ننڍڙا اديب
سٺي صلاح
توکي ڪلهي تي کڻڻا آهن، هن ڌرتيءَ جا بار،
تو ۾ آس اها آ منهنجي،اڳتي وڌندين يار.
علم، محبت ۽ سچائي سڀ کان پيارو نانءُ،
تو وٽ ڪوڙ جو ڪم آ ڪهڙو، هي آٽٽندڙ ٽانءُ،
وقت سان گڏجي ونڌندين پيارا، هي به وجهندئي هار،
توکي ڪلهي تي کڻڻا آهن، هن ڌرتيءَ جا بار.
پياري ٻولي چاهت واري، هن ۾ گيت چئو،
سڪ جا ساز وڄاءِ پيارا، هردم گڏ رهو،
سهڻيون سندر سوچونرکجانءِ، ڪنهن کي ڪين ڌڪار،
توکي ڪلهن تي کڻڻا آهن، هن ڌرتيءَ جا بار.
محنت نالو آجيون جو، محنت آهي مان،
محنت سان ئي اڳتي وڌندو آهي هر انسان،
محنت سان ئي ناتو ڳنڍجانء، ڪين ڪي ٿجان ڌار،
توکيڪلهي تي کڻڻان اِهن هن ڌرتيءَ جا بار.
-- ساگر ڪمبوهه
سجاڳي آڻيون
ننڍڙيون وڏڙيون سرتيون سياڻيون،
سرندي واريون مسڪينياڻيون.
هڪ جيڏيون سڀ گڏجي سڏجي،
اچو ته هاڻي سجاڳي آڻيون.
ويسر گيسر مور نه سونهين.
محنت سان ئي منزل ماڻيون.
اونو ڌاريون آئيندي جو،
ويندي لاءِ نه ٿيون ويڳاڻيون،
اُڀرون پاڻ وهائو وانگر،
صبح سوير ڏئي سمجهاڻيون.
پاڻ ته روشن جڳ ڀي روشن،
ڪرڻو آ ناياب نماڻيون.
- رضيه ناياب چانڊيو،رتو ديرو
فرمانبردار پٽ
پيءُ جي وفات کانپوءِ ماءُ جو اڪيلو سهارو اختر
هو. اختر روزانو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري پنهنجو ۽
پنهنجي ماءُ جو گذران ڪندو هو. اختر ماءُ جو اڪيلو
پٽ هو. هو ماءُ جي اکين جو تارو ۽ ٻڍائپ جو سهارو
هو.
هڪ ڏينهن هن جي ماءُ سخت بيمار هئي. هن ڪيترائي ڏس
پتا ڪيا،حڪيم طبيب گهرايا مگر فائدو ڪٿان به نه
پيو. هڪ ڏينهن سڪرات جي حالت ۾ پٽ کي چيائين ته
”ٻچا منهنجا هاڻِي پويان پساهه آهن . خدا کانسواءِ
تنهنجو هن دنيا ۾ واهي ڪونهي. تون اُن کي هر وقت
ياد ڪندو ڪر. توکي اها نصيحت ٿي ڪريان ته غريبن جي
مدد ڪندو ڪر، وڏن جو چيو مڃيندو ڪر ۽ ننڍن سان
پيارڪندو ڪر، سچ ڳالهائيندو ڪر. اميد ته تنهنجو
هرمطلب پورو ٿيندو.“
ماءُ جي وفات کان پوءِ هڪ ڏينهن اختر جهنگ مان
ڪاٺيون ڪرڻ وڃي رهيو هو ته اوچتو هن جي ڪنن تي
پکين جي ٻچن جون دانهون ٻڌڻ ۾ آيون. هن کي انهن تي
ترس آيو ۽ ماءُ جي نصيحت پڻ ياد اچي ويئي، سو
يڪدم ان طرف ڊوڙڻ لڳو، جنهن طرف کان آواز اچي رهيو
هو. جڏهن هي ان آواز جي ويجهو پهتو ته ڇا ڏسي ته
هڪ نانگ آهي جيڪو سرڻ جي ٻچن کي کائڻ وڃي رهيو هو.
هن کڻندي ڪهاڙي اُن نانگ کي ماري ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ڇڏيو ۽ پوءِ ڪاٺيون ڪري روانو ٿيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو جيئن هي ساڳئي رستي تان جهنگ
ڏانهن وڃي رهيو هو ته هن جي ڪنن تي وري اهي ساڳيا
آواز آيا، هو يڪدم انهي ساڳئي وڻ ڏانهن ويو، ڇا
ڏسي ته جن پکين کي مون بچايو هو. انهن کي وات ۾ هڪ
ڪپڙي جي ڳوٿري هئي سان هيٺ ڪيرايائون. اها ڳوٿري
اخترکولي ڏسي ته رڳو سون ۽ چاندي، سان ڀريل هئي.
هي ڏسي اختر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ گهر ڏي روانو ٿيو ۽
زندگي جا باقي ڏينهن خوشيءَ سان گذارڻ لڳو،
پيارا ٻارؤ، اسان کي گهرجي ته وڏن جو چيو مڃون ۽
انهن جي عزت ڪريون.
-اڪرم منصور دائود پوٽو
زندگيءَ جو روپ
ڍولڻ کي اڄ ڏهون سال هو نواب زميندار جو هاري
ٿيندي ڍولڻ کي ٻنهي ۾ ڪم ڪندي راتين جون راتيون
پاڻيءَ ۾ بيٺي گذرنديون هيون ۽ گرم ڏينهڙا اُس ۾
بيهندي گذرندا هئا. نواب غريبن کان ڏاڍو ڪم
وٺندوهو.نه ڏسندو هو ڪنهن جي بيماري،نه خوشي ۽ نڪي
موت. هاري ويچارن مٿان ظلم روز روز پيا وڌندا
هوا. جڏهن بٽئي جو وقت ايندو هو ته چؤ طرف آن جا
انبار لڳا پيا هوندا هئا. هاري انهن کي ڏسي ڏاڍا
خوش ٿيندا هئا، ڇاڪاڻ جو هنن جو پورهيو رائيگان نه
ويندو هو: پر.... نواب سندن پگهر جو سمورو ڦل کڻي
ويندو هو. ويچارا هاري نماڻا نيڻ کڻي ڪڏهن رهيل
کهيل آن ڪڻن ڏانهن پيا نهاريندا، ته ڪڏهن انگ
اگهاڙن پيٽ بکين ٻچڙن ڏانهن ڏسندا هئا ۽ ڪڏهن
نواب جي جيپن ڏانهن........ ۽ هو بنا جهجهڪ جي مال
کڻي هليو ويندو هو.
ڍولڻ جي پٽ سوڍي کي اڄ ٽيون ڏينهن هو بخار ٿي
پيو. پوءِ ڍولڻ سوڍي کي هنج ۾ کڻي نواب ڏي ويو ۽
ڪجهه دير اتي گونگن جيان بيٺو رهيو. هن جي زبان
مان ڪوبه لفظ نه پئي نڪتو. آخرهن همت ڪئي ۽ زبان
کولي سادن لفظن ۾ زميندار کان پئسا گهريا، ڇاڪاڻ
جو سوڍي کي ڪنهن ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃي.
”پئسا؟ مون وٽ ڪونهن پئسا...“ ”سائين ... خدارا
ڪجهه رحم ڪريو. مون ڪمزور ،نٻل ۽ اپاهج جي مدد
ڪريو، جيڪڏهن مدد نه ڪندؤ ته منهنجي زندگي جو ڏيو
اُجهامي ويندو ۽ گلاب جو گل ڪومائجي ويندو. آخر هو
به اوهان جو ٻچو آهي، اسان ساري عمر اوهان جي
خدمت ڪئي آهي. پنهنجي ٻچي تي رحم ڪريو. سائين!“
نواب ڪاوڙ واري انداز ۾ کيسي مان پنجن روپين جو هڪ
نوٽ پٽ تي اڇلايو، ”کڻ ! آءٌ هن کان وڌيڪ تنهنجي
مدد نه ٿو ڪري سگهان.“
هوڏانهن سوڍي جي منهن منجهان زندگي جا آثار
موڪلائي رهيا هئا. هن جو منهن هيڊ جهڙو پيلو ٿي
ويوهو. انهيءَ وقت ائين محسوس ڪري رهيو هو ته سندس
حياتي جي ڪشتي جون رسيون تيز طوفان ۾ ٽٽي پيون
آهن۽ هو تيز لهرن جي وهڪري ڏانهن وڌندو ٿو وڃي.
پوءِ جڏهن هن جو دم ٽٽڻ لڳو ته هو پاڻ کي ٻڏندو
محسوس ڪرڻ لڳو. هيٺ اونهائي ۾..... ڍولڻ جو حواس
اڏري ويا. هن ڪڏهن سوڍي ڏي تڪيو ته ڪڏهن پنجي رپئي
جي نوٽ ڏي.......نيٺ هو نوٽ کڻي تڪڙو تڪڙو اسپتال
آيو ۽ پٽ کي سڌو وڏي ڊاڪٽر وٽ کڻي ويو. هو چرين
وانگر پٽ تي ويٺل ڪيترن مريضن کي لتاڙيندو ڊاڪٽر
وٽ پهتو. هن سوڍي کي ڊاڪٽر وٽ آڻيندي وڏي رڙ ڪندي
چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب.....! خداجي واسطي منهنجي ٻچي
کي بچاءِ.... ڊاڪٽر!“
ڊاڪٽر سوڍي جي نبض ڏٺي... اکيون ڏٺيون........دل
کي چڪاسيو... نبض بند هئي، دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو هو ۽
اکين ۾ ننڊ هئي پر ابدي ۽ پوءِ ڊاڪٽر چيو.
”پوڙها....! تون ايترو وقت ڪٿي هئين؟ ۽ دير سان
پهتو آهين. مان هن وقت ڇاٿو ڪري سگهان؟“
ڍولڻ جي اکين آڏو اونداهي ڇائنجي ويئي ۽ ڳلن تان
لڙڪن جون بوندون سوڍي جي منهن تي مينهن وانگر ٽمي
رهيون هيون، هن سوڍي جي پيشاني تي چمي ڏني ۽
ڇاتيءَ سان لائي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.
- عبدالعزيز آسي، ڪنڌ ڪوٽ
امتحان
سنڌ جو مشهور تاريخدان،سيد علي شير قانع، جو تاريخ
تحفة الڪرام جو مصنف آهي، تنهن جو ڀائيٽيو، سيد
عظيم الدين ٺٽوي سنڌ جو مشهور عالم ۽ بزرگ ٿي
گذريو آهي. سنڌ جي حاڪم مرزا شاهه حسن بيگ ارغون
جي عهد ۾ ٺٽي جو قاضي القضات(جج) جي اهم عهدي تي
فائز هو. هڪ دفعي مرزا شاهه حسن سندس انصاف ۽
ديانتداري جو ”امتحان“ لهڻ لاءِ، هڪ سوداگر کان
گهوڙا خريدڪري پئسن ڏيڻ ۾ سستي ڪئي. سوداگر ٻيو
چارو نه ڏسي، انصاف جي لاءِ قاضيءَ وٽ آيو.سيد
عظيم الدين مرزا کي حڪم شرعي موجب دارالقضاءِ
(ڪورٽ) ۾ گهرايو. بادشاهه هڪدم اچي حاضر ٿيو، جيئن
ته شريعت اسلاميءَ موجب فريادي ۽ جوابدار کي گڏجي
بيهي صفائي ڪرڻي هئي. ان ڪري قاضيءَ بادشاهه جو
ڪوبه لحاظ نه رکيو.
بادشاهه کي ته فقط قاضيءَ جو امتحان وٺڻو هو: ان
ڪري سوداگر کي راضي ڪري روانو ڪيو ويو. فيصلي ٿيڻ
کانپوءِ قاضي بادشاهه جو ادب بجا آندو. ۽ کيس
مٿاهين جاءِ ڏني ”شاه حسن“ٿوري وقت جي دوستانه
ڳالهين ڪرڻ کانپوءِ خنجر ڏيکاري چوڻ لڳو ته جيڪڏهن
اڄ اوهان منهنجي خوشامد ڪريو ها ته هيءُ خنجر
اوهان جي سيني کان پار هجي ها. قاضي هي ٻڌي مسند
جي هيٺان تلوار ڪڍي ورتي ۽ چيائين ته جيڪڏهن اوهان
شرعي حڪم جي تعميل نه ڪريو ها ته تلوار سان شريعت
جي سياست کي پورو ڪري ڇڏيان ها.
ٻارو! اهو ڪهڙو نه مبارڪ زمانو هو ڪهرا نه عادل
بادشاهه ۽ ڪهڙا نه ديانتدار جج هئا. اچو ته پاڻ به
عهد ڪريون ته انصاف ۽ ديانتداري سان هلي ملڪ ۽ قوم
جو نام روشن ڪريون.
-روشن علي راهو، ڀٽ شاهه
سنسار سڄو سور
”چور.... چور....... پڪڙيوس“
اوچتو هڪ آواز هوٽل مان نڪتو ۽ پنج ڇهه هوٽل جا
نوڪر هڪ ٻارهن سالن جي ڇوڪر کي پڪڙي! مالڪ وٽ وٺي
آيا. سندن هٿ ۾ ٻه مانيون آهن. مالڪ کي ڇوڪر جي
صورت ڏسي ڏاڍو رحم آيو پر ٻاهرين نموني سختي ڪندي
پڇيائينس.
”ڪير آهين،پيءُ ڇا ڪندو اٿيئي؟“
”مان ولو دکڻ جوپٽ آهيان
بابو گذاري ويو آهي.“ هن ڏڪندي جواب ڏنو.
”ڪٿي رهندو آهين“؟
”چاچي وٽ“.
”نالو ڇا اٿيئي؟“
”جانو“.
”چاچو توکي ڪهڙوڪم ڪرائيندو آهي؟
”مال چاريندو آهيان“.
”ماني اتي کائين“؟
”ها“”
”هاڻِ چوري ڇو ڪيئي“؟
”چاچي ڪڍي ڇڏيو“.
”ڇو“؟
”چاچا چوي ٿو ته ڏينهن جو مال چار ۽ رات جو نوڪري
ڪر“.
”ماني ڪنهن جي لاءِ چورائيه“؟
”ڀيڻ لاءِ، هوءَ ڪلهه کان وٺي بکي آهي“.
”پوءِ نوڪري ڇو نه ڪئي“؟
”نوڪري نه ملي“.
هوٽل جي مالڪ ڪجهه سوچي کيس ٽيهه روپيا ڪڍي ڏنا ۽
چيو. ته هي تنهنجي پيءُ جا مون وٽ امانت آهن.“
جانو ڏاڍو خوس ٿيو ۽ سوچيائين ته ”ادي لاءِ ڪا سٺي
شيءِ وٺي ٿو وڃان.
نوٽ هٿ ۾ هئس ۽ هوٽل کان ٻاهر نڪتو ته ڪنهن کانئس
نوٽ کسي ورتا هن ڏٺو ته سندس چاچي تي نطر پيس.
جنهن اهڙي لت وهائي ڪڍيس جو وڃي روڊ تي ڪريو. هو
چاچي کي ليلائڻ لڳو، ادي بکي آهي. هي پئسا بابا
جا رهيل هوا. توهان ته مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو
آهي.
”اڙي بڪ نه ڪر. هن وقت تائين جا مون توکي ماني
کارائي سا ڪا مفت جي ڪانه هئي. آئون ڪو پڻهين جو
نوڪر آهيان؟“.
”چاچا! خداجي نالي هڪ نوٽ ڏي“جانوءَ ليلايو.
موٽ ۾ هڪ ٿڦڙ لڳس ۽ چاچو هليو ويو ۽ جانو هٿ ۾
ڀڪوڙيل ٻه مانيون کڻي ڀيڻ کي ڏيڻ لاءِ ڊوڙندو ويو،
اوچتو هڪ ڪار واري جو ڌڪ لڳس ۽ هو وڃي روڊ تي
ڪريو۽ مٿو ڦاٽي پيس۽ مانيون اڇلجي وڃي گٽر ۾
ڪريون. ٿوري دير ته هو روڊ تي پيو رهيو پرڪن
رحمدلن کيس کڻي پري ڪيو، هو رت ڳاڙيندو وڌڻ لڳو.
جيئن ئي هڪ فئشنبل هوٽل وٽان لنگهيو ته شيشن مان
هن ڏٺو نه هن جو چاچو ان هوٽل ۾ ڪڪڙ جي ٽنگ کي
نهايت سڪون سان کائڻ لڳو. هن آسمان ڏانهن سواليه
نگاهن سان نهاريو ۽ هڪ ٿڌو ساهه ڀري، رت ڳاڙيندو
گهر ڏانهن وڃڻ لڳو.
- محمد بخش ڏاهاڻي بلوچ ، رتو ديرو.
جاني شيخ، دادو
عرفان اطهر، دادو
چوڏهن سؤروپيا روڪ انعام جو اعلان
گل ڦل انعامي مقابلي جو نتيجو
سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٻارن جي عالمي سال جي موقعي
تي مضمونن جو مقابلو ڪرايو ويو هو، جنهن جا ٻه
گروپ هوا. پهرئين گروپ ۾ ستين جماعت تائين پڙهندڙ
ٻارن حصو ورتو جنهن جو عنوان هو.
علم وڏي دولت آهي.
هن مقابلي ۾ ڪل 38 ٻارن حصو ورتو جن جا نالا
هيٺئين ريت آهن:
1- پيربخش جوڻيجو خيرپور ميرس. 2- سريش ڪمار
حيدرآباد. 3-گرمکداس جيڪب آباد . 4- غلام فاروق
چانڊيو ڪنڊيارو. 5- مختيار احمد لاڙڪ ٺارو شاهه.
6- مس فاطمہ شيخ هالا. 7- خالد حسين ميمڻ ٽنڊو
الهيار. 8- اعجاز احمد ميمڻ هنڱورجا . 9- اسدالله
گوپانگ قمبر. 10- الهڏنو ڪٽپر نئون ديرو. 11-
حبيب بيگ شهدادپور. 12- ذوالفقار علي
شاهه،قادرپور. 13- مشتاق احمد سومرو داد لغاري.
14- ذوالفقار علي يوسفي حيدرآباد.15- ممتاز علي
لاڙڪاڻو. 16- علي محمد ٻرڙو شهداد ڪوٽ. 17- اظهر
علي منگي سکر. 18- زاهد محمود آرائين ٽنڊو
غلامعلي. 19- الطاف حسين باگراڻي عمرالدين پنجابي.
20- مس بدرالنساءِ روهڙي. 21- الهڏتو جهڏو.22-
خدابخش ميرپور بٺورو 23- مشتاق محمد، راٺوڙ
ستابو. 24- مهيش ڪمار قادرپور. 25- رامون مل
ڪوهستاني قاضي احمد. 26- فياض حسين ٻرڙو،جاني
ٻرڙا. 27- محمد يعقوب مهرخانپورمهر. 28- امداد علي
ميمڻ کهڙا. 29- شاهين اختر سرهيو لاڙڪاڻو. 30- مس
شمسه سرفراز نئونديرو.31- فاروق قادر لاکير
شڪاپور.32- اميرعلي مڱريو چيلهار. 33- حق نواز
سمون باڊه 34- ٻلرام باڊه 35- فقير محمد ميربحر
رپڙي. 36- پنهون سمون بلڙي. 37- مس فريدهه ميمڻ
هالا.38- مس فرزانه قاضي لاڙڪاڻو.
ججن جي فيصلي مطابق هيٺين ٽن ٻارن کي انعام ڏيڻ
جو اعلانڪيو ويو آهي:
1- مس فاطمہ ڌي قاضي غلام محمد شيخ پڙهندڙ درجو
ڇهون گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول هالا. پهريون نمبر
250 روپيا روڪ.
2- علي محمد ٻرڙو پڙهندڙ درجو ستون گورنميٽ
پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول شهداد ڪوٽ ٻيونمبر 200
روپيا روڪ.
3- زاهد محمود آرائين پڙهندڙ درجو ستون گورنميٽ
پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول ٽنڊو غلام علي تعلقو
ماتلي ٽيون نمبر 150 رويپا روڪ.
ٻي گروپ ۾ اٺين کان ڏهين جماعت تائين پڙهندڙ ٻارن
حصو ورتو جنهن جو عنوان هو: ترقيءَ جو راز محنت
۾ سمايل آهي.
هن مقابلي ۾ 63 ٻارن حصو ورتو جن جا نالا هيٺئين
ريت آهن:
1- غلام قادر سيال هالاڻي. 2- محمد آدم گندرو
جهرڪ. 3- ادريس جتوئي، نوان جتوئي. 4- عبدالوحيد
راڄپر باڊهه.5- شمس الدين لغاري، چمبڙ. 6- سگرام
آڏواڻي،نبي سر روڊ. 7- شاهنواز شاهپورچاڪر. 8-
فياض احمد ابڙو هالا. 9- عبدالغفور راڄپر باڊهه
10 اشفاق احمد جوڻيجو، مرزاپور . 11- گل احمد
سمون،ٽنڊو ڄام. 12- محمد نواز ساجن شاهپور چاڪر،
13- ظهور احمد شيخ خيرپور ميرس. 14- الهداد روهي
رتوديرو. 15- ذوالفقار علي ميمڻ، 16- عبدالعزيز
آسي ڪنڌ ڪوٽ 17- مقبول احمد ميمڻ، نوان جتوئي. 18-
عبدالصمند جتوئي سجاول 19- سنتوش ڪمار، يونيورسٽي
ڪالوني. 20- جمال الدين سنگهر گهوٽڪي 21- محمد
اسلم آخوند هالا. 22- الهه ڏنو سامٽيو لاڙڪاڻو.
23- امتياز احمد ميمڻ هالا. 24- ستيه پال،
يونيورسٽي ڪالوني. 25- عرفان مهدي ميمڻ، هالا
پراڻا. 26- محمد جاويد عباسي لاڙڪاڻو، 27- منظور
حسين ٻانڀڻ پيٽارو. 28- غضنفرعلي سومرو، محرابپور
29- رخسانه سومرو، سکر. 30- عبدالرشيد سومرو،
رتوديرو. 31- اختر حسين ميمڻ ،کهڙا 32- الطاف حسين
جوکيو محرابپور 33- گل حسن ميمڻ راڻيپور 34-
پرويز اختر سرهيو لاڙڪاڻو. 35- عبداللطيف لاڙڪ
خيرپور ناٿن شاهه، 36- نظير ناز مٽياري 37-
پرڪاش چند ميرپور خاص . 38- ارشاد علي بلوچ،
تلهار. 39- غلام عباس شيخ شهداد ڪوٽ.. 40-اشفاق
علي حداد خيرپور ميرس . 41- مظهرعلي شيخ شهداد
ڪوٽ. 42. محمد عرسشيخ لاڙڪاڻو. 43- زبيراحمد
يوسفاڻي حيدرآباد 44- ڀڳوانداس وارهه. 45- علي
انور ٻرڙو شهداد ڪوٽ . 46- عبدالرحمان شيخ شهداد
ڪوٽ 47. غلام مجتبيٰ، محبت ديرو جتوئي، 48. وزير
نازمنگي 49. مس عائشه پٽيل ميمڻ، بدين، 50، مس
شيرين سيد شڪارپور . 51. نظير احمد نصيرآباد .
52. مختيار احمد جتوئي ،نوان جوتئي . 53. محمد
جاويد قريشي سجاول 54. عبدالستار ميمڻ هنڱورجا
55. محمد اڪر چاچر رتوديرو. 56. خالد محمود
آرائين، ٽنڊو غلام علي. 57.صدرالدين کهڙو لاڙڪاڻو.
58. محمد اسماعيل ميمڻ سجاول . 59. سعيد اختر
سمون، ٽنڊو باگو. 60. محمد سليمان ميمڻ، چوهڙ
جمالي. 61. مختيار ناز، ڪنڌ ڪوٽ.62. مس فرح ديبا
هالا. 63. مس فريدهه عبدالڪريم هالانوان.
ججن جي فيصلي مطابق هيٺين ٽن ٻارن کي انعام ڏيڻ جو
اعلان ڪيو ويو آهي:
1- علي انور ٻرڙو پڙهندڙ نائين جماعت گورنمينٽ
نئشنلائيزڊ هاءِ اسڪول شهداد ڪوٽ---- پهريون نمبر
350 روپيا روڪ.
2- فياض احمد ابڙو پڙهندڙ نائين جماعت مخدوم غلام
حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا----- ٻيو نمبر 250
روپيا روڪ.
3- مس شيرين سيد بخاري پڙهندڙ ڏهين جماعت گورنمينٽ
گرلس هاءِاسڪول شڪارپور--- ٽيون نمبر 200 روپيا
روڪ.
مٿين ٻنهي گروپن جي ڇهن ئي انعام کٽندڙن کي اسين
مبارڪباد ڏيون ٿا. کين سندن انعام وارا پئسا مني
آرڊر ذريعي موڪليا پيا وڃن.
جن ٻارن انعام ڪونه کٽيوآهي، انهن کي نا اميد نه
ٿيڻ گهرجي. سندن ڪوششون نهايت سٺيون آهن اهڙي محنت
ڪندا رهندا ته ضرور ڪامياب ٿيندا.
ڪينيا جا ٻار
ڇپيل ڪهاڻين تي ست سؤ روپيا انعام
سنڌي ادبي بورڊ طرفان اهم اعلان
سنڌي ادبي بورڊ طرفان سال 1979ع جي گل ڦل ۾ ڇپيل
ڪهاڻين تي ست سؤ روپيا روڪ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو
آهي. هن سلسلي ۾ ڪهاڻين جا ٻه گروپ ڪيا ويا آهن.
پهرئين گروپ ۾ اهي ڪهاڻيون آهن جيڪي وڏن ننڍن لاءِ
لکيون آهن پر انهن ۾ اڳ ڇپيل ڪهاڻيون (جيڪي گل ڦل
۾ ٻيهر ڇاپيون
ويون آهن) شامل نه ٿينديون . انهن تي ٻه انعام ڏنا
ويندا.
1- پهرئين نمبرکي 200 روپيا روڪ
2- ٻئي نمبر کي 150 روپيا روڪ
پنجاهه روپين جو خاص انعام ترجمي واريءَ ڪهاڻيءَ
کي ڏنو ويندو. ٻي گروپ ۾ اهي ڪهاڻيون آهن، جيڪي
ننڍڙا اديب جي ڪالم ۾ ڇاپيون وييون آهن. پر انهن ۾
اڳ ڇپيل ڪهاڻيون (جيڪي گل ڦل ۾ ٻيهر ڇاپيون ويون
آهن) شامل نه ٿينديون. انهن تي ٻه انعام ڏنا
ويندا.
1- پهرئين نمبر کي 150 روپيا روڪ
2- ٻئي نمبر کي 100 روپيا روڪ
پنجاهه روپين جو خاص انعام ترجمي واري ڪهاڻي تي
ڏنو ويندو. هر هڪ گروپ لاءِ ٽي ٽي جج مقرر ڪيا ويا
آهن. هرهڪ جج کي گل ڦل 1979ع جو هڪ هڪ سيٽ ۽ ان ۾
ڇپيل ڪهاڻين جي فهرست موڪليا پيا وڃن ۽ کين گذارش
ڪئي پيئي وڃي ته هو 30 مئي تائين پنهنجو فيصلو
ڏياري موڪلين.
تاج الملوڪ
نوان ڪتاب
جنرل ناليج بوڪ:
مهراڻ جنرل ناليج بوڪ هڪ سٺو معلوماتي ڪتاب آهي
جنهن ۾ دنيا جا ملڪ گاديون، سڪا، سمنڊ، بندرگاهه،
هوائي اڏا ۽ خود مختياريءَ جا ڏينهن ڄاڻايا ويا
آهن. هي ڪتاب بيدار پبليڪيشن طرفان اين- ايڇ ڀٽو ۽
فاروق مورياڻي ترتيب ڏنو آهي. ٽن رنگن جو ٽائيٽل
وڏي سائيز ۾ 32 صفحا قيمت ٽي روپيا اٿس. ملڻ جو
هنڌ بيدار پبليڪيشن شڪارپور سنڌ.
سوني زنجير:
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ جون
جپاني لوڪ ڪهاڻيون ترجمو ٿيل آهن. سوني زنجير،
جيڪو ڪتاب تي نالو رکيو ويو آهي. ان نالي سان ڪابه
آکاڻي ڪانهي پرآسماني زنجير آهي. هن ۾ ڪل ست
ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن. جيڪي نهايت دلچسپ ۽
عمديون آهن. هي ڪتاب ڀيڻ نذير ناز، ناري پبليڪيشن
پاران ڇپايو آهي. چئن رنگن ۾ عمدو ٽائيٽل 52 صفحا
قيمت ٽي روپيا ملڻ جو هنڌ پوسٽ باڪس نمبر 15
حيدرآباد سنڌ.
چورن مٿان مور:
هي ڪتاب هالا پراڻا جي نونهال عرفان مهدي سهڙيو
آهي. سندس مددگار غلام قادر ارباب ۽ صلاحڪار پرويز
احمد شيخ آهن . هن ڪتاب ۾ ڪهاڻيون، مضمون،شعر،
لٽڪا چٽڪا ۽ ماڻڪ موتي ڏنل آهن. سمورو مواد سٺو ۽
بهترين آهن. ٻن رنگن ۾ ٽائيٽل 52 صفحا قيمت ٻه
روپيا . وک وڌايو، پبليڪيشن هالا پراڻا تان گهرائي
سگهجي ٿو.
اکيون مينگهه ملهار:
”گلستان ادب پبليڪشن ڪوٽڙي طرفان ڀينرن جو هي ڪتاب
ڀيڻ سڪينه عثمان ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ 95
سيڪڙو ڪهاڻيون ۽ شعر ڀينرن جا ڏنل آهن. 9 ڪهاڻيون
۽ 16 شعر آهن ان کان سواءِ سوال جواب جو ڪالم، رڌ
پچاءُ جون ترڪيبون پڻ ڏنل آهن. 80 صفحن جو هي ڪتاب
گلستان ادب پبليڪن ڪوٽڙي وٽان ٽن روپين ۾ گهرائي
سگهجي ٿو.
ليکڪ:
سنڌي ۾ هن قسم جو هي ٻيو ڪتاب آهي. جيڪو برسات کان
پوءِ ”ڌڌڪا ۽ خوشبو“ جي نالي سان شايع ڪيو ويو
آهي. هن ۾ ڪهاڻيون ۽ شعر آهن. ان کان سواءِ ٻارن
لاءِ سڀ ڪجهه آهي. ڪتاب جو مرتب سنڌو هميراڻي آهي
جڏهن ته ٻانهن ٻيلي نذير شيخ اظهر منگي، نور گهلو،
شاهده، حميده ميتلو سبحان ابڙو، سيد هاشم شاهه،
رفيق شيخ ۽ جاويد ميراڻي آهن فل سائيز تي سڄو
باتصوير هڪ سؤ صفحن جو رنگين هي ڪتاب ڏهن روپين ۾
ڏاڍو سستو آهي ليکڪ پبليڪيشن پوسٽ باڪس 18 دادو
تان گهرائي سگهجي ٿو.
شڪليون:
سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي ڪهاڻين
کانپوءِ خاڪن تي طبع آزمائي ڪئي آهي پنڌرهن ليکڪن
مان ڪي سندس دوست آهن ته ڪي ضرور آڻڻ جي مقصد سان
شايع ڪيل آهن ڪي خاڪا ڏاڍا دلچسپ، مفيد ۽ سبق آموز
آهن ته ڪي خاڪا، خاڪا به ڪونهن. ان هوندي به هن
نوجوان ڪهاڻيڪار جو هي انوکو تجربو ڏاڍو سٺو ۽ داد
آميز آهي، 192 صفحن جو هي ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪشن
الهندو ڪچو حيدرآباد وٽان سادو پنو ڏهن رپين ۽
اوچو پنو پنڌرهن روپين ۾ ملي سگهي ٿو.
ٻال رنگ منچ پرچو:
هندستان جي شهر احمد آباد مان نڪرندڙ ٻارن جي
ماهوار رسالي گلستان جو هي خاص پرچو آهي جيڪو
ڊسمبر 79 ۽ جنوري 1980ع جو آهي. هن ۾ اهي ناٽڪ ڏنا
ويا آهن جي يا ته ٻارن لاءِ لکيا ويا آهن يا انهن
اسٽيج ڪيا آهن. هن ڪتاب جو مرتب ڄيٺو لعلواڻي آهي.
75 صفحن جو هي رسالو آهي جنهن جو ايڊيٽر هوندراج
بلواڻي آهي.
اوهان جو امتحان
امتحان نمبر- 54
احمد وٽ 20 روپيا هئا جن مان ڪجهه پنهنجي پٽ کي
ڏنائين ۽ ڪجهه پاڻ وٽ رکيائين. هو ٻئي ڄڻا هڪ فقير
وٽ ويا جنهن کين جدا جدا ٻيڻا پئسا ڪري ڏنا. ۽ ان
مان هر هڪ 10 روپيا فقير کي ڏنا. وري ٻئي فقير
هرهڪ جابچيل پئسا ٻيڻا ڪري ڏنا ۽ ان کي ڏهه ڏهه
روپيا ڏنائون. اهڙيءَ طرح ٽئين فقير وٽ به ڪيائون.
پڇاڙيءَ ۾ ڏٺائون ته پٽ وٽ ڪجهه به ڪين رهيو ۽
احمد وٽ پنهنجا 20 روپيا بچيا. ٻڌايو
ته احمد ڇوڪري
کي گهڻا پئسا ڏنا هوا ۽ پاڻ وٽ گهڻا رکيا هيائين.
صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع
ڪياويندا. جواب موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري
تاريخ 13- اپريل 1980ع آهي. جواب سان گڏهن رسالي
۾ ڌار ڏنل ڪوپن نمبر 54 موڪلڻ ضروري آهي. صحيح
جواب موڪليندڙن جا 5 نالا ڪڻن ذريعي ڪڍي، انهن ۾
25 روپين جا ڪتاب انعام طور ورهايا ويندا.
انعام
امتحان نمبر 52 ۾ جن ٻارن جا جواب صحيح آيا
آهن.انهن مان ڪڻن ذريعي هيٺين پنجن ڄڻن جا نالا
ڪتا آهن. 1- انور سهتو مٺياڻي ضلع نواب شاهه. 2-
عبدالرحيم فيروز ميمڻ هالا. 3- موهن ڪڇي ڳوٺ
وريام چانڊيو ضلع ٿرپارڪر. 4- نذير احمد سيال
آراضي ضلع دادو. 5- سجاد حسين منگي قمبر ضلع
لاڙڪاڻو.
مٿين ٻارن کي پنجن پنجن روپين جا ڪتاب ڏنا ويندا.
کين گهرجي ته پنهنجون ائڊريسون موڪلي ڪتاب گهرائي
وٺن.
امتحان نمبر – 52
الف ڪو ڪم اڪيلي سر 24 ڏينهن ۾ ڪري سگهي ٿو ۽ ب
اهو ڪم اڪيلي سر 32 ڏينهن ۾ ڪري سگهي ها جيڪڏهن
الف - ب- ث ٽيئي گڏجي اهم ڪم ڪن ها ته کين 16
ڏينهن لڳن ها. ٻڌايو ته ث اڪيلي سر اهو ڪم ڪيترن
ڏينهن ۾ پورو ڪري سگهي ها؟
جواب
ث اڪيلي سر اهو ڪم 96 ڏينهن ۾ پورو ڪري سگهي ها.
ڊسمبر جو پرچو دير سان نڪرڻ ڪري تاريخ وڌائي 10
فيبروري 1980ع ڪئي ويئي هئي جنهن جو اخبارن ۾
اعلان ڪيو ويو هو جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن
انهن جانالا هيٺ ڏجن ٿا.
”ميرپور ماٿيلو“: امان الله. ”شڪارپور“: غلام علي
گل ميمڻ، راجپال خوبچند. ”خيرپور ميرس“: اظهر
حسين پٺاڻ. ”راڻي پور“: نويد غلام محمد عباسي.
”نواب شاهه“: محمد اسلم پيرزادو. ”مٺياڻي“: رياض
احمد ڀٽي، عظمت علي چانڊيو، غلام مصطفيٰ ڪنڀر،
بيوس ڀٽي، غلام نبي سولنگي، غلام مصطفيٰ شينو،
رفيق سرهيو، غلام حيدر ڇڄڙو، غلام رسول ڇڄڙو.
محمد جمن چانڊيو، انور سهتو، نصر الله شيخ، غلام
مصطفيٰ چانڊيو، رياض احمد ڳوراهو. ”مورو“: فياض
علي ڪمالاڻي. ”اڌل سهتو“: خادم حسين سهتو، محمد
هاشم سهتو، علي مراد سهتو. ”دولتپور“: خدا بخش
ٻرڙو. ”حيات مري“: نور احمد سومرو. ”پير عثمان
شاهه“: غلام حيدر شاهه. ”گهرام مري“: جان محمد
سومرو. ”علي بخش سولنگي.“ نادر علي سولنگي. ”لائق
مشائخ“: علي نواز مشائح. ”سکيو مناهيجو“: محمد
حسين چنا. ”محرابپور“: عبدالقيوم ميمڻ، غضنفر علي
سومرو، رحم علي ٻرڙو، نصر الله ميمڻ. ”ٽنڊو محمد
خان“: پير بخش دايو، گورڌن داس، تلسيداس پرسرام.
”جمع جت“: پيرل جت. ”هالا“: اسلم پرويز ميمڻ،
فاروق اعظم ارباب، محمد فاروق نوح پوٽو، ارشد
علي ميمڻ، ڌڻي بخش، فداحسين، منور لال، عبدالرحيم
فيروز ميمڻ، معظم علي. ”هالاپراڻا“: خالد حسين
صدر. ”شير محمد ٺوڙها“: محمدحسين، علي مراد ٽالپر
. ”فقير نوح هو تياڻي“: ظهيرالدين نوح پوٽو. ”جمع
شهوڪ“: اعجاز علي شهوڪ. ”نيو سعيدآباد“: ناهيد
فرزانه ميمڻ، امتياز حسين ميمڻ. ”بچل آريسر“: محمد
آريسر. ”ڇتو مادراڻي“: عبدالمبين شورو. ”سجاول“:
مسافر جاويد قريشي، وشنومل سنڌي، نظام الدين
شاهه، اعجاز حسين. ”ٽنڊو آدم“: مسعود احمد چنا،
محمد عيسيٰ عمراڻي، طلعت پروين يوسفاڻي، محمد سليم
خاصخيلي. ”شهبيگ مري“: منور علي ابڙو. ”مقيم
هنڱورجو“: محمود احمد هنڱورجو. ”محمد عثمان
هنڱورجو“: ”پير بخش هنڱورجو“: عبدالرزاق هنڱورجو.
”حاجي سوڀارو“: تاچ محمد چانيهو. ”پيراڻي“: سيد
امداد علي شاهه. ”محمد موسيٰ هنڱورجو“: علي اڪبر
هنڱورجو. ”جکرو هنڱورجو“: عبدالرشيد هنڱورجو،
عبدالقادر هنڱورجو،عبدالله هنڱورجو محمد رفيق
هنڱورجو، محمد رفيق. ”غاري خان هنڱورجو“: نظير
احمد هنڱورجو،بشيراحمد هنڱورجو، محمد يوسف
گجو،عنايت الله هنڱورجو، محمد ابراهيم گجو.
”هٿونگو“: محمد يونس غوري، پرڀو لعل،پرڪاش،
صوبدارخان بلوچ. ”ساجن خان ڳاهو“: محمدنواز ڳاهو.
”ڏيپلو“: پيرو لعل لالواڻي، رضيه بانو جانواڻي،
عبدالرزاق آرزو، الهورايوماما. ”نبي سرروڊ“: سگرام
داس. ”اوڏائي“: محمد عمر ڏوهڙ. ”لپلو“: محمد ملوڪ
راهمون. ”ڇاڇرو“: گنيش مل مينگهوڙا، چمن لال لوڍا،
اشوڪ ڪمار لوڍا، ٻيلارام کتري، نور محمد غلام
محمد. ”مينهل بجير“: هالو خان بجير، حاجي مراد
بجير ”مالهير بجير“: جان محمد بجير. ”رتن جوتڙ“:
چنديرام مينگهواڙ. ”شڳٺيو“: اڪبر علي ٻٽو. ”خانوجي
ڍائي“: دوس محمد. وريام چانڊيو“: فاضل خان چانڊيو،
محمد مبارڪ راهمون، احمد خان چانڊيو.
حبيب الله راهمون، رسول بخش چانڊيو، پريل خان
چانڊيو، موهن ڪڇي، شفيع محمد چانڊيو، ويرمون مل
ڪڇي. ”آراضي“: خليل الرحمان، امام بخش محمد اشرف
کوکر، عزيز الله ڇٽو، ڪمال الدين خاصخيلي، نذير
احمد سيال، ارشد علي ملڪ، ڪريم بخش سمون، فاروق
علي خاصخيلي، محمد اسلم ملڪ نثار احمد ڪلهوڙو.
”محمد بخش پيرزادو“: فضل حسين پيرزادو. ”شاهه اويس
قرني“: وڪيو خان پيرزادو. ”لاکا“: غلام مصطفيٰ
ميمڻ، ”پيارو ڳوٺ“: علي اختر شاهه بخاري.
”ڄامشورو“: شهزادو ستيه پال. ”نصيرآباد“: دليپ
ڪمار نانگڏيو. ”پير محمد متيلو“: وحيدالرحمان
متيلو. ”ڇڄڙا شريف“: آصف امتياز علي ڇڄڙا نصرت
حسين گلال، الله بخش بروهي، طارق احمد پٺاڻ، منير
احمد ڇڄڙو محمد حسين مڱريو، طارق عزيز ڇڄڙو.
”قمبر“: جاويد اختر شاهه، سليم احمد شيخ، سجاد
حسين منگي، الطاف احمد تنيو، مٺل دليپ دولتاڻي.
رشيد باري، سيف الله عباسي، غلام حسين شيخ، غلام
اڪبر منگي. ”لاڙڪاڻو“: آفتاب ابراهيم صديقي، ارشد
ابراهيم صديقي، عطا محمد منگي، منير حسين ڪوريچو.
ثناءُ الله شيخ، هالا
(هن ڪالم لاءِ هي آخري نالا آهن
جيڪي اڄ ڏيئي رهيا آهيون. اسا وٽ هيڊ ماستر جي مهر
۽ تصديق سان آيل ٻيا ڪي به نالا ڪونه آهن. جن ٻارن
گهمندي ڦرندي، بنا صحيح ۽ مهر جي نالا موڪليا آهن،
جيڪڏهن ڪنهن به نالي هيٺ ڪنهن اسڪول جي هيڊ ماستر
جي مهر ۽ صحيح نه هوندي ته اهي نالا شايع نه ڪيا
ويندا- ايڊيٽر.)
-1826 نالو: قربان علي لغاري. پڙهندڙ: اٺون عمر:
16 سال.وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ رسالا ۽ اخبارون
پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول رڪن ٻرڙا، وايا
شهدادپور.
- 1827 نالو: امير بخش لغاري. عمر 16 سال. پرهندڙ:
اٺون وندر: ريڊيو ۽ فرمائشون لکڻ ۽ رسالا پڙهڻ .
ائڊريس گورنمينٽ مڊل اسڪول رڪن ٻرڙا، وايا
شهدادپور.
-1828نالو: لطف علي چانڊيو. عمر: 16 سال .پڙهندڙ:
پنجون.وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس:
اصغر ميڊيڪل اسٽور، فريدآباد، وايا ميهڙ.
-1829 نالو: اعجاز علي پليجو. عمر: 11 سال.
پڙهندڙ: پنجون. وندر: گل ڦل ۽ ٻيا رسالا پڙهڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول منگر خان پليجو.
جنگشاهي.
-1830 نالو: رمضان جتوئي. پڙهندڙ:ڏهون . عمر16
سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: ڳوٺ ٺوڙها. معرفت
گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوان جتوئي.
-1831 نالو: سليم الله تونيه. عمر: 16 سال.
پڙهندڙ: نائون. وندر: اسلاميات ۾ دلچسپي ۽ اسڪولي
ڪم ياد ڪرڻ.ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر،
ضلع لاڙڪاڻو.
-1832 نالو: عبدالڪريم چچو. پڙهندڙ: نائون . عمر
16 سال. وندر: اسڪولي ڪم ياد ڪرڻ ۽ نماز پڙهڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر ضلع لاڙڪاڻه.
- 1833 نالو: راجه نجيب لاکو. پڙهندڙ: ڏهون عمر:
15 سال. وندر: ڪرڪيٽ، رسالا ۽ ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول، سکر.
-1834 نالو: عبدالغني ميمڻ. پڙهندڙ: نائون.عمر: 16
سال. وندر. گهر جو ڪم ڪرڻ ۽ تفريح ڪرڻ ائڊريس
:گورنمينٽ بوائزسيڪنڊري اسڪول، حاجي ميمڻ مراد،
ميمڻ ڳوٺ ڪراچي نمبر 52.
- 1835 نالو: نذير احمد چنا. پڙهندڙ: نائون. عمر
15 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: محمد بخش چنا
شوز ميڪر نصيرآباد،ضلع لاڙڪاڻو.
نتيجو بنا عنوان—15
ماهه ڊسمبر 1979ع ۾ قمبر شبير جي ڪهاڻي ڏني ويئي
هئي، جنهن جو عنوان ٻارن کي مقرر ڪرڻو هو. هيٺئين
عنوان کي پهريون نمبر مليو:
عنوان: جذبن جي جيت
جڏهين ته ڪهاڻيڪارجو عنوان ”ميرا بادل“ هو. عنوان
موڪليندڙ: عبدالشڪور سيال، معرفت دين محمد سيال
جنرل اسٽور ٺارو شاهه. کيس سندس ائڊريس تي ويهن
روپين جا انعامي ڪتاب موڪليا پيا وڃن.
موتين داڻا
هالا جي اُسرندڙ ٻارن طرفان هي ڪتاب شايع ٿي
ويوآهي. صرف ٻن روپين جون ٽڪليون موڪلي، هيٺ ڏنل
ائڊريس تي گهرايو:
فيروز پبليڪيشن، گوشئه فيروزهالا سنڌ.
هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ
ويهن ڄڻن جا جواب بلڪل صحيح آيا
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت نمبر 12 جو نتيجو
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت نمبر 12 جو نتيجو 10 فيبروري
1979ع صبح جو ڏهين وڳي حصو وٺندڙ ٻارن (جيڪي ان
وقت موجود هئا) جي روبرو انور هالائي ايڊيٽر گل
ڦل ظاهر ڪيو. اڳ آخري تاريخ 28 جنوري هئي، پر دير
ٿي وڃڻ، ڪري اخبارن ۾ اعلان ڪري 10 فيبروريءَ
تائين تاريخ وڌائي ويئي هئي. نتيجو هن ريت آهي:
ساڄي کان کاٻي
1- شام3- ڀؤ 5- وٽ 6- مگر 8- عمل
مٿان کان هيٺ
1- شيشم 2- من 3- ولي رام ولڀ 4- واٽ جيئن 7- ريال
هيٺين ويهن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن:
1- غلام علي گل ميمڻ شڪارپور 2- محمد اسماعيل
سومرو، ڳوٺ سيدوباغ، ڪنڊيارو، 3- ٻلرام باڊهه، 4-
نصرت حسين گلال ڇڄڙا شريف قمبر. 5- محمد طارق
پٺاڻ ڇڄڙا شريف قمبر. 6- منير احمد ڇڄڙا شريف
قمبر. 7- محمد عقيل ڄامڙو شڪارپور. 8- نثار احمد
ڪلهوڙو آراضي. 9- فاروق علي خاصخيلي آراضي. 10-
غلام هادي شاهه آراضي. 11- ڪريم بخش سمون آراضي.
12- ارشاد بيگم عباسي راڻي پور. 13- منور ناياب
سومرو شڪاپور. 14- رضيه بانو ميمڻ ڏيپلو . 15-
غضنفر علي سومرو محرابپور. 16- عزيزالله سنڌي لاکا
روڊ. 17- محراب خان لاکا روڊ. 18- الهورايو مري
ڪنڊيارو. 19- ڪمال الدين خاصخيلي آراضي. 20- رضوان
سعيد ابڙو ٽنڊو آدم.
انعام جي رقم هڪ سؤ روپيا، هر ٻار کي پنجن روپين
جي حساب سان ڪتاب ”سڀا جو سينگار“ پنڌرهن مارچ
1980ع کان پوسٽ ڪيو پيو وڃي.
هن چٽاڀيٽيءَ ۾ 1881 ٻارن حصو ورتو جيڪي سڀ
ڇٽاڀيٽيءَ ۾شامل ڪيا ويا.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت -14
هڪ سؤ روپين جو انعام
پهچڻ جي آخري تاريخ: 12- اپريل 1980ع
نتيجو کلڻ جي آخري تاريخ: 13- اپريل 1980ع
سامهون صفحي تي ڏنل خاڪي ۾، خالي خانن ۾ اکر
اهڙيءَ طرح ڀريو جو هيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ با مطلب ٿي
وڃن. جملن ۾ جيئن ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ
نمبرڏنا ويا آهن، ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن. خاڪو ۽
ڪوپن ڀري، هن رسالي مان ڦاڙي اسان کي مٿئين تاريخ
کان اڳ ڏياري موڪليو. لفافي تي گل ڦل آڏاکري
ڳجهارت -14 لکڻ ضروري آهي. ڪوپن ۽ خاڪو پوسٽ ڪارڊ
تي به چمبڙائي موڪلي سگهو ٿا.
جيڪي خانا ڀريل آهن، انهن کي هٿ نه لايو، انهن کي
دل ۾ سوچي ڇڏيو، رڳو خالي خانا ڀرڻا آهن.
صحيح جواب تي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا
ويندا. جي گهڻن حصو وٺندڙن جا جواب صحيح هوندا ته
انهن ۾ هڪ جيترن روپين جا ڪتاب ورهايا ويندا. جي
صحيح ڪوبه نه آيو ته هڪ غلطي وارن ۾ انعام ورهايو
ويندو. جيڪڏهين هڪ غلطيءَ ۾ به جواب نه هوندو ته
اهو انعام ٻي مهيني سان گڏي ورهايو ويندو.
هن رسالي ۾ آخري صفحي تي ڏنل شرط ۽ هدايتون ضرور
پڙهو ۽ انهن تي عمل ڪري خاڪو ڀري موڪليو.
ساڄي کان کاٻي
1- علم هڪ اهو ------- آهي جنهن جي مدد سان ٻار
پنهنجو آئندو اجرو ڪري سگهن ٿا.
3- ------- ۾ ويهي خدا جي مخلوق جي خدمت ۽ ڀلائي
ڪرڻ ۾ ئي نيڪي ۽ انسانيت آهي.
5- ڀول نه ٻي ڪنهن-------- تون تان آدم ناهئين
(سچل).
7- ----- کان وڌيڪ ڀلاٻي ڪهڙي شيءِ، ماڻهوءَ کي
اڄڪلهه پياري آهي.
8- ----- جيڪڏهن وقت تي کيسن مان ڳولڻ سان به نه
لڀي ته اسٽيج تي آيل مقرر جي گهٻراهث ڏسڻ وٽان
هوندي آهن.
9- فرانس جي گاديءَ واري جاءِ-------- جنهن جي
(س)گم آهي.
مٿان کان هيٺ
1- ڌڻيءَ جا اسان کي لک ٿورا مڃڻ گهرجن جيڪوڏينهن
رات اسان جي ------- رکي ٿو.
2- اديب ۽ شاعر مرڻ کي مري ويندا آهن پرپنهنجي
------- جي طاقت سان پنهنجو نالوهميشہ روشن ڪري
ويندا آهن.
4- هن سجاڳيءَ واري دور ۾ هر هڪ ٻار کي پنهنجو پاڻ
۾ ------- جو مادو پيدا ڪرڻ جڳائي ته جيئن هو اڳتي
هلي عظيم شخصيت بڻجي سگهن.
6- مشيني هر جو ايجاد ڪندڙ-------- جنهن جو (ل)
سمجهي نه سگهيو.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت _ 14
هدايتون ۽ شرط
1-
پنهنجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجهارت واري خاڪي ۾
خالڀري کٽل اکر لکي ان سان لاڳيتو ڪوپن ڀري، ٻئي
گڏ رسالي مان ڦاڙي موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي پني يا
ليڪيل خاڪي تي جواب قبول نه ڪيا ويندا.
2-
مقرر تاريخ کانپوءِ پهتل جواب مقابلي ۾ شريڪ نه
ڪيا ويندا.
3-
ڳجهارتن جي جوابن موڪلڻ وارن لفافن ۾ ڳجهارتن جي
جوابن سان گڏ جيڪو به مواد هوندو، اهو قبول ڪيو
ويندو.
4-
هڪ نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا. پر هر
خاڪي سان گڏ ڪوپن هجڻ ضروري آهي، ۽ اُهي گل ڦل مان
ڪٽيل هجن، جداجدا نالن سان هڪ ئي لفافي ۾ ڪيترا به
خاڪا موڪلي سگهجن ٿا.
5-
لفافي جي مٿان گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لکڻ ضروري آهي
۽ پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ
کپي.
6-
صحيح نتيجو، کلڻ واري تاريخ جي ٻئي ڏينهن روزنامه
هلال پاڪستان، عبرت، سنڌنيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۾
شايع ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.
7-
صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري،
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو ويو
آهي، جيڪو مقرر تاريخ تي کوليو ويندو.
8-
صحيح جواب تي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا
ويندا. جي هڪ کان وڌيڪ ٻارن جاجواب صحيح هوندا ته
انهن سڀني ۾ هڪ جيترو انعام ورهايو ويندو. جي
صحيح جواب نه هوندو ته اهو انعام هڪ غلطيءَ وارن
۾ ورهايو ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪو به نه آيو ته
اهو انعام ايندڙ مهيني جي ڳجهارت ۾ وڌائي ڏنو
ويندو.
9-
ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪا مقابلي ۾ شريڪ نه
ڪيا ويندا.
هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن کي
مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا ۽ اُن کي ڪنهن
به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو. |