سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

ايڊيٽر: انور هالائي

سن ستين هجري ۾ پاڻ سڳورن جدا جدا ملڪن جي بادشاهن ڏانهن خطن جو سلسلو شروع ڪيو هو هي خط حضور پاڪ جن قبط (مصر) جي بادشاهه مقوقس ڏانهن لکيو آهي. اهو خط ڪوفي زبان ۾ لکيل آهي ۽ حضور جن جي مهر مبارڪ ان تي لڳل آهي.

 

خدا جي ٻانهي ۽ ان جي رسول طرفان مقوقس بادشاهه قبط (مصر) تي سلام هجي ان تي جو هدايت جي پيروي ڪري. ان کان پوءِ مان توکي دعوت اسلام ڏيان ٿو. اسلام قبول ڪري سلامت رهندين ۽ خدا تعاليٰ توکي ٻيڻو ثواب پهچندو. اگر اسلام قبول نه ڪيو ته سڄي قبط کي تڪليف پهچندڙ مصيبت ٿيندي. اي اهل ڪتاب! اچو ان ڳالهه ڏانهن جيڪا پاڻ ۾ مشترڪ آهي اها آهي ته خدا کان سواءِ ڪنهنجي عبادت نه ڪريون ۽ ان سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪريون ۽ نڪي پاڻ مان هڪ ٻي کي رب بڻايون سواءِ  خدا جي. بس اگر اهل ڪتاب نه مڃين ته ٻڌائجو اي اهل ڪتاب گواهه رهجو اسين ته مسلمان آهيون.

 

 

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارؤ،

لکين ڪروڙين ڪرم الله تعاليٰ جلا جلالہ جا جنهن سڄي ڪائنات کي خلقيو ۽ انهيءَ ۾ خاص طور انسان کي اشرف المخلوق بنايو. لکين ڪروڙين احسان حضرت محمد ڪريم ﷺ جن جا، جن پوري انسانذات کي خدا جو پيغام (قرآن پاڪ) پهچايو ۽ اسلام جي تعليم ڏني، امن، سچائي ۽ نيڪيءَ جي هدايت فرمائي.

چوڏهن سؤ سال گذري چڪا آهن، اسلام پنهنجي عظيم ترين خوبين باعث ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهي ٿو. دنيا جا ڪروڙين مسلمان روزانو پنج وقت پنهنجي خالق جي بارگاهه ۾ جهڪي نياز ۽ نوڙت جو تحفو پيش ڪن ٿا. روزانو هر مسلمان ڪيترائي ڀيرا حضور پاڪ جن تي درود ۽ صلوات پرهندو رهي ٿو.

گل ڦل جو هي پرچو وعدي مطابق چوڏهين صدي هجري نمبر آهي. هن نمبر ۾ حضور پاڪ جن جي حياتي ۽ سيرت تي سٺا سٺا مضمون شايع ڪيا ويا آهن. اسان ڪوشش ڪئي آهي ته حضور پاڪ جن بابت بهترين ڄاڻ اوهان تائين پهچائي وڃي. ڪي سٺا مضمون دير سان پهتل آهن جن کي آئيندي واري سان شايع ڪيو ويندو، ڪي مضمون رڳو تقريرون آهن يا اهڙا نقل ٿيل آهن. جن کي شايع ڪرڻ مناسب نه سمجهيو اٿئون. اسان کي اميد آهي ته گل ڦل جي تاريخ ۾ هي پرچو بهترين ثابت ٿيندو. پنهنجي راءِ ضرور موڪليندا.

آخر ۾ آئون مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ جن جو ٿورائتو آهيان، جن هن پرچي جي مواد ۾ منهنجي رهبري ڪئي ۽ جناب غلام رباني آگرو سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جن جو به ٿورائتو آهيان جن اَفسيٽ ڇپائي لاءِ مون کي اهي سڀ سهوليتون ڏنيون جن جي ڪري هي شاندار پرچو اوهان جي آڏو آهي.

اوهان جو ڀاءُ

انور هالائي

 

لطيفي لات

 

سا سِٽَ ساريائون، اَلف جنهن جي اڳ ۾

اَلمَقصُودَ فِي الدّارَينِ، اِن پَرِاُتائُونِ،

سَڳَرُ سوٺائُون، رَسِيلا رحمانَ سين.

”شاهه“ علامه آءِ آءِ قاضي وارو نسخو

هي بيت شاهه عبداللطيف جي رسالي ۾ سريمن ڪلياڻ جي داستان پنجين جو سورهون بيت آهي.

سمجهاڻي: اهائي سٽ ياد ڪيائون جنهن جي اڳيان الف آهي يعني الله آهي ياد ڪندڙ ٻانهن کي سواءِ الله جي ٻيو ڪوبه ياد ڪونهي. ”هن دنيا ۽ هن دنيا ۾ سواءِ الله جي سندن ٻيو ڪوبه مقصد ڪونهي“ اهائي ڳالهه سندن زبان تي آهي. اهڙن الله جي سچن عاشقن پنهنجي محبت سان اهڙي راهه ڳولهي لڌي جنهن تان هلي وڃي الله تعاليٰ جي قربت حاصل ڪيائون.

معنيٰ: لامقصود في الدارين: ٻنهي جهانن ۾ الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪوبه مقصد ناهي (قرآن پاڪ) ان پر: اهڙيءَ ريت اتائون: چيائون سڳر: اها منزل جتي خدا جو قرب حاصل ٿئي ٿو. لامڪان، سوڙهو پيچرو سوٺائون: ڏوري يا ڳولي لڌائون ٿيا رسيلا: پرچي هڪ ٿيا. گڏجي ويا، ملي ويا. رحمان: مهربان مالڪ. الله تعاليٰ.

 

منصور ويراڳي

 

بَارِي تَعاليٰ

حمد

 

ساري جڳ جو تون ئي خالق آهين اڪيلو خلقلهار،

والي وارث ٻيو ڪو ناهي مولا مالڪ خود مختار.

شمس قمر ۽ ڪتيون تارا، عرش ۽ ڌرتي جا هي نظارا،

سونهن ۾ سهڻا سرس ٿيا سارا، نور سندءِ ٿا ڪن نروار.

مور چتون ۽ چيها بلبل، ڳيرا ڪبوتر قمريون ڪوئل،

”الله هو“ جون ٻوليون ٻولي، دم دم ڪن ٿا ايءُ اذڪار.

صحرا ڏونگر ساگر ڇوليون، ڪونجن آڙين جون هي ٽوليون،

سڀ ٿا ٻولن تنهنجون ٻوليون، هرهنڌ هڪڙي آ هونگار.

گل ڦل ميوا جر ۽ جهنگ؛ سڀ ۾ سائين تنهنجو رنگ،

وحدت جو آ تن کي ونگ، ظاهر صورت ڌارو ڌار.

روپ رنگت ۽ جسم کان پاڪ، ساري جڳ ۾ تنهنجي هاڪ،

تنهنجي آڏو سڀڪجهه خاڪ، سجدي ۾ آ سڀ سنسار.

تون ئي هادي تون ئي رهبر، تون ئي ڏڏن جو اهين ڏاتر،

تنهنجو ثاني ناهي همسر، واحد قادر تون ڪلتار.

هر جا تنهنجو نور ڏسان ٿو، وحدت جو دستور ڏسان ٿو،

ملڪ مڙئي ”منصور“ ڏسان ٿو، حق جي آڏو تابعدار.


 

احسان

 

اي زمين جا مالڪ،

آسمان جا مالڪ،

آسرو آ تنهنجو،

ذرو ذرو ئي تنهنجو.

نيري ڇت به تنهنجي،

۽ هي ترو ئي تنهنجو.

هر شيءِ تي تنهنجي قدرت،

هر شيءِ جو تون ئي خالق.

جنهنجي مٿان به آيو،

تنهنجي ڪرم جو سايو.

تنهن آ سدائين خدايا،

تنهنجو ئي گڻ ڳايو.

هر دل ۾ تون ئي تون آن،

هر ساهه جو تون ئي رازق.

شال سائين سدائين،

حق جون راهون پسائين.

ڪوڙ کان نفرت ڪرائين،

سچ جو سبق سکائين.

کڻي هي ٻيئي هٿڙا،

دعا گهري ٿو هي ٻالڪ.

اي زمين جا مالڪ،

آسمان جا مالڪ.

 

جوهر بروهي

 

الله احد آهي،

بي نياز صمد آهي.

دربند ٿيو ناهي،

رزاق به اهو آهي.

ڊاهي به پيو ٺاهي،

ٺاهي به پيو ڊاهي.

سنڀار سچو مولا،

ڏک سور سڀئي لاهي،

جڳ ان جي اڳيان ڇا آهي،

قادر به ڌڻي آهي،

ڪو سينو ڀلا ساهي،

هر ڏاڍ کي ٿو ڳاهي.

تک تار مان تاري ٿو،

سڙهه ساڙ ٿو سنباهي،

ٿئي ائين، جيئن چاهي،

اڄ نيٺ بروهيءَ کي،

هيئن آهه چيو ڏاهي،

غافل ته نه ٿي گاهي.

در بند ٿيو ناهي،

الله احد آهي،

بي نياز صمد آهي.

 

مخدوم طالب الموليٰ

نعت نبي ڪريم ﷺ

عالم جو آڌار محمد ﷺ

غازي غيرت دار محمد ﷺ

شان ۽ شوڪت ۾ لاثاني آهه سراپا لطف و عنايت

محب مٺو منٺار محمد ﷺ

سيد سرور امي ۽ عربي خادم ان جا شرقي غربي

آهه يتيمن يار محمد ﷺ

روح امين دربان انهي جو عرش برين ايوان انهي جو

مڙني جو مهندار محمد ﷺ

جنهنجو جهان ۾ ڪوئي ڪونهي، تنهنجو پاڻ ئي مائٽ مشفق

غمگين غمخوار محمد ﷺ

ڪان هدايت ختم نبوت شان رسالت شافع امت

نبين جو سردار، محمد ﷺ

قانع مانع قاطع شافع نافع رافع تابع واضع

ڪامل ڪلادار، محمد ﷺ

حاڪم اعليٰ مالڪ انثيٰ صاحب عقبيٰ طالب مولا

جنهن تي خدا جو پيار، محمد ﷺ

(شان سروري تان ورتل. ڇپيل 1958ع)

 

امداد علي امداد

جلال- محمد، ڪمال- محمد،

نظر نور واري جمال- محمد،

الاهي امر جو اشارو محمد،

رضا راز رب جو نظارو محمد،

محبت مروت جو نعرو محمد،

ضيا سونهن واري سونهارو محمد،

يقين آ خدا جو خيال- محمد،

جلال- محمد، ڪمال- محمد.

هي فرمان فرقان سارو محمد،

ثنا آه قرآن سارو محمد،

بقا هر شئي جي بهارو محمد،

سمونڊن جو ساحل ڪنارو محمد،

آ مشرق ۽ مغرب شمال- محمد،

جلال- محمد، ڪمال- محمد.

نبين جو اڳواڻ ملڪن جو موليٰ،

زمين آسمانن ۽ عرشن جو موليٰ،

جهانن جي رونق ۽ روحن جو موليٰ،

جنن جانورن ۽ پرندن جو موليٰ،

وتي واڳ سڀ جي سنڀالي محمد،

جلال- محمد، ڪمال- محمد.

موٽائي نه ڪوئي سوالي محمد،

ڇڏي ڪين ڪنهنکي به خالي محمد،

سچو صاف ”امداد“ عالي محمد،

مڪي ۽ مديني جو والي محمد،

مليو ڪونه ملندو مثال- محمد،

جلال- محمد، ڪمال- محمد.

 

ناصر ساريو

 

مرسل جو اعليٰ شان ٿيو،

نازل مٿس قرآن ٿيو،

نبي آخر الزمان ٿيو،

بلغ العليٰ بکمالہ،

سڀ کان سڄڻ سهڻو هيو،

 جهڙس جڳ ۾ نه ڪو ٻيو،

اسلام جو هر روشن ڏيو،

کشف الدجيٰ بجمالہ.

عادت سندن اڪسير هئي،

اسلام جي تصوير هئي،

قرآن جي تقرير هئي،

حسنت جميع خصالہ.

خود آ خدا جو قول ٿيو،

اي سڀئي مومنو،

دل جي محبت سان پڙهو،

صلوا عليه و آلہ.


 

مظفر ”مير“ ٽالپر

 

فخر- عالم، راحت العاشقين،

معراج المومنين، سؤ سؤ سلام.

شاهه انبياء، سرتاج- ڪونين،

يا نبي المرسلين، سؤ سؤ سلام.

شافع روز- جزا، رازق و رحيم،

يا صراط مستقيم، سؤ سؤ سلام،

اسم تنهنجو اعليٰ اي محبوب موليٰ،

سرور و صلي عليٰ سؤ سؤ سلام

اي سحافظ ”مير“ جا مرسل محمد مصطفيٰ،

يا نبي المجتبيٰ، سؤ سؤ سلام.

 

مسڪين ملاڪاتياري

 

مرحبا نور خدا الوراي پيدا ٿيو،

آمنه جو لال احمد مصطفيٰ پيدا ٿيو.

نور هو نوري مجسم نور جي پوشاڪ ۾،

سيد سَردار سرور رهنما پيدا ٿيو.

ابر رحمت جو وٺو جنهن رات ڄائو مصطفيٰ.

هادي هر دو جهان نورالهديٰ پيدا ٿيو.

هئي رڳي اونداهه عالم رات هئي ڪفران جي،

سوجهرو سردار سو شمس الضحيٰ پيدا ٿيو.

شاهه تي صلوات چئي اي يار ڪر سهڻي زبان،

درد مندن جي دوا صاحب شفا پيدا ٿيو.

مهر ٿي مسڪين چئي اڄ ماڳ آيو مصطفيٰ،

آسرو احمد صه محمد صه مجتبيٰ پيدا ٿيو.

 

سوز هالائي

 

شڪر الحمدالله جو اڄ سيد ابرار، ٿي آيو،

شفيع المذنبين سو احمد مختيار، ٿي آيو.

زمين ۽ آسمان وارا خوشيءَ ۾ ڪين ٿا ماپن،

سڀن سردار ٿي آيو، مڙن مهندار، ٿي آيو.

ڪفر جا ڪوٽ سڀ ڪريا، جڏهن تشريف فرما ٿيو،

بظاهر بااليقين سو قاتِل ڪفار، ٿي آيو.

بکين کي ڀي ڍوڻ وارو، ڏکين کي ڀي ڏيڻ وارو،

اگهاڙا انگ ڍڪڻ وارو، يتيمن يار ٿي آيو.

برو ڀنڀور هو ڏاڍو، اجاريو تنهن کي آرياڻيءَ،

ڏکيون جنهن ڏِک وهاريون، سو اڙين آڌار، ٿي آيو.

اميريءَ ۽ غريبيءَ ۾ نه ڀانئيو فرق تنهن بلڪل،

مساوات ۽ اخوت جو علمبردار، ٿي آيو.

ظلم زوري، ستم سوزي، جهالت کي مٽائڻ لئه،

خدا جي فضل سان سو مطلع الانوار؛ ٿي آيو.

وڏوئي ”سوز“ کي ڀي آسرو آ تنهنجي رحمت ۾،

سخاوت ۽ شفاعت جو وڏو ڏاتار ٿي آيو.

 

شوڪت ابڙو

 

نبين ۾ ڀلارو، محمد مٺو آ،

سڀن جو سهارو، محمد مٺو آ.

اُجهائي اُڃين جي سدا اوڃ جيڪو،

بڻي جنهن جي تعظيم تقليد توشو،

سو نرمل نيارو، محمد مٺو آ.

ڪري پيروي ڪو ته آسون پڄائي،

مرادن وندن جون مرادون پڄائي،

ڪنڌي ۽ ڪنارو، محمد مٺو آ.

ڌڻي حوض ڪوثر جو ٻيو ڪير آهي؟

اَجهو روز محشر جو ٻيو ڪير آهي؟

نبي ناميارو، محمد مٺو آ.

هو هيڻن جو حامي، ولهن وسيلو،

بي واهن جي واهر ۽ آڌر اڙين جو،

جڏن جيءَ جيارو، محمد مٺو آ.

سخن جنهن جو ثابت پيام- الاهي،

لقب جنهن جو صادق ڪلام الاهي،

خدا جو پيارو، محمد مٺو آ.

اٿم آس ”شوڪت“ پسان شال روضو،

وڃان چاهه چانئٺ چمان هڪڙو ڀيرو.

مڙن ۾ موچارو، محمد مٺو آ.

 

”ناز“ ميراڻي

 

خدا جي رضا خود نبي جي رضا آ،

نبي جي رضا خود خدا جي رضا آ،

خدا آهي عاشق ته معشوق مدني،

مٺو محب رب جو، ته خيرالوريٰ آ.

ولسوف يعطيک ربک فترضيٰ،

محمد کي موليٰ، چيو هي صفا آ.

جو تنهنجو، سو منهنجو، اي مٺڙا محمد؛

محمد سان واعدو ڪيو خود خدا آ.

لکين هن مداحي، محمد مٺي جا،

خدا جنهن جو عاشق ثناگر سدا آ.

نبين، رسولن جو سرتاج عربي،

وڏي ”ناز“ وارو هي نورالهديٰ آ.

 

مقصود ”گل“

 

محمد مٺو ساٿ سالار آهي،

اسان جو ته ٻيڙو ٿيو پار آهي.

غريبن جو حامي يتيمن جو ياور،

اداسي دلين جو ته آڌار آهي.

ٻڏيون ٿي غمن ۾ دليون عاصين جون،

ڪنارو ڪنن مان ٿيو نروار آهي.

عظيم انقلاب آيو ڌرتي تي آهي،

بلند عظمتن جو ٿيو مينار آهي.

سچائي جو رستو ٻڌائڻ جي خاطر،

نبي پاڪ ٿيو اڄ نمودار آهي.

کڻي ”گل“ عقيدت جا حاضر ٿيس مان،

ڪيو مون به الفت جو اظهار آهي.

 

محمد رمضان ڪمبوه ”زلفي“

 

سندم جان دل جو پيارو محمد،

سڄي جڳ جو آهي دلارو محمد.

غريبن جو آقا يتيمن جو والي،

سندس شان سڀ کان ٿيو آ عالي،

سندس در تي آهيون سڀئي سوالي،

نه موٽيو اُن وٽان ڪوبه خالي.

شفقت شفا قرب وارو محمد،

سندم جان دل جو پيارو محمد.

رهان ٿو مان هن جي ڪرم جو طلبگار،

سدا ٿيندو ساڻي سدائين مددگار،

ڪندو پنهنجي رحمت سان اُمت کي سرشار،

محمد صه سان آهيون سدائين وفادار.

حشر ۾ سڀن جو سهارو محمد صه،

سندم جان دل جو پيارو محمد صه.

گنهگار ”زلفي“ تي رحمت وسائج،

خطائن جا سڀ داغ منهنجا مٽائج،

مديني جي در تي مون کي رسائج،

اکين سان مون کي پاڪ پڃرو پسائج.

پسان پاڻ پهچي منارو محمد صه،

سندم جان دل جو پياو محمد صه.

 

مضمون

مشتاق ميمڻ

 

نوري ٿيو نروار

خالق اڪبر اشرف المخلوقات جو ڇٽ حضرت انسان جي سر تي رکي ”و لقد ڪرمنا بني آدم“ جي وجود ۾ هيڪانديون حڪمتون، عجيب اسرار سمائي کيس پنهنجي تخليق ڪيل جڳ جو شهنشاهه، ساري سنسار جو سردار بڻائي هر شيءِ سندس حڪم ۾ ڏني ۽ انسانن جو جوهر حضرت محمد ﷺ نبي آخرالزمان محبوب خدا کي عطا ڪيائين. جن جي اسم توڙي جسم ۾ الاهي نور جي لاٽ، برڪت ۽ سعادت ايتري ته بخشيل آهي جا اڄ تائين چوڏس وانگر چمڪيل آهي. سچ ته اهو آهي ته قدرت جو سڄو مانڊاڻ انهيءَ لاءِ ئي منڊيل هو. هي عظيم انسان، سڀني جو سچو سردار، الله جو پيارو پيدا نه ٿئي ها ته هوند دنيا پنهنجي حقيقي خالق، رب مالڪ کي هرگز سڃاڻي ڪين سگهي ها.

اهو املهه ماڻڪ، جيڪو خدا جو پيارو ۽ اسان جو رسول آهي، ان جي پيدا ٿيڻ جو مقصد، آدم ۽ اولاد آدم جو فخر، حضرت نوح نبي جي ٻيڙيءَ جو راز هو. جنهن لاءِ حضرت ابراهيم خدا پاڪ کان دعائون گهريون، حضرت عيسيٰ پاڻ کان پوءِ انهيءَ جي اچڻ جي خوشخبري ڏني. اهوئي سڄي دنيا جي قومن لاءِ رسول صه ۽ رهبر جنهن وقت پيدا ٿيو، تنهن وقت عربن ۾ هر طرح جون بڇڙايون ۽ بدنيتي پکڙيل هئي. ساري دنيا ۾ پاپن ۽ گناهن جو جهڙ لڙ هو. چوطرف اوندهه ئي اوندهه هئي. سڄي جهان جو مالڪ، رب خالص الله پاڪ ماڻهن جي دلين تان بلڪل وسري چڪو هو. ان وقت ماڻهو شڪل صورت ۾ ته ماڻهو هئا پر عادتن ۽ براين ۾ جانورن کان به پري هئا. بي جان شين ۽ بتن وغيره کي خدا کان به وڌيڪ سمجهندا هئا. مطلب ته دنيا ۾ هر طرف اهوئي حال هو، نه ابراهيمي دين جو اثر باقي بچيو هو، نه موسوي مذهب رهيو هو ۽ نه عيسيٰ مسيح جي ڪرامتن ۽ معجزن جو تاثير هو. اهڙي مشڪل دور ۾ اهڙي جامع الصفات، ڪامل ۽ اڪمل رسول جي ضرورت هئي، جو انسان ذات کي سنئين رستي تي لاهي گمراهيءَ کان بچائي. اهڙي ڪٺن ڪم لاءِ مقدس پيغمبر جي اشد ضرورت هئي. جنهن جي روحانيت تمام قوي، طاقتور، ظاهري ۽ باطني؛ دلي ۽ دماغي قوتون اڳين سڀني نبين کان اعليٰ اوليٰ هجن، جو جڳ سنوارڻ ۽ سڌارڻ جو ڪٺن بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي سڄي دنيا کي دين حقيقي کان واقف ڪري ۽ الله جي دين کي دنيا ۾ پکيڙي. انهيءَ لاءِ آنحضرت محمد مصطفيٰ، احمد مجتبيٰ ﷺ جو نزول بدحال ۽ بيدين انسانن لاءِ قدرت جو قرب، مهر ۽ نوازش آهي، پاڻ ڪريم صه جن پاپن، گناهن ۽ بي دين بندن لاءِ ڪلام الله (قرآن پاڪ) جو شافي ۽ ڪافي نسخو کڻي تشريف فرما ٿيا.

حضور پاڪ صلعم جن کليو بتن، بت پرستي ۽ بڇڙاين جي برائي بيان ڪرڻ لڳا. الله سائين جي وحدانيت، چڱن، اخلاقن ۽ قيامت جو وعظ فرمائڻ لڳا. جن جون دليون چڱيون هيون سي فرمان سمجهندا ۽ قبول ڪندا ٿي ويا ۽ جن جي دلين ۾ برائي ۽ ضد جو مرض هو سي پاڻ وڌيڪ شرارت ۽ مخالف جو سندرو ٻڌي بيٺا. حضور پر نور ﷺ جن کي هر طرح تنگ ڪرڻ ستائڻ ۽ ايذائڻ لڳا. جهڙوڪ سندن رستي ۾ ڪنڊا اڇلائڻ، نماز پڙهڻ وقت کين چيڙائڻ، ڪعبي جي طواف ڪرڻ وقت چرچا ڪرڻ، کين شاعر، جادوگر ۽ چريو وغيره سان مشهور ڪرڻ لڳا. شهر ۾ ڪو نئون ماڻهو ايندو هو ته انهيءَ کي اڳ ۾ ئي وڃي ٻڌائيندا هوا ته اسان وٽ هڪ ماڻهو وڏن جي دين کان ڦري ويو آهي. انهيءَ وٽ نه وڃجو وغيره.

پاڻ سڳورا صه سڀ برداشت ڪندا رهيا ۽ پنهنجو ڪم ڪندا رهيا. حضور اڪرم ﷺ جن جي معجزن، حسن اخلاق، تدبير جي برڪت ۽ مسلمانن جي سچائي، قرباني ۽ ڪوشش جي اثر کان سڀ مشڪلاتون هڪ هڪ ٿي هٽي ويون.

سبحان الله! ٻاويهن ورهين جي مختصر عرصي ۾ ڪافي تبديليون اچي ويون. اڳ ۾ جڏهن پهرين حضور صلعم جن هڪ خدا جي عبادت جي دعوت ڏني هئي. تڏهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن کان سواءِ الله جي درٻار ۾ ڪابه گردن جهڪڻ لاءِ تيار نه هئي. پر حضور اڪرم ﷺ جن جي جاکوڙ سان ٿورڙي عرصي اندر عربن جي ذهنيت ۾ اهڙو ته انقلاب آيو جو انهيءَ ساڳئي سچي سردار، اڙين آڌار محمد مصطفيٰ صلعم جن سان گڏ سوا لک کان وڌ گردتون الله پاڪ جي درٻار ۾ جهڪيل هيون ۽ ڪنڊ ڪڙڇ مان الله اڪبر جو نعرو بلند ٿيو.

طلع البدر علينا من تسنيات الوداع وجب الشڪر علينا ما دعا الله داع.

چوڏهينءَ جو چنڊ اسان تي اڀريو وداع (جبل) جي گهٽين مان اسان تي الله جو شڪر واجب آهي جيستائين ڪوبه دعا گهرندڙ خدا کان دعا گهري ٿو.

حضور پاڪ جن فرمايو ته اوهان مان وڌيڪ سٺو ماڻهو اهو آهي جيڪو، قرآن شريف پڙهي ٿو ۽ پڙهائي ٿو. (بخاري)

حضور پاڪ جن فرمايو ته مون کي اهي ماڻهو پيارا آهن جن جون عادتون تمام سٺيون آهن (بخاري ۽ مسلم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com