غلام محمد لاکو
غير مسلم مفڪرن جي نظر ۾...
اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ واري تاريخ جو اڀياس ڪندي خبر پوي ٿي
ته؛ هن خطي ۾ ٽي علائقا مکيه ۽ اهم هئا. سنڌ ملڪ
پنهنجي قدامت، شاهوڪار تهذيبي ورثي، اقتصادي
برتري، علمي چرچي، امن امان، وسعت توڙي اعليٰ
حاڪمين ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور هو. (ان سلسلي ۾ خود
عرب ليکڪن جو ڪتاب چچ نامو ڏسڻ گهرجي) ٻئي طوف
ايران جي اهميت به ڪا لڪل ڪانهي! هن نه رڳو ننڍي
کنڊ جي ملڪن هند ۽ سنڌ جي معاملن ۾ ٿي ڏنو، پر فتح
مڪي تائين عرب پڻ سندس چنبي ۾ هئا. عرب بلاڪ کي پڻ
تاريخ ۾ مکيه اهميت هئي پر پيغمبر اسلام جي ڄمڻ
وقت، اتي نه ته،
ڪا مرڪزي حڪومت هئي ۽ نه وري امن امان هو. جهالت ۾ ڪٽرپڻو انتها
تي هو هٺ ۽ وڏاءَ ڪري، عرب نياڻين کي ڄمندي جيئري
پوريندا هئا. قدرت جي غيرت جوش ۾ آئي ۽ هن هڪ رحمت
جو بادل، محمد صلعم جي روپ ۾ اهل عرب جي رشد ۽
هدايت لاءِ موڪليو. سندن مختصر ڄمار واري تبليغ
سڄي عرب مان جهالت جون پاڙون پٽي ڪڍيون.
سندن جهاد کي اڄ چوڏهن سؤ ورهيه گذري چڪا آهن، پر سندن انساني ۽
عالمي پيغام جي اهميت اڄ به ايتري ئي آهي؛ جيتري
ان وقت هئي. ڏک آهي ته جنهن عظيم محسن ۽ انسانيت
جي ابي کي قرآن ”رحمة لّلعالمين“ سڏيو، تنهن کي اڄ
اسين ”رحمت اللمسلمين“ بنائڻ ۾ پورا آهيون. سندن
شان ۾ نه رڳو مسلم مفڪرن ۽ ليکڪن سوين بلڪ هزارين
ڪتاب لکيا آهن؛ پر ساڳئي وقت سندن آفاقي ۽ همہ گير
شخصيت هزارين غير مسلم دانشورن کي پڻ متاثر ڪيو.
نتيجي ۾ اڄ هزارين اهڙن ڪتابن جا نالا وڍي سگهن
ٿا، جيڪي غير مسلم عالمن، اديبن ۽ ليکڪن پاڻ سڳورن
جي شان ۾ لکيا آهن. جيڪڏهن اسان پاڻ ويهي، پنهنجي
ڪنهن محسن، بزرگ يا پيغمبر کي سڀڪجهه سڏيون ته اهو
فارسيءَ جي مقولي ”پدرم سلطان بود“ مطابق ٿيندو پر
جڏهن ڪو اسان جي دين جو منحرف ۽ مخالف پاڻ پنهنجي
هٿ سان، حضرت محمد صلعم جي شان ۾ ڪجهه لکي؛ ته
پوءِ نه رڳو سچ جي سچائي ثابت ٿئي ٿي پر ان کي پاڻ
چار چنڊ لڳيو وڃن. اچو ته هيٺ ڪجهه غير مسلم مفڪرن
جا قول پڙهون ۽ ڏسون ته پيغمبر اسلام جي شخصيت
ڪيڏي نه، اُتم ۽ اَملهه آهي!
نيپولين بونا پارٽ:
هي صاحب آنحضرت صلعم کي عظيم اڳواڻ سڏي ٿو. لکي ٿو، ”حضرت محمد
(ﷺ) هڪ عظيم انسان هو.
جڏهن پاڻ هن دنيا ۾ پهتا، ان وقت اهل عرب صدين کان گهرو لڙاين ۾
مصروف هئا. دنيا جي نقشي تي جيئن ٻين قومن عظمت ۽
شهرت حاصل ڪئي هئي؛ تيئن عربن پڻ مشڪلاتن ۽ مصيبتن
کي منهن ڏيندي، سندن رهبريءَ ۾ عظمت حاصل ڪئي
هئي.“
جارج برنارڊشا
پاڻ نه رڳو عظيم اڳواڻ هئا، پر انسانيت جو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ پڻ
هئا. برنار ڊشا لکي ٿو. ”وچين دور ۾ عيسائي راهبن
جهالت ۾ تعصب مان اسلام جي ڊيڄاريندڙ تصوير پيش
ڪئي آهي. ڳالهه اتي ختم ڪانه ٿي ٿئي. انهن ته حضرت
محمد (ﷺ) ۽ سندس مذهب جي خلاف باقاعده هڪ تحڙيڪ
هلائي. انهن کين سٺن لفظن ۾ ياد نه ڪيو. مون انهن
ڳالهين جو غور سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو آهي ۽ آءٌ
ان نتيجي تي پهتو آهيان ته محمد (ﷺ) هڪ هڪ عظيم
انسان ۽ انسانيت جو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ هو.“
فلپ هٽي (تاريخ عرب):
عرين جي رتوڇاڻ ۽ گڏيل جنگين ۽ جهيڙن جي خبر ڪو تاريخ کان پڇي.
ڪابه مرڪزي حڪومت نه هئي قبيلن جا قبيلا هڪٻئي جي
رت جا گهورا هئا. خانداني جهيڙا صديون هلندا هئا.
ان حالت ۾ حضرت محمد صلعم هو جنهن کين، ڀاءُ ڀاءُ
ڪري ڇڏيو. مغرب جو مشهرو محقق ۽ تاريخدان فلپ هٽي
ان ڏس ۾ وڌيڪ لکي ٿو، ”عرب جي تاريخ ۾ هي پهرين
ڪوشش هئي جو کين، نسل ۽ رت جي نالي ۾ نه پر مذهب
جي نالي ۾ هڪ مرڪز تي گڏ ڪيو پي ويو. الله، جو پاڻ
هن سلطنت حاڪم هو. ان کان علاوه محمد صلعم پاڻ
روحاني خدمتن سان گڏ اهڙا ڪم به ڪري رهيا هئا،
جنهن سان سڀ قبيلا پنهنجا اختلاف وساري اصولي طرح
ڀائر بڻجي ويا.“
گانڌي:
اسلام ۽ ان جا سونهري اصول- تبليع جي مختصر عرصي ۾ دنيا جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا. اڄ اسان جا جاهل شارح ۽ مؤرخ
عربن ظلم ۽ بربريت وارين فتحن کي وڏي شان ۽ مان
سان، اسلام جي اشاعت ۾ اهم قدم ڄاڻائيندا آهن-
حقيقت ۾ اسلام، پيغمبر پاڪ جي سونهري اصولن ۽ سهڻي
سيرت توڙي وڻندڙ گڻن جي ڪري پکڙيو، نه ڪي تلوار جي
زور تي! سندن اهي اوصاف همه گير ۽ عالمگير آهن.
هندستان ۾ 20 صدي جو پهريون اڌ هندو مسلم نزاع جو
وقت آهي. باوجود ان جي هندن جو مشهور قومي اڳواڻھ
گانڌي جي، آنحضرت صلعم جي سيرت جي ساراهه ڪندي
ڍاپي نه ٿو. لکي ٿو:
”مان يقين سان چوان ٿو ته اسلام تلوار جي زور تي ڪونه پکڙيو،
بلڪ ان جي اشاعت جو ذميدار رسول عربي (ﷺ) جو
ايمان، لڇڻ، قرباني جو جزبو ۽ سهڻا اخلاق آهن. هنن
وصفن ماڻهن جون دليون جهٽي ورتيون هندن کي ان جو
اڀياس ڪرڻ گهرجي ته هو به مون وانگر سندن تعظيم
ڪرڻ سکن.“
باسورٿ اسمٿ:
پيغمبر اسلام پنهنجي سهڻن سهڻن گڻن ڪري، سڄي دنيا ۾ مشهور آهن.
جيئن مٿي آيو ته، اسلام رڳو آنحضرت صلعم جن جي
سهڻن سخت ۽ وصفن جي ڪري دشمنن جي دل ۾ عزت ۽
احترام حاصل ڪيو. اسمٿ پيغمبر صلعم جي هڪ اهم گڻ
ڏي اشارو ڪندي لکي ٿو، ”پيغمبر صلعم جي خاص توجه
جو مرڪز نه رڳو غلام هئا پر يتيم به- هو پاڻ به
يتيم رهي چڪو هو. ان ڪري چاهيندو هو ته، جيڪو سهڻو
سلوڪ خدا ساڻن ڪيو آهي، سو ٻين سان ڪري.“ هڪ ٻيو
ليکڪ ڊاڪٽر رابرٽس پنهنجي ڪتاب ”سوسل لاز آف دي
قرآن“ ۾ چوي ٿو، ”قرآن جي مطالعي مان هڪ سٺي ڳالهه
هي معلوم ٿئي ٿي ته محمد صلعم کي ٻارن جو ڪيترو
خيال رهندو هو. خاص ڪري انهن ٻارن جو جيڪي ماءُ پي
جي سرپرستيءَ کان محروم ٿي ويا هجن. پاڻ بار بار،
ٻارن سان سهڻي سلوڪ جو تاڪيد ڪن ٿا.“
ساڌو ٽي- ايل واسواڻي:
پيغمبر اسلام جي شخصيت گونا گون هئي. سندن سيرت پاڪ جا ڪيترائي
پهلو آهن. ساڌو ٽي- ايل واسواڻي هن ڏس ۾ قلم
ڪاهيندي چيو، ”بادشاهه ۽ روحاني رهبر هوندي به،
پنهنجي جتيءَ کي چتي پاڻ هڻندا هئا. هو غيب جي
آواز تي لبيڪ چئي ٿو- اي ڪاري چادر وارا اٿ ۽
تبليغ ڪر. ماڻهن کين تڪليف ڏني ۽ سندن زندگي خطري
۾ پئجي وئي. پر پوءِ به پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهي نه
ڪيائون. هو امن ۽ سچائيءَ جي تلقين ڪندو رهيو.
محمد صه پيغمبر ۽ رهبر هو. مان سندن آخري لفظن تي
هميشہ غور ڪندو رهيو آهيان.
”مالڪ مون کي معاف ڪر ۽ پنهنجن نيڪ ٻانهن مان اٿار.“
ان کان وڌيڪ ته اسلام دنيا ۾ رهبانيت جو خاتمو ڪيو. اسلام
نياڻين جو قتل بند ڪيو. اسلام پنهنجي پوئلڳن تي
شراب حرام ڪيو. اسلام همت، شجاعت ۽ بردباريءَ جي
تعليم ڏني.
انسائڪلو پيڊيا برطانيڪا:
انسائڪلو پيڊيا جي ليکڪن آنحضرت صه کي عقيدت جا ڦل پيش ڪندي
لکيو آهي ته، پاڻ جيتوڻيڪ امي هئا، پر عملي ذهانت
جو ڪافي حصو حاصل ڪري چڪا هئا. سندن مذهب حقيقت ۾
ابراهيمي دين جو زنده ڪرڻ هو. قانون ساز، منتظم ۽
جج- سندن شخصيتن جا مختلف پهلو هئا، اهڙي خوفناڪ
قبيلائي تعصب جو خاتمو ڪرڻ جنهنڪري هڪ خون، طويل
جنگين جو سبب بنجندو هو، عورتن کي سندن حق ڏيارڻ
خاص ڪري ملڪيت ۾، ۽ دختر ڪشيءَ جو خاتمو سندن عظيم
سڌارا آهن.“
ڪارلائل:
ڪارلائل پنهنجي وقت جو هڪ نبض شناس مفڪر هو. انگلنڊ جو معاشرو
ان وقت چوطرف افراتفري، طوائف الملوڪي، لاقانونيت
۽ مايوسيءَ ۾ گهيريل هو. مفڪرن ان حالت تي غور ڪرڻ
بعد ڇوٽڪاري لاءِ ڪيتريون راهون ڏسيون. ان صورتحال
۾ ڪارلائل وري قومي سورمن جي پوئلڳيءَ تي زور ڏنو.
آنحضرت صلعم جن متعلق پاڻ لکن ٿو، ”اهڙي مقدس
هستيءَ جو وجود ڪائنات جي پيدا ڪندڙجي وجود جو هڪ
زبردست ۽ روشن دليل آهي. سندن دماغ، علم ۽ معرفت
جو خزانو ۽ حڪمت توڙي فضيلت جي کاڻ هو. انسانيت
جو فرض آهي ته سندن حڪيمانه ارشادن مان فائدو وٺن.
سندن اصولن ۽ قاعدن دنيا کي اونده مان ڪڍيو ۽
يونان جي حڪمت، يهودين جي عقيدن ۽ عربن جي جاهليت
واري زمانن جي بت پرستي کي ختم ڪيو.“
خاص مددي ڪتاب: (محمد رسول الله غير مسلمون کي نظر مين“. از:
محمد حنيف يزداني)
نبي پاڪ جن فرمايو ته مون ڏي الله تعاليٰ وحي موڪليو جنهن چيو
ته جيڪو تنهنجي امت مان توتي صلواة پڙهندو ته مان
رب ان هڪ صلواة جي عيوض ان لاءِ ڏهه نيڪيون لکندس،
ڏهه گناهه معاف ڪندس ۽ ان جا ڏهه درجا پنهنجي
بارگاهه ۾ بلند ڪندس ۽ ڏهه مصيبتون هٽائيندس.
حضور پاڪ جن فرمايو ته جنهن وقت الله تعاليٰ منهنجي ٻانهي مان
راضي ٿيندو آهي ته ان کي دين جو علم پڙهڻ نصيب
ڪندو آهي ۽ دنيا کان ان جي محبت هٽائيندو آهي ۽ ان
کي عيبن ڏي ڏسڻ جي توفيق عطا ڪندو آهي (بيهقي)
دل امداد علي ”راهي“
سِيرَتُ النَبِيّ ﷺ (هڪ نظر ۾)
وقت صبح صادق، سومر جو ڏينهن، 9-12 ربيع الاول مطابق 20 اپريل
571ع ۾ حضرت محمد صه جن جي ولادت باسعادت) ان وقت
سندن والد حضرت عبدالله جن انتقال ڪري چڪا هئا.
حضور صلعم جن سڀ کان پهريائين پنهنجي والده محترمه
حضرت آمنه رضه جن جو کير نوش فرمايو- ٽن 3 ڏينهن
کان پوءِ حضرت ثوبيه، هڪ هفتي بعد حضرت حليمہ
سعديه جي آغوش رضاعت ۾ ۽ وري (5) سالن جي عمر ۾
پنهنجي والده جي آغوش (هنج) ۾ تشريف فرما ٿيا- ان
بعد:
6- سالن جي عمر ۾: سندن والده محترمه حضرت آمنه رضه جي وفات
بمقام ”ابواء“ ابواء کان سندن دائيءَ ام ايمن مڪي
معظم ڏانهن آندو ۽ پاڻ سڳورا پنهنجي چاچي ابوطالب
جي ڪفالت ۾ رهيا.
8- سالن جي عمر ۾: سندن ڏاڏي حضرت عبدالمطلب جي وفات.
12- سالن جي عمر ۾: پنهنجي چاچي ابوطالب سان شام (ملڪ) جو
پهريون تجارتي سفر ڪيو.
18- سالن جي عمر ۾: خلف الفضول ۾ شرڪت.
25- سالن جي عمر ۾: حضرت خديجته الڪبريٰ رصه سان نڪاح.
3- سالن جي عمر ۾: مڪي وارن کيس ”صادق ۽ امين“ جو لقب ڏنو.
33- سالن جي عمر ۾: غيبي اسرار ۽ رموز جو آغار ۽ ظهور.
35- سالن جي عمر ۾: بيت الله ۾ حجر اسود جي نصب (لڳائڻ) ڪرڻ
لاءِ ثالث جي حيثيت سان تقرر.
37- سالن جي عمر ۾: غار حرا ۾ ڏينهن رات عبادت.
40- سالن جي عمر ۾: نبوت عطا ٿي.
40- سالن جي عمر ۾: (نبوت جو پهريون سال): فجر ۽ عصر جي نماز جي
فرضيت- (2-2 رڪعتون).
40- سالن جي عمر ۾: (خميس 17- رمضان مطابق 17 آگسٽ 610ع):
قرآن مجيد جي نزول جو آغاز ۽- ”دارالاء
قم“ تبليغ ۽ دعوت اسلام جي مرڪز جو قيام.
43- سالن جي عمر ۾: (نبوت جو ٽيون سال) چاليهن (40) ماڻهن جو
اسلام قبول ڪرڻ.
43- سالن جي عمر ۾: (رجب نبوت جو 5 سال): حبشه ڏانهن مسلمانن جي
پهرين هجرت.
47- سالن جي عمر ۾: (1 محرم، نبوت جو 7 سال): مڪي جي ڪفارن
طرفان قطع تعلقات.
50- سالن جي عمر ۾: (نبوت جو ڏهون سال): معاشرتي بائيڪاٽ جو
خاتمو، سندن چاچي ابوطالب جو انتقال ۽ حضرت خديجة
الڪبريٰ جي وفات.
50- سالن جي عمر ۾: (27- رجب نبوت جو ڏهون سال): معراج جو
واقعو، فرضيت نماز خمسه 5- ڀيرا
52- سالن جي عمر ۾: (ذوالحج نبوت جو 12 سال) مدينه منوره جي
(18) ماڻهن اسلام قبول ڪيو. (بيعت عقبه اوليٰ).
53- سالن جي عمر ۾: (نبوت جو تيرهون سال): مدينه منوره جي (72)
ماڻهن اسلام قبول ڪيو (بيعت عقبه ثانيه)
54- سالن جي عمر ۾: (خميس، 27- صفر نبوت جو 13 سال): مڪه معظمه
ڏانهن هجرت ۽ غارثور ۾ داخلا.
54- سالن جي عمر ۾: (سومر، 8 ربيع الاول نبوت جو 13 سال): قبا ۾
تشريف فرما ٿيا.
54- سالن جي عمر ۾: (12- ربيع الاول 1- هجري مطابق 23- سيپٽمبر
622ع): مدينه منور ۾ داخلا، جمع جي فرضيت جو حڪم-
حضرت ابو ايوب انصاري جي گهر ۾ قيام.
54- سالن جي عمر ۾: (22- ربيع الاول 1- هجري): مسجد نبويءَ جو
بنياد.
54- سان جي عمر ۾: (ڇنڇر 5: شعبان المعظم 2- هجري): ذوقبلتين
مسجد ڏانهن قبله جو حڪم.
54- سالن جي عمر ۾: (1- رمضان 2- هجري): روزي، زڪوات ۽ جهاد جو
فرض ٿيڻ.
54- سالن جي عمر ۾: (1- شوال 2- هجري): عيدالفطر جي نماز ادا
ڪئي وئي.
55- سالن جي عمر ۾: (17- رمضان 2- هجري): بدر جي جنگ.
56- سالن جي عمر ۾: (3-4 هجري): احد جي جنگ.
57- سالن جي عمر ۾: (4- هجري): قراء القرآن صحابه ڪرام جي
شهادت.
58- سالن جي عمر ۾: (5- هجري): غزوه خندق، زنا ۽ قذف جي فوجداري
قانون جو نفاذ ۽ پردي جو حڪم.
59- سالن جي عمر ۾: (ذوالقعد 6- هجري): حديبيه جو صلح نامون.
59- سالن جي عمر ۾: 1- محرم 7- هجري: خيبر جو قلعو فتح ڪيو ويو
۽ دنيا جي مختلف بادشاهن جي نالي حضور صلعم جن
اسلام جي دعوت لاءِ خط ارسال فرمايا.
59- سالن جي عمر ۾: (20- رمضان 8- هجري): مڪي جي فتح.
60- سالن جي عمر ۾: (8- هجري): اسلامي حڪومت جو قيام، حاڪمن جو
تقرير، فوجن جي آراستگي، سياسي انتظام ۽ غير مسلم
قومن سان سلوڪ.
61- سالن جي عمر ۾: (9- هجري): صدقي ۽ زڪوات جو تقرر.
61- سالن جي عمر ۾: (ذوالحج 9- هجري): تبوڪ جو واقعو حج ادا ڪرڻ
۽ مختلف قبيلن ۽ ملڪن جي وفدن جي آمد.
61- سالن جي عمر ۾: (9- هجري) مختلف ملڪن يمن بحرين، عمان ۽
يمامه تائين اسلامي اثر.
63- سالن جي عمر: (10 هجري) حجة الوداع جي موقع تي حضور جن جي
اُمت کي آخري خطاب.
63- سالن جي عمر ۾: (10- هجري): (خميس، نماز ظهر): وصال کان (5)
ڏينهن قبل مسجد نبويءَ ۾ اُمت محمديه کي رسول الله
جو آخري خطاب.
63- سالن جي عمر ۾: (12 ربيع الاول 11- هجري 7- جون 632ع): وقت
صبوح، نيرن مهل، وصال خاتم الانبياء حضرت محمد
رسول الله صلعم.
عبدالرحمان جتوئي
حضور سائين جو هڪ خواب
حضور اڪرم ﷺ جن جي عادت مبارڪ هئي ته صبح جو مسجد نبوي ۾ صحابه
ڪرام رصه کان اڪثر ڪري پڇا ڪندا هئا ته توهان مان
ڪنهن رات جو ڪوئي خواب ته نه ڏٺو آهي؟ جيڪو اصحابي
سڳورو ڪوئي خواب ڏسندو هو ته سندن خدمت ۾ بيان
ڪندو هو ۽ پاڻ سڳورا صه جن ان جو تعبير فرمائيندا
هئا. اهڙيءَ ريت دستور مطابق هڪ ڏينهن پاڻ ارشاد
فرمايائون ته اڄ رات مان هڪ خواب ڏٺو آهي ته ٻه
ڄڻا مون وٽ آيا ۽ مون کي اٿاري ڪري چيائون ته هلو.
مان انهن سان گڏ هليم. اسان جو گذر هڪ اهڙي ماڻهو
وٽان ٿيو جيڪو سمهيو پيو آهي ۽ ٻيو ماڻهو پٿر
کنيون ان جي ڀرسان بيٺو آهي ۽ ان سمهيل ماڻهوءَ جي
مٿي تي اهو ٻيو ماڻهو زور سان پٿر هڻي ٿو، پٿر لڳڻ
جي ڪري ان جو سڄو مٿو چٿجي وڃي ٿو ۽ پٿر وڃي پري
ڪري ٿو. اهو ماڻهو ان پٿر کي کڻڻ وڃي ٿو ۽ هو اڃان
پٿر کڻي موٽي ئي مس ٿو ته سمهيل ماڻهو جو مٿو ٺيڪ
ٿي وڃي ٿو جيئن پٿر لڳڻ کان اڳ ۾ هيس. اهو ماڻهو
موٽي اچي وري ساڳيءَ ريت کيس پٿر هڻي ٿو ۽ وري ان
جو مٿو چٿجي وڃي ٿو ۽ وري ٺيڪ ٿي وڃيس ٿو اهڙيءَ
ريت اهو عمل يڪو جاري هيو. مان پڇيم ته هي ڇا آهي؟
انهن ٻنهي چيو ته اڳتي هلو. اسان جو گذر هڪ اهڙي ماڻهو وٽان ٿيو
جيڪو ويٺو آهي ۽ هڪ ٻيو ماڻهو لوهه جو زنبور کنيو
بيٺو آهي ۽ ويٺل ماڻهو جي هڪ پاسي کان اچي سندس
واڇ، نڪ جي ناس ۽ ڳل اک جي تاري تائين چيريندو
وڃيس ٿو ۽ وري منهن جي ٻئي پاسي اچي ان ماڻهوءَ جي
واڇ، نڪ جي ناس ۽ ڳل جي تاري تائين چيريس ٿو.
اهو ماڻهو ان ٻئي پاسي چيرڻ کان واندوئي مس ٿو ٿئي ۽ پهريون
پاسو ٺيڪ ٿي وڃيس ٿو ۽ وري پهرئين پاسي وڃي ساڳي
ڪاروائي ڪري ٿو. مان پڇا ڪئي ته هي ڇا آهي؟! انهن
ٻنهي وراڻيو ته اڳتي هلو. اسان اڳتي هلياسون ته
اچي هڪ غار وٽ پهتاسون جيڪا تنور وانگر هئي، هيٺان
موڪري ۽ مٿان سوڙهي هئي ۽ ان ۾ ڏاڍو گوڙ گهمسان ۽
هُل هيو، اسان ان ۾ نِوڙي ڏٺو ته ان ۾ تمام گهڻا
مرد ۽ عورتون هئا جيڪي اگهاڙا هئا. انهن جي هيٺان
باهه ٻري رهي هئي. اها باهه جڏهن مٿي پئي ٿي ته
اُهي سڀ ماڻهو ان سان گڏ مٿي هليا پي آيا ۽ تنور
مان نڪرڻ وارا هئا، پر پوءِ اها باهه هيٺ پئي هلي
وئي ته اهي ماڻهو ان سان هيٺ پي هليا ويا. مان پڇا
ڪئي ته اِهو ڇا آهي؟ انهن ٻنهي چيو ته اڳتي هلو.
اسان اڳتي هلياسون ته هڪ واهه وٽ پهتاسون جنهن جو
پاڻي رت وانگر ڳاڙهو هيو ۽ ان واهه ۾ هڪ ماڻهو تري
رهيو هو ۽ واهه جي ڪپر تي هڪ ٻيو ماڻهو ويٺو هو ۽
ان وٽ پٿرن جو ڍڳ رکيو هيو. اهو واهه وارو ماڻهو
ترندو ڪناري ڏانهن پي آيو ۽ واهه مان نڪرڻ جي ڪوشش
پي ڪيائين ته ڪناري وارو ماڻهو هڪ پٿر زور سان ان
جي منهن ۾ پي هنيو ته اهو ماڻهو وري وڃي اُن ساڳي
جاءِ تي پي پهتو. وري ان ماڻهو واهه مان نڪرڻ جي
ڪوشش پي ڪئي ته ڪناري واري ماڻهو زور سان ان جي
منهن ۾ پٿر هڻي ان کي واپس پي موٽايو. مان پڇيم ته
هي ڇاهي؟ انهن ٻنهي چيو ته اڳتي هلو. اسان اڳتي
هلياسون ته هڪ ماڻهوءَ وٽ پهتاسون، جيڪو ڏاڍو قبيح
شڪل هيو، ان جي اڳيان هڪ باهه آهي جنهن کي هو
مچائي رهيو آهي. مان پڇيم ته هيءَ ڪير آهي؟! اُنهن
ٻنهي وراڻيو ته اڳتي هلو. اسان اڳتي وڌياسون ته هڪ
سرسبز ۽ گهاٽي باغ ۾ پهتاسون جنهن ۾ هرقسم جا وڻ
ٽڻ ۽ گل ڦل هئا. ان باغ جي وچ ۾ هڪ ڪراڙو ماڻهو
ويٺو هيو ۽ ان جي ڀرسان تمام گهڻا ٻار ويٺل نظر
آيا. مان پڇيم ته هي ڇا آهي؟! انهن ٻنهي جواب ڏنو
ته اڳتي هلو. اسان اڳتي هلياسون ته هڪ عظيم الشان
وڻ وٽ پهتاسون ان کان وڏو ۽ سهڻو وڻ مان اڳي ڪڏهن
به نه ڏٺو هيو. اُنهن ٻنهي ماڻهن مون کي چيو ته ان
تي چڙهو. مان اُن وڻ تي چڙهيم ته هڪ شهر نظر آيو
جنهن جي جاين ۾ هڪ سر سون جي ۽ هڪ سر چانديءَ جي
لڳل هئي. اسان شهر جي دروازي تائين پهتاسين ۽
دروازو کولايوسون. اسان اندر وياسون ته اسان کي
اُن شهر ۾ ڪجهه ماڻهو نظر آيا جن جو بدن هڪ طرف
کان ڏاڍو سهڻو ۽ خوبصورت هيو ۽ ٻئي طرف کان ڏاڍو
ڪوجهو ۽ بدصورت هيو، انهن ٻن شخصن انهن ماڻهن کي
چيو ته وڃو ان واهه ۾ ٽپو ڏيو. اهو واهه ڏاڍو
موڪرو هيو، ان جو پاڻي کير جهڙو سفيد هيو. اهي
ماڻهو ان واهه ۾ وڃي ڪريا. پوءِ جڏهن واهه مان
ٻاهر نڪري آيا ته انهن جي بدصورتي بلڪل ختم ٿي وئي
۽ ڏاڍا ٺاهوڪا ۽ سهڻا پي لڳا. انهن ٻنهي ماڻهن مون
کي چيو ته هوڏانهن نهاريو هو توهان جو گهر آهي مان
جو مٿي نهاريو ته هڪ محلات سفيد ڪڪر وانگر نظر
آيو، اهي چوڻ لڳا ته اهوئي توهان جو گهر آهي. مان
انهن ٻنهي کي چيو ته مون کي ڇڏيو ته مان ان گهر
اندر وڃان. انهن وراڻيو ته هاڻي نه، توهان بعد ۾
ان گهر ۾ ويندا. مان انهن کي چيو ته توهان سڄي رات
مون کي سير ڪرايو هاڻي ٻڌايو ته اهي ڪهڙا اسرار
هيا؟ انهن چيو ته اسان توهان کي ٻڌايون ٿا ٻڌو:
اُهو ماڻهو جنهن جو مٿو پٿر سان چٿجندو ڏنو، ان کي الله تعاليٰ
دين جو علم ڏنو، رات جو غافل ٿي سمهيو رهيو ۽
ڏينهن جو ان تي عمل نه ڪيو. قيامت تائين ان سان
ائين ٿيندو رهندو. ۽ جنهن ماڻهوءَ جي واڇ نڪ جي
ناس ۽ اک تاري تائين چيرجندي ڏٺو، اهو ڪوڙو ماڻهو
آهي اهو ڪوڙيون ڳالهيون بيان ڪري پيو ۽ اهي ڪوڙيون
ڳالهيون دنيا ۾ مشهرو پي ٿي ويون، ان سان قيامت
تائين اهو سلرڪ ٿيندو رهندو. جيڪي اگهاڙا مرد ۽
عورتون باهه جي تنور ۾ نظر آيا هيوَ؛ اهي زنا ڪندڙ
آهن ۽ جيڪو ماڻهو واه ۾ تري پيو ۽ جنهن جي منهن ۾
پٿر هنيو پي ويو اهو وياج خور آهي ۽ جيڪو قبيح
باهه مچائيندي ڏٺو هيو، اهو دوزخ جو داروغو ”مالڪ“
آهي ۽ جيڪو ڪراڙو ماڻهو باغ ۾ ويٺو هيو اهو حضرت
ابراهيم عليہ السلام آهي ۽ جيڪي ٻار ان جي ڀرسان
ڏسڻ ۾ پي آيا اهي ماڻهن جا نابالغ اولاد آهن. ۽
جيڪو شهر نظر آيو هيو، اهو جنت عدن آهي. ۽ اهي
ماڻهو جن جو اڌ بدن سهڻو ۽ اڌ بدن بڇڙو هيو اهي
اهڙا ماڻهو آهن جن ڪجهه نيڪ عمل ڪيا هئا ۽ ڪجهه بد
عمل. الله پاڪ انهن کي معاف فرمايو. مان جبرئيل
آهيان ۽ هي اسرافيل.(مشڪواة شريف) |