشاد مستوئي
پهريون نمبر،
زاهد
ميمڻ ٻيو
نمبر
۽
غلام جابر
رڏ
ٽيون نمبر
قرار
ڏنا ويا.
ان
وچ ۾ فاروق
سومرو
”جاڳيا جاڳيا
ساٿي
ٻار“ ۽ هارون
پنهور هن
سماج
۾
ساٿي ار
قوم
سان ڪيڏو
ڪري
ٿو پيار
گيت
پڙهي هال
کي
گرمائي ڇڏيو.
تقريري مقابلي
کان
پوءِ اديبن
پنهنجي خيالن
جو
اظهار ڪيو.
عزيز
ڪنگراڻي چيو
ته
”امن
اڄ جو
اهم
مسئلو آهي
امن
جي لاءِ
جدو
جهد ۾ ساٿي
ٻارڙا سنگت
ڪافي
جدوجهد ڪئي
۽
سڀ
کان اڳڀري
رهي
آهي هن
چيو
ته آئون
هڪ
استاد ۽ تخليقڪار
جي
حيثيت ۾ جمهوريت
کي
ٻارن لاءِ
لازم
سمجھان ٿو.“
امداد قاضي
چيو
ته ”اڄ جي
ٻار
جمهوريت لاءِ
جيڪا
جدوجهد شروع
ڪئي
آهي، اُها
سنڌ
جي مستقبل
جي
جدوجهد آهي
هن
چيو ته
ٽين
دنيا ۾ ٻار
جي
غذا
جي
ڪمي سبب
سٺ
سيڪڙو ٻار
موت
جو شڪار
ٿيو
وڃن، ٻار
جڏهن
نصاب ۾ مڪمل
غذا
جو تصور
پڙهي
ٿو ته
اڄ
جو ٻار
سوچي
ٿو ته
ڇا
اها غذا
خواب
۾
کائي سگھون
ٿا
۽
غذا جي
ڪمي
جو سبب
هٿيارن جي
ڊوڙ
آهي.“ اڪبر
جسڪاڻي چيو
ته
”جنهن
وقت معصوم
ٻارن
تقريرون پئي
ڪيون
ته مون
کي
اهو محسوس
ٿيو
ته اسين
اديب، شاعر،
سياستدان مجرمن
جي
ڪٽگڙي ۾ هجون
ها
۽
اُهي ٻار
اسان
کان پڇن
ٿا
ته اسين
کين)
ٻارڙن کي)
ڇا
ڏنو آهي.
ٻارڙن کي
اهڙو
ادب نه
ڏنو
وڃي ته
هو
رات جي
ماءُ
کان ڊڄي،
پر
کين اهڙو
ادب
ڏنو وڃي
جو
هُو وڏڙن
تي
به کِلن
ته
اها رات
جي
ماءُ ڇا
ٿيندي آهي.
هن
چيو ته
اسان
جي ٻار
کي
ڀڳل سليٽ
کڻي
انگ اگھاڙو
اسڪول وڃڻو
پوي
ٿو پر
پوءِ
به جمهوريت
جي
تحفظ لاءِ
اسان
جو ٻار
ميدان تي
اچي
ويو آهي.
يعني
ته جمهوريت
اسان
جي ٻارن،
نوجوانن، هارين،
مزدورن جي
قربانين جي
ڪري
قائم ٿي
آهي.
هاڻي ائين
نه
چوڻ گهرجي
ته
جمهوريت ختم
ٿئي
پر ان
کي
بچائڻ جي
ڳالهه ڪجي.“
احمد
خان مدهوش
چيو
ته
”ننڍڙن ساٿين)
جن
کي آئون
صاحب
چوندس) جن
جذبن
جو اظها
رڪيو
آهي اسان
ڪُراڙن لاءِ
اُتساهيندڙ آهي.
انهن
ٻارڙن جا
والدين ۽ استاد
کيرون لهڻن.“
احمد
خان ملڪاڻي
چيو
ته
”ٻارن جو
سنڌ
جي جمهوري
جدوجهد ۾ وڏو
حصو
آهي. مون
کي
انهن تي
فخر
آهي. ٻي
ڳالهه ٻارڙن
توڙي
وڏڙن لاءِ
هي
جمهوريت موقعو
آهي
ته اسان
پنهنجا جمهوري
حق
تسليم ڪرايون.
ٻارڙا جمهوريت
لازم
ملزوم آهن.
ٻار
مستقبل جو
واڳ
ڌڻي آهي.“
محترم ڄام
ساقيءَ چيو
ته
”اڄ
جي پروگرام
۾
سڀ
کان وڏي
خوشي
جي ڳالهه
اها
آهي جو
هي
ميڙ ٻارڙن
جو
ميڙ لڳي
ٿو
۽
اسين سڀ
اديب، شاعر،
سياستدان جڏهين
توهان جي
(ٻارڙن
جي)
عمر ۾ هئاسين
ته
اسان کي
دنيا
جي ڪا
به
خبر ڪا
نه
هئي پر
توهان تنظيمون
ٺاهي
پنهنجي باشعور
هئڻ
جو ثبوت
ڏنو
آهي. هن
چيو
ته جڏهن
ٻار
جو نالو
ورتو
وڃي ٿو
ته
ان جو
مطلب
آهي مستقبل
جو
نالو. اديب
يا
شاعر ٻار
کي
اميد جو
نالو
ڏنو آهي.
توهان ٻار
اسان
جون اميدون
۽
آسرا
آهيو. ٻي
ڳالهه اها
ته
(هڪ
بادشاهه سڳوري
جو
مزاحيه مثال
ڏيندي) ٻار
سچ
۽
امن جي
علامت آهن
ڇو
ته ٻار
سچ
ڳالهائڻ کان
ڪو
نه ڪيٻائيندو
آهي
چاهي اُهو
سچ
وقت جي
بادشاهه يا
آمر
خلاف ڇو
نه
هُجي.“
سيمينار جي
صدارتي تقرير
ڪندي
سجاد ظهير
چيو
ته آئون
هن
ننڍڙي شهر
۾
هزارين ٻارڙا
گڏ
ڏسي اهو
کلي
عام چئي
سگھان ٿو
ته
اسين ٻارڙا
پنهنجي جمهوري
حقن
کان واقف
آهيون هن
چيو
ته اسان
کي
سابقه دور
۾
موهن
جو درو
بچايو سيمينار
ڪرڻ
نه ڏنو
ويو
پر اڄ
اسان
هيڏو وڏو
پروگرام ڪري
سگهون ٿا.
ان
ڪري جمهوريت
ٻارن
لاءِ لازمي
آهي.
تقريرن کان
پوءِ
ٽين ويهڪ
راڳ
رنگ جو
پروگرام شروع
ٿيو.
جنهن ۾ مزاحيه
خاڪا، هو جمالو،
رقص
۽
ٻيا آئيٽم
پيش
ڪيا ويا.
جن
۾
خادم سخيراڻي،
فاروق انور
سولنگي، شير
ملاح، سعيد
منگي، ظفر
سولنگي، فاروق
سومرو، هارون
پنهور
۽ٻين فنڪارن
شرڪت
ڪئي.
اهڙي
طرح هي
تاريخي پروگرام
رات
جي پوئين
پهر
تائين جاري
رهيو
۽
هو جمالو
سان
پڄاڻي تي
پهتو. |