ڳالهه ٻولهه
پياراٻارؤ،
وقت هڪ قيمتي ۽ املهه ماڻڪ آهي. جنهن کي وڃائڻ يا ان جو قدر نه
ڪرڻ سخت هاڃيڪار آهي. وقت ساٿي به آهي ته ويري به.
وقت گذرندو رهي ٿو، ڪنهن جي لاءِ به اوسيڙو ڪونه
ٿو ڪري. جيڪي سڄاڻ، وقت جو فائدو وٺن ٿا اهي
سدائين فائدي ۾ رهن ٿا. جن وقت کي نه سڃاتو ۽ ان
جو فائدو نه ورتو، اهي هروقت گهاٽي ۾ آهن. وقت
گذارڻ جا به ڪئين طريقا آهن. پنهنجو وقت سڦلو ڪرڻ
لاءِ عاقل ماڻهن ان جي ورڇ ڪئي آهي، جيئن درجي به
درجي سڀڪو ڪم سولائيءَ سان ٿي سگهي. اهوئي سبب آه
جو سياڻن جو قول آهي ”راند جي وقت راند ڪريو ۽ ڪم
جي وقت ڪم ڪريو.“ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ به انڪري ئي
وقت جي مناسبت سان پيرڊ مقرر ڪيا ويندا آهن، جيئن
هرڪو ڪم ان ور ڇيل وقت ۾ ٿي وڃي. ماني کائڻ، نماز
پڙهڻ، راند روند ڪرڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ به ورڇ ڪرڻ
کپي. اهو ٻار، دنيا جو ڪامياب ۽ خوش نصيب ٿي سگهي
ٿو، جنهن وقت جو صحيح فائدو ورتو.
هن ديس ۽ ڌرتيءَ جي آئيندي جون واڳون اوهان کي ئي. سنڀالڻيون
آهن، پر ان ۾ قابل اوهين تڏهين ٿيندا، جڏهين وقت
جو قدر ڪندا. پنهنجي پنهنجي سڄي ڏينهن جي پروگرام
کي ورڇيل وقت تي عمل ۾ آڻيو ته ان طرح سان نه رڳو
اوهان جي حياتي سڦلي گذرندي پر اوهان کي دلي سڪون
۽ راحت به ملندي. ان ڪري اوهان سڀني کي گهرجي ته
وقت جو قدر ڪريو، ۽ هرڪو ڪم اهڙي پروگرام سان
ڪريو، جو وقت اندر پورو ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته ويل وقت
وري هٿ نه ايندو ۽ جيڪڏهين وقت هٿان هليو ويو ته
پوءِ پڇتائڻ مان ڪجهه به نه ورندو.
اسان کي اميد آهي ته سنڌ جا ٻار وقت جو ضرور قدرڪندا.
اوهان جو ڀاءُ
انور هالائي.
سچائي جا ڪرڻا
قرآن پاڪ
تون پنهنجي دل جي ڳالهه لڪائين يا ظاهر ڪرين پر خدا توکان هر
ڳالهه جو حساب ضرور وٺندو. (2- پارو)
جيڪڏهن الله تعاليٰ تنهنجي مدد ڪري ته توتي ڪو به غالب اچي ڪونه
سگهندو. ۽ جيڪڏهن الله تنهنجو ساٿ ڇڏي ڏنو ته پوءِ
ان کان سواءِ ٻيو ڪير تنهنجي مدد ڪري سگهندو. (4-
پارو)
توهين سست نه ٿيو ۽ نه اجايو بي همت بنجي پاڻ ئي دشمن کي صلح
لاءِ آڇ ڪريو. اوهين انهن تي غالب رهندو. (26-
پارو)
انسان کي رڳو اهوئي ملي ٿو جنهن لاءِ هو ڪوشش ڪري ٿو. (27-
پارو)
حديث شريف
انس رضه جو چوڻ آهي ته حضور رسول پاڪ جن فرمايو ته معراج جي رات
(جڏهن مون کي آسمانن تي نيو ويو) منهنجو لنگهه
اهڙن وٽان ٿيو، جن جا چپ باهه جي ڪئنچين سان ڪپيا
پي ويا، مون جبرئيل کان پڇيو ”هي ڪير ماڻهو آهن؟“
هن جواب ڏنو ته ”هي اوهان جي امت جا خطيب (وعظ
ڪندڙ) آهن جيڪي اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا جن تي هو
پاڻ عمل ڪونه ڪندا هئا. (ترمذي)
حضرت ابو هريره جي روايت آهي ته حضور رسول پاڪ جن فرمايو ته
جيڪو ماڻهو خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو،
ان کي پنهنجي مهمان جي عزت ڪرڻ گهرجي. (بخاري ۽
مسلم)
حضرت جرير بن عبدالله جو بيان آهي ته حضور رسول پاڪ جن فرمايو
ته جيڪو ماڻهو ٻين تي رحم نٿو ڪري، الله تعاليٰ ان
تي رحم نٿو ڪري. (بخاري ۽ مسلم)
حضرت ابوذر رضه جي روايت آهي ته حضور رسول پاڪ جن فرمايو ته
تدبير جي آڏو عقل ڪجهه به نه آهي. (بيهقي)
لطيفي لات
ٽيئِي پَرچِيا پاڻَ ۾، تَندُ ڪَٽارو، ڪَنڌُ،
تَنهِن جهوئي ناههِ ڪي، جوتو، چارڻ! ڪيو پنڌُ،
ايُ شُڪُر اَلَحَمدُ، جِئن مَٿو گهُريوءِ، مَڱڻا!
(شاهه) – ڪلياڻ آڏواڻي وارو نسخو.
هي بيت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر سورٺ ۾ داستان چوٿين
جو ستون بيت آهي.
سمجهاڻي:
ٻيجل جي سرندي جي تند، سندس ڪاتي ۽ راءِ ڏياچ جي سسي، ٽيئي پاڻ
۾ ٺاهه ڪري هڪ ڳالهه (راجا جي موت) تي متفق ٿيا.
راءِ ڏياچ ٿو چوي: اي چارڻ! تو جو پنڌ ڪيو آهي،
تنهن جهڙو املهه فيض جهان ۾ ٻيو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته
مرشد ڪامل پاڻ طالب وٽ ڪهي اچي، سو هڪ بي بها فيض
آهي. اي مڱڻهار! ڌڻيءَ جو شڪر ۽ واکاڻ جڳائي، جو
تو رڳو مون کان سر گهريو آهي، ۽ ٻيو ڪجهه نه گهريو
آهي، ۽ اهڙي شيءِ نه گهري جا آئون ڏيئي نه سگهان
ها.
معنيٰ:
پرچيا
=
ٺهي ويا، راضي ٿيا. جهوئي
=
جهڙوئي. شڪرالحمد
=
ڌڻيءَ جي واکاڻ ۽ شڪر جڳائي. مٿو=
سر.
طاهر سنڌي
ٻاراڻا ٻول
امان ڙي امان
پئسا ڏي ته وٺان
ڪاڪي خانڻ کان
چنڊ پشم گولو.
اونهارو آيو
بابي مون لئه سبرايو
سهڻو ململ وارو
نئون نئون چولو.
علم پڙهڻ سان
ڌيان ڏيڻ سان
محنت ڪرڻ سان
امتحان آهي سولو.
اچو ته ٻارو
وٺون چانهه سهارو
ڏاڍو تپش وارو،
لڳي پيو جهولو.
شفن مڱريو
ڀت تي ڪانو
ڀت تي ڪانو
ادو منهنجو لاڙ
پوءِ به اسان لئه ڇانو.
ڀت تي جهرڪي
ڊوهه کي ڊاهڻ لئه
ٻڌي اسانجي پڪي.
ڀت تي ڇيلو
ميلن ۾ ميلو
ڀٽائي جو ميلو.
ڀت تي ڪبوتر
جيڪي ڪندا محنت
سيئي کڻندا نمبر.
ڀت تي ٻار
رکوالو جنهن جو
سائين آستار.
بردو سنڌي
ڪانگ
ڪانگا تنهنجي سمجهي ڪير،
تو ڇو ”ڪان ڪان“ لاتي آ،
اچي اڱڻ تي صبح سوير،
تو ڇو ”ڪان ڪان“ لاتي آ،
اُڏي وڃ اياڻا ڪانگا،
تير سان تنهنجا ٿيندا گهانگها،
هتڙي پاڻ کي مور نه هير،
ته ڇو ”ڪان ڪان“ لاتي آ،
ڪنهن کان ڳڀو کسڻ لاءِ آئين،
ايڏي اُٻهر، ”ڪائين ڪائين“،
ٻار ته اُٿندا اڃا اوير،
تو ڇو ”ڪان ڪان“ لاتي آ.
اندر ٻاهر ڪارو ڪارو،
گند کائي تون ڪرين گذارو،
من تنهنجي ۾ ميرئي مير،
تو ڇو ”ڪان ڪان“ لاتي آ.
ڪالهه علوءَ جي آک چُنڀايئه،
سِر سومر جي ٺونگو پايئه،
ٻارن سان آ تنهنجو وير،
تو ڇو ”ڪان ڪان“ لاتي آ.
هونئن ته ڪانگل سڏجين سياڻو،
پرجي، ڦاسين، پوءِاياڻو،
ڪير ڇڏايئي ٻيئي پير،
تو ڇو ”ڪان ڪان“ لاتي آ.
ڪڏهن ته قاصد ٿيندو هئين،
۽ خبرون خير جون ڏيندو هئين،
هاڻي تنهنجي دل ۾ غير،
تو ڇو ”ڪان ڪان“ لاتي آ.
حيدر شاهه
ٻلي
ٻلي منهنجي ڏاڍي پياري،
جنهن سان اٿم پڪي ياري.
گوشت جي هڪڙي کائي ٿالهي،
روز پيئي ٿي کير پيالي،
سونهن ۾ سڀ کان آهي نرالي،
ٽڪڙا ٽڪڙا ۽ اڇي ڪاري،
ٻلي منهنجي ڏاڍي پياري،
ڪوئن سان اٿس ڏاڍو وير،
ڪوئو شل نه چوري پير،
ماري ڪندس اتي ڍير،
تڏهن ته مون ڀي آهي ڌاري،
ٻلي منهنجي ڏاڍي پياري.
جڏهن وڃان گهر ۾ آئون،
ڪندي ايندي ميائون ميائون،
چوندي ويهه ته ماني کائون،
پڇ کي لوڏي هر واري،
ٻلي منهنجي ڏاڍي پياري.
هجي صبح يا هجي شام،
ڪوئا، جهرڪيون کائي جام،
نوڙي ڪري اتي روز سلام،
عادت هن جي آ سٺي ساري،
ٻلي منهنجي ڏاڍي پياري.
ادل سومرو
مامي ملوڪ جي شادي
الهه يار مڱڻهار.
ڳوٺ سڄي ۾ ڪئي منادي
مامي ملوڪ جي آهي شادي.
مامي جي شاديءَ جو
سڀني کي سڏ هو.
ڳوٺ جو هر نينگر،
پيءُسان گڏ هو.
شاديءَ جي ڏينهن تي
ديڳ هڪڙي دم تي.
مامي جي شادي ڄڻ
ڀٽائي جو ميڙو
ماڻهن جو ٿي پيو
ڀت تي جهيڙو.
مامي جي ڪنوار ڳاڙها
ڪپڙا پاتا
زالن نچندي
ڳيچ ٿي ڳايا،
ڪنن کان ٻوڙو
اک کان ڪاڻو
مامو ملوڪ پنهنجو
راڄن جو راڻو.
ونڊ ضرب ڪٽ جوڙ
مامي ملوڪ ٻڌا
ڳاڙها ڳاڙها موڙ.
موڙ ٻڌي مامو
گهوڙيءَ تي ويٺو.
گهوڙي هئي منڊي
مامي جي ڪنوار کنڊي.
کنڊي ڪنوار
ڪاڻو گهوٽ.
سڀني سڪا گهوريا
ڪنهن نه گهوريو نوٽ.
مامي ملوڪ جي
شاديءَ ۾ ڦڙڦوٽ.
شوڪت ابڙو
لغڙ اسان جو
اچو ته ٻارو لغڙ اُڏايون،
لغڙ اُڏائي دل وندرايون.
لغڙ آ پنهنجو رنگا رنگي،
ڳاڙهو ڪارو سائو گلابي،
جهالر جهرڪيدار آ جنهنجي،
پڇ اڃان ڀي اُن جو وڌايون،
اچو ته ٻارو لغڙ اُڏايون.
خانو تون وٺ ٿيءُ تيار،
هاڻي لغڙ کي بُل ڏيار،
ڏور وٺ تون خانو يار،
ڍارڍريءَ سان مٿي هلايون،
اچو ته ٻارو لغڙ اڏايون.
او هو اُڀ ۾ لغڙ اسان جو،
مٿي مڙن کان سرس سوايو،
ٽِڪ ٻڌي جنهن جس کٽايو،
وهه وا يارو ڀال ڀلايون،
اچو ته ٻارو لغڙ اُڏايون.
راڪٽ وانگي لغڙ لڳي پيو،
ڄڻ ته پريان ڪو باز اڏي پيو،
خلق سڄيءَ جو ڌيان ڇڪي پيو،
مڙو وهوڪجهه راند مچايون،
اچو ته ٻارو لغڙ اڏايون.
خديجه شيخ
پٿر جا انسان
”تنهنجو پيءُ آهي؟ ڪير آهي- جيئرو آهي“؟ ننڍڙو سانول ڇوڪريءَ
کان هڪڙي ساهيءَ ۾ سوال ڪندو ويو ۽ ڇوڪريءَ جواب ۾
صرف کلندي رهي- سانول وري پڇيس، تنهنجوپيءُ جيئرو
آهي؟ ۽ ڇوڪريءَ وري به ڪوجواب نه ڏنو- بس کلندي
رهي- هن جي ماءُ کي شايد سانول جا سوال ڏکيا لڳا.
تنهنڪري ڌيءَ جي بدران خود جواب ڏنائين. ”ها هن جو
پيءُ جيئرو آهي- تو ته ضرور ڏٺوهوندو. تنهنجي شهر
۾ رهي ٿو“! سانول کي ماءُ جي مداخلت اصل ڪانه وڻي-
مون ته ڪونه ڏٺو آهي- چئي هو اڳتي وڌي ويو. ڇوڪري
اڃا به بيٺي کلي- پر ڪنهن تي ! سوال ڪرڻ واري تي،
خلقيندڙ تي يا وري پيءُ جي مقدس رشتي تي! مون
جهاتي پائي هن جي اندر کي ڏسڻ چاهيو پر بي سود. هن
جي کل، اندر جا سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا.
مان هن جي پيءُ کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. شهر ۾ عاليشان بنگلي
۾رهندو آهي- مان جڏهن به هن جي بنگلي وٽان لنگهندي
آهيان، ته هڪ هڪ سوال اندر ۾ اڀرندو اٿم- ڇا اهو
سچ آهي، ته بنگلا جيترا وڏا ٿيندا ٿا وڃن، رهواسي
اوترا ننڍا ٿيندا ٿا وڃن؟ هن بنگلي جي وڏائي ۽
رهواسين جي ننڍائي جي نسبت ڇا هوندي؟ پر منهنجي
سوالن جا جواب ڪير ڏي! آئون اڳتي وڌي ويندي آهيان.
اڄ ڇوڪريءَ جي کل، مون کي وري هن بنگلي جي سامهون آڻي بيهاريو
آهي. ها، اها ڇوڪري جيڪا هڪ ماميءَ جي ڏنل پوتي
مٿي تي ڪري، ٻي ماميءَ جا ڏنل ڪپڙا بت تي ڍڪي ۽
ماروٽ جي ڏنل مٺائيءَ هٿ ۾ کڻي کلي رهي آهي!
دل ٿي چوي ڇوڪريءَ کي ساڻ ڪري بنگلي اندرگهڙي وڃان ۽ ان جي مالڪ
کان پڇيان ته آخر هن معصوم جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن جو
ڪهڙو جرم آهي؟ جنهن جي سزا هن کي پئي ملي؟ هي
پنهنجي پيءُ جو نالو به نٿي کڻي سگهي! پنهنجي
پيءُ کي ”بابا“ به نٿي چئي سگهي. چيوسين ته
تنهنجي شادي تنهنجي مرضي کان سواءِ تنهنجي مائٽڻ
ڪرائي. مڃيوسين ته تنهنجي ڳوٺاڻي زال تنهنجي
معيار موجب، تنهنجو ساٿ ڏيڻ جي لائق ناهي، پر هن
معصوم جو دنيا ۾ اچڻ تنهنجي مرضي ۽ خواهش جي
باعث آهي، پوءِ پنهنجي خواهش جي سزا هن معصوم کي
ڇو ٿو ڏين؟ هن کي انهن شفقتن کان ڇو محروم ڪيو
اٿئي؟ جيڪو هن جو حق آهي؟ هن کي ڇو پئدا ٿيندي ئي
يتيم ڪيو اٿئي؟ پر مون کي جواب ڪو به نٿو ڏي- شايد
هتي جا رهواسي صرف اهي ڳالهيون ٻڌندا آهن، جيڪي
اهي ٻڌڻ چاهيندا آهن، مان غلط جڳهه تي اچي وئي
آهيان. هتي ڪو ”بابا“ نٿو رهي. هي ڳوٺ ڪونهي هي
شهر جو ماڊرن بنگلو آهي- هتي ”بابا“ نه پر ”ڊيڊي“
رهي ٿو ۽ ”ڊيڊي“ فقط انهيءَ کي سڃاڻي ٿو جيڪو
”ڊيڊي“ ڪري سڏي ٿو- هتي ڪوبه ”بابا“ نٿو رهي- جيڪو
منهنجي ڳالهه ٻڌي سگهي، جنهن جو رت اولاد کي ڏسي
جوش ۾ اچي ۽ هو ڊوڙي وڃي، ورهين جي اڃايل ڌيءَ کي
پيار جو پيالو پياري. هتي ڪو بابا ڪونهي، جيڪو هن
معصوم جي اکين جون ڳالهيون پڙهي. دل ۾ درد محسوس
ڪري هتي ڪو بابا ڪونهي- جنهن کي هن ڇوڪريءَ جي کل
جا ڌماڪا سجاڳ ڪري سگهن!
شايد....... شايد هتي پٿر جا انسان رهن ٿا، جن وٽ جسم ته آهن،
پر دل احساس کان محروم!!
(زيب ادبي مرڪز حيدرآباد جي ڇپايل ڪتاب ”اکڙيون ميگهه ملهار“
تان ورتل.) |