ترجمو: جان محمد ڳاهو. ڦلهڏيون
دوزخي
پاڙيسري کي ستائڻ وارو دوزخي آهي، پوءِ کڻي اهو سڄي رات عبادت
۾ گذاري ۽ ڏينهن جو روزو رکي.
(حضرت محمد صلعم)
موڪليندڙ: رضوان احمد سنڌي دادو
جهاد
ڪافرن سان جهاد ڪرڻ ننڍو آهي، پر نفس سان جهاد ڪرڻ وڏو جهاد
آهي.
(ابوبڪر صديق رضه)
موڪليندڙ: يونس قمر شيخ، مٽياري،
هڪ ڪم، هڪ وقت
هاڻي اوهان کي ڪهڙي ڪهاڻي ٻڌايان؟“ نانيءَ ٻارن کان پڇيو.
افشان چيو ”سياري جو قصو.“
سيما اعتراض ڪيو ”نه گرمين جو.“
عاصمه عرض ڪيو ”صبح جي ڪهاڻي ٻڌاءِ.“
فرزانه فرمايو ”اسان شام جي ڪهاڻي ٻڌنداسين.“
ايتري ۾ ننڍڙو نومي چوڻ لڳو: ”ناني، توهان اسان کي سڀ ڪهاڻيون
هڪ ئي وقت ٻڌائي ڇڏيو.“
”چڱوته پوءِ ٻڌو“ ناني راضي ٿي وئي ۽ ڪجهه سوچي چوڻ لڳي:
”ڪنهن زماني ۾..... شايد گهڻا ڏينهن اڳ، يا شايد نه پر هڪ عجيب
ماڻهو ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندو هو. هو هڪ ڪم ختم ڪرڻ کان
پهريائين ٻيو ڪم شروع ڪري ڏيندو هو، ۽ خوش ٿي
چوندو هو، ته مان سڀ ڪجهه هڪ ئي وقت ۾ ڪري ڇڏيندو
آهيان. هن جي ته اهائي عادت هئي، پر ’ڪم‘ انهيءَ
تي خوش ڪونه هوا، ته اُنهن سڀني کي هڪ ئي وقت تي
ڪيو وڃي. اعتبار ڪيو يا نه؟
مثال طور اهو عجيب ماڻهو سياري ۽ اونهاري جاڪپڙا هڪ ئي وقت
پائي ڇڏيندو هو . اُن جي ٽوپي ۽ سٽ جي ٺهيل ٽوپي،
هڪ گرم ڪوٽ ۽ ان جي مٿان برساتي ڪوٽ سياري جا ڪپڙا
بوٽ ۽ گرمين جا هلڪا بوٽ سڀئي هڪ وقت تي پائي
رستي تي نڪري ايندو هو، ۽ سڀني وقت جو کاڌو گڏ
کائيندو ڳائيندو، گهمندو وتندو هو، نيٺ هن نوڪري
ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هو جتي به وڃي اهو ٻڌائي ته
مان سڀ ئي ڪم هڪ وقت ۾ ڪندس. آڻيندس ۽ کڻي ويندس،
ٺاهيندس ۽ ڊاهيندس .... جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو، تڏهن
ايترو چيائونس بس مهرباني ڪر. اسان کي اهڙو ماڻهو
ڪونه گهرجي. اسان کي اهڙو ماڻهو کپي، جيڪوهڪڙي وقت
۾ هڪڙو ڪم ڪري. نيٺ هڪ ماڻهو هن کي ڪم ڏيڻ لاءِ
تيار ٿي ويو.
مالڪ هن کي چيو: اها ته تمام سٺي ڳالهه آهي جو تون سڀ ڪم هڪ ئي
وقت تي ڪندو آهين. پر پهريائين ڪجهه کائي وٺ. مان
هميشہ نوڪرن کي پهريائين ماني کارائيندو آهيان.
اهو عجيب ماڻهو ڏاڍو خوش ٿيو. ماڻهو کڻي ڪيترو به
عجيب ڇو نه هجي پر بک ته سڀ ڪنهن کي لڳندي ئي
آهي. بس هو يڪدم سڌو وڃي ماني کائڻ واري ميز تي
ويهي رهيو. هڪ ٻيو ملازم هڪ وڏي ٿالهي کڻي آيو
جنهن مان ڪوسي اُٻ نڪري رهي هئي. اهو عجيب ماڻهو
بکايل وانگر ماني جي مٿان بس ڪري پيو، پر پهريون
ئي گرهه اهڙو هو جنهن کي هن وڏي مشڪل سان ڳيت ڏئي
هيٺ لاٿو. هو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي چوڻ لڳو:
”هي ڪهڙي قسم جو کاڌو آهي؟“
هن جي مالڪ چيو: هي ته تمام مزي وارو کاڌو آهي، سڀئي تازيون
شيون پيل اٿس. اسان تنهنجي اصول مطابق مڇي، گوشت
کير ۽ بصر لوڻ ۽ کنڊ سڀئي شيون هڪ ئي وقت وجهي
ڇڏيون آهن. ٺيڪ آهي نه؟“
”ته ٻارو ڪهاڻي ختم ٿي وئي.“ ناني چيو، ۽ پوءِ جانوءَ کي
چيائين هاڻي هلو ته اسان به هلي ماني کائون.
ننڍڙو ڇوڪرو ناني کي ڀاڪر پائي چنبڙي ويو ۽ ان جي اکين ۾ گهوري
چوڻ لڳو: ”ناني تون ته سڀ شيون هڪ ئي وقت تي ڪونه
کارائيندينءَ نه! مان هن ماڻهو جهڙو ناهيان. مون
ته رڳو بس سڀ ڪجهه هڪ وقت، ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ چيو
هو.“
”مون کي خبر آهي“ ناني چيو: ”پهريائين هي بيدو کائو ۽ ان جي
مٿان کير پي ڇڏيو.“
حقيقت ۾ هڪ ڪم هڪ وقت ڪرڻ سان نه رڳو اهو ڪم سليقي سان ٿئي ٿو،
پر ان لاءِ وقت جي بچت ۽ ڪم جي پورائي پڻ ٿئي ٿي.
ترجمو: عبدالرحمان سيال
ڄام شورو
فهميده جوکيو
بنا عنوان جي ..............
هن ڪهاڻيءَ جو عنوان اوهان پاڻ مقرر ڪري، اسان ڏانهن اهڙيءَ طرح
ڏياري موڪليو، جو اسان وٽ يارهين آڪٽوبر کان اڳ
پهچي وڃي. جنهن جو به عنوان سٺو هوندو، ان کي ويهن
رپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. – ايڊيٽر
”اي ڇوري نڀاڳي ڪاڏي موت پيئه.“
سڪينه کي ماٽيلي ماءُ سڏ ڪندي چيو. سڪينه ويچاري ڪيڏي نه مجبور
هئي. هوءَ سوچيندي هئي ته جيڪر آئون به امان وانگر
مري وڃان ها، ته هنن عذابن مان جند ڇٽي پوي ها.
سڪينه سڄو ڏينهن گهر جو ڪم ڪار ائين ڪندي هئي،
جيئن ڪو ڍور ٻنيءَ ۾ وهندو هجي. تڏهن به ماٽيلي
ماءُ ڪڏهن به منجهائنس خوش ڪونه هئي. ٿوري گهڻي
غلطي يا سستيءَ تي نه رڳو پاڻ گهٽ وڌ ڳالهائندي
هئي، پر سندس پيءُ نورل جا به ڪن ڀريندي هئي. جي
نورل سڪينه بابت ڪا ڳالهه ڌيان سان نه ٻڌندو هو،
ته ساران (سڪينه جي ماٽيلي ماءُ) مٿس ڪاوڙجي پوندي
هئي.نورل چوندو هوس ”ساران! سڪينه آخر ته ٻار آهي.
ٻار هوندي به سڄي گهر جو ڪم ڪار ڪري ٿي، هرڀرو هن
کي ستاءِ نه.“ پر ساران هئي جا هر وقت سڪينه کي
طعفا هڻندي وتندي هئي. چوندي هيس ته ”اهڙي سدوري
هجين ها ته ماڻهين توکي ڄڻي مري نه وڃي ها.“
سڪينه جواب بدران روئي پوندي هئي.. سندس وڏي ڀيڻ عاشي پرڻيل هئي
جيڪا چاچي جي پٽ کي ڏنل هئي. اها ڪڏهن ڪڏهن سڪينه
کي اچي دلداري ڏيندي هئي. پر 8_9 سالن جي سڪينه ۾
آخر سهڻ به ڪيترو هو؟ رات جو ليٽندي هئي، ته ٿڪ جي
ڪري سمهڻ بدران روئندي هئي، ۽ خدا کي ستائيندي
هئي، ته کيس هن ظلم کان آجو ڪر. هوءَ سوچيندي هئي
ته آئون به ساران جي پيٽ ڄائي هجان ها ته مون کي
نوڪرن وانگر هيئن وهڻو نه پوي ها. سندس ڌيءَ نوران
وانگيان سٺا سٺا ڪپڙا پايان ها. مون کي به پيار
ڪري ها. الله سائين ائين ڇو ڪيو؟ پر سندس ننڍڙو
ذهن اها اڳتي سوچي نه سگهندو هو.
سڪينه کي بخار هوندو هوته به ساران کانئس ڪم وٺندي هئي. منجهس
رحم جو ذرو به ڪونه هو. ماٽيلي ڀائرن ۽ ڀينرن کي
هوءَ سڳن کان وڌيڪ ڀائيندي هئي پر هو، پنهنجي ماءُ
جي تربيت ۽ ماحول جي اثر ڪري کيس نوڪرياڻي کان
وڌيڪ ڪونه سمجهندا هئا.
هڪ ڀيري هن رڌڻي ۾ ٻوڙ پي چاڙهيو ته سوچن جي وهڪري ۾ وهڻ لڳي ۽
ٻوڙ سڙڻ لڳو. سڙڻ جي بوءِ تي هوشيار ٿي پر هاڻي ڇا
ٿي ٿي سگهيو. اوچتو ساران به ان بوءِ تي اچي پهتي.
ننڍڙي سڪينه کي چوٽيءَ کان جهلي لتون مڪون
هنيائين. سڪينه هٿ بڌي چيو ”ماسي، اتفاق ٿي ويو،
مون کي معافي ڏي.“ ساران ويتر بگڙڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي
”ڪالهوڪي ڇوڪري، ورنديون ٿي ڏين.“ انهيءَ هنگامي
دوران، عاشيءَ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، پر هوءَ
ڪجهه نه ڪري سگهي. ڀيڻ کي وٺي ڳراٺڙي پائي ساران
کي چيائين ”ماسي، ڪمال آهي.هن عمر ۾ ڇوڪريون ٻوڙ
رڌينديون آهن؟ ظلم جي ڪا به حد ٿيندي آهي. جي
اتفاق سان ٻوڙ سڙي پيو ته ڇا ٿي پيو؟ ائين اسان
وڏن کان به ٿيندو آهي. تون نينگري کي ائين ٿي ڪٽين
ڄڻ هو انسان ئي ڪونهي. تنهنجي پنهنجي ڌيءَ ائين
ٻوڙ ساڙي ها ته تون ائين مارينس ها!“ عاشي، سڪينه
کي وٺي پنهنجي گهر ويئي ۽ کيس پرچائي ماني کارائي
سمهاري ڇڏيائين.
ٻنپهرن جو جڏهن نورل آيو ته ساران روئي کيس چيو ته تنهنجي
سڪليڌين اڄ مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي ۽ عاشي،
سڪينه کي زوريءَ پنهنجي گهر وٺي ويئي آهي.“ ان کان
سواءِ ٻيون به ڳالهيون کيس ٻڌايائين. نورل چڙ ۾
سڌو عاشيءَ جي گهر آيو ۽ اچي گوڙ ڪرڻ لڳو. نورل جو
ڀاءُ ملوڪ ۽ عاشي جو مڙس مراد به موجود هئا. انهن
ٻنهي نورل کي ٿڌي نموني سمجهايو ”اولاد سڀ اولاد
آهي. سڪينه اڃا معصوم ٻار آهي، ان کان نوڪرياڻيءَ
وارو ڪم وٺڻ جي بدران جيڪڏهن کيس اولاد وارو پيار
ڏيو ته هوءَ سڀ ڪم خوشيءَ سان ڪندي. اولاد پيار جو
حقدار آهي. جيڪڏهن کيس پيار نه ڏبو ته يا ته هو
سرڪش ٿيندو يا بد افعالو ٿيندو، يا حياتيءَ سان
کيڏندو. تون سياڻو ۽ سمجهو آهين.“ ملوڪ چيو
”جيڪڏهن ڀاڄائي رحمت (سڪينه جي ماءَ)جيئري هجي ها
ته تون ائين ڪرين ها؟ معصومن جي آهه نه کڻ.“
ڀاءُ ۽ ڀائٽي جي سمجهائڻ تي نورل ٿڌو ٿيو ۽ سڪينه کي پيار ڏيئي
گهر وٺي آيو. پر جڏهن ساران جي منهن چڙهيو ته سندس
سمورو پيار اڏامي ويو ۽ سڪينه معصوم جي پيءُ واري
همدردي به سندس دل مان گم ٿي ويئي.
سڪينه جي مصيبتن جي دور ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. پر چوندا
آهن ته ظلم جي پڇاڙي نيٺ خراب ٿيندي آهي ۽ مظلوم
کي سندس سهپ جو انعام تمام سٺو ملندو آهي.
هڪ ڏينهن شام جو سڪينه ڪم ڪار کان واندي ٿي، وهنجڻ لاءِ ويئي.
اڃا گهڙي نه گذري جو ساران جي رڙو رڙ لڳي ويئي.
”ڇوري، نڪر، صابڻ ٿي کپائين. ڪهڙي ولايت ٿي وڃين
جو بت تي اگهمک پيئي ڪرين.“ مڄاڻ ان مهل سڪينه جو
مامو دودو اچي سهڙيو. هوعاشيءَ وٽان اڳئي ٿي آيو
هو ۽ سڪينه جي مصيبت کان واقف ٿي چڪو هو. هتي اچي
جيڪو رنگ ڏٺائين تنهن کيس باهه ڪري ڇڏيو. هن
سوچيو ته نورل اهڙو هو ڪونه. رحمت جي گذاري وڃڻ
کانپوءِ هن جي انهيءَ روش جو احوال کيس اڄ معلوم
ٿيو. دودي جي اچڻ کان پوءِ ساران جکون گهڻيون پئي
کاڌيون، پر ماٺ ۾ هئي. جڏهن نورل گهر ۾ آيو ته
دودي سان ملي خوش ٿيو. ماني ٽڪي کائي، دودي نورل
کي چيو ”منهنجي بدلي ڪراچيءَ ٿي آهي سوچيم ته تو
وٽان ليئو وجهندو وڃان ۽ هڪڙي شيءِ کپندي هيم سا
به وٺندو وڃان.“ نورل چيو ادا، حڪم تنهنجو، مون وٽ
جيڪي آهي، سو سڀ تنهنجو آهي.“ دودي وراڻيو، ”تووٽ
جيڪي آهي، سو خدا توکي بخشي بچائي ڏي. توکي
يادهوندو ته ادي رحمت جو سڱ، بابا توکي ڪهڙين
حالتن ۾ ۽ بنا بدي جي ڏنو هو. ادي ته وڃي خدا وٽ
پهتي، پر اسان کي اڃا تائين نٿي وسري. ان ڪري
امان، بابا جي راءِ آهي، ته سڪينه کي اسان پاڻ سان
وٺي وڃون.“
”پر ادا.....“ نورل ڪجهه چوڻ چاهيو. دودي ڳالهه ڪٽيندي چيو ته
”تون پنهنجي اندرکان پڇ ته تو اديءَ سان ساٿ
گذارڻ کانپوءِ ان جي نشانين سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو
آهي. جيڪڏهن هن تي بحث ڪندين ته گهڻيون ڳالهيون
کلنديون. ان ڪري اديءَ جواولاد اسان کي ڏي..“
نورل ٿوري سوچي هاڪار ڪئي ۽ سڪينه پنهنجي مئي ماءُ جئري پيءُ جو
گهر ڇڏي پنهنجي مامي سان گڏجي هميشہ لاءِ هلي
ويئي. ڏکن کي ڏولي، سکن جي هنج ۾ کلڻ،مرڪڻ ۽ کيڏڻ
خاطر.
درود شريف
حضور صلعم جن فرمايو ”جيڪو شخص مون تي هڪ ڀيرو درود شريف پڙهندو
الله تعاليٰ ان جي لاءِ عافيت جو دروازو کولي
ڇڏيندو آهي.
(حديث شريف)
موڪليندڙ : شهناز ميمڻ، هالا،
دادا سنڌي سنڌ جون تاريخي
ڪهاڻيون
بختاور شهيد
1947ع جو زمانو هو. زمينداري پوري اوج تي هئي. غريب هارين جي
پگهر جي پورهئي مان، زميندار ست رڇيون کائي رهيا
هيا ۽ پگهر وهائيندڙ هاري ڳڀي لاءِ پريشان هيا.
هارين جي اها حالت ڏسي مرحوم حيدر بخش جتوئي طرفان
اڌو اڌ پٽئي جي تحريڪ شروع ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ جي هارين حصو ورتو. ان ۾ لعل محمد لاشاري به
وڏو ڪردار ادا ڪيو. جيڪو ڊيسراسٽيٽ جي، سي فارم لڳ
تعلقه عمرڪوٽ ۾ هڪ زمين جو هاري هو اها زمين هڪ
انگريز ڪمپني کي. 20 سالن لاءِ مقاطعي تي مليل
هئي، جنهن جا سنڀاليندڙ به زمينداري ذهنيت جا مالڪ
هئا.. جڏهن سنڌ ۾ هاري تحريڪ زور ورتو، تڏهن
زميندارن جي بنگلن ۾ ڏار پوڻ لڳا. سندن دلين ۾ اچي
گدڙ ويٺو ته، جي هي لڱين اگهاڙا ۽ پيرين پيادا
ماڻهو ڪامياب ٿا ٿين، ته سندن فرعونيت کي وڏو ڌڪ
لڳندو. انڪري هنن غريب هارين خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا
۽ کين هر قسم جون تڪليفون ڏيڻ لڳا. پر هارين
پنهنجي تحريڪ کي ڳاڙهي خون جو ريج ڏيئي پختو ڪيو.
22جون 1947ع جي ڳالهه آهي، ته نبي سر جي ويجهو
جهڏو م هارين جو جلسو ٿيو. جنهن ۾ ساري سنڌ جا
هاري اچي گڏ ٿيا، ان وقت ڪڻڪ جا ديرا اڇا هجن.
هارين جي همت ۽ محنت سان، ڌرتي هيرا موتي اپايا،
جيڪي سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيا هيا. لعل محمد ۽
سندس ساٿي، پنهنجن مائرن ۽ ڀينرن کي، ديرن جي
سنڀال لاءِ ويهاري پاڻ جلسي ۾ ويا. جڏهن اسٽيٽ جي
جاگيردارن ڏٺو ته ميدان خالي آهي ۽ ان لٽڻ جو واهه
جو موقعو آهي، تڏهن مئنيجر، عملدارن ۽ ڪاراون سان
گڏجي هارين جي عورتن تي حملو ڪري، اڌ بٽائي ڏيڻ جي
بجاءِ سارو اناج ڦرڻ شروع ڪيو. تڏهن مائي بختاور
جيڪا لعل محمد جي ماءُ هئي. انهن کي چيو ته ڪجهه
ڌيرج ڪريو، مرد واپس اچن ته پوءِ اَن کڻي وڃجو. پر
هنن ظالمن ڪجهه به نه ٻڌو. ان تي مائي ان کڻندڙ کي
اهڙو ته ڌڪو ڏنو، جو هو منهن ڀر وڃي. ڪريو. ظالمن
يڪدم بندوق جي گهوڙي کي تحرڪ ۾ آندو. مائي ڌڪ لڳڻ
شرط چيو ته ”ابا ڏسجو، ماريا ان نه کڻي وڃن.“ ۽
هوءَ فوت ٿي ويئي.
مائي بختاور کي، شهيد ٿئي، ڪي ئي سال گذري ويا آهن، پر اڄ به
سندس اهي لفظ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي رهيا آهن ۽
اسان کي ٻڌائين ٿا ته هتان جي بهادر، غيور ۽ سرويچ
عورتن به هن ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ، پنهنجو ڳاڙهو رت
وهايو. هن جي شهادت، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف جدوجهد ۾،
پورهيت هارين ۽ هارياڻين جي قربانين جو لازوال
مثال آهي. هي مائي سنڌ جي هن دور جي پهرين دلير
عورت آهي. جنهن زميندار شاهيءَ جي خلاف بغاوت
ڪندي، شهادت حاصل ڪئي. مائي بختاور لاشاري، سنڌ جي
جميله پاشا آهي. (آلجيريا جي آزاديءَ جي تحريڪ جي
بهادر شهيد عورت) سنڌ جي جون آف- آر آهي. (فرانس
جي سورمي جنهن پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ انگريزن
سان ٽڪر کاڌو.) سندس قرباني، سنڌ مان جاگيرداريءَ
۽ وڏيراشاهي جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون. اڄ سنڌ
جي هارين ۾ جيڪا سجاڳي ۽ بيداري جي لهر پئداٿي
آهي، سا سندس رت جي وهڻ جو زنده ثبوت آهي. هن مائي
جان ڏيئي سنڌي هارين ۾ نئين تڙپ، نئون جذبو ۽ نئون
ولولو پئدا ڪيو آهي. ان کانپوءِ ”هاري تحريڪ“
جيڪا مضبوطي ۽ قؤت حاصل ڪئي، تنهن زميندارن جون
پاڙون سڪائي ڇڏيون ۽ هاري تحريڪ هڪ زنده حقيقت
بنجي ويئي.
اڪبر ابڙو سائنس
پنو
اڄڪلهه جيترو پني جو مان آهي، اوترو دنيا جي ٻئي ڪنهن شيءِ کي
نه آهي. هن پني جي ئي ڪري دنيا ۾ علم جو دياءُ وهي
رهيو آهي. رسالا، اخبارون، ۽ ڪتاب به پني تي ئي
ڇپجن ٿا. ان کان سواءِ پنو ٻين به ڪيترن ئي ڪمن ۾
استعمال ٿئي ٿو. پارسل ۽ بنڊل به ته انهيءَ مان ئي
ٺاهيا ويندا آهن. دوائن جي بوتلن ۽ ڊٻن تي به پني
جا ليبل لڳايا ويندا آهن. ٿلهو پنو جنهن کي پاٺو
چوندا آهن، ان مان کوکا ٺاهيا ويندا آهن. ۽
ٻيوتمام سنهو پنو به ٿئي ٿو، جنهن مان لغڙ ٺاهيا
وڃن ٿا ۽ هو آساني سان آسمان ۾ اڏامن ٿا. بازار
مان ڪابه شيءِ وٺڻ وڃبي ته اها پني ۾ بند ٿي
ملندي. ايترو چوڻ ڪافي آهي ته پني کان سواءِ اسان
جي زندگي اجائي آهي. پني جي اها اهميت ئي ڪافي
آهي، جو ان مان نوٽ ٺهن ٿا. پني جي ئي مدد سان
اسان کي پراڻي زماني جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جي خبر
پوي ٿي. ۽ ايندڙ نسل به پني جي ئي مدد سان اسان جي
زماني ۾ جو وهيو واپريو آهي، تنهن کي پڙهندا.
اڄ کان ڪيئي سال اڳ جڏهن ماڻهن وٽ پنو ڪونه هو. تڏهن به انهن جي
دل ۾ اها خواهش هوندي هئي، ته هو پنهنجن ڪارنامن
کي محفوظ ڪن. پهرين ته اهي ڪارناما پيڙهي به پيڙهي
ياد ڪيا ويندا هئا. پر انهيءَ وچ ۾ ڪجهه ڳالهيون
وسري به وينديون هيون، ان لاءِ انساني ذهن سوچيو
ته ڪا اهڙي شيءِ تيار ڪجي، جنهن تي ڪي ڪارناما يا
اڻ وسرندڙ ڳالهيون لکي ڇڏجن ۽ اهي محفوظ رهن.
انهيءَ جي لاءِ ڪوشش ڪئي وئي ۽ لکڻ جو طريقو ڳوليو
ويو. ۽ اهو طريقو انهن نشانن تي ٻڌل هوندو هو،
جيڪو انهيءَ شيءِ سان مشابهت رکندوهو. گهڻي عرصي
کانپوءِ جڏهن انسان ڪٽنبن جي صورت ۾ گڏجي رهڻ لڳا.
۽ پوءِ اتان وڌندي وڌندي ڪيترائي ننڍا ننڍا شهر
ٺهي پيا ۽ انهن کي هلائڻ لاءِ ڪنهن حڪومت جي ضرورت
محسوس ٿي ۽ ان جي قانون کي هڪ شهر کان ٻئي شهر
پهچائڻ لاءِ به لکت جي ضرورت محسوس ٿي ۽ مذهبي
ڳالهين کي به محفوظ رکڻ لاءِ به لکڻ ئي اڪيلو
سهارو هو. پر ان وقت جا ماڻهو پنو ٺاهڻ اصل ڪونه
ڄاڻندا هئا ۽ انهيءَ ڪري انهن کي اڄ جي دؤر وانگر
لکڻ جي ايتري سهوليت ڪانه هئي. ٽڪرين، پٿرن هڏن ۽
وڻن ۽ ڪيلي جي پنن ۽ جانورن جي کلن تي لکندا هئا،
کلن تي لکڻ کان اڳ ۾ ان تي رنگ ڪيو ويندو هو.
اڄ کان ڪيئي هزار سال اڳ ۾ مصر وارن پني ٺاهڻ جو طريقو ايجاد
ڪيو. انگريزي زبان ۾ پني کي پيپر چون. پيپر لفظ جي
باري ۾ چيو ٿو وڃي، ته پراڻي وقت جا مصري ماڻهو هڪ
وڻ جي ڇوڏي تي لکندا هئا ۽ ان کي پائيپرس چوندا
هئا، ۽ اهو لفظ پوءِ پائيپرس مان بگڙي انگريزي ۾
پيپر ٿي لکجڻ ۾ آيو.ان کان پوءِ چينين ۽ عربن پنو
ٺاهڻ شروع ڪيو. ۽ ان کي نئون موڙ ڏنو. هو ڪپڙي جي
ٽڪرين مان به پنو ٺاهيندا هئا. انهيءَ وقت ۾ پني
تي لکڻ جو رواج پئجي چڪو هو، پر ڇپائي جي مشين نه
هئڻ ڪري هٿن سان لکندا هئا. ۽ هٿن سان لکڻ ڪري
ڪتابن جون قيمتون به ڳريون ڳريون هونديون هيون ان
ڪري اميرن، بادشاهن ۽ سرندي وارن ماڻهن کانسواءِ
ڪير به ڪتاب وٺي نه سگهندو هو.
نڪي پنو اهڙو سٺو هوندو هو. جهڙو اڄڪلهه آهي پر پوءِ به عربن
پني کي نئين نموني سان ٺاهڻ جو طريقو ايجاد ڪيو.
عربن کان اتر آفريڪا جا مسلمان اهو ڪم سکي اسپين ۾
وڃي انهيءَ فن کي گهڻي ترقي وٺرايائون. ۽
ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا. ۽ پني جي ٺهڻ کانپوءِ
ڪيترائي مدرسا کولايا ويا. اسپين ۾ اسلامي حڪومت
جي ختم ٿيڻ سان ئي پني جي صنعت کي تمام گهڻو نقصان
پهتو. پر عيسائي جيڪي اسپين ۾ هن فن کان واقف ٿي
چڪا هئا. انهن پنهنجن ملڪن ۾ پني جي فن کي عام ڪيو
۽ اهو فن اسپين کان نڪري، فرانس هالينڊ ۽ آخر ۾
وڃي جرمني تائين پهتو. ان کان پوءِ انگلنڊ وارن
پنو ٺاهڻ شروع ڪيو. ان وقت پنو هٿن سان ٺاهيو
ويندو هو. ان ڪري پنو، ٿلهو کهرو، لڳڙو ۽ ميرو
هوندو هو. ڇپائي جي مشين تيارٿيڻ کانپوءِ پني
ڏاڍي ترقي ڪئي، پهرين هن جي ڊيهه گهٽ هوندي هئي.
پر 18 صديءَ عيسوي ۾ هن ڳالهه جو خيال رکيو ويو.
وڏي ۾ وڏي ڊيگهه ويڪر وارو فرانس وارن سڀ کان
پهريان هن ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ پني ٺاهڻ جي مشين تيار
ڪيائون، پر انگلنڊ وارن جي محنت انهيءَ سلسلي ۾
گهڻي ڪامياب وئي. ان کان پوءِ آمريڪا وارن به پني
جي مشين ٺاهي ۽ زماني جي ضرورتن موجب هي فن ترقي
ڪندو رهيو ۽ اڄ ڪلهه اهو پنو هر ڪنهن رنگ ۾ مشين
تي تيار ٿئي ٿو.
پنو هڪ خاص قسم جي گاهه اسپارٽو (Sparto)
۽ بانس جي لڪڙن مان تيار ڪيو ويندو آهي. بانس جي
لڪڙي کي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهايو ويندو آهي ۽ ان
کان پوءِ حوض ۾ جدا جدا مسالن ۾ انهن ٽڪرن کي
ڳاريو ويندو آهي. انهي وقت ائين محسوس ٿيندو آهي
ڄڻ ته ڳاڙهي کير جو درياءَ وهي رهيو آهي ۽ انهيءَ
ڳاڙهي کيرمان هڪ خاص نموني جو پنو ٺاهيو ويندو
آهي. پنو پهريان تمام گهڻو وڏو ٺهي نڪرندو آهي ان
کان پوءِ ان کي ڪٽي ننڍو ڪيو ويندو آهي. ۽ اهو پنو
پوءِ اسان جي ڪتابن، رسالن، اخبارن ۽ ٻين صورتن ۾
اسان جي ڪم اچي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ پني ٺاهڻ جو
اڃان تائين ڪو به ڪارخانو نه آهي. ان ڪري پنو ٻئي
هنڌان گهرايو ويندو آهي پر ان ڏس ۾ هاڻي سٺا سٺا
تجربا ڪيا پيا وڃن.
ننڍڙا اديب
ڪوٽ
سياري جي موسم هئڻ ڪري، سڀ ٻار، اسڪول ۾ سوئيٽريا ڪوٽ پهري
ويندا هئا. پر ويچاري جمن کي هڪ ڦاٽل ٽٽل، چتين
لڳل، سلوار قميص کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو
هو. ويچارو صبح جو ننڊ مان اٿندو هو، ته سيءَ کان
ڏند ٿڙڪڻ لڳندا هئس. بدن ڏڪندو هوس. پر ويچارو صبر
ڪري، ڪتابن جو ٿيلهو ڳچيءَ ۾ وجهي، اسڪول ڏانهن
ويندو هو.
جمن جي ماءُ پاڙي وارن وٽ وڃي ڪم ڪار ڪندي هئي. جتان ڪجهه پئسو
ڏوڪڙ ملندو هوس ۽ ان مان گهر جو خرچ هلندو هو. جمن
جو پيءُ سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري جڏهن گهر ايندو
هو. ته جمن لاءِ ٻه ٽي ٽڪيون يا چاڪليٽ وٺي
ايندو هو. ننڍڙو جمن ”بابا..... بابا“ ڪندو اچي
پڻس کي پيارمان ڀاڪر پائيندو هو ۽ چوندو هو ”بابا
... بابا... منهنجيون ٽڪيون“ ۽ پڻس کيسي مان ٻه
ٽي ٽڪيون ڪڍي ڏيندو هو ۽جمن خوش ٿيندو هو.
اڄ به جمن جو پيءُ، جمن لاءِ ٽڪيون وٺي آيو هو. ۽ جمن سدائين
وانگي پڻس کي ڀاڪر پائي چيو.
”بابا....بابا.... آئون هڪ ڳالهه چوان.“
”ها پٽ، ڀلي!“ پڻس جمن کي موڪل ڏيندي چيو
”بابا، مون تان ٻارٺٺوليون ٿا ڪن ته تون وٽ ڪوٽ ڪونهي، اسان وٽ
نوان نوان ڪوٽ آهن. ۽ بابا مون کي سيءُ ٿيندو
آهي، مون کي ڪوٽ وٺي ڏي نه بابا!“جمن پڻس کي
روئڻهارڪو ٿيندي چيو.
”پٽ! اسين غريب آهيون. پئسو گهر۾ ايندي ئي کپيو وڃي، باقي ڪڏهن
پئسا بچيا ته توکي ضرور ڪوٽ وٺي ڏيندس.“ پڻس جمن
کي دلداري ڏيندي چيو.
جمن جي ماءُ به جمن جي پيءُ کي چوندي هئي، ته مون کي لوئي وٺي
ڏي، مون کي سيءُ ٿيندو آهي.“ ۽ جمن جو پيءُ هن کي
به دلداري ڏيندو ٿي آيو. آخر هو ڪري به ڇا ٿي
سگهيو، غربت هنن لاءِ مقدر بنجي ويئي هئي.
جمن جي ماءُ ڏاڍي سياڻي هوندي هئي. جيڪي پئسا پورهيو ڪري
ڪمائيندي هئي، تن جوچوٿون حصو بچت ڪري رکندي هئي،
ته جيئن آئيءَ ويل ڪم اچي. باقي ٽي حصا گهر جي
خرچ لاءِ رکندي هئي. هوڏانهن جمن پڻس کي روز روز
ستائيندو هو ته مون کي ڪوٽ وٺي ڏي. نيٺ جمن جي دل
جي آس هڪ ڏينهن پوري ٿي. جمن جي پيءُ کي هيل پئسا
بچيا هئا. جن مان پنجويهه روپيه جمن کي ڪوٽ لاءِ
مليا. باقي ٻيا گهر جي خرچ لاءِ رکيا ويا. جمن
خوشيءَ مان پنجويهه روپيه وٺي بازار ڏانهن وڌيو ۽
هڪ دڪان تي پهچي يڪدم بت بنجي بيهي رهيو. سندس
نظرون سامهون شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکيل لوئيءَ تي هيون.
”ڇو نه، آئون لوئي امان لاءِ وٺي وڃان، مون کي ته ڪوٽ پوءِ به
ٿي پوندو“!
اهو سوچي جمن دوڪاندار ڏانهن وڌيو.
”هن لوئيءَ جو گهڻو وٺندين؟“ جمن لوئيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”ٽيهه روپيه“ دوڪاندار وراڻي ڏني. ٿورڙي ريڙهه پيڙهه کان پوءِ
جمن اها لوئي خريد ڪري گهر ڏانهن موٽيو.
هوڏانهن جمن جي ماءُ کي به اچي دل ۾ پئي ته: ڇو نه آئون جمن
لاءِ ڪوٽ گهرايان، مون کي لوئي پوءِ به ٿي
پوندي.“ اهو سوچي جمن کي سڏ ڪيائين پر جمن هجي ته
اچي. ٿوري دير کان پوءِ جمن آيو ته سندس هٿ ۾ هڪ
پارسل هو.
”امان! ڏس آئون تنهنجي لاءِ ڇا وٺي آيو آهيان.“ جمن ماڻس کي.
”ڇا آهي پٽ! ۽ هي تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟“ ماڻس جمن کان پڇيو.
”امان تون پاڻ کولي ڏس“. جمن چيو.
۽ ماڻس جڏهن لفافو کوليو ته اهو ڏسي حيران ٿي ويئي ته ان ۾ هڪ
لوئي هئي.
”پٽ، تو هيءَ لوئي ڪٿان ورتي؟“
”بابا مونکي پنجويهه روپيه ڏنا هئا ته تون وڃي ڪوٽ وٺ، پر آئون
تنهنجي لاءِ هيءَ لوئي وٺي آيس.“ جمن ماڻس کي
پيرائتي ڳالهه ٻڌائيندي چيو.
”پٽ! هي وٺ پنجويهه روپيه ۽ هنن مان تون به ڪو سٺو ڪوٽ وڃي وٺ،
مون هي پئسا لوئيءَ لاءِ گڏ ڪيا هئا. هاڻي مون کي
لوئي ملي ويئي آهي، پر توکي ڪوٽ جي ضرورت آهي.“
ماڻس جمن کي پئسا ڏيندي چيو.
۽ جمن پئسا وٺي بازار ڏانهن ويو. اتان هڪ سٺو ڪوٽ خريد ڪيائين.
هاڻي جمن کي ڪوٽ هو. اهو هو روز اسڪول پائي ويندو
هو. جنهنڪري نه ٻارن جون ٽوڪون سهڻيون پونديون هيس
نڪي سيءُ ئي پوندو هوس.
سنڌيڪار:امتياز شوڪت ابڙو
سريءَ جو وڻ
هڪ گهاٽي جهنگ ۾ ٻه پيارا پيارا ڀالو رهندا هئا. ٻئي هڪ ٻئي سان
تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. هڪ ڏينهن ٻئي جهنگ گهمڻ
نڪتا ته وڏي ڀالو جي نظر سامهون وهندڙواهه تي پئي،
سو يڪدم واهه ۾ وڃي مزي مزي سان وهنجڻ لڳو ۽ ننڍي
ڀالو کي به چيائين ته ”هلي آ“. پر ننڍي ڀالو چيو
ته”ادا وڏا، مون کي زڪام آهي. مان بيمار ٿي پوندس
تون وهنج ته مان وري هتي پاسي ۾ ٿو گهمان.“ ننڍو
ڀالو گهمندي گهمندي ٿورو پرڀرو ويو ته سندس نظر
وڃي سُريءَ جي وڻ تي پئي جتي کيس ماکي جون مکيون
ڏسڻ ۾ آيون. ڀالو ڊوڙ پائي وڏي ڀالو وٽ ويو.جيڪو
پاڻ کي ٽوال سان اگهي رهيو هو ۽ گانا ڳائي رهيو
هو. ننڍي ڀالوءَ چيو ”ادا وڏا، مون ماکي ڏٺي آهي
هلي آ ته پاڻ ماکي لاهيون. پوءِ سامهون سائي سائي
ڇٻر تي ويهي مزي سان مٺڙي مٺڙي ماکي کائينداسون.“
ٻئي وڻ وٽ پهتا ته هيڏي ساري ماکي ڏسي وڏي ڀالو جي
نيت ڦري وئي چيائين ”نه نه، هي ماکي مون ڳولهي
آهي، هي سڄي منهنجي آهي. تون هتان ڀڄي وڃ“. ننڍو
ڀالو ويچارو ڊڄي ويو ۽ هڪ ڪنڊ وٺي وڃي ويهي رهيو.
وڏو ڀالو جهڙو ئي مٿي چڙهيو کيس ماکي جون مکيون
وڪوڙي ويون ڏنگ هڻي هڻي کيس ساڻو ڪري ڇڏيائون.
ننڍي ڀالوءَ ڏاڍي جاکوڙ کان پوءِ وڏي ڀالو کي مکين
کان آزاد ڪرايو. وڏي ڀالوءَ شرم وچان ننڍي ڀالو
کان معافي گهري ۽ کيس ڀاڪر پاتو ٻئي خوش ٿي ويا ۽
پوءِ اٽڪل سان ماکي لاهي سائي سائي ڇٻر تي ويهي
کاڌائون.
ساٿيو انهي مان اهيو سبق پرايو سون ته اتفاق سان ئي فتح حاصل
ٿئي ٿي.
سنڌيڪار: مرشد محبوب
حيدرآباد |