بشير احمد جوڻيجو
سَروَرِ ڪَائِنَاتّ
اسان جو نبي ڪريم ﷺ، محسن انسانيت، 12- ربيع الاول سومر ڏينهن
صبح صادق جو مطابق 20- اپريل 571ع ۾ مڪہ معظمہ ۾
پيدا ٿيا، سندن ولادت کان ٿورا مهينا اڳ سندن والد
صاحب حضرت عبدالله، شام جي سفر دوران يثرب يعني
مدينہ منوره ۾ وفات ڪري ويا هئا. سندن ولادت کان
اڳ ۾ سندن والده سائڻ کي ڏاڍا پيارا حيرت جهڙا
خواب ڏسڻ ۾ ايندا هئا. کين درن، دروازن، وڻڻ ٽڻن ۽
پٿرن وٽان به سلام ٿيندا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. نيٺ نون
مهينن جي مدت پوري ٿين ته خواب ۾ غيبي آواز آين ته
”فرزند جي ڄمڻ جي مبارڪ هجيو. ڄمڻ تي الله واحد جي
حوالي ڪري ڇڏجو ۽ سندن نالو ”محمد“ رکجو. اهي خاتم
الانبيا (آخري نبي) آهن.“
حضرت آمنه پنهنجي سهري حضرت عبدالمطلب کي خواب ٻڌايو. جيڪي پوءِ
پاڻ سڳورن جي ولادت بعد پاڻ سڳورن کي ڪعبةالله
شريف ۾ کڻي ويا ۽ خدا پاڪ جي حمد ۽ ثنا بعد سندن
نالو ”محمد“ رکيو، جنهن جي معنيٰ آهي (ساراهيل).
تڏهن عرب ۾ رواج هوندو هو، ٻارن جي پالڻ لاءِ ٻارن کي ٿڃ
پياريندڙن جي حوالي ڪيو ويندو هو. پاڻ صه سڳورن جي
پيدائش جي سڄي سال سڄي عرب ۾ ڏڪر پيل هو. کاڌ
خوراڪ جي تنگي ٿي ويئي هئي، ٻڪرين جا ٿڻ به سڪي
ويا هئا. بني سعد گهراڻي جي حضرت حليمہ کي خواب ۾
اشارو ٿيو ته قريش ۾ هڪ ٻار پيدا ٿيو آهي، جنهن جو
نالو آهي ”محمد“. وڃي کيس ٿڃ پيار، توتي رحمتون
نازل ٿينديون. بني سعد جي ٻين عورتن کي به اهو
آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ اهي به مڪي شريف روانيون ٿيون پر
هڪ يتيم ٻار کي ڏسي موٽيون ۽ حضرت حليمہ ۽ سندس
مڙس پاڻ سڳورن کي پالڻ لاءِ وٺي آيا ۽ مٿن خدا پاڪ
جي رحمتن جو سايو ڇانئجي ويو.
پاڻ سڳورا بيبي حليمہ سعديہ جي رڳو هڪڙي ڇاتيءَ جو کير پيئندا
هئا ۽ ٻي ڇاتيءَ جو کير پنهنجي ٿڃ شريڪ ڀاءُ، بيبي
حليمہ جي پٽ لاءِ ڇڏي ڇڏيندا هئا.
پاڻ سڳورا ڳالهائڻ جهڙا ٿيا ته پهريان پيارا ٻول جيڪي سندن زبان
مبارڪ اُچاريا سي هئا: ”الله اڪبر، الله اڪبر،
الحمدلله رب العالمين“ يعني الله وڏو آهي، الله
وڏو آهي، سڀ ساراهه انهيءَ جهانن جي پالڻهار جي
آهي. نيڪ بخت بيبي حليمہ جا چار ٻار ڌيءَ پٽ هئا،
پاڻ سڳورن ٽن سالن جي ڄمار کان چڙهيا ۽ پنهنجي
انهن ٿڃ شريڪ ڀائرن ڀيڻن سان ساڻن گڏجي وڃي ٻڪريون
چارڻ لڳا ته منهنجا ٿڃ شريڪ ٻڪريون ٻڪريون چارڻ
وڃن ٿا ته مان به ڇونه وڃان.
چئن سالن جا ٿيا ته بيبي حليمہ مڪہ اچي کين سندن والده سڳوري
آمنہ جي حوالي ڪيو. اُتي هڪ ڏينهن پنهنجي چاچي ابو
طالب سان گڏ خانه ڪعبہ وٽان لانگهائو ٿيا، جيڪو
تنهن وقت بت خانو بنيل هو ته بيهوش ٿي ويا ۽ ان
بيهوشيءَ جي حالت ۾ کين محسوس ٿيو ته ڪو چوي پيو:
”اي محمد تون انهن بتن کان پري رهه.“
پنجن سالن جا ٿيا ته، سندن والده سڳوري وفات ڪري ويئي ۽ سال سوا
کان پوءِ سندن سرپرست ۽ مهربان ڏاڏو حضرت
عبدالمطلب به گذاري ويو ۽ سندن سارسنڀال ۽ سرپرستي
جو ذمو سندن سڳي چاچي حضرت ابوطالب کنيو ۽ ان کي
آخر دم تائين خوب نڀايو.
پاڻ سڳورا ننڍپڻ ۾ نه عام ٻارن سان کيڏندا ڪڏندا هئا ۽ نه شوخي
شرارت يا ڪنهن ڳالهه تي هوڏ ئي ڪندا هئا- اتي جي
رواج مطابق ٻڪريون چارڻ ويندا هئا. صبح کان شام
تائين جهنگ ۾ رهندا هئا ۽ شام جو سج لٿي مهل موٽي
پنهنجي چاچي صاحب وٽ ايندا هئا.
(9) سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي چاچي ابو طالب سان واپار سانگي ”شام“
ملڪ ڏانهن اسهيا ته شام ملڪ جي شهر ڊمري جي مشهور
عيسائي عالم ۽ راهب ”بحيره“ کين ڏسي ورتو ۽ چيو ته
”هائو“ هي اهوئي آهي جنهنجو اسان کي انتظار هو
پوءِ هن حضرت ابو طالب کي چيو ته هي ڇوڪرو آخري
زماني جو پيغمبر آهي، مون مٿس آسمان جي بادلن ۽
جهنگ جي وڻن کي ڇانو ڪندي ڏٺو آهي. پوءِ بحيره
سندن پٺي مبارڪ تي نبوت جي مهر جو نشان ڏسي چيو ته
”بيشڪ توهان ئي آهيو جنهن جي خوش خبري يسوع مسيح
(عليہ) ڏني هئي.“
10-11، سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي نبوت واري ڏات ڀري ڏاهپ سان خانه
ڪعبه ۾ حجر اسود رکڻ مسئلي تي جدا جدا قبيلن جي وچ
۾ ڀيانڪ جڳڙي ٿيڻ جي صورتحال کي اهڙي طرح رفع دفع
فرمايو جو حجر اسود کي کڻي رکيائون چادر ۾ ۽ سڀني
کي چيائون ته مقرر هنڌ تائين چادر کي کڻي هلن ۽
پوءِ پاڻ پنهنجي هٿن مبارڪن سان حجر اسود کي ڪعبي
جي ڀت واري مقرر هنڌ تي رکيائون. نه تون ڇا، تون
ڇا ٿي ۽ نه مارا ماري ٿي.
ننڍپڻ کان ئي سوچ ويچار ڪندڙ هئا. هر ڳالهه تي وڏي ڏاهپ سان
راءِ ڏيندا هئا ۽ ڪنهن مسئلي تي پنهنجي حقي راءِ
ڏيڻ ۾ بنہ نه هٻڪندا هئا. هڪ ڀيري سندن ڏاڏي صاحب
حضرت عبدالمطلب وٽ ڪجهه ماڻهو آيا. جن وڏي نياز ۽
نوڙت سان اچي سندن ڏاڏي صاحب جا پير چميا ۽ ڏوڪڙ
ڪڍي سندن ڀيٽا رکيا. پاڻ صه کانئن پڇيو ”هنن اوهان
جا هٿ پير ڇو چميا ۽ اوهان کي ايترا ڏوڪڙ ڇو ڏنا“؟
ڏاڏي صاحب وراڻين پُٽ! انهيءَ ڪري جو اسان سندن
قبيلي جا سردار آهيون ان تي پاڻ سڳورن چين، ”پر
ڏاڏا سائين! منهنجي خيال ۾ ته سردار اهو آهي، جيڪو
ماڻهن کان ڪجهه وٺڻ بدران پاڻ ڪجهه ٻين کي ڪجهه
ڏئي ٿو.“
ننڍپڻ کان نوجواني تائين سندن نيڪي ۽ سچائي ماڻهن تي ايتري قدر
پڌري ٿي چڪي هئي، جو کين مڪي وارن ”امين“ ڪري ئي
ڪوٺيو، جنهن جو مطلب آهي ايماندار سچار- ۽ انصاف
کان ڪم وٺڻ وارو.
پاڻ سڳورن سان سدائين غيبي طاقت (خدائي مدد) هوندي هئي. نبوت جي
تيرهين سال آنحضرت جي عمر 53 سال هئي. 622ع ۾ قريش
اسلام جي عالمگيري ڏسندي فيصلو ڪيو ته هر هڪ قبيلي
جو هڪ هڪ ماڻهو گڏجي محمد صه تي حملو ڪري انهيءَ
صورت ۾ اهو خون سڀني ۾ ورهائجي ويندو ۽ بنو هاشم
ڪنهن سان وڙهي ڪنهن سان وڙهندا- انهيءَ تي قريشن
پاڻ ۾ معاهدو ڪيو ۽ هڪدم رسول الله جي گهر کي
محصور ڪيائون- اهي عرب پرائي گهر ۾ بنا اجازت
لنگهڻ معيوب سمجهندا هوا انهيءَ ڪري رسول الله جي
ٻاهر نڪرڻ جي انتظار ۾ ٻاهر بيهجي ويا- آنحضرت صه
جي ديانتداري جا ڪفار به قائل هوا، جهڙي طرح مون
مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، انڪري وٽن تمام گهڻيون
امانتون ماڻهن جون رکيل هيون. ليڪن جڏهن هي خبر
پئي ته قريشن هن طرح محاصره ڪيو آهي ته پاڻ هڪدم
حضرت علي رضه کي حڪم چوڏهين صدي هجري نمبر ڏنائون
ته مان هجرت ڪري اڄ مدينه وڃان ٿو، منهنجي چادر
پائي منهنجي جاءِ تي سمهي پئو، صبح جو سڀني کي
امانتون پهچائي ڏجانءِ. اگرچه هي سخت خطره جو
موقعو هو پر علي رضه ڪوبه اعتراض نه ڪيو ۽ سمهي
پيا. ٿوري رات گذرڻ بعد پاڻ گهر کان نڪتا ۽ سڌو
حضرت ابوبڪر جي گهر آيا ۽ ٻئي صاحب حسب مشوره
اُٺڙن تي سوار ٿي جبل ثور جي غار ۾ آيا. جتي حضرت
ابو بڪر رضه جي وڏي ڌي اسماءَ چوريءَ مانيءَ پاڻي
آڻيندي هئي- انهيءَ حالت ۾ کين ٽي ڏينهن ۽ ٽي
راتيون گذريون- هوڏانهن حضور جن کي نه ڏسي ڪافر
سندن ڳولا ۾ نڪتا ۽ پير کڻي جبل ڏي آيا، غار جي
منهن تي پهتا، حضرت ابوبڪر رضه گهٻرايو ۽ چيائين
ته پنهنجي پيرن کي ڏسندا ته اسان کي ڏسي وٺندا.
ليڪن پاڻ فرمايائون ته نه ڊڄ تخقيق الله اسان سان
آهي. پوءِ واپس وڃي مشهور ڪيائون ته جيڪو آنحضرت
صه ۽ حضرت ابوبڪر کي گرفتار ڪري ايندو ان کي هڪ سؤ
اٺ انعام ڏنا ويندا. سراقه بني جعشم جڏهن اهو
انعام ٻڌو تڏهن گهوڙي تي چڙهي ۽ هڪ دستو ماڻهن جو
ساڻ ڪري تعاقب ۾ پيو آخر اچي عين انهيءَ حالت ۾
پهتو جڏهن پاڻ غار مان ٻاهر نڪري مدينه طرف روانا
ٿيا ۽ کين ڏسي ورتائون. گهوڙو ڪَڍَ ڊوڙايائين،
ڊوڙائڻ شرط ٿاٻو کائي گهوڙو سوار سميت ڪري پيو ۽
سراقه کي سخت ڌڪ لڳا، ليڪن (100) سو اُٺن جا انعام
اهڙو نه هو جنهن جي لالچ ڇڏي هو موٽي وڃي سو وري
گهوڙي تي چڙهي هلڻ لڳو ته هن جو گهوڙو گوڏن تائين
زمين ۾ گهڙي ويو پوءِ دانهن ڪري چيائين ته اوهان
جي پٽ جي ڪري هي حالت ٿي آهي، منهنجو گهوڙو زمين
مان نڪري ته واعدو ٿو ڪريان ته واپس هليو ويندس ۽
اِها ڳالهه به ڪنهن سان نه ڪندس، اِها هئي خدائي
طاقت، ان بابت ڪيترو به لکجي گهٽ آهي. سندن رهبر ۽
معاون خدا هيو، ان ڪري رب ڪريم پنهنجي دين کي مڪمل
ڪيو ۽ نبي ڪريم صه جن پنهنجو فرض پورو ڪيو.
بنا عنوان
ماهه آگسٽ ۾ اڪبر جسڪاڻيءَ جي ڪهاڻي بنا عنوان جي ڏني ويئي هئي
۽ ان ۾ هيٺين عنوان کي پهريون نمبر مليو:
وڇڙيا شال ملن
موڪليندڙ: شهناز ميمڻ هالا.
جڏهن ته ڪهاڻيڪار جو عنوان به ساڳيو هو. انعام کٽندڙ ڀيڻ کي
گهرجي ته پنهنجي ائڊريس موڪلي ويهن روپين جا ڪتاب
گهرائي وٺي.
سيد گل محمد شاهه رضوي
مِٺَيّ مُرّسَلّ جو عقيقو
سردار عبدالمطلب جي جاءِ مهمانن سان ڀرجي ويئي. جناب عبدالله جي
فرزند کي دنيا ۾ آئي اڄ ستون ڏينهن آهي ۽ قريش جي
پراڻي رسم جي مطابق اڄ عبدالمطلب پنهنجي قوم جي
دعوت ڪئي هئي. جيئن قوم عبدالله جي ٻچڙي کي ڏسي ۽
ان جو نالو ٻڌي جنهن جو اضافو عبدالمطلب جي خاندان
۾ ٿيو هو. هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جي باوجود پاڻ ۾ محبت ۽
ايڪي نه هئڻ ڪري، جدا جدا ٽولين ۾ ورڇجي ويٺا هئا
حالانڪ ڏاڏو هڪ ئي هو جنهن جو نالو ”قمي“ هو.
سندن ڀڻ ڀڻ جو آواز اهڙو اچي رهيو هو جهڙو ماناري تي ويٺل
ماکيءَ جي مکين جو!
ڪنهن ڪنهن مهل سندن نظر ڀر ۾ ويٺل ٽولي تي پئي ٿي نه ته پاڻ ۾
ئي ٻٽاڪ شٽاڪ ۾ پورا هئا.
سردار عبدالمطلب جي ڪوٺ تي ڪنڌ نه ڪڍائي مجبور ٿي هڪ ڇت جي
هيٺان اچي جمع ٿيا هئا ورنه ته هڪ ٻئي جي صورت ڏسڻ
کان به بڇان ٿي آين!
حارث جي ٻانهين ۽ عبدالمطلب جي غلامن مهمانن جي اڳيان ثريد جا
پيالا ادب سان اچي رکيا.
ٻاڪري گوشت جي شوروي ۾ پُسيل شام جون پڪل ڪڻڪ جون مانيون هاشمي
خاندان جو خاص طعام هو جنهن جو نقل عرب ۾ هرهنڌ
ڪيو ويندو هو مگر اهڙو سواد پيدا ڪري نه سگهيا.
هاشمين جي وڏي ڏاڏي هاشم جي زماني ۾ مڪي جي آس پاس ڏڪار پيو هو
۽ سڀني ڳوٺاڻن بک کان وياڪل ٿي مڪي ۾ اچي پناهه
ورتي. هاشم سڀني ڳوٺاڻن جي ثريد سان تواضع ڪئي
جنهن جي ڪري هر هنڌ هاشم جي واه واه ٿي وئي ۽
ڪيترن شاعرن سندس تعريف ۾ قصيدا چيا اُميه، هاشم
جي تعريف ٻڌي دل ۾ پوسرڻ لڳو ان ۾ پنهنجي ساراهه
ڪرائڻ لاءِ ته خانن جا در کولائي ڇڏيا ۽ اوي سوي
جو وات سون چانديءَ سان ڀرڻ لڳو مگر گهڻي سخاوت
ڏيکارڻ جي باوجوديڪ ڪو مقام حاصل ڪري نه سگهيو.
اهڙو ئي ثريد اڄ وري هاشم جي پوٽي عبدالمطلب تيار ڪرايو هو جنهن
جي کائڻ ۽ عبدالله جي يتيم ڏسڻ لاءِ مڪي ۾ ڪٿي ڪٿي
جا قريش اچي ڪٺا ٿيا هئا. عبدالمطلب جي چوڻ تي
سڀني ثريد کائڻ شروع ڪيو. کائيندي کائيندي سڀني کي
هڪ شيءِ جي ڪمي محسوس ٿيڻ لڳي. پر ادب وچان ڪير به
ڪڇي نه سگهيو. هرڪو هڪ ٻئي ڏانهن آڏي اَک سان ڏسڻ
لڳو ته من ڪو اسان مان ڪڇي.
آخرڪار ٿوري ساعت کان پوءِ خاموشيءَ جو ڪلف ٽٽو. ابو سفيان بن
اميه جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن پنهنجي پيءُ کان پڇيو
”بابا.... شراب اڃا ڪونه آيو آهي.“
ابو سفيان معصومائيءَ ۾ اها ڳالهه ڪئي جا جوان پوڙها، عبدالمطلب
جي ادب وچان چئي نٿي سگهيا. هن ٻار ڄڻ ته سڀني
دعوتين جي دل جي ڳالهه ڪئي. حرب بن اُميه،
عبدالمطلب جي ٻانهي کي رڙ ڪري چيو...... ”شراب کڻي
اچ.“
غلام ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو- شراب جي ڪمي سڀئي محسوس ڪري رهيا
هئا. ”سردار قريش“ هڪ مهمان همت ڪري سڏ ڪيو. سردار
عبدالمطلب پويان بيٺو هو ۽ مهمان نوازيءَ جو حق
ادا ڪري رهيو هو. هو سڏ تي آيو ۽ خاموشيءَ سان
پنهنجي قوم ڏانهن نهاريائين ۽ پوءِ ٿورو ترسي
چيائين ”اڄوڪي ڏينهن شراب نه پيتو ويندو.“
”ڇا هاشمين، ابن عبدالله جي خوشي خوشيءَ ۾ شراب پاڻ مٿان حرام
ڪري ڇڏيو آهي؟“
”نه حرب“ سردار عبدالمطلب جو آواز فضا ۾ ٻرڻ لڳو.“ ”هاشمين جي
”ثريد“ جو داد ان وقت ڏئي سگهبو جڏهن قوم نشي ۾ نه
هجي.
”مگر اُموي جي لذت حاصل ڪرڻ لاءِ هميشہ نشي جي ضرورت رهي ٿي
سردار قريش!“ پري کان ڪنهن چيو ۽ پيالي ۾ آڱر
ڦيرائڻ لڳو.
حرب جو منهن ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿي ويو. ابوسفيا معصومائي ڇڏي جواني
تي قدم رکي تلوار ڏانهن هٿ ڊگهيريائين. مگر حرب
ڳالهه کي يڪدم تاڻي ورتو. هن يڪدم چيو ”ثريد پيءُ
پٽ! جو تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي، هاشمي ثريد جي
تعريف نه ڪرڻ ڪنجوسائي آهي.“
ابو سفيان دل ۾ پوسرندي پنهنجي پيءُ، ڏانهن سوالي نگاهن سان
نهارڻ لڳو ۽ ان جي دل جو راز معلوم ڪرڻ جي ڪوشش
ڪرڻ لڳو.
”وقت جي سڃاڻپ سڀ کان پهرين شيءِ آهي! تلوار جيڪڏهن وقت کان
پهرين نڪري اچي ته بهادري جي علامت نٿي سمجهڻ ۾
اچي.“
ابو سفيان منهن بڇڙو ڪري اُموي خاندان تي ٺٺولي ڪرڻ واري ڏانهن
۽ پوءِ ”ثريد“ کائڻ ۾ لڳي ويو. هن کي ڪاوڙ ڏاڍي
هئي پر ثريد کائڻ ڪري لون لون ٺري پيس ۽ ڪاوڙ لهي
ويس. دل ۾ چيائين ته برابر هاشمي ثريد کي نشي جي
ضرورت ڪانهي! ثريد جي خوشبو ”هوا“ جي ڪامن تي مٿي
ماڙي تي به پهچي وئي جتي ڇپر کٽ تي بيبي آمنه رصه
ليٽي پئي آهي ۽ سندس ڀر ۾ سندس دل جو ٽڪرو ۽ جناب
عبدالله جي نشاني آرامي آهي. ايتري ۾ ٻانهي برڪ هڪ
پيالو ثريد جو ڀري کڻي آئي ۽ سڏ ڪري چيائين ته
”سائڻ اُٿو، ٿورو ثريد چکي وات جو ذائقو مٺو ڪريو
جو ستن ڏينهن تائين کجور ستو ۽ زيتون جو تيل کائي
وات جو ذائقو ئي خراب ٿي پيو هوندو ۽ ڪيتري قدر
چوڻ جي به بيبي آمنه رضه ثريد کائڻ پسند نه ڪيو ۽
چيائين ته هن وقت ثريد طاق تي رکي ڇڏ ڪجهه وقت
آرام ڪري پوءِ کائينديس برڪ پيالو طاق تي رکي وڃي
پنهنجي ڪم ڪار کي لڳي. بيبي آمنه رضه پٽ ڏانهن
منهن ڪري اکيون بند ڪري پنهنجي خيالن ۾ گم ٿي وئي،
هن جي ذهن ۾ آيو ته ان جي ڇاڄي جي هيٺيان قريش جا
سمورا خاندان جمع ٿيا هئا. اهي قريش به آيا هئا جن
کي خانه جنگين جي ڪري مڪي مان نيڪالي ڏني وئي هئي.
اهي به هئا جي هڪ ٻئي جي خون جا پياسا هئا. اهي به هئاجن جي
بهادري جي واکاڻ سڀني جي زبان تي هئي. اهي به هئا
جي ماني ٽڪر جا محتاج هئا. مطلب ته سمورا هڪ ئي بت
جا پوڄاري هڪ هنڌ ۽ هڪ ڇت جي هيٺان جمع هئا مگر
هڪڙو وجود ڪونه هو جنهن جو آواز بيبي آمنہ جي ڪنن
۾ ٻري رهيو هو.
سردار عبدالطالب جو سارو ڪٽنب خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو،
ٻانها ۽ ٻانهيون آزاد ڪيا پي ويا. دعوتون ڏنيون پي
ويون ثريد جي خوشبوءِ ان جو وڏو ثبوت هئي.
مگر اهو سڀ اهتمام ڪنهن جي لاءِ ٿي رهيو آهي. انهيءَ ڄڃ جو گهوٽ
ڪٿي آهي؟ هي سڀ مهمان ڇو نٿا گڏجي وڃن يثرب جي
مٽي کان گهوٽ کي ڦري اچن ته آمنه بنت وهب به انهن
جي خوشين ۾ شامل ٿي سگهي.
مگر شايد ڪوبه اوڏانهن نه وڃي سگهي ته پوءِ هي سڀ خوشيون اهي سڀ
هنگاما... هي ڄڃ... هي دعوتون... مهمانن جي
خاطرداري... قريش جا ٽولن جا ٽولا... اهي سڀ ڇاجي
لاءِ آهن؟
ڇا اهي سڀ عبدالله جي موت...؟ نه...!
بيبي آمنه رضه گهٻرائجي پاسو ورايو!
سج لهوارو وڃي رهيو هو ۽ پاڇا لڙي رهيا هئا اس جو تڙڪو ڪمري مان
گم ٿي ويو هو. سرمارئي ڌنڌ ڪمري ۾ وڌڻ لڳو.
هوءَ خيالي دنيا مان موٽي آئي. هن ڏٺو ته سندس کٽ جي ڀرسان
ننڍڙي پينگهي ۾ هڪ معصوم روح چادر ڍڪيل هٿ پير هڻي
رهيو آهي هن جي ڏسندي ڏسندي منهن تان ڪپڙو هٽي
ويو. چمڪندڙ چوڏهين جي چنڊ جي شڪل ڏسڻ ۾ آئي هن
ڏٺو ته محراب وار ڀرن جي وچ ۾ هڪ ڳاڙهي ليڪ چمڪي
رهي آهي. هن ڏٺو ته پينگهو، کٽون، در، دريون، ڀت
ڀتيون چمڪڻ لڳيون آهن هن ڏٺو ته دريءَ کان ٻاهر هر
شيءِ چمڪي رهي آهي.
پکي پکڻ، وڻ ٽڻ مان نور جون لاٽون نڪري رهيون آهن. هن ڏٺو ته
پٿر دل جبل بوقبيس مان نور جون لهرون وهي رهيون
آهن.
هن محسوس ڪيو ته زمان ۽ مڪان جون سموريون حدون ختم ٿي ويون آهن.
هن پاڻ کي نوراني لهرين جي وچ ۾ ترندو محسوس ڪيو.
هن ڏٺو ته سارا دک درد، رنج ختم ٿي ويا آهن. هن ڏٺو ته هوءِ جسم
جي قيد کان آزاد روح آهي جو فضا ۾ هيڏي هوڏي آساني
سان تري سگهيو ٿي.
هن کي فضا ۾ پري کان سريلو آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو جو جيئن پوءِ
ٿيئن ويجهو ٿيندو ويو.
اي احمد (ﷺ) جي ماء مبارڪ
اي احمد (صلعم) جي ماء
احمد صه... ...
احمد صه... ...
احمد صه... ...
رکي رکي اهو آواز ڪنن ۾ ٻرڻ لڳو هوءَ نور جي سيلاب ۾ ترندي رهي.
اوچتو وري پنهنجي اصلوڪي دنيا ۾ اچي وئي ۽ پاڻ کي کٽ تي ستل
محسوس ڪرڻ لڳي.
هاڻ هن وقت ۽ ان وقت ۾ وڏو فرق هو هن وقت بيبي آمنه رضه جي دل ۾
ڪو اڊڪو ڪونه هو، هن جا چپ پاڻمرادو چرڻ لڳا، هن
اوچتو محسوس ڪيو ته هو پنهنجو پاڻ کي ”احمد صلعم“
جي ماءَ چئي رهي آهي..... احمد صه؟“ ڇا ابن
عبدالله جو نالو احمد.....؟ ان جي دل جي ٽڪري جو
نالو احمد....؟ مگر اڃا تائين ڪو نالو سوچيو ته
ڪونه ويو هو.... سردار قريش کان ڪڪي جي چاچن ڪڪي
جي نالي بابت پڇيو.
سردار اهو ئي جواب ڏنو ته مون اڃا تائين ننڍڙي جي نالي بابت ڪو
فيصلو نه ڪيو آهي ڪنهن چيو ته ڪعبي ۾ رکيل ديوتائن
مان ڪنهن هڪڙي جو نالو رکوس.
سردار ان کي جهڻڪندي چيو ته ”خبردار اهڙا لفظ وري ڪڏهن به زبان
تي نه آڻجان.“
هو ڇا سوچي رهيو هو؟ پنهنجي پوٽي کي ڪهڙي نالي سان سڏي اهو ته
ڪنهن کي به علم (ڄاڻ) ڪونه هو.
ته پوءِ اهو عجيب و غريب نالو.....؟ احمد......؟
ان جي روح اهو نالو ڪٿان ٻڌو....؟ ان جي ڪنن اهو نالو ڪٿان
جهٽيو. اهو ملڪوتي سير مون ڪيئن ڪيو؟
بيبي آمنه نه سمجهي سگهڻ جي باوجود سمجهڻ لڳي ته ان جي هيئن جي
ٺار جو نالو احمد صلعم آهي. ٻانهي برڪ دروازي جي
اوٽ مان اندر نهاريو. ٻانهي ۽ سائڻ جون نظرون ملي
هڪ ٿي ويون ۽ ٻنهي مرڪي ڏنو. ٻانهي مرڪندي اندر
داخل ٿي ۽ ادب سان پنهنجي مالڪياڻي کي پينگهي
ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”قوم پنهنجي سردار کي ڏسڻ
چاهي ٿي.“
بيبي آمنه سڳوري پنهنجي مرضي سان نه بلڪ دل ۾ ويٺل ڪنهن ٻي طاقت
يڪدم جواب ڏنو ”مگر سردار ته آرامي آهن.“ ۽ بيبي
آمنه پنهنجي انهن لفظن تي يڪدم ڇرڪ ڀريو. برڪ
پنهنجي سائڻ جي انهيءَ جواب تي مرڪندي چيو: ”مگر
قوم کي هن وقت سردار جي ضرورت آهي ۽ ضرورت جي وقت
سردار کي آرام نه ڪرڻ کپي.“
هن وڌي منهن مبارڪ تان ڪپڙو هٽايو منهن مبارڪ ظاهر ٿينديئي سارو
ڪمرو نور سان روشن ٿي ويو!
اها حالت ڏسي ٻانهي وائڙي ٿي ويئي مگر ابن عبدالله صه مٺي ننڊ ۾
آرامي هئا.
”ڳالهه ڇا آهي....؟“ بيبي آمنه برڪ کان پڇيو. ”قريش پنهنجي نئين
سردار کي ڏسڻ چاهين ٿا.“ برڪ پينگهي جي ڀرسان زمين
تي ويهندي چيو؛ ”سردار جو حڪم آهي ته آءٌ ننڍڙي
حصور سرور عالم کي هيٺ کڻي وڃان شايد نالي جو
اعلان ٿيندو.“
”شايد.... مگر.....“ برڪ سائڻ ڏانهن نهاريندي پوريءَ خبرداري
سان ننڍڙي حضور سرور کي پينگهي مان کڻندي چيو.
”مگر سائڻ منهنجي خيال ۾ اڃا حضور سرور دوعالم جو
نالو تجويز نه ڪيو ويو آهي.“
اوچتو ننڍڙي حضور سرور آرس موڙيو ۽ اکيون کوليون ۽ ننڍڙا چپ
کولي رُئڻ لڳا. سندن روئڻ جو نغمو فضا ۾ پکڙجن
لڳو. ”برڪ! آهستي کڻ روئارينس نه“ بيبي آمنه مامتا
جي غلبي کان چيو.
نه روئو منهنجا حضور پر نور.... منهنجا آقا..... منهنجا
مالڪ...... نه نه منهنجي زندگي... برڪ هڪڙي ساهي ۾
ماٺ ڪرائڻ ڪاڻ هيترا لفظ چئي وئي پوءِ کڻي پنهنجي
ڇاتيءَ سان لڳايائين.
خوش قسمت برڪ تنهنجي قسمت تنهنجي قسمت سان ڪنهن کي ريس!
ننڍڙي حضور جن جي خاموش ٿيڻ تي بيبي سڳوري جي منهن تي مرڪ اچي
وئي. بيبي آمنه رضه جي ٻاجهڙي آواز ۾ چيو ته ”مائي
برڪ منهنجي خيال ۾ نالو مقرر ٿي ويو آهي!“
”سچ سائڻ! نالو مقرر ٿي ويو آهي؟“ برڪ حيراني سان پڇيو ”ڪهڙو
نالو مقرر ڪيو اٿن. منهنجي ننڍڙي آقا جو؟“ حضور جن
جي خاموش ٿيڻ تي برڪ خوش ٿي رهي هئي آمنه سڳوري
ٻڌائڻ واري هئي پر وري خاموش ٿي وئي ”ٻڌ هينئر
سردار ٻڌائيندو“ هوءَ مشڪڻ لڳي ان کي يقين هو ته
جنهن طاقت ”احمد صه“ جو لفظ ان جي لون لون ۾ سمائي
ڇڏيو هو اهائي طاقت سردار کي به ٻڌائي چڪي هوندي
سردار کي ڇو ٻڌائڻ کان محروم ڪيو ويو هوندو!“ ”چڱو
سائڻ توهان نه ٻڌائيندا؟“ برڪ پڇيو ”ونهون، آءٌ نه
ٻڌائيندس.“
”ڏسان ته ڪئين نٿي سائڻ نالو ٻڌائي“ برڪ عجيب عادتن جي ٻانهي
آهي هر وقت خوش طبعي کان رهي نٿي.
”برڪ....!“ سردار جو سڏ ڏاڪڻ تان ڊوڙندو اچي ڪنن جي دهلڙين سان
ٽڪريَس.
”اڙي چري جلد ڀڄ“ سائڻ کلندي چيو ”سردار ناراض ٿي ويندو برڪ
ننڍڙي ”عالمتاب“ کي هٿن ۾ کڻي اگهاڙن پيرن سان ٿڦ
ٿڦ ڪندي آهستي آهستي ڪري ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ لڳي.
بيبي آمنه بنت وهب جسماني اکين سان نه بلڪ دل جي اکين سان ڏٺو
ته برڪ ساري ڪائنات کي ويڙهي پنهنجي هٿن ۾ کنيو
ڏاڪڻ تان هيٺ پئي لهي!
ننڍڙي حضور جي آمدني مهمانن ۾ چرپر پيدا ٿي وئي ڄڻ ته هوا جو
جهوٽو آيو جنهن جي ڪري سارو بوستان جهولڻ لڳو.
سمورا مهمان برڪ جي چوڌاري ڦري آيا. دشمن پنهنجي
دشمني وساري ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي بيهي رهيا. سڀئي سندن
منهن مبارڪ جي تعريف ڪرڻ لڳا ته ”ههڙو خوبصورت ٻار
اسان ساري عمر ڪونه ڏٺو!“ جناب عبدالله جا فرزند
آيل مهمانن کي ڏسندا رهيا. سڀئي مهمان سندن منهن
مبارڪ تي هٿ ڦيرائيندا دعا ڪندا رهيا آخرڪار سردار
جا هٿ وڌيا هن پنهنجي دولت کي برڪ جي هٿن مان وٺي
پنهنجي موڪري ڇاتي سان لڳايو ته ان کي عجيب سڪون ۽
عجيب فرحت ميسر ٿي. ۽ ٻڍاپي جي رڳن ۾ مسرت جي لهر
ڊوڙڻ لڳي. اوچتو هن جون نظرون دريءَ کان ٻاهر ويون
هن کي خود خبر نه هئي ته هو دريءَ کان ٻاهر ڇا ڏسي
رهيو آهي هن ڏٺو ته پري کان بوقبيس جبل جي مٿان
چوٽيءَ تي پيچرا پاڻ ۾ ملي جدا ٿي رهيا آهن ان کان
هيٺ مڪي جو چوواٽو هو، انهيءَ چوواٽي تي ڪئين
ڏينهن اڳ صبح جو سردار پنهنجي کجور جي ڳوڻين سان
لڏيل اُٺن کي مهارن کان مليل انهيءَ ميٽائين رستي
تان هلندو ۽ انهيءَ چوٽيءَ تان هيٺانهين ڏي لهي
ويندو ڏٺو هو هر روز قافلا انهيءَ رستي تان چڙهندا
هئا ۽ وري هيٺ لهي ويندا هئا مگر اڪثر ائين به
ٿيندو هو جو اِهي قافلا انهيءَ چوٽي تي نظر ايندا
هئا ۽ اتانهين اتان هيٺ لهي مڪي جي هن چوواٽي تي
اچي جمع ٿيندا هئا.
شايد سردار قريش انهن کي ڏسڻ لاءِ دريءَ ڏانهن ڪنڌ ورايو هو
انهيءَ اميد تي ته ڪو قافلو بوقبيس جبل تي ڏيکاري
ڏي. جو مٿانهين کان هيٺ اچي ۽ ان مان هڪ مسافر
ڊوڙندو نظر اچي ۽ اچڻ سان دروازو کولي اندر اچي ۽
ننڍڙي نئين ڄاول کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي ۽
پيءُ جهڙو پيار ڏيکاري شايد اهو سبب هو جو سردار
کي ٽڪريون رئنديون نظر اچي رهيون. ٻن پهرن جو
سونهري اس ۾ وهنتل ٽڪريون پگهريل نظر اچي رهيون
هيون سردار جي اکين مان لڙڪ موتين وانگر وهڻ لڳا
”اسين پنهنجي ڀائٽي کي ڪهڙي نالي سان سڏيون؟“
سردار کي قريش کان ڳبل وقت جي انتظار کان پوءِ هڪڙي ڄڻي پڇيو.
”هون....؟“ سردار جيئن خواب مان بيدار ٿي چيو ”نالو....؟“ سردار
جا منجهيل خيال مڪڙي جي ڄار وانگر هڪ ٻئي پٺيان
ڦٽڻ لڳا اکين جو پاڻي نيڻن ۾ جذب ٿي ويو هو. سردار
جون نظرون هڪ دفعو وري اس ۾ وهنتل هيٺ مٿي ٽڪرين
تي وڃي پيئي.
بيبي آمنه بنت وهب ڀت سان ٽيڪ لڳايو جواب جي انتظار ۾ بيٺي هئي.
دريءَ مان سامهون نظر ايندڙ ٽڪريون سردار لاءِ
نيون نه هيون انهن تان ڪئين دفعا لٿو ۽ چڙهيو هو.
هن وقت هن کي انهن جي بناوت عجيب معلوم ٿي رهي
هئي. هو پنهنجي خيالن ۾ گم ٿي ويو. هن کي ڪنهن
سندس ڪن وٽ اچي چيو ”عبدالمطلب ٻڌين ٿو هي ڳالهه
جا آءٌ توکي ٻڌايان ٿو پنهنجي پوٽي جو نالو محمد
(ﷺ) رکجانءِ“ اهو آواز بند ٿي ويو. عبدالمطلب اهو
نالو مبارڪ دل ۾ ياد ڪرڻ لڳو ته متان ڀلجي نه
وڃان- اوچتو هو وري دنيا ۾ موٽي آيو ۽ قريش ڀائرن
کي پنهنجي ڀر ۾ انتظار ۾ بيٺل ڏسي خوشيءَ ۾ ڀرجي
چيو ته ”توهين پنهنجي ڀائٽي کي محمد (ﷺ) جي نالي
سان سڏجو“
بيبي آمنه جا ماڙي تي دريءَ جي پاسيءَ ۾ لڪيو بيٺي هئي ۽ هن جي
سهري جي واتان محمد ﷺ جو نالو ٻڌي خوشيءَ وچان
جهولڻ لڳي محمد ۽ احمد (ﷺ) ٻنهي لفظن جو هڪ ئي
مطلب آهي تڏهن ته سردار قريش کي به ان ئي پيغام
ڏنو آهي جنهن مون کي ڪن ۾ ٻڌايو هو. مون به ته غلط
ڪونه ٻڌو هو.
”محمد ﷺ...؟“ حرب بن اميه حيران ٿي پڇيو ڇا عبدالله جي يتيم کي
محمد ﷺ جي نالي سان سڏيون.“
آمنه بيبي کي هاڻ انهن ڳالهين ٻڌڻ جي ضرورت نه هئي انهيءَ ڪري
واپس وڃي کٽ تي ليٽي پيئي.
”ها...“ سردار قريش ڳاٽ اوچو ڪري جواب ڏنو منهنجي پوٽي ۽ منهنجي
نون پٽن جي ڀائٽي جو نالو محمد ﷺ آهي حرب بن اميه
تون ڇو حيران ٿي رهيو آهين؟
حرب بن اميه پنهنجي شرم کي پرچائيندي چيس ”نالو ڏاڍو سٺو آهي
حيرت فقط انهيءَ ڪري ٿئي ٿي ته اهو نئون نالو آهي
اسان اهو نالو ڪڏهن به نه ٻڌو آهي. قريش ۾ ته نه
آهي بلڪ ساري عرب ۾ اهو نالو ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿو اچي“
”مڪي جي سيني ۾ اهو نالو صدين ۽ زمانن کان امانت طور محفوظ هو
اڄ مڪو پنهنجي امانت کي آزاد ٿي رهيو آهي.“ سردار
قريش جا اهي لفظ هوا ۾ ترڻ لڳا پريان بوقبيس جبل
چمڪي رهيو هو. حرب بن اميه ۽ ٻيا قريش، سردار قريش
جي جواب کان خوش ٿي يڪ زبان ٿي چوڻ لڳا ”اسان کي
سردار قريش تي فخر آهي.“
مٿي ماڙي تي بيبي آمنه بنت وهب رضه کي شير گرم ثريد مان ڏاڍو
مزو اچي رهيو هو. هوءَ دل ئي دل ۾ چئي رهي هئي.
قدرت مون کي عبدالله جي نشاني ڏني آهي آءٌ ان کي
ڏسيو پئي جيئنديس! خدا منهنجي ٻچڙي کي وڌائي
ويجهائي ۽ ان جو مدو ڏينهن مون کي نه ڏيکاري.
(آمين)
نبي پاڪ جن فرمايو آهي ته منافق جون ٽي نشانيون آهن: 1- جنهن
وقت ڳالهه ڪندو ته رڳو ڪوڙ ڳالهائيندو.
2- جيڪڏهين وعدو ڪندو ته ڪڏهين به پورو نه ڪندو. 3- جڏهين به ڪو
امانت وٽس رکندو ته خيانت ڪندو. (الشيخان) |