سوني جهرڪي ۽ ڏيڏر
هڪ باغ ۾ هڪ سوني جهرڪي رهندي هئي. باغ ۾ جدا جدا قسمن جا سهڻا
۽ خوبصورت گل ۽ وڻ هئا، جن جي خوشبوءِ ۽
خوبصورتي تي عاشق ٿي باغ ۾ سڄو ڏينهن گلن جي
سهڻن جهومندڙ ٽارين تي لڏندي، ۽ گيت ڳائيندي رهندي
هئي.
باغ جي ان ڪنڊ کان ٿوري پنڌ تي سم جي پاڻيءَ ۾ هڪ ڏيڏر رهندو
هيو، هڪ ڏينهن ڏيڏر خيال ڪيو ته گهڻا ڏينهن ٿي ويا
آهن ٻاهر گهمڻ ئي ڪونه ويو آهيان. سو اهو خيال
ڪري ڪاريءَ سم جي کڏ مان ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجي بي
سُري آواز ۾ ڳائيندو وڃي ان باغ جي ڪنڊ ۾ پهتو،
جتي اها جهرڪي رهندي هئي. ڏيڏر به ٿڪجي پيو هو، سو
چپ ڪري باغ ۾ هڪ ٻوٽي جي هيٺان ويهي رهيو. جنهن
تي سوني جهرڪي لڏي رهي هئي. اوچتو جهرڪيءَ جي نظر
ڏيڏر تي پئجي وئي. جيڪو ڪاريءَ گپ ۾ ڀريو پيو هو
تنهن کان سونيءَ جهرڪي پڇيو ته ”ادا!ڪير آهين؟
ڏيڏر جواب ڏنس ته آدي مون کي ڏيڏر چوندا آهن.“
سوني جهرڪيءَ کي ڏيڏر جي حال تي رحم آيو. تنهن
ڏيڏر کي چيو ته ”ادا، تو گپ ۾ ڀريو پيو آهين، هن
صاف پاڻي ۾ تڙ ڪر“ ڏيڏر کي ته رڳو سوني جهرڪيءَ
جي چوڻ جي دير هئي. ڇو ته هن ڪڏهن نه گل ڏٺا هئا
نه خوشبوءِ نه وري اهڙو صاف پاڻي. هو ته هميشہ
ڪاري گپ ۾ گذاريندو هو سو هن جي ته الله ٻڌي. هو
يڪدم انهي صاف پاڻي ۾ ٽپي پيو ۽ ٽٻيون هڻن لڳو. هن
کي ته پاڻي وڻي ويو سو خوب وهتو. آخر ٻاهر نڪتو ۽
سوني جهرڪي جو شڪرانو بجا آڻڻ لڳو.پوءِ ته ڏيڏر
باغ مان نڪرڻ واري ئي نه ڪئي. ۽ اُتي ئي رهي پيو.
سوني جهرڪي به ان مان ناراض نهَ هئي. جيئن جيئن
ڏينهن گذرڻ لڳا، تيئن تيئن ڏيڏر ۽ سوني جهرڪيءَ
جي دوستي وڌندي وئي. هڪ ڏينهن جهرڪيءَ ڏيڏر کي
چيو ”ادا اڄ تون راڳ ٻڌاءِ“. پهريائين ته ڏيڏر
نٽائڻ لڳو، پر سوني جهرڪيءَ جي زور ڀرڻ تي هن
مجبور ٿي راڳ ڳايو. جهرڪي کي هن جي آواز مان ڏاڍو
مزو آيو. تنهن هن جي آواز جي تعريف ڪئي ۽ ڏيڏر به
خوش ٿيو. پوءِ ڏيڏر به فخر مان جهرڪي کي راڳ ڳائڻ
لاءِ چيو. جهرڪي به هاڪار ڪري، گلن جي هڪ ٽاريءَ
تي لڏندي راڳ ڳائڻ لڳي. جڏهن بس ڪيائين ته ڏيڏر به
سندس بيحد تعريف ڪرڻ لڳو. پنهنجي ۽ جهرڪيءَ جي
آواز جي ڀيٽ ڪرڻ لڳو. ۽ سوچڻ لڳو ته جهرڪيءَ جو
آواز اهڙو سريلو ڪيئن ٿيو آ؟ ۽ منهنجو ...! پر
الائي ڇو؟ جڏهن جهرڪي گل جي ٽاريءَ تي لڏندي هن
کي ڳائن ٻڌائي رهي هئي ته ڏيڏر جي دل به هرکي پئي
ته جيڪر مان به جهرڪيءَ وانگر گلن جي ٽارين تي
لڏان سو هن اهو خيال ڪري جهرڪيءَ کي چيو ته ”تون
مٿي ۽ آئون هيٺ! سو اها ڳالهه مزي جي نه آهي. مون
کي به مٿي چڙهڻ جي ڪا ترڪيب سيکار.“ تنهن تي
جهرڪيءَ سوچي چيس ته ”وڃي ڪا نوڙي کڻي اچ“ ڏيڏر
ٽپ ڏيندو خوشيءَ ۾ نوڙي ڳولهڻ ويو. هن کان نوڙي
ته ڪونه لڌي پر هڪ سنهو ڌاڳو ڳولهي ڦولهي کڻي آيو.
۽ خوشيءَ مان جهرڪيءَ کي ٻڌايائين. جهرڪيءَ اڏامي
ڌاڳو وات ۾ کڻي هڪ ڇيڙو مٿي ڪنهن اٽڪل سان ٽاريءَ
۾ اٽڪايائين ۽ هڪ ڇيڙو هيٺ ڏيڏر جي لاءِ
ڊگهيريائين. ڏيڏر مٿي چڙهڻ جي خوشيءَ ۾ ڌاڳي کي
پيرن سان وٺي مٿي چڙهڻ لڳو پر ٻه ٽي ڀيرا ناڪام
ويو.
ڌڪ به چڱا خاصا ٿي آيس، پر هن انهن جي ڪا به پرواهه ڪونه ڪئي.
ڇا لاءِ هن کي ٽارين تي چڙهي لڏڻ جو دماغ تي ڀوت
سوار هيو.
نيٺ وري ڌاڳي کي وٺي چڙهڻ لڳو، هن ڀيري هي اڌ مفاصلي کان ڪجهه
مٿي ويو، پر اوچتو ڌاڳو ٽٽي پيو ۽ هن اچي هيٺ ڦهڪو
ڪيو ۽ کانئس رڙ نڪري وئي. سوني جهرڪي کان کل نڪري
وئي. ڏيڏر کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي، پر ڪري ڪجهه به نه
ٿي ڪري سگهيو. تنهن لاءِ کڻي چپ ڪيائين. ٻه ٽي
ڏينهن گذريا ته هن جي دل ۾ وري هڪ نئين خواهش جنم
ورتو. اها هيءَ هئي ته جيڪر! منهنجو رنگ به
سونيءَ جهرڪيءَ جهڙو هجي. سو هن اهو خيال ڪري،
سونيءَ جهرڪي جي رنگ جي تعريف ڪري کانئس پڇڻ لڳو
ته ”ادي! اهو تنهنجو رنگ اهڙو سونهري ڪيئن ٿيو
آهي؟“ تنهن تي جهرڪي چيس ته ”ادا! اهو رنگ الله
سائين بنايو آهي“ ڏيڏر خيال ڪيو ته جهرڪي مون کان
پڪائي ٿي ڪري. الله سائين اهڙو رنگ به رڳو هن جو
بنايو آهي؟ ڏيڏر خيال ڪيو ته اڄ جهرڪيءَ کي پرڀائي
ٻاهر وٺي وڃان. اتي هن کي ڦاسائي رنگ بابت پڇانس.
هن اهو خيال ڪري جهرڪي کي چيو ته ادي، گهڻا ڏينهن
گذري ويا آهن هل ته هلي اڄ ٻاهران گهمي ڦري اچون.
جهرڪيءَ به هاڪار ڪئي. هو ٻئي گهمڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ
لڳا. اڳ ۾ جهرڪي ۽ پٺيان ڏيڏر سوچيندو وڃي، ته هن
کي دماغ ۾ اٽڪل اچي وئي ۽ ٽپڪي ڏيندي رڙ ڪئي ۽
جهرڪيءَ کي چوڻ لڳو ته ”ادي! مري ويس. ڪنڊو لڳو
آ.“ جهرڪي رڙ ٻڌي هن وٽ آئي ۽ ڀر ۾ ويهي پڇڻ لڳيس
ته ”ادا! ڪٿي لڳو اٿئي؟“ جهرڪي جيئن ڪنڊو ڏسڻ لڳس
ته ڏيڏر کڻي پر ۾ چڪ وڌس، ۽ چوڻ لڳس ته ”ٻڌاءِ ته
هاڻي اهو رنگ توڪٿان ڪرايو آهي نه ته نه ڇڏيندو
سانءِ“. جهرڪي سوچڻ لڳي ته ڏاڍي ڦاٿي آهيان، سو
ٿوري دير بعد چوڻ لڳس ”ته ها، هاڻي ياد آيو آهي
هتان ٿوري پنڌ تي هڪ سوناري جو دڪان آهي. مان به
چوريءَ چوريءَ اندرگهڙي هڪ اندر پيل سوني پاڻيءَ
جي بالٽيءَ ۾ وهنجي آئي هيس.“ ڏيڏر ڏاڍو خوش ٿيو
سو هن کي چوڻ لڳو، ته مون کي به اتي وٺي هل. جهرڪي
۽ ڏيڏر ٻئي سوناري جي دُڪان ڏانهن هلڻ لڳا. آخراچي
پهتا.
جهرڪي ته اُڏامي اندرگهڙي وئي ۽ ڏيڏر ٽپڪيون ڏيندو اندر گهڙيو
ڏيڏر ڏاڍو خوش پيو ٿئي ته ڄاڻ ٿو ”سونو
ڏيڏر“بڻجان. جهرڪيءَ کان وڏي رَعَب سان پڇڻ لڳوته
ڪهڙي بالٽيءَ ۾ وهنتي هئين؟
جهرڪي سڀ ٿانوجاچي وئي، جنهن بالٽيءَ ۾ سخت گرم پاڻي هيو، تنهن
لاءِ چيائين ته هن ۾ گهاٽو سونهري رنگ آهي. ڏيڏر
پنهنجي خوشنصيبي سمجهي، سو ٽپ ڏئي وڃي گرم
بالٽيءَ ۾ ڪريو، ۽ جهرڪيءَ کڻي پرن تي زور ڏنو ۽
اچي باغ ۾ پهتي. پر پوءِ خبرنه آهي ته ڏيڏر جو رڳو
رنگ سونو ٿيو يا سڄو سون ٿي ويو!
- اظهر ڪانڌڙو
مڪاري جو انجام
جپان جي هڪ علائقي ۾ هڪ باندر ۽ تتر چانورن جي پوک ڪرڻ جو ارادو
ڪيو. جڏهن زمين کي صاف ڪرڻ جو وقت آيو، ته تتر
باندر کي چيو ته ”يار هر هڪ ماڻهو پنهنجي زمين کي
صاف ڪري رهيو آهي، اسان کي به صاف ڪرڻ گهرجي؟“
جواب ۾ باندر وڏي چالاڪي سان ”چيو منهنجي پيرن ۾
سخت سور آهي“ ”چڱو تون آرام ڪر“ تتر جواب ۾ چيو ۽
زمين صاف ڪرڻ لاءِ ويو.
ڪجهه ڏينهن گذريا، ته تتر باندر کي چيو ”يار باندر! هر شخص
پنهنجي زمين ۾ هرهلائي رهيو آهي، پاڻ به ڇو نه
پنهنجي زمين کي هرڏيون؟“ جواب ۾ باندر منهن ڦڏو
ڪندي چيو ته ”اڄ منهنجي مٿي ۾ سخت سور آهي، ۽ آئون
ڪم ڪرڻ جي قابل نه آهيان.“ تتر جواب ۾ چيو ته”چڱو
آئون اڪيلو ٿو وڃان.“ ۽ سڄو ڪم سرانجام ڏنائين.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ باندر کي تتر چيو ”هر شخص چانورن جو ٻج ڇٽي
رهيو آهي پاڻ به ڇو نه چانورن جو ٻج ڇٽيون؟“ انهي
ڳالهه تي باندر مڪاري ڪندي چيو ته ”مون کي چڪر اچي
رهيا آهن، ايندڙ ٻن ڏينهن تائين چڪر ايندا رهندا
پوءِ حڪيم صاحب کان دوا وٺندس.“ اهو ڪم به تتر
اڪيلو ڪيو . جڏهن پاڻي ڏيڻ جو وارو آيو، تڏهن تتر
کي باندر چيو ته ”يار منهنجي پٺن ۾ سخت سور آهي،
آئون هلي نٿو سگهان“. پوءِجڏهين چانور تمام وڏا
ٿي چڪا هئا. جڏهن ڪٽڻ جو وارو آيو، تڏهن باندر اڳي
وانگر بهانو ڪيو ۽ جڏهن کائڻ جو وارو آيو تڏهن
باندر سڀني کان اڳ هئو چانور ڌوئي جڏهن چلهه تي
رکيا، تڏهن باندرکي دل ۾ لالچ ٿي ۽ چيائين ته
’ادا، تتر تون وڃ ڪاٺيون ڪري اچ آئون سنڀال تي
ويٺو آهيان“ پر تتر جلدي اچي ويو. جڏهن چانور تيار
ٿي ويا ته باندر هڪ ڀيرو وري چيو تتر کي ته تون
پاڻي ڀري اچ جڏهن تتر پاڻي ڀرڻ ويو پٺيان باندر
سڀئي چانور کڻي ڀڄڻ لڳو چانور رستي تي ڪرندا ويا.
جڏهن تتر موٽي آيو هن چانور ديڳڙي ۾ نه ڏٺا تڏهن
هو سمجهي ويو!سو تتر هن جو پيڇو ڪندو رهيو، جڏهن
چانور هيٺ ڪريل ڏٺائين تڏهن پاڻ پنهنجي ننڍڙي چهنب
سان کائيندو اڳيان وڌندو رهيو، جڏهن تتر اچي باندر
سان دوبدو ٿيو، ته باندر تتر سان وڙهڻ لڳو، پر
اوچتو سندس پير هڪ گپ جي ٽڪري تان ترڪي پيو ۽ سندس
هڪ ٽنگ ضربجي پئي ۽ منڊو ٿي پيو.
چانور ته سڀئي تترکڻي ويو جو حق به ان جو هو. باقي باندر کي
سندس مڪاريءَ جو پورو پورو بدلو مليو.
سنڌيڪار:نوراحمد قمبراڻي،
ٽنڊو الهيار
سکن جو سنيهو
رشيد ۽ اختر پاڻ ۾ ڀائر هوندا هئا. رشيد جي ماءُ ننڍپڻ ۾ گذاري
وئي. انهيءَ تي اختر ۽ رشيد کي تمام گهڻو صدمو
پهتو. انکان پوءِ رشيد ۽ اختر جي پيءُ ٻي شادي
ڪئي. جنهن مان هن کي هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ ٿيو. هاڻي
رشيد جي عمر وڌي 11 سال هئي ۽ اختر جي 9 سال هئي.
هننجي ماٽيجي ماءُ هنن ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏيندي
هئي، پنهنجي مڙس کي چوندي هئي، هاڻي هنن کي
پڙهائيءَ مان ڪڍي ڪنهن ڌنڌي ۾ هڻ. هڪ ڀيري رشيد ۽
اختر جي پيءُ ٻنهي کي مزوري تي وٺي وڃڻ لاءِ چيو،
ته انهن ٻنهي ڀائرن يڪراءِ چيو ته اسين پڙهڻ نه
ڇڏينداسين اسان ڪنهن هنڌ ڪو ڌنڌو ڪري پنهنجو پيٽ
پالينداسين. نيٺ ماٽيجي ماءُهنن کي چيو ته جيڪڏهن
توهان پيءُ سان گڏ صبح جو ڪم تي نه ويو، ته پوءِ
توهان کي پيءُ کان شام جو مار ڪڍرائيندس. پيءُ جي
مار کان ڊڄي هي روئندا روئندا هڪ جهنگل ۾ پهتا ۽
اتي هنن کي رات پئجي وئي. ٻئي ڀائر ڏاڍي تڪليف
سان رات ڪاٽي صبح جو هلڻ لڳا. گهڻي پنڌ ۽ اتي هڪ
هوٽل تي نوڪري ڪيائون، هر هڪ کي 90 روپيا ملندا
هئا! هو صبح جو اسڪول ويندا هئا ۽ منجهندکان پوءِ
وري واپس هوٽل تي ڊيوٽي ڏيندا هئا. رشيد ۽ اختر جو
پيءُ ۽ ماٽيلي ماءُ ته اڳيئي هنن مان تنگ هئا،
سوهنن جي وڃڻ تي هو تمام خوش ٿيا. اهڙيءَطرح هو
صبح جو اسڪول ويندا هئا ۽ وري شام کان اڳ ۾ هوٽل
تي ايندا هئا. ڇو ته هونئن به هوٽل تي رش شام کان
ڪجهه اڳ ٿي ويندي هئي ۽ هنن جو هوٽل واري کي چيل
هيو ته هو صبح جو اسڪول ويندا ۽ منجهند وري اوهان
جي هوٽل تي ايندا.
اهڙيءَ طرح سان هو پڙهندا به رهيا. نيٺ رشيد مئٽرڪ پاس ڪئي،
ته هن کي نوڪري ملي وئي ۽ هن هوٽل تان استعيفا
ڏني، باقي رشيد ٻه سال هوٽل ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ هن
کي ڪلارڪ جي نوڪري ملي وئي. ڇو ته هو هوشيار ته
هوندا هئا.
ان کان پوءِ هو خوش وقت گذارڻ لڳا.
- رشيد الله منگي،
ٺيڙهي
نتيجو بنا عنوان -10
ماهه جولاءِ 1979ع ۾ منور عالم انصاريءَ جي ڪهاڻيءَ ڏني ويئي
هئي، جنهن جوعنوان ٻارن کي مقرر ڪرڻو هو. پهتل
عنوانن مان ججن جي فيصلي مطابق هيٺئين عنوان کي
پهريون نمبر مليو.
عنوان: تخليق جو موت
موڪليندڙ: اديب الرحمان چانڊيو معرفت عبدالحي چانڊيو نيرولي
بازار قمبر ضلع لاڙڪاڻو. کيس سندس ائڊريس تي ويهن
روپين جا انعامي ڪتاب موڪليا پيا وڃن. ڪهاڻيڪار
جو اصل عنوان پينو هو.
ٻارن جي اخبار
پڪچر فون
جپان جي سائنسدانن هڪ اهڙو ٽيليفون ٺاهيو آهي جنهن ۾
ڳالهائيندڙ هڪٻئي کي ڏسي به سگهن ٿا. ان ۾
ٽيليويزن جا ننڍڙا لينس آهن جنهن ۾ هڪ شيشو به آهي
ان کي پڪچر فون چيو وڃي ٿو. اهو تمام مهانگو آهي
ان ڪري وڏن وڏن ڪارخانن ۽ آفيسن ۾ استعمال ڪيو
ويندو آهي. جڏهن گهڻي گهر ٿيندي ته پوءِ ان جي
قيمت به گهٽبي ۽ عام ماڻهو به ان کي خريد ڪري
سگهندا.
قدرتي واچ
هندستان ۾ گنگا نديءَ جي ڪپ تي هڪ ٻوٽو آهي، جنهن جا پن
باقاعدگيءَ سان هڪ هڪ منٽ ۾ سٺ ڀيرا چرپر ڪن ٿا ڄڻ
ته هي ٻوٽو قدرتي واچ آهي. جيڪا خاموشيءَ سان صحيح
صحيح وقت ٻڌائي ٿي. ان تي نه موسم جو اثر ٿيندو
آهي نه هوا جي گهاٽي واڌيءَ جو. هن جا پن هر وقت
صحيح چرپر ڪن ٿا.
هزار سالن جو مقدمو
يوناني عدالت ۾ 1000ع کان هڪ مقدمو هلي رهيو آهي. جنهن جو اڄ
تائين ڪو به فيصلو ڪونه ٿي سگهيو آهي، ڳالهه هن
ريت آهي ته، هڪڙي امير اڳڪٿي ڪئي ته 1000ع ۾ دنيا
تباهه ٿي ويندي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته سندس سموري
ملڪيت نيپلس (يونان جو هڪ شهر) جي ويجهو هڪ
خانقاهه ۾ رهندڙن ۾ ورهائي وڃي. جڏهن 1000ع ۾ اها
اڳڪٿي پوري نه ٿي ته ان خانقاهه جي مجاورن ملڪيت
حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ مقدمو داخل ڪيو. ان وقت کان
وٺي ٻنهي ڌرين جا پشت به بشت وارث ان معاملي کي
هلائيندا اچن ۽ فيصلو ڪو به ڪونه ٿو ٿي.
عجيب عمارت
آمريڪا جي نيويارڪ شهر ۾ ٽيليفون جي هڪ عمارت ڏاڍي عجيب آهي ان
۾ ڪابه دري ڪانهي چئني پاسي بند آهي پاڻي ۽ بجليءَ
جا پائيپ ۽ تارون به نظر ڪونه ٿا اچن ڇاڪاڻ ته
اهي به ڀتين ۾ اندر آهن عمارت ۾ اندر بجليءَ تي
کلندڙ دريون ضرور موجود آهن پر انهن مان ڪابه
دري عمارت کان ٻاهر ڪانه ٿي کلي نه ڪي اندران ڪجهه
ٻاهرجو نظارو ئي ڏسي سگهجي ٿو.
گرمي سهندڙ ماڻهو
ماڻهو ڪيتري قدرگرمي سهي سگهي ٿو. اهو نٿو چئي سگهجي پر جنهن
گرميءَ جي تيک ۾ ماڻهو رڌ پچاءُ ڪري سگهي ٿو. اها
ته ڪيترائي ماڻهو سهي سگهن ٿا. پر فرانس جو هڪ
رهاڪو شابرت عجيب طاقت جو مالڪ هو. ڇاڪاڻ ته هو هڪ
لوهه جي بٺيءَ ۾ جنهن جو درجو 220 ڊگري هوندو هو.
ان ۾ اڌ ڪلاڪ تائين ويهي سگهندو هو ۽ کيس ڪجهه به
نه ٿيندو هو.
کٽيون مٺيون ڍنڍون
هندستان جي راجستان صوبي ۾ هڪ اهڙي ڍنڍ آهي جنهن جي پاڻيءَ جو
ذائقو بدلبو رهندو آهي. سال جا اٺ مهينا (آڪٽوبر
کان مئي) ان جو پاڻي کارو هوندو آهي. ايتري قدر
جو ان وقت ان مان ٻه لک ٽن لوڻ به ٺاهيو ويندو
آهي پر (جون کان سيپٽمبر تائين) لوڻ گم ٿي ويندو
آهي ۽ ڍنڍ جو پاڻي مٺو ٿي ويندو آهي. ان کان وڌيڪ
حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته جرمنيءَ جي هڪ ڳوٺ
۾ همليفورڊ نالي هڪ ڍنڍ آهي. جنهن جي مٿاڇري جو
پاڻي ته مٺو آهي پرمٿاڇري کان اٽڪل ٽي فوٽ هيٺ
وارو پاڻي بلڪل کٽو آهي.
اوهانجو امتحان
نوٽ: پنهنجا ڪوپن پوسٽ ڪارڊ تي چنبڙائي موڪلي سگهو ٿا.
امتحان نمبر- 49
ڪا مقرر ڪيل رقم، ڪن فقيرن ۾ ورهائي ويئي. جيڪڏهن 12 فقير گهٽ
هجن ها ته هر هڪ فقير کي مليل رقم کان هڪ روپيو سٺ
پئسا وڌيڪ ملن ها. پر جيڪڏهن 24فقير وڌيڪ هجن ها
ته مليل رقم کان هر هڪ فقير کي ٻه روپيه گهٽ ملن
ها. ٻڌايو ته مقرر ڪيل رقم ڪيتري ۽ مقرر ڪيل فقيرن
جو تعداد ڪيترو آهي؟
صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا ويندا. جواب
موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 12 آڪٽوبر
1979ع آهي. جواب سان گڏ رسالي ۾ ڌار ڏنل ڪوپن
نمبر 49 ڀري موڪلڻ ضروري آهي. سٺو ائين آهي ته
ڪوپن ڪنهن پوسٽ ڪارڊ تي چنبڙائي موڪليو.
صحيح جواب موڪليندڙن مان 5 نالا ڪڻن ذريعي ڪڍي، انهن ۾ 25
روپين جا ڪتاب انعام طور ورهايا ويندا.
انعام
امتحان نمبر 47 ۾ جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن، انهن مان ڪڻن
ذريعي هيٺين پنجن ڄڻن جا نالا نڪتا آهن.
1- غلام حسين شيخ .2- عبدالوهاب رتوديرو . 3- نثار احمد ڪلهوڙو
آراضي، دادو، 4- محمد ملوڪ رند ٺوڙها شريف، مورو
5- ظفرالله ميمڻ کهڙا، گمبٽ.
سڀني ٻارن کي پنجن پنجن رپين جا ڪتاب ڏنا ويندا. کين گهرجي ته
پنهنجيون ائڊريسون موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.
امتحان نمبر- 47
ٽي لڳي ست منٽ ٿيا آهن ٻڌايو ته گهڙيال جي ڪانٽن جي وچ ۾ گهٽ ۾
گهٽ ڪيترن درجن جي ڪنڊ ٺهندي؟
جواب
ساڍن ايڪونجاهه درجن جي ڪنڊ ٺهندي. جن ٻارن جا جواب صحيح آيا
آهن، انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
”نئون امروٽ“: دل امداد علي راهي. ”لاڙڪاڻو“: اقبال حسين
شاهاڻي، شفقت حسين شاهاڻي، رضوان ميمڻ، غلام حسين
پيرزادو، آفتاب ابراهيم صديقي، زبير احمد
ناريجو، سهيل احمد ناريجو، عبيدالله ناريجو، امر
لعل روداڻي محمد نواز شيخ. ”ڇڄڙا“: منير احمد
ڇڄڙو. ”پير محمد متيلو“: وحيدالرحمان. ”قمبر“:
شبير غوث بخش، حفيظ الرحمان متيلو، حفيظ
جيسراڻي،سعيد احمد شيخ، پرمانند جيسراڻي، غلام
حسين شيخ ، سراج الدين شيخ، مٺل دليپ دولتاڻي،
محمد ايوب شيخ، رشيد احمد باري شيخ، رحمت الله
بروهي . ”نصيراحمد“: گيانچند نانگڏيو، گلزار
احمد تونيه، دليپ ڪمار نانگڏنو، شيوڪرام نانگڏنو،
الطاف حسين شيخ. ”بنگل ديرو“: اشفاق احمد سومرو،
علي اصغر ڀٽو. ”رتوديرو“: عبدالوهاب . ”خيرپور
ميرس“: اطهر حسين پٺاڻ ”هنڱورجا“: محمد سليم
ميمڻ، مسعود احمد يوسفاڻي،”کهڙا“: ظفرالله
ميمڻ، اسدا لله ميمڻ، ”پنو عاقل“: عبدالقدوس
شيخ، ”ميرپور ماٿيلو“: جڳديش بجاج، عبدالغفار
مگسي، عاشق علي سومرو. ”ٻڍو جهتيال“: عنايت الله
جهتيال. امان الله جهتيال. ”شڪاور“: عمران عطا
سومرو، راجپال خوبچند. ”قاضي احمد“: غلام سرور
لاکو. ”مورو“: اعجاز حسين ميمڻ. ”ٺارو شاهه“: علي
اصغر، ميمڻ.”ماهي خان وگهيو“: قربان علي، غلام
مصطفيٰ، غلام مرتضيٰ، آفتاب جاويد، خادم حسين،
عبدالغفار، عبدالجبار، ماهي خان، غلام نبي وگهيو ۽
غلام شبير وگهيو. ”محمد خان آگرو“: محمد يوسف ڀٽي،
شفن ڀٽي، عارف ڀٽي، ڪوثرپروين ڀٽي،اعظم معظم ۽ در
محمد ڀٽي. ”ڪنڊيارو“: غلام شبير چنڙ،نياز حسين
سومرو. ”حيات مري“: نوراحمد سومرو. ”ٺوڙها
شريف“: فتح محمد عالماڻي، محمد ملوڪ رند،شهبا
الدين چنا. ”نوان جتوئي“: ضمير سنڌي. ”گهرام مري“:
جان محمد سومرو. ”ٽنڊو ڄام“: نعمان علي انڙ.
”حيدرآباد“: بشير احمد ميمڻ. ”هالا“: نعيم فيروز
ميمڻ. ”نيو سعيدآباد“: شاهين انصاري . کپرو“: رميش
چندر کتري. ”ٽنڊو آدم“: مسعود احمدچنا. ”ڏيپلو“:
غلام محمد چيلهاريو، محمد خان مهراڻي. ”اسلام
ڪوٽ“: ايشور، موهن لعل اڻنداڻي. ”ميرپور خاص“:
عرفان احمد. ”حاجي نبي بخش پلي“: محمد اقبال
پلي. ”جهڏو“: شفيق الرحمان. ”چوهڙ جمالي“:
عبدالصمند، محمد عثمان ميمڻ، محمد جمن. ”آراضي“:
نثار احمد ڪلهوڙو، سبب علي شاهه، غلام هادي شاهه.
”لاکا“: غلام مصطفيٰ ميمڻ لاکائي، بيبي رضوانه
ميمڻ، مشتاق احمد ميمڻ، ”خيرپور ناٿن شاهه“: علي
اصغر ميراڻي، نظير ميراڻي، الطاف حسين قاضي. ”ڄام
شورو ڪالوني“: بشير احمد بروهي. ”سنڌيونيورسٽي
ڪالوني“: نبي بخش شورو، علي بخش شورو، زبيده شورو،
ساجده شورو عمران علي ۽ سعيده عباسي.
نيڪ گفتو
انهن آڙي (پکي ) وانگر نه ٿيو جيڪي ڍنڍ خشڪ ٿيڻ تي اڏامي ٻي ڍنڍ
ڏانهن وڃن ٿا، پر انهي ڪنول جي گل وانگر ٿيو، جيڪو
خشڪ ٿيڻ تي به تلاءَ ۾ بيهندو آهي، جيسين
ڪومائجي نه وڃي.
- موڪليندڙ: عرفان اشرف پنگريو
نوان ڪتاب
گل ۽ تارا:
ٻارن جي عالمي سال جي موقعي تي، پارس اشاعت گهر سکر طرفان سنڌ
جي نوجوان شاعر اياز گل جي ٻارن جي شاعريءَ جو
مجموعو ”گل ۽ تارا“ شايع ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾
چوويهه نظم آهن جيڪي نه رڳو با تصوير آهن پرمضمون،
مواد ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان تمام عمدا آهن. هونئن
ته اياز گل جو نالو سنڌ جي نوجوان شاعرن ۾ ڳڻيو ٿو
وڃي. پر ٻاراڻي شاعري ۾ سندس مان سڀ کان مٿاهون
آهي. ان ڪري به، جو هو ٻاراڻي وهي گذاري چڪو آهي
پر ٻارن لاءِ لکي پيو ۽ اهو وچن ڪيو اٿس ته هو
زندگي تائين ٻارن لاءِ لکندو رهندو. هن ڪتاب ۾
ٻاراڻي شاعريءَ جا سڀ مضمون ڪتب آندل آهن سڄو
ڪتاب اچي پني تي ۽ ڇپائي آفيسٽ تي ڪرايل آهي. ڪور
ڊزائين ڪيس ابڙي جي آهي. ۽ ڪتابت خدابخش ابڙي جي
آهي. ٽائيٽل چئن سهڻن رنگن ۾ ڇپيل آهن. 50 صفحن
جو هي ڪتاب پارس اشاعت گهر سکر يا سنڌ جي وڏن ڪتب
فروش وٽان ٽن روپين ۾ گهرائي سگهجي ٿو.
جهرڪيءَ لڌو ٽڪو:
هندستان مان نڪرندڙ ماهوار رسالي گلستان جو خاص نمبر ٻارن جي
عالمي سال جي موقعي تي شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب
جو نالو ”جهرڪيءَ لڌو ٽڪو“ رکيو ويو آهي جنهن جو
ليکڪ پروفيسر جڳديش لڇاڻي آهي. هن ڪتاب جي منڍ
۾ ليکڪ پاران ٻارن جي ڪهاڻين جي بنيادي سٽا ۽ ان
جي ضرورت ۽ ارتقا تي عالماڻو مقدمو ڏنو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ اٺ ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن جيڪي سڀئي
تصويرن سان سينگاريل آهن. هر هڪ ڪهاڻي عوامي
ڪهاڻي آهي. جن کي نئين رنگ ڍنگ سان پيش ڪرڻ تي
اسين پروفيسر لڇاڻي کي مبارڪون ڏيون ٿا. رائل
سائيز تي 50 صفحن جو هي ڪتاب مسٽر هوندراج بلواڻي
گلستان جي – 25 ننگر، احمد آباد ڀارت مان شايع ڪيو
آهي جيڪو اتان جي سڪي موجب اڍائي روپين ۾ ملي سگهي
ٿو.
ٻارن لاءِ چترڪاري جي عالمي ڇٽاڀيٽي
پهرين جولاءِ 1980ع تي روس جي فائنل آرٽس ائڪڊميءَ ۾ ٻاويهين
اولمپڪ راندين جي موقعي تي ٻارن جي چترڪاريءَ جي
عالمي نمائش جو اهتمام ڪيو ويو آهي.
دنيا جي سڀني ملڪن جي سڀني ٻارن کي هن ڇٽاڀيٽيءَ ۾ حصو وٺڻ جي
عام دعوت ڏجي ٿي. اسين ٻارن جي مائٽن ۽ استادن کي
ڪوٺ ٿا ڏيون ته ”دنيا منهنجي نطر ۾“ جي عنوان تي
چتر ڏياري موڪلين. پنجن کان سورهن سالن تائين عمر
وارا ٻار هن چٽاڀيٽيءَ ۾ حصو وٺڻ جوڳا آهن.
شرط: 1- ڪنهن ٻي مدد کان سواءِ گذريل ٻن سالن جي عرصي ۾ ٻارن جا
پنهنجا ٺاهيل چتر موڪلي سگهبا 2- ڏهن کان وڌيڪ
چتر موڪلي نٿا سگهجن پر اسڪولن ۽ تنظيمن کي 50
کان60 تائين چتر موڪلڻ جو اختيار آهي. 3- چترن
لاءِ ڪا به سائيز مقرر نه آهي. 4- ڪوبه، فن يا
ميڊيم استعمال ڪري سگهجي ٿو، پينسل، ڪوئلو،
ٽڪينوارو رنگ، واٽر ڪلر، انڪ، نقاشي جڙات،
چٽسالي، مونو ٽائيپ، زري ،ڀرت ۽ ڇُر جو ڪم وغيره
. 5- راندين وارن چترن کي نمائش ۾ اهم جڳهه تي
رکيو ويندو. سمورا چتر هيٺين ائڊريس تي دير۾ دير
30سپٽمبر 1979ع تائين ڏياري موڪلجن.
Pionerskaya Pravda/ 21,Sushchevskaya Styreet Moscow,k- 03
USSR.
هيٺيون تفصيل روسي، انگريزي، فرانسيسي، اسپيني يا جرمن ٻوليءَ ۾
صاف لکيل هجي. عنوان، چترڪار يا جوڙيندڙجو مڪمل
نالو ڄمڻ جي تاريخ، ڇوڪرو يا ڇوڪري، ڪنهن اسڪول يا
تنطيم طرفان چترن يا چٽن جي حالت ۾ انهن جي
ٺاهيندڙ، استاد جو پورو نالو ملڪ ۽ پورو پتو. چتر
ٻيڻا، چؤڻا، ياويٽي وانگر ويڙهيل نه هجن پر سڌا
سنوان چتر واري سائيز جي لفافي ۾ پيل هجن. اهي
ڇٽاڀيٽيءَ جي منتظم جي ملڪيت هوندا. ماهر ججن جي
هڪ ٽيم هوندي جيڪا نمائش ۾ پرکڻ جوڳن چترن کي
چونڊي کٽندڙن جي انعام جو اعلان ڪندي 200 چترڪارن
کي سندن بهترين ڪم تي ڪئين انعام ڏنا ويندا،
جنهن ۾ ڪتاب ، آلبم ۽ پينٽگ جو قيمتي سامان شامل
هوندو. ان کان سواءِ اولمبياد 10 جي مرتب ڪميٽي
۽ تنظيمن طرفان ٻيا خاص انعام به ڏنا ويندا. جيڪي
اولپڪ ڪاميٽيءَ کان سواءِ ٻيا ادارا به ڏيندا. |