هنن سان ملو
-1744 نالو: غلام سرور خاصخيلي پڙهندڙ: اٺون اي. عمر: 14 سال.
وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ رسالا پڙهڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول دولت پور صفن، تعلقه مورو.
-1745 نالو: ممتاز علي پليجو. پڙهندڙ: اٺون عمر: 10 سال. وندر:
گل ڦل رسالو پڙهڻ. ائڊريس: حاجي احمد دڪاندار،
جنگشاهي.
-1746 نالو: رشيد احمد شيخ. پڙهندڙ: نائون اي. وندر: ڪرڪيٽ
کڏيڻ. عمر: 14 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
قمبر.
-1747 نالو: درشن لعل ريجهواڻي پڙهندڙ: نائون اي. عمر: 14 سال.
وندر: خطن جاجواب ڏيڻ. ائڊريس: درشن لعل ريجهواڻي
گورنمينٽ هاءِ اسڪول، لاڙڪاڻو سنڌ.
- 1748 نالو: محمد فاروق اعظم ميمڻ، پڙهندڙ: ڏهون بي. عمر: 14
سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: موساڻي محلو،
ڏيپلو وايا عمرڪوٽ.
-1749 نالو: سعيد احمد آگاڻي پڙهندڙ: ستون. عمر: 12 سال. وندر:
والي بال کيڏڻ ائڊريس: ڳوٺ آگاڻي اسٽيشن ماهوٽا،
ضلعو لاڙڪاڻو سنڌ.
- 1750نالو: علي اطهر خاصخيلي پڙهندڙ: چوٿون. عمر: 9 سال. وندر:
ادب پڙهڻ جي تبليغ ڪرڻ ائڊريس: راز ميڊيڪل اسٽور،
فريدآباد وايا ميهڙ.
-1751 نالو: عبدالرشيد رند. پڙهندڙ: ڏهون. عمر: 16 سال. وندر:
قلمي دوستي رکڻ ۽ سنڌي ادب پڙهڻ. ائڊريس: شاهنواز
رند ڪريانه مرچنٽ، جوهي.
-1752نالو: لطف علي چانڊيو عمر: 14 سال. وندر: گل ڦل سان پيار
قلمي دوستي رکڻ ائڊريس: راز ميڊيڪل اسٽور،
فريدآباد وايا ميهڙ.
1753 نالو: مظهر علي خاصخيلي پڙهندڙ: ٻيو. عمر: 7 سال. استادن
جو ادب. ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول، فريدآباد
وايا ميهڙ.
-1754 نالو: غلام شبير خاصخيلي عمر: 8 سال. وندر: گهر ڪم ڪرڻ.
پڙهندڙ: ٻيو. ائڊريس: راز ميڊيڪل اسٽور، فريدآباد
وايا ميهڙ.
-1755 نالو: علي اصغر خاصخيلي عمر: سورنهن سال. وندر: قلمي
دوستي رکڻ ائڊريس: پرائمري اسڪول فريدآباد وايا
ميهڙ.
1756 نالو: محمد ابراهيم ڪڇي پڙهندڙ: ڇهون اي . عمر: 11 سال.
وندر: فوٽ بال کيڏڻ ۽چرچا ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول جهڏو تعلقو، ڊگهڙي.
-1757نالو: عبدالرحمان ميمڻ عمر: 12 سال. پڙهندڙ: ڇهون. وندر:
فوٽ بال کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول جهڏو،
تعلقو ڊگهڙي.
-1758 نالو: نثار احمد ميمڻ پڙهندڙ: ٽيون . عمر: 9 سال. وندر:
شرارتون ڪرڻ. ائڊريس: گهر نمبر 202 ميمڻ محلو
جهڏو، تعلقو ڊگهڙي.
-1759 نالو: ميوو خان هوت پڙهندڙ: اٺون اي. عمر: 14 سال. وندر:
رسالو پڙهڻ، ڪرڪيٽ کيڏڻ، ائڊريس: ميرمحمد بلوچ ملز
جهڏو تعلقو ڊگهڙي.
-1760 نالو: محمد سليم الدين پڙهندڙ: ڇهون اي. عمر: 12 سال.
وندر: ڪرڪيٽ ۽ستوليابال کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول. جهڏو. تعلقو ڊگهڙي.
-1761 نالو: دلشاد علي خواجه پڙهندڙ: ڇهون اي. عمر: 12 سال.
وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول جهڏو، تعلقو ڊگهڙي.
-1762 نالو: محمد اقبال ميمڻ، پڙهندڙ: ڇهون اي. عمر: 10
سال.وندر: شرارت ڪرڻ، ۽ ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول جهڏو، تعلقو ڊگهڙي.
1763 نالو: چيتن داس ميگهواڙ پڙهندڙ:ڇهون اي. عمر: 11 سال.
وندر: درسي ڪتاب پڙهڻ، شرارت ڪرڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول جهڏو، تعلقو ڊگهڙي.
-1764 نالو: طارق پاشا ميمڻ، پڙهندڙ: اٺون اي. عمر: 13 سال.
وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ هاڪي راند کيڏڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول جهڏو، تعلقو ڊگهڙي.
-1765 نالو: محمد درس جتوئي. پڙهندڙ: ڏهون بي. عمر: 15 سال.
وندر: ادب پڙهڻ ۽ راند کيڏڻ ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول نيو جتوئي، تعلقو مورو.
- 1766 نالو: مقبول احمد ميمڻ پڙهندڙ: نائون بي. عمر: 13 سال.
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
نيو جتوئي، تعلقو مورو،
-1767 نالو: غلام حسين بهراڻي پڙهندڙ: نائون بي. عمر: 13 سال.
وندر: اسلامي ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِاسڪول نيو جتوئي، تعلقو مورو.
-1768 نالو: عزيز الله ڪيهر پڙهندڙ: اٺون بي. وندر: انگريزي سکڻ
جو شوقين.عمر: 12 سال. ائڊريس: هاءِ اسڪول وارهه.
ضلعو لاڙڪاڻو.
-1769 نالو: خدابخش بروهي پڙهندڙ: اٺون بي. عمر: 17 سال. وندر:
ڊرائينگ جو شوقين ائڊريس:هاءِ اسڪول وارهه، ضلعو
لاڙڪاڻو.
-1770نالو: افروز علي ڪيهر پڙهندڙ: نائون بي . عمر: 14سال
وندر: حساب پڙهڻ ۽ لکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِاسڪول وارهه. ضلعو لاڙڪاڻو.
- 1771نالو: شاهد حسين شاه پڙهندڙ: اٺون. ڪلاس عمر: 13 سال.
وندر: شرارت ڪرڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ ائڊريس: پوسٽ باجارا،
تعلقو سيوهڻ.
-1772 نالو: محمد يوسف سوڍو پڙهندڙ: اٺون بي . عمر: 17
سال.وندر: انگريزي سکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول وارهه ضلعو لاڙڪاڻو.
-1773 نالو: عبدالقادر پڙهندڙ: اٺون بي. عمر: 14 سال. وندر:
اسلامي ڳالهين جو شوقين ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول وارهه، ضلعو لاڙڪاڻو.
-1774 نالو: قمرالدين آريجو پڙهندڙ: اٺون بي. عم: 16 سال.
وندر: راڳ ڳائڻ جو شوقين ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِاسڪول وارهه، ضلعو لاڙڪاڻو.
-1775 نالو: نزاڪت علي چانڊيو: پڙهندڙ: اٺون بي. عمر: 12سال.
وندر: انگريزي سکڻ جو شوقين. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول وارهه، ضلعو لاڙڪاڻو.
- 1776طفيل احمد کوسو پڙهندڙ: ستون. عمر: 15 سال. وندر: گل ڦل
پڙهڻ ڊرائينگ ڪڍڻ ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
وارهه، ضلعو لاڙڪاڻو.
-1777نالو: نثار احمد کوسو پڙهندڙ: پنجون عمر: 10 سال. وندر:
راند ڪرڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: پرائمري اسڪول،
تنگواڻي وايا جيت شهيد.
- 1778 نالو: اعجاز حسين ميمڻ پڙهندڙ: ڏهون بي. عمر: 15 سال.
وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِاسڪول
مٽياري.
-1779 نالو: عبدالوهاب مڱريو پڙهندڙ: نائون. عمر: 13 سال.
وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول، ميرپور ٻرڙو.
-1780 نالو: قائم الدين شاد. پڙهندڙ: ڏهون. عمر: 14 سال. وندر:
ٽيلرنگ ڪرڻ. قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول، ميرپور بٺورو.
- 1781 نالو: اڪبر علي ٻرڙو، پڙهندڙ: ڏهون. عمر: 14 سال. وندر:
تعليم سان وڌيڪ چاهه رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول، ميرپور ٻرڙو.
-1782 نالو: عبدالرزاق ڪورائي، پڙهندڙ: ڇهون. عمر: 11 سال.
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: مولابخش ڪورائي نيو پلا
عزيز منزل مورو.
درستي
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت 7 جي نتيجي ۾ ساڄي کان کاٻي پهريون
”ويهٺي“ لکجي ويو آهي. جيڪو ويهي ڪري پڙهڻ گهرجي.
_ ادارو
گل ڦل رسالي طرفان 1979ع ۾ بهترين سوکڙي
ٻارن جو عالمي سال نمبر
1400 سؤ رپين جا روڪ انعام ڏيڻ جو اعلان
سنڌي ادبي بورڊ طرفان نڪرندڙ ماهوار رسالي گل ڦل جو ’ڊسمبر
1979 وارو پرچو ’ٻارن جو عالمي سال نمبر‘ ڪري
ڪڍيو پيو وڃي. 1979ع ٻارن جو عالمي سال آهي. اسان
هونئن ته سڄو سال هر پرچي ۾ عالمي سال بابت ڪجهه
نه ڪجهه مواد ڏيندا پي آيا آهيون. پر سال جي
پڄاڻيءَ تي هڪ خاص نمبر ڪڍي رهيا آهيون، جيڪو 150
صفحن تائين هوندو. هن نمبر ۾ سنڌ جي مشهور شخصيتن
جا احوال، ٻارن جي تنظيمن جون ڪار گذاريون، ٻارن
طرفان عالمي سال جي باري ۾ تاثرات، ڪهاڻيون شعر ۽
مستقل ڪالمن کان سواءِ انعامي مضمونن جو مقابلو پڻ
ڪرايو پيو وڃي.
هن مقابلي جا ٻه حصا آهن. پهرئين حصي ۾ اهي ٻار حصو وٺندا جيڪي
ستين جماعت تائين پڙهندا هوندا. انهن ٻارن لاءِ
مضمون جو عنوان آهي:
علم وڏي دولت آهي
مضمون سٺن اکرن ۾، پني جي هڪ پاسي اهڙيءَ طرح لکڻ کپن جي هڪ
هزار کان پندرهن سؤ لفظن تائين هجن. ججن جي فيصلي
مطابق، هيٺئين موجب روڪ انعام ڏنا ويندا:
پهرئين نمبر کي ٻه سؤ پنجاهه رپيا
ٻئي نمبر کي ٻه سؤ روپيا
ٽئين نمبر کي ڏيڍ سؤ روپيا
ٻئي حصي ۾ اهي ٻار حصو وٺندا، جيڪي اٺين کان ڏهين جماعت تائين
پڙهندا هوندا. (جن ٻارن هن سال مئٽرڪ ڏني آهي، اهي
به حصو وٺي سگهن ٿا. انهن کي گهرجي ته سرٽيفڪيٽ جو
نقل / فوٽو اسٽيٽ/ هيڊ ماستر جو سرٽيفڪيٽ ) شامل
ڪن.) انهن ٻارن لاءِ مضمون جو عنوان آهي.
ترقي جو راز محنت ۾ سمايل آهي
مضمون سٺن اکرن ۾ پني جي هڪ پاسي اهڙيءَ طرح لکڻ کپن جي پنڌرهن
سؤ کان ٻن هزار لفظن تائين هجن. ججن جي فيصلي
مطابق هيٺئين موجب روڪ انعام ڏنا ويندا.
پهرئين نمبرکي ٽي سؤ پنجاهه روپيا
ٻئي نمبر کي ٻه سؤ پناجهه روپيا
ٽئين نمبر کي ٻه سؤ روپيا
سڀني حصو وٺندڙ ٻارن کي گهرجي ته پنهنجا مضمون اهڙيءَ طرح
ڏياري موڪلين جي اسان وٽ 10 آڪٽوبر 1979ع کان اڳ
پهچي وڃن. مضمون سان گڏ پنهنجي اسڪول جي هيڊ
ماستر جو سرٽيفڪيٽ ضرور شامل ڪرڻ گهرجي ته هو ڪهڙي
جماعت جو شاگرد آهي. سرٽيفڪيٽ شامل نه هوندو ته
مضمون مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا. ٻارن کي پنهنجن
مائٽن ۽ وڏن اديبن کان هي مضمون لکرائڻ نه کپن پر
پنهنجي ذهني سوچ سان تکي پاڻ کي مانائتو ڪرڻ کپي.
هي روڪ انعام سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٻارن جي عالمي سال جي موقعي
تي ٻارن جي همت افزائيءَ لاءِ ڏنا پيا وڃن. اوهين
به حصو وٺو. ممڪن آهي ته انعام حاصل ڪريو. مضمون
هيٺئين ائڊريس تي موڪلڻ کپن.
ايڊيٽر گل ڦل
پوسٽ باڪس -12 حيدرآباد سنڌ
ٻن سؤ روپين جي شاندار ورڇ
ٽن ٻارن جا جواب هڪ غلطيءَ ۾ آيا
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت نمبر 7 جو نتيجو ظاهر
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت -7 جو نتيجو 19 آگسٽ 1979ع صبح جو ڏهين
وڳي حصو وٺندڙ ٻارن (جيڪي ان وقت موجود هوا) جي
روبرو مسٽر ظفر حسن مئنيجنگ ايڊيٽر گل ڦل ظاهر
ڪيو. نتيجو هن ريت آهي:
ساڄي کان کاٻي
1- ويهٺي. 4- فال. 5- وت. 6- جر. 7- واهه. 8- ٽئگور.
مٿان کان هيٺ
2- رياض. 3- نست. 5- وهائو. 6- جتن.
سڄي صحيح ۾ ڪو به نه آيو. هيٺين ٽن ٻارن جا جواب هڪ غلطيءَ ۾
آيا.
1- رامون مل ڪوهستاني معرفت چانڊيو مل ڪريانه مرچنٽ قاضي احمد
ضلعو نواب شاهه. 2- غلام مرتضيٰ سنڌي گهر نمبر
B
– 1473 ريشم گلي لاڙڪاڻو. 3 بشير احمد ميمڻ بئراج
ڪالوني حيدرآباد.
انعام جي رقم ۾ هڪ رپيو واڌ آڻي گذريل ماهه جي رهيل انعام هڪ
سؤ رپيه گڏي جملي ٻه سؤ هڪ رپين جا ڪتاب هر هڪ کي
ستهٺ رپين جا هيٺيان ڪتاب موڪليا پيا وڃن:
1- اهي ڏينهن اهي شينهن 2- جادو ۽ سائنس ٽي ڀاڱا 3- اقتصادي
انصاف 4- آمريڪي لوڪ ڪهاڻيو. 5- دلارام.
هن چٽاڀيٽيءَ ۾ ڪل 912 ٻارن حصو ورتو. جن مان 8 ٻارن جا خاڪا
شرطن ۽ هدايتن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري رد ڪيا ويا باقي
1255ٻارن جا خاڪا ڇٽاڀيٽيءَ ۾ آيا.
هن ڳجهارت جو سلسلو ٻارن جي ذهني پرک ۽ اوسر لاءِ جاري ڪيو ويو
آهي. انڪري ٻارن کي گهرجي ته هن ۾ ڀرپور حصو وٺن.
ٿورڙي سوچ سان سولن جملن جا خال ڀري سگهجن ٿا.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت -9
هڪ سؤ رپين جو انعام
پهچڻ جي آخري تاريخ : 16 – آڪٽوبر 1979ع
نتيجو کلڻ جي تاريخ: 17- آڪٽوبر 1979ع
سامهون صفحي تي ڏنل خاڪي ۾، خالي خانن ۾ اکر اهڙيءَ طرح ڀريو جو
هيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ با مطلب ٿي وڃن. جملن ۾ جيئن
ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ نمبر ڏنا ويا آهن،
ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن. خاڪو ۽ ڪوپن ڀري، هن
رسالي مان ڦاڙي اسان ڏانهن مٿئين تاريخ کان اڳ
ڏياري موڪليو. لفافي تي گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت -9
لکڻ ضروري آهي. ڪوپن ۽ خاڪو پوسٽ ڪارڊ تي چنبڙائي
به موڪلي سگهو ٿا.
جيڪي خانا ڀريل آهن انهن کي هٿ نه لايو. انهن کي دل ۾ سوچي
ڇڏيو. رڳو خالي خانا ڀرڻا آهن.
صحيح جواب تي هڪ سؤ رپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جي گهڻن
حصو وٺندڙن جا جواب صحيح هوندا ته انهن ۾ هڪ جيترن
روپين جا ڪتاب ورهايا ويندا. جي صحيح ڪوبه نه آيو
ته اهو انعام هڪ غلطيءَ وارن ۾ ورهايو ويندو. جي
هڪ غلطيءَ ۾ ڪو به نه هوندو ته اهو انعام ٻي مهيني
سان گڏي ورهايو ويندو.
هن رسالي ۾ آخري صفحي تي ڏنل شرط ۽ هدايتون ضرور پڙهو ۽ انهن
تي عمل ڪري خاڪو ڀري موڪليو.
ساڄي کان کاٻي
3- سجاڳ قوم جي سڄاڻ ٻارن کي اڳتي وڌي------- اهڙو ڪم ڪري
ڏيکارڻ گهرجي، جنهن سان ملڪ توڙي قوم جو ناماچار
وڌي سگهي.
4- ڳالهائڻ به هڪ فن آهي. ڪي کل کل ۾ اهڙي ڳالهه چئي--------
آهن جو اڳلي کي محسوس ئي نه ٿيندو.
7- خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي جو اڄ ڪلهه سنڌ جا ------- مقصد ۽ ڪم
وارين لکڻين ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳا آهن.
8- هڪ بادشاهه هڪ جهور پوڙهي مالهيءَ کي هڪ ميويدار وڻ جي چڪي
باغ ۾ ويهاريندي ڏسي چيو ته ”پوڙها! تنهنجو هي
لڳايل ٻوٽو گهڻن سالن کانپوءِ ----- ڏيندو؟“
مٿان کان هيٺ
1- اها ماءُ جي ---- ئي آهي جنهن ۾ نپجي پلجي ٻار کي ڌرتيءَ
لاءِ حب ۽ پيار پيدا ٿو ٿئي.
2- بئراميٽر جو ايجاد ڪندڙ------- جنهن جو (و) گم آهي.
3- سوريءَ سڏ ٿيو.-------- هلندي جيڏيون. (شاهه)
5- سنڌ جي مشهور ڍنڍ----------- جنهن جي ڪپ تي شاهه لطيف جي
درگاهه آهي.
6- پنهنجا ته وري به پنهنجا ٿين ٿا پر پراوا به جي --------
ڏيئي ٻار جي دل وڌائيندا ته اهي پنهنجن کان به
وڌيڪ پيارا ٿي پوندا آهن.
7- نه هوندو ته ٻلي ۽ ڪوئي واريءَ ڊوڙ ۾ ڪوئو ضرور هارائيندو.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت _ 9
ڪوپن _ 9
آئون سڀني شرطن ۽ هدايتن کي مڃي خاڪو ڀري موڪليان ٿو / ٿي.
نالو: _____________________________________________
پوري ائڊريس:____________________________________
هدايتون ۽ شرط
پنهنجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجهارت واري خاڪي ۾ خال ڀري کٽل
اکر لکي ان سان لاڳيتو ڪوپن ڀري، رسالي مان ڦاڙي
موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي پني يا ليڪيل خاڪي تي
جواب قبول نه ڪيا ويندا.
مقرر تاريخ کانپوءِ پهتل جواب مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا.
ڳجهارتن جي جوابن موڪلڻ واري لفافي ۽ ٻيو مواد ڀلي موڪليو.
هڪ ئي نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا. پر هر خاڪي سان
گڏ ڪوپن هجڻ ضروري آهي. اهي خاڪا گل ڦل مان ڪٽيل
هجن. جداجدا نالن سان هڪ لفافي ۾ ڪيترائي خاڪا به
موڪلي سگهجن ٿا.
لفافي جي مٿان گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لکڻ ضروري آهي ۽ پوسٽ باڪس
12 حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ کپي. پوسٽ ڪارڊ تي
خاڪو ۽ ڪوپن ڀلي چنبڙائي موڪليو.
صحيح نتيجو، کلڻ واري تاريخ جي ٻي ڏينهن روزنامه عبرت، سنڌ
نيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي
ويندي.
صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري سيڪريٽري سنڌي ادبي
بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو ويو آهي. جيڪو مقرر
تاريخ تي ڪڍي کوليو ويندو.
صحيح جواب تي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جي هڪ
کان وڌيڪ ٻارن جا جواب صحيح هوندا ته انهن سڀني ۾
هڪ جيترو انعام ورهايو ويندو. جي صحيح جواب نه
هوندو ته اهو انعام هڪ غلطيءَ وارن ۾ ورهايو
ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪو به نه آيوته اهو انعام
ايندڙ مهيني جي ڳجهارت ۾ وڌائي ڏنو ويندو.
ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪا مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا.
هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن کي مڃڻ لاءِ سڀ
حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا ۽ ان کي ڪنهن به عدالت ۾
چئلينج نه ڪري سگهبو.
|