سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 

باب: --

صفحو :4

 

انيس الحسن قاضي

حضور جن سان حيوانن جو ڪلام ڪرڻ

جهڙي طرح الله تعاليٰ اسان انسانن تي حضور نبي ڪريم صه جي حڪمن ۽ سندن شريعت سڳوري جي احڪامن ۽ اطاعت کي اسان تي فرض ڪيو آهي اهڙيءَ طرح جانورن کي به حضور صه جن جو مطيع تابعدار بنايو اٿس مگر نيڪ بختي ۽ سعاتمندي جو تاج سڀني انسانن مان اهل ايمان مومنن جي مٿي تي رکيو ويو آهي اها سعادت فقط انهن کي ئي حاصل آهي حضور جن جي رحمت ۽ رسالت انسانن جنن توڙي حيوانن سڀني لاءِ يڪسان آهي. مگر اطاعت ۽ فرمانبرداري جو حڪم صرف جنن ۽ انسانن لاءِ آهي، حيوانن تي سندن شريعت مبارڪ جي پيروي جو اطلاق نه آهي ته به سندن حڪمن جي پيروي ۽ سندن اطاعت جانور به ڪندا هئا.

هڪ ڀيري هڪ اٺ نبي ڪريم صه جن کي اچي عرض ڪيو ۽ شڪايت ڪيائين ته يا رسول الله صه جنهن قوم وارا رات جو سومهڻي نماز نٿا پڙهن مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته متان انڳالهه سبب انهي قوم تي الله جي طرفان ڪو عذاب نازل ٿي پوي. حضور صه جن ان قوم وارن کي پاڻ وٽ گهرائي کين هدايت فرمائي ته آئنده ائين نه ڪن. رسول الله صه جن جڏهن جانورن جي قرباني ڪندا هئا ته هرڪو جانور اها ڪوشش ڪندو هو ته اول منهنجي قرباني پنهنجي مبارڪ هٿن سان فرمائين.

بگهڙ جو ڪلام ڪرڻ

هڪڙي ڏينهن هڪ بگهڙ شڪار ڪرڻ جي لاءِ هڪ هرڻ جي پويان ٿيو. هرڻ ڀڄندو ڀڄندو اچي ڪعبہ الله شريف جي حد ۾ داخل ٿيو. اهو ڏسي بگهڙ واپس وڃڻ ٿيو جنهن تي اُتي بيٺل ماڻهو عجب ڪرڻ لڳا تڏهن بگهڙ انسانن وانگر ڳالهايو ته اي مڪه معظم وارا! انهي کان وڌيڪ عجيب ڳالهه اوهان کي ٻڌايان سا اها آهي ته مديني طبيه ۾ محمد بن عبدالله جن اوهان کي جنت لاءِ سڏي رهيا آهن مگر اوهين جهنم ڏانهن ڇڪبا پيا وڃو.

اها سڄي خبر ٻڌي مڪي جا گهڻا ماڻهو حضور جن ڏانهن مديني هجرت ڪري ويا ۽ اتي مسلمان ٿي وڃي رهيا.

هرڻي وارو واقعو

هڪ دفعي سرور ڪائنات صه جن هڪ صحرا ۾ سير فرمائي رهيا هئا ته اوچتو ٽي دفعا سندن ڪن مبارڪ تي هي آواز آيو ته يا رسول الله صه! يا رسول الله صه!........................ آواز ڏانهن غور ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته جهنگل ۾ هڪ هرڻي چؤ کنڀي ٻڌي پئي آهي ۽ پاسي ۾ هڪ بدوي چادر مٿان ڪري ستو پيو آهي ۽ آواز اها ٻڌل هرڻي ڏئي رهي آهي. حضور جن هرڻي جي ويجهو وڃي پڇيو ته تون اسان کي ڇو سڏي رهي آهين؟ هرڻي عرض ڪيو ته يا رسول الله هن بدوي مون کي شڪار ڪري ڦاسايو آهي ۽ مون کي ٻڌي قابو ڪري هتي ڦٽو ڪيو اٿس منهنجا ٻه ننڍڙا ٻچڙا هن سامهون واري جبل جي چر ۾ ويٺا آهن مون رات کان انهن کي کير نه پياريو آهي اگر اوهين ٿوري دير جي لاءِ مون کي آزاد ڪريو ته جيڪر آئون پنهنجن ٻچڙن کي کير پياري واپس اچان. هرڻي جواب ڏنو ته يا رسول الله جيڪڏهن مان واپس نه اچان ته الله پاڪ مون تي اهو عذاب نازل ڪري جيڪو محصول وصول ڪرڻ وارن مان رشوت کائيندڙ تي ڪندو يعني امانت ۾ خيانت ڪرڻ وارن تي. حضور جن ان هرڻي کي پنهنجن مبارڪ هٿن سان کولي آزاد ڪيو ۽ پاڻ ان جاءِ تي وهي رهيا ۽ هرڻي هلي وئي ڪجهه دير کان پوءِ هرڻي واپس اچي سهڙي حضور جن کيس ساڳئي طرح ٻڌي ڇڏيو. ٿوري دير کان بدوي جاڳيو ۽ حضور جن کي سڃاڻي ورتائين عرض ڪيو ته يا رسول الله صر منهنجي لائق ڪا خدمت هجي ته فرمايو ته مان اها ڳالهه پوري ڪريان.

حضور صه جن ان بدوي کي فرمايو ته منهنجي فقط اها خواهش آهي ته تون هن غريب هرڻي کي آزاد ڪري ڇڏ. حضور صه جن جو حڪم ٻڌي ان هرڻي کي آزاد ڪري ڇڏيو بس پوءِ ته هرڻي خوشي مان دعائون ڏيندي ڊوڙندي پنهنجي ٻچڙن ڏانهن هلي وئي.

 

عادل ارباب علي چوهاڻ

ٻارن جي بهادري

اسلام جو شروعاتي دور هو حالتون سخت خراب هيون مسلمانن مٿان ڪافرن جا ظُلم حد کان ٽپي چڪا هئا پاڻ سڳورن هڪ هڪ مسلمان کي هجرت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ مسلمان آهستي آهستي هجرت ڪرڻ لڳا آخر ۾ پاڻ سڳورا جن به حضرت ابوبڪر صديق رضه سان گڏجي مڪي شريف مان هجرت ڪري مديني شريف پهچي ويا پر هي به ڪافرن، مسلمانن کي سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو ۽ وڏو لشڪر وٺي مديني تي چڙهائي ڪري آيا ڪافرن جو سردار ابوجهل هو. هيڏانهن نبي ڪريم جن به پنهنجي مختصر فوج 313 مسلمان مجاهدن سان گڏجي 17 رمضان المبارڪ سن 2 هجري تي بدر جي ميدان تي دشمن جي لشڪر سان مقابلو ڪيو ۽ دشمنن کي عبرتناڪ شڪست ڏني هن جنگ ۾ ڪافرن جو سردار ابوجهل ٻن ننڍن ٻارن جي هٿان مارجي ويو خبر اٿو ته اهي ٻار ڪير هئا؟

اهي ٻه ڀائر هئا سندن نالا آهن حضرت معوذ رضه ۽ حضرت معاذ رضه.

جڏهن نبي ڪريم جن جنگ جي تياري ڪري رهيا. هئا، ته ٻئي ڀائر نبي ڪريم جن وٽ آيا ۽ جهاد جي اجازت گهريائون. پر پاڻ ڪريم جن کين سمجهايو ته توهان اڃا ننڍڙا ٻار آهيو. توهان جو قد به ننڍڙو آهي توهان جنگ جي گرميءَ سرديءَ کان به واقف نه آهيو. تنهن تي وڏو ڀاءُ پٻن تي بيهي پاڻ ڪريم جن کي پنهنجو قد ڏيکارڻ لڳو. پاڻ سڳورن سندس شوق جهاد جو جذبو ڏسي وڏي ڀاءُ کي اجازت ڏني ته ننڍي ڀاءُ جلد نبي سائين کي عرض ڪرڻ لڳو ته سائين مان وڏي ڀاءُ کان ملهه ۽ طاقت ۾ زور آهيان تنهن تي نبي ڪريم جن ٻنهي ڀائرن کي ملهه وڙهڻ لاءِ چيو پوءِ ننڍو ڀاءُ، وڏي کي ڪن ۾ چوڻ لڳو ته ادا توکي ته سهڻي سائين کان جهاد جي اجازت ملي وئي آهي. هاڻ تون خدا جي واسطي ملهه ۾ ڪري پئجان ته جئن مون کي به پاڻ سڳورن کان جهاد جي اجازت ملي وڃي. ننڍي ڀاءُ جي چوڻ تي وڏي ڀاءُ ائين ڪيو ته ننڍي ڀاءُ کي به اجازت ملي وئي. جنگ جي ميدان ۾ ٻنهي ڀائرن حضرت حمزه رضه کان پڇيو ته چاچا اسان کي ابوجهل ڏيکار. تنهن تي حضرت حمزه رضه آڱر جي اشاري سان کين ابوجهل ڏيکاريائين. پوءِ ٻئي ڀائر ابوجهل کي للڪاري اچي مٿس ڪڙڪيا پر ابوجهل غرور ۾ بيٺو رهيو ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته هي ننڍڙا ٻار ڇا ڪندا. ايتري ۾ ٻنهي ڀائرن جون تلوارون سندن ننڍن هٿن مان زور سان وڄ ڇا چمڪاٽ ڪري اچي ابو جهل جي ڪنڌ تي ڪريون ۽ چوڻ لڳو ته افسوس اڄ هنن ٻن ٻارن هٿان مارجي ويس. مسلمان مجاهد ابوجهل جو موت ٻن ٻارن جي هٿان ڏسي خوشيءَ سان نعرا هڻڻ لڳا خدا جو شان نرالو آهي ننڍن ٻارن ۾ جهاد جو ڪيڏو نه چاهه هيو شال ڌڻي اسان سڀني ٻارن ۾ به جهاد جو جذبو دلين ۾ پئدا ڪري.

 

مولا بخش محمدي

نبي سڳورو ٻارن ۾...

اسان جو پيارو نبي سڳورو ٻارن سان ڏاڍو پيار فرمائيندو هو شفقت مان سندن مٿي تي هٿ ڦيريندو هو ۽ هنج ۾ کڻي ڪا کائڻ جي شيءِ هنن کي ڏئي خوش ڪندو هو ڪڏهن ته پنهنجي سيني مبارڪ تي وهاري مٺيون مٺيون ڳالهيون پڻ ٻڌائيندو هو. حضور جن جتي وڏن جي ۽ عزت ۽ احترام ڪندا هئا اُتي ننڍڙن کي پڻ شفقت ڏيندا هئا، ايتريقدر جو جنهن وقت حضور جن گهٽين مان لنگهندا هئا ته ننڍڙا ٻار دروازن مان ڊوڙي اچي پاڻ سڳورن کي چنبڙي ويندا هئا ۽ حضور پاڪ جن هنن کي ڪلهي تي کڻي سير ڪرائيندا هوا اگر سوار هوندا هوا ته سواري تي چاڙهيندا هوا ۽ ڏاڍي پريت ڏيندا هوا. هڪ ڀيري مشهور اصحابي حضرت انس رضه جي ننڍي ڀاءُ ابو عمير رضه هڪ سهڻي بلبل راند لاءِ پالي هئي سا اوچتي مري وئي ۽ ابو عمير رضه ڏاڍو ۽ اٻاڻڪو ۽ غم ۾ ويٺو هو ته حضور پاڪ جن آيا ۽ محبت مان فرمايائون ته ”يا ابا عمير مافعل التعير“ يعني اي ابا عمير رضه تنهنجي بلبل کي ڇاٿي ويو؟ ٻارن کي راند ڪندي ڏسي سلام پڻ ڪندا هئا هڪ صحابي سڳوري جو بيان آهي ته آئون ننڍپڻ ۾ وڃي انصارن جي باغ ۾ ڀترن سان کجيون ڪيرائي کائيندو هوس هڪ ڀيري اوچتو مالڪ اچي ويا ۽ مون کي حضور جن وٽ وٺي آيا پاڻ ڪريم جن پڇيو ته ٻچا تون ڀترن سان کجورون ڇو خراب ڪندو آهين؟

۽ پوءِ فرمايائون آئنده ڀترن سان کجورون خراب نه ڪندو ڪر پر جيڪي زمين تي ڪريل هجن اُهي کڻي وٺندو ڪر ۽ ٻاجهه مان منهنجي مٿي تي هٿ ڦيري دعا ڪيائون انهيءَ کان پوءِ مون وري اهڙو ڪوبه ڪم ڪونه ڪيو حضرت انس رضه جن بيان فرمائين ٿا ته آءٌ حضور ڪريم جن وٽ ستن سالن کان خدمت ڪندو اچان مگر مون کي ڪڏهن ائين به نه چيائون ته هيئن ڇو ڪئي؟ ڪنهن جنگ ۾ ڪجهه ٻار مارجي ويا حضور جن کي اهو ٻڌي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ پوءِ جنگ موتہ تي لشڪر روانو ڪرڻۡ وقت فرمايائون خبردار ڪنهن ٻار کي تڪليف نه پهچائجو. پاڻ ڪريم جي پياري پٽ حضرت ابراهيم جي انتقال بعد سندن اکين مان مسلسل لڙڪن جيون لڙيون ڇڻي پيون ۽ چيائون ته ”منهنجيون اکيون لڙڪ واهين ٿيون دل ڏک مان ڀريل آهي اي ابراهيم اسان تنهنجي جدائي ۾ ڏاڍا ڏکويل آهيون مگر اهو ڪنداسون جيڪو الله کي منظور هوندو“ هڪ ڀيري پاڻ سڳورا پنهنجي ڏهٽي حضرت امام حسن رضه کي ڪلهي تي چاڙهي اچي رهيا هئا ته ڪنهن صحابي کلندي چيو ته اي حسن! توکي سواري ته واه جي ملي آهي حضور جن ارشاد فرمايو ته سوار به ڀلو آهي. هڪ ڀيري پاڻ سڳورا خطبه ڏئي رهيا هئا ته حضرت امام حسين رضه جو تمام ننڍو هو سو پري کان ٿڙندو ٿاٻڙندو حضور جن ڏانهن اچي رهيو هو پاڻ سڳورن جي دل محبت مان ڀرجي آئي ۽ ممبر تان لهي وڃي امان عالي مقام کي هنج ۾ کنيائون نه رڳو ايترو پر ننڍي هوندي کان ٻارن ۾ سٺن لڇڻن ۽ حياءَ ۽ شرم جي عادت وڌائون اهوئي سبب آهي جو حضرت فاطمہ رضه جن انتقال کان اڳ فرمايو ته منهنجي جنازه کي رات ۾ کڻجو جيئن ڪنهن غير محرم جي نظر نه پوي! هڪ ڀيري پاڻ سڳورا حضرت امام حسين رضه کي محبت مان چمي رهيا هئا ته ڀر ۾ اقرع بن جاليس نالي صحابي پڻ ويٺو هو جنهن چيو اي الله جا رسول! منهنجا ڏهه ٻار آهن مگر آءٌ ته ڪنهن هڪ کي به ڪونه چمندو آهيان پاڻ ڪريم جن فرمايو ته جيڪو زمين وارن تي رحم نه ڪندو. اُن تي آسمان وارو پڻ رحم ڪونه ڪندو انهيءَ قسم جي ٻي روايت آهي ته حضرت عائشه رضه جن فرمائين ٿيون ته هڪ وار حضور جن ٻارن کي چميون ڏئي پيار ڪري رهيا هئا ته هڪ اعرابي عجيب مان ڏسي رهيو هو ۽ چيائين يا رسول الله مون تي ٻارن کي ڪڏهن به چمي ڪونه ڏني حضور جن فرمايو ته رب پاڪ تنهنجي دل مان رحم ۽ محبت ڪڍي ڇڏي ته آءٌ ڇا ڪريان. حضور پاڪ جن عيد نماز لاءِ وڃي رهيا هئا ته ٻار رنگا رنگا ۽ صاف ڪپڙا پائي عيد گاهه ڏانهن اچي رهيا هئا. اوچتو حضور جن جي هڪ ٻار تي نگاهه پئي جيڪو هڪ ڪنڊ ۾ روئي رهيو هو ۽ هن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيل هئا. حضور جن محبت مان ان کي هنج ۾ کڻي فرمايو پٽ! تون ڇو روئي رهيو آهين. هن ورندي ڏني ته منهنجا ماءُ پيءُ مري ويا ۽ يتيم بنجي چڪو آهيان ٻيا ٻار سٺا کاڌا کائي نوان ڪپڙا پائي عيد نماز لاءِ وڃي رهيا آهن مون پيٽ بکايل وٽ ته ڪجهه به ڪونهي. حضور پاڪ جن کيس محبت مان کڻي گهر آيا جتي کاڌو کارائي ڪپڙا ڍڪائي چيائون ٻچا هن گهر کي پنهنجو گهر سمجهه. حضور پاڪ جن کي ننڍڙن ٻارن جي ٻولن سان پڻ پيار هوندو هو پاڻ سڳورا جڏهن مڪي مان هجرت ڪري مدينه اچي رهيا هئا ته انصارن جيون ننڍڙيون ڇوڪريون حضور جن جي آجيان ڪرڻ لاءِ گيت ڳائي رهيون هيون ۽ چئي رهيون هيون ته نحد من بني نجار يا صبذا محمدا من جار يعني اسان بني نجار خاندان جيون ڇوڪريون آهيون ۽ نبي ﷺ ڪهڙا نه سٺا پاڙيسري آهن. جڏهن حضور جن انهن ٻارن وٽان لنگهي رهيا هئا ته چيائون ڇا اوهان کي مون سان محبت آهي. ٻارن جواب ڏنو ها يا رسول الله حضور جن فرمايو ته آءٌ به اوهان سان محبت ۽ شفقت رکان ٿو. حضرت زيد رضه جي پٽ اُسام رضه کي حضور جن ايتري ته محبت ڏيندا هئا جو هڪ ڪلهي تي امام حسن کي ٻئي تي حضرت اُسام رضه کي چاڙهي هلندا هئا. ۽ چوندا هئا ته اي اُسامه جي تون ڇوڪري هجين ها ته توکي زيورن سان سينگاري ڇڏيان ها. حضرت ابو ايوب بن موسيٰ کان روايت آهي ته حضور جن چيو ته ڪوبه پيءُ پنهنجي پٽ کي سٺن لڇڻن کان وڌيڪ ڪابه قيمتي شيءِ ڏئي نٿو سگهي. ۽ حڪم فرمايائون ته جڏهن اوهان جا ٻار ستن سالن جا ٿين ته هنن کا نماز سيکاريو ۽ جنهن وقت ڏهن سالن جا ٿي وڃن ته هنن کي سختي ڪري نماز پڙهايو.

 

دادا سنڌي

پارس جهڙي ڳالهه

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته، مسجد نبوي ۾ سرور ڪائنات حضرت محمد ﷺ، جلواه افروز هيا. سندن درٻار ۾ شام رسالت جا پروانا اصحاب سڳورا به موجود هيا. هي درٻار نبوي هئي. جنهن ۾ الله ۽ الله جي دين جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون دنيا کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ، امن ۽ صلح قائم ڪرڻ، انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪجهه ڪرڻ تي ويچار ٿي رهيو هو ته ايتري ۾ هڪ ماڻهو اچي، پاڻ سڳورن کان ڪجهه سوالن جي جوابن حاصل ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي، پيڪر جمال صلعم، کين سوال ڪرڻ جي اجازت ڏني. هن شخص پهريون سوال ڪيو ته ”يا، رسول الله، منهنجي مرضي آهي ته مان سڀ کان وڏو عالم بڻجان.“ ارشاد ٿيو ته: تون هر وقت الله کان ڊڄندو رهه، ته تون سڀ کان وڏو عالم بڻجي ويندين ٻيو سوال ڪيائين ته ”مان چاهيان ٿو ته، سڀ کان وڌيڪ مالدار ٿيان.“ فرمايائون ته قناعت اختيار ڪر ته، تون سڀ کان وڏو مالدار ٿي ويندين. ان شخص ٽيون سوال ڪيو ته منهنجي مرضي آهي ته ماڻهن ۾ سڀ کان بهتر ٿيان. جواب مليو ته جيڪو ماڻهو عام مخلوق کي فائدو پهچائي، اهو سڀ کان بهتر آهي، تون ماڻهن لاءِ فائديمند ٿي ته سڀ کان بهتر آهين. چوٿون سوال ڪيو ويو. ته مان سڀ کان عادل منصف ٿيڻ چاهيان ٿو. حڪم ٿيو ته ٻين لاءِ به اهوئي پسند ڪر جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪرين ته تون سڀني کان وڌيڪ عادل ۽ منصف ٿي ويندين. ان ماڻهو پنجون سوال ڪيو ته. مان خدا جي بارگاهه ۾ قرب ۽ پيار حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. جواب مليو ته، الله جو ذڪر گهڻو ڪر ته سندس قرب ۽ پيار حاصل ڪندين- ڇهون سوال ڪيو ويو ته- ”منهنجو شمار، مخلص ۽ صالح بندن ۾ ٿئي.“ پاڻ سڳورن فرمايو ته. تون خدا جي عبادت اهڙي طرح ڪر ته ڄڻ تون خدا کي ڏسي رهيو آهين، جي ائين نه ٿي سگهي ته پوءِ ايترو سمجهه ته خدا توکي ڏسي رهيو آهي“ ان ماڻهو ستون سوال ڪيو ته- ”مان پنهنجو ايمان مڪمل ڪرڻ چاهيان ٿو-“ ارشاد ٿيو ته- تون پهرئين پنهنجو اخلاق سڌار تنهنجو ايمان ازخود مڪمل ٿي ويندو. اٺون سوال ڪيو ويو ته- ”مان اطاعت گذران ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو-“ فرمايائون ته ”تون فرضن جي ادائگي ۾ ڪوتاهي نه ڪر، ته تنهنجو شمار اطاعت گذار ٻانهن ۾ ٿيندو.“ ان نائون سوال ڪيو ته منهنجي تمنا آهي ته، حشر ۾ نور مونسان گڏ هجي ته جواب مليو ته- ”تون ڪنهن تي ظلم نه ڪر ته قيامت جي ڏينهن نور توسان گڏ هوندو.“ ڏهون سوال ڪيو ته منهنجي خواهش آهي ته ”خدا مون تي رحم جي نظر ڪري.“ ارشاد ٿيو ته. ”تون (اطاعت ۽ عبادت جي رستي) پنهنجو پاڻ تي رحم ڪر ۽ (حسن سلوڪ جي رستي) مخلوق تي رحم ڪر ته خدا توتي رحم جي نظر ڪندو.“ ان ماڻهوءَ يارهون سوال ڪيو ته ”منهنجي مرضي آهي ته منهنجا گناهه گهٽجي وڃن“ جواب ۾ حڪم ٿيو ته توجهه استغفار تمام گهڻي ڪر، تنهنجا گناهه گهٽجي ويندا.“ ٻارهون سوال پڇيو ويو ته ”مان بزرگ ٿيڻ چاهيان ٿو.“ فرمايائون ته. ”مصيبت ۾ الله جي شڪايت نه ڪر، ته تون بزرگ ٿي ويندين.“ تيرهون سوال ڪيو ته ”منهنجي رزق ۾ برڪت ٿئي.“ حڪم ڪيو ويو ته ”تون هميشہ پاڪ يعني باوضو رهه ته تنهنجي رزق ۾ برڪت ٿيندي. چوڏهون سوال ڪيو ويو ته ”منهنجو شمار خدا ۽ ان جي رسول جي دوستن ۾ ٿئي.“ فرمايائون ته ”جيڪا ڳالهه خدا ۽ ان جي رسول کي پسند آهي تون به ان کي پسند ڪر ۽ جيڪا ڳالهه خدا جي ان جي رسول کي پسند نه آهي تون ان کي پسند نه ڪر ته تون خدا ۽ ان جي رسول جي دوستن ۾ شمار ٿي ويندين.“ ان ماڻهو پندرهون سوال ڪيو ته ”مان چاهيان ٿو ته خدا جي غضب کان بچان“ پاڻ فرمايائون ته ”تون ڪنهن تي اجايو غصو نه ڪر ته تون خدا جي غضب کان بچي ويندين“ سورهون سوال ڪيو ويو ته ”منهنجي هر دعا قبول ڪرڻ ڪيئن ٿئي.“ ارشاد ٿيو ته ”تون پاڻ کي حرام شين ۽ حرام ڳالهين کان بچاءِ ته تون جيڪا به دعا گهرندين سا قبول ٿيندي. ان ماڻهو سترهون سوال ڪيو ته ”منهنجي مرضي آهي ته قيامت ۾ الله سڀني ماڻهن جي اڳيان بي عزتي کان بچائي.“ حڪم ٿيو ته ”تون بدڪاري کان پاڻ کي بچائي ته قيامت ۾ الله توکي سڀني جي آڏو بي عزتي کان بچائيندو.“ ان وري سوال ڪيو ته ”الله منهنجا عيب ڍڪي.“ فرمايائون ته ”تون ٻين جا عيب ڍڪ ته الله تنهنجا عيب ڍڪيندو.“ ان شخص پڇيو ته ”ڪهڙي ڳالهه الله وٽ افضل آهي.“ ارشاد ٿيو ته ”بهترين اخلاق، عجز ۽ انڪساري مصيبت ۽ تڪليف ۾ صبر ڪرڻ ۽ خدا جي فيصلي تي راضي رهڻ افضل ترين نيڪيون آهن.“ ٻئي دفعي فرمايائون ته ”گناهن کان پرهيز ڪريو ته اوهين سڀ کان وڌيڪ عابد ٿي ويندا. خدا اوهان کي جيڪي ڏنو آهي ان تي راضي رهو ته امير ٿي ويندا. ماڻهن لاءِ اهو پسند ڪريو جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٿا پنهنجي پاڙيسري سان احسان ڪريو ته مومن بڻجي ويندا ۽ زياده نه کلندا ڪريو ڇو ته انسان دل مرده ٿي ويندو آهي يعني ان جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي.

پيارا ٻارو، هي آهي مصلح اعظم ۽ محسن انسانيت صلعم جن جي پارس جهڙي ڳالهه، جنهن تي جيڪڏهن اوهان عمل ڪيو ته اوهان سچ پچ سون بنجي ويندا هي ڳالهه ساري اسلامي تعليم جو نچوڙ آهي، جنهن ۾ دين ۽ دنيا ۾ حقوق الله ۽ حقوق العباد ٻنهي جو هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو ذڪر آهي.

 

مظهر علي عباسي

يتيمن جي پرگهور

نبي ڪريم ﷺ جن هميشہ مصيبت زدهه مردن ۽ عورتن جي مدد ڪندا رهندا هئا. جڏهن به ڪنهن ننڍڙي ٻار کي پريشان حال ۾ ڏسندا هئا. ته کين ڏاڍو ڏک ٿيندو هو، ۽ پاڻ ان ٻار جي هر طرح دلجوئي ڪندا هئا.

عيد جو خوشين ڀريل ڏينهن هو. مديني ۾ چوڌاري خوشيون ملهائجي رهيون هيون. مرد، پوڙها ۽ ٻار سڀ عمدا ڪپڙا پايو، عيد نماز ادا ڪرڻ بعد عيدگاهه کان واپس موٽي رهيا هئا.

ان وقت ٻار ته خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيا. انهن مان ڪي عمديون مٺايون کائي رهيا هئا ته ڪي وري سٺيون ۽ سهڻيون شيون خريد ڪري رهيا هئا.

رسول الله صلعم جن نماز کان فارغ ٿي، عيدگاهه کان ٻاهر نڪتا ۽ اڃان ٿورو اڳتي وڌيا، ته سندن نظر هڪ غريب ڇوڪري تي پئي.

ان وقت ان غريب ٻار جا ڪپڙا ڦاٽل هئا. اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون. هو حسرت وچان انهن ڇوڪرن ڏي نهاري رهيو هو. جيڪي مٺايون ۽ لذيذ شيون کائي رهيا هئا.

ان ٻار جي غمگيني ڏسي، کين ڏاڍو صدمو رسيو ۽ حضور وڌي ان ٻار وٽ آيا. هن جي مٿي تي هٿ گهمائي پڇيائون ”پٽ تون ڇو پيو روئين“؟ حضور جن جا اهي پيار ڀريا لفظ ٻڌي. ان غريب ڇوڪري جي دل ڀرجي آئي، ۽ هن پنهنجو منهن گوڏن ۾ لڪائي ڇڏيو. حضور جن ٻار جي مٿي تي شفقت جو هٿ ڦيريندي هن کان سندس غمگينيءَ جو سبب پڇيو. آنحضرت جن جي ههڙي محبت ڏسي، ڇوڪري سڏڪا ڀري چوڻ لڳو. ”منهنجو پيءُ جهاد ۾ شهيد ٿي ويو آهي،: منهنجي ماءُ هڪ ٻئي ماڻهو مان شادي ڪئي آهي. اهو ماڻهو مون کي ٻئي جو ٻار سمجهي نفرت ڪندو رهندو آهي. اڄ هن مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي.“

غريب ٻار جي ڏک ڀري ڳالهه ٻڌي، آنحضرت جن کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ ان ڇوڪري کي تسلي ڏيندي چيائون ”ابا، ان ۾ ڏک ڪرڻ جو ڪهڙو ڪم؟“ حضور جن چيو منهنجا ماءُ پيءُ به (حضور ڪريم صلعم جن جا والدين) منهنجي ٻالپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويا هئا. پٽ جيڪڏهن آءٌ تنهنجي پيءُ جي جاءِ تي، ۽ عائشه تنهنجي ماءُ جي جڳهه تي ٿي وڃن ته ڇا تون خوش نه ٿيندين؟ حضور جن جا اهي پيار ڀريا لفظ ٻڌي ڇوڪرو ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ پاڻ سڳورا ان غريب ٻار کي وٺي، پنهنجي گهر ڏي روانا ٿيا، اتي پهچي پنهنجي گهر واري بيبي عائشه رضه کي چيائون هان وٺ! خدا تنهنجي لاءِ هڪ پٽ موڪليو آهي ايترو فرمائي بيبي عائشه کي ان غريب ٻار جي سموري ڳالهه ٻڌايائون. بيبي صاحبه ان غريب ٻار کي پنهنجي هٿن سان وهنجاريو، ۽ مزيدار طعام کارائي، عمدا ڪپڙا پارايا. ۽ پوءِ اهو ٻار به ٻين ٻارن سان گڏ عيد جون خوشيون ملهائڻ لڳو.

نماز بيحيائي ۽ برن ڪمن کان روڪي ٿي.


 

سيما ابڙو

مَسجدِ نبوَيّ

پهرين هجري ۾ آنحضرت صلعم، جن هن مسجد جو بنياد رکيو ۽ اصحابين ان جي تعمير ۾ شرڪت ڪئي.

شروعات ۾ مسجد جي ڊيگهه 90 فوٽ ويڪر 105 فٽ، اوچائي اَٽڪل 10 فوٽ، ڀت جي ٿولهه ڏيڍ فوٽ. ڇت کجي جي پنن جي، فرش ڪچو ۽ ان کي ٽي دروازا هوندا هئا.

خيبر جي فتح کان پوءِ سنه 7 هه ۾ آنحضرت صلعم جن مسجد ۾ واڌارو آندو ۽ ان جي ڊيگهه 150 فوٽ ۽ ويڪر 150 فوٽ عمارت چورس ٺاهيائون. مسجد سان لاڳيتو ازواج مطهرات جي لاءِ حجرو تعمير ٿيو.

سنه 18 هه ۾ حضرت عمر رضه جن اضافو ڪري، ڊيگهه 210 فوٽ ويڪر 180 فوٽ ۽ ڇهه دروازا تعمير ڪرايائون.

سن 29 هه ۾ حضرت عثمان اڃا به واڌارو آڻي، ڊيگهه 160 گز ۽ 150 گز ڪري ڇڏي ۽ مسجد کي رنگ روپ سان سينگاريو، ۽ پاڻ ئي قبلي ڏي رخ جو واڌارو آندو جنهن جو محراب ”محراب عثماني“ جي نالي سان مشهور آهي.

سنه 88هه کان وٺي سنه 91هه تائين وليد بن عبدالملڪ تعمير ۾ واڌارو ڪيو ته ڊيگهه 300 فوٽ ۽ ويڪر 250 فوٽ ٿي ويئي.

سنه 161هه کان وٺي سنه 165 تائين خليفه مهدي بن منصور پڻ واڌارو ڪري ڊيگهه 300 گز ۽ ويڪر 180 گز ڪري ڇڏي. پوءِ وري معتصم بالله تعمير ڪرائي.

ملڪ ناصر جنهن مسجد جا ورانڊا ٺهرايا- ملڪ اشرف انهن ورانڊن کي ڊاهي وري نئين سر جوڙايا.

سنه 853هه ۾ شاهه ظاهر حقيق روضي پاڪ ۽ مسجد جون ڇتيون وري نئين سر تعمير ڪرايون.

سنه 924 ۾ ملڪ ناصر غازيءَ وري مسجد جي ڀتين جو نقشو بدلايو- سنه. 980هه ۾ سليم خان مسجد جي عظيم الشان تعمير ڪرائي سنه 1999هه ۾ سلطان مراد خان، ان جي ڊيگهه ۾ اضافو ڪيو- سنه 1254هه کان وٺي سن 1266هه تائين ٻارهن سال سلطان عبدالمجيد خان نئين سر تعميري ڪم ڪيو. گنبذ خضرا به ٺهرايائين- باقي عمارت گنبذ نما ۽ رنگ روپ ۽ قرآني آيتن سان مزين ڪرايائين. ۽ انهن جي ئي نالي سان باب مجيدي قائم آهي.

انهن کان پوءِ باقي ڪم سلطان عبدالعزيز پورو ڪرايو.

سنه 1336هه ۾ فخري پاشا محراب نبوي ۽ محراب سلطاني جي مرمت ڪرائي- 1342هه ۾ عبدالعزيز بن مسعود ورانڊي جي ڪلر ٿيل زمين کي چئني طرفن کان پڪو فرش لڳرايو- نئي واڌاري کان اڳ مسجد جي ڊيگهه 381 فوٽ ۽ ويڪر 216 فوٽ هئي- سنه 1318 هه ۾ سلطان عبدالعزيز مسجد کي واڌاري ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو.

سنه 1372هه ۾ سعود بن عبدالعزيز نئين عمارت جو بنياد رکيو. چئني طرفن کان گهر خريد ڪري مسجد ۾ ملايا ويا. جيڪي 22955 مربع ميٽر ٿيندا. اصل ۾ باب جبرئيل باب رحمت، باب مجيدي، باب الدع ۽ باب السلام پنج دروازا هئا ۽ هاڻ ڏهه دروازا آهن. اسي اسي گز وڏيون ميناريون آهن. ڀتين کي لڳل 484 مربع ٿنڀا آهن گول ٿنڀن جو تعداد 232 آهي. مسجد جون ڪمانون 489 دريون 144 ڀتين جو بنياد 6 گز اونهو ۽ مينارن جو بنياد 22 گز اونهو آهي.

مسجد جي پکيڙ عهد نبوي جي زماني ۾ ٿوري هئي.

۽ سعودين جي واڌاري کان پوءِ 1632700000 مربع ميٽر ٿي ويئي. پر جلدئي ان ۾ اضافو ٿيڻ وارو آهي. جنهن جڳهه تي پاڻ حضور اڪرم صه جن نماز پڙهائيندا هئا. اها جڳهه ”محراب النبي“ جي نالي سان مشهور آهي. ان جي ساڄي طرف هڪ وڻ هوندو هو جنهن کي ٽيڪ ڏئي پاڻ حضور اَڪرم صلعم جن خطبو ڪندا هئا. ان جي ويجهو هڪ خوبصورت ممبر ٺهيل آهي- ان ممبر جي روضي پاڪ جي وچ ۾ جنت جي ٻاري آهي- ان ٻاريءَ ۾ ڪجهه ٿنڀا آهن. انهي ۾ هڪڙو ٿنڀو حضرت عائشه جو آهي جتي حضرت عائشه نماز پڙهندي هئي- هن ئي جڳهه تي سرير رضه ابي لبابه رضه جو ٿنڀو آهي انهن ٻنهين ٿنڀن سان حضرت سرير رضه و حضرت ابو لبابه جن غلطيءَ جي معافي جي لاءِ پاڻ کي ٻڌي ڇڏيو هو. جڏهن وحيءَ جي ذريعي معافي ملي ته پاڻ حضور جن پنهنجي هٿن مبارڪ سان ان کي کوليو.

وفد جا ٿنڀا اهي آهن جتي هر اچڻ واري قاصد سان پاڻ حضور جن ملاقات ڪرڻ فرمائيندا هئا.

مسجد جي چئني طرفن کان دالان آهن- قبله جي طرف دالان جي ساڄي پاسي آن حضور صلعم جن جو روضو مبارڪ آهي- جنهن جي هر ڪناري تي خوشنما ڄاريون آهن- ۽ اندر هڪ ڍڪيل ڪمرو آهي جنهن ۾ آن حضور صلعم حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت عمر رضه جون ٽي قبرون آهن- ڄاري جي ويجهو مواجه ۾ ادب سان بيهي حضرت صلعم جن تي سلام پڙهيو ويندو آهي- حضور صلعم جن جو ارشاد آهي ته ”جنهن منهنجي موت کان پوءِ منهنجي زيارت ڪئي ان ته ڄڻ مون کي زندگيءَ ۾ ڏٺو.“ ۽ وڌيڪ فرمايائون ته ”جنهن منهنجي قبر جي زيارت ڪئي ان جي لاءِ ته منهنجي شفاعت واجب ٿي ويئي.“

 

خدا غرور ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com