سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل فيبروري، مارچ 1980ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل فيبروري مارچ 1980ع

ايڊيٽر: انور هالائي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارؤ،

ٻارن جو عالمي سال نمبر دير سان نڪرڻ ڪري، جنوري جو پرچو به دير سان شايع ٿيو آهي. ان سموري دير کي پورو ڪرڻ لاءِ فيبروري ۽  مارچ جو هي گڏيل پرچو ڪڍيو ويو آهي. جيئن ايندڙ مهني کان پرچي  نڪرڻ ۾ دير نه ٿئي. انشاء الله تعاليٰ  هاڻي هر مهني جي ڏهين تاريخ رسالو باقائدگيءَ سان شايع ٿيندو رهندو.

اها خبر پڙهي پڙهندڙن کي نهايت خوشي ٿيندي ته پاڪستان جي مشهور اداري نئشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان، گل ڦل رسالي کي سندس بهترين ڪارڪردگيءَ  تي پنج سؤ روپين جو انعام ڏنو آهي. اهو ايوارڊ  پڙهندڙن جي ساٿ ۽ دلچسپيءَ جي ڪري ئي مليو آهي، جنهن ڪري اُن لاءِ مبارڪن جو حق رڳو پڙهندڙن کي ئي آهي. جيڪڏهن گل ڦل سان پڙهندڙن جو ساٿ قائم رهيو ته خدا گهريو آهي ته گل ڦل پاڪستان جي سڀني رسالن جي مقابلي ۾ گوءِ کڻي ويندو.

گل ڦل رسالي طرفان 1979ع ۾ جيڪو مضمونن جو مقابلو ڪرايو ويو هو اُن جو نتيجو هن ئي پرچي ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي انعام جي رقم چوڏهن سؤ روپيا روڪ، مقابلو کٽندڙن کي موڪليا پيا وڃن. اسين سڀني مقابلو کٽندڙن کي دلي مبارڪباد ٿا ڏيون اميد آهي ته هو پنهنجون ادبي سرگرميون  جاري رکندا رهندا جيئن هو اڳتي هلي ادب ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪن.

1979ع ۾ ڇپيل ڪهاڻين تي انعام ڏيڻ جو اعلان به هن ئي رسالي ۾ ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح گل ڦل جي ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن جي همت افزائي لاءِ سنڌي ادبي بورڊ طرفان هي پهريون قدم آهي جيڪو گل ڦل جي لکندڙن لاءِ نهايت نيڪ فال ثابت ٿيندو. اسين دعاگو آهيون ته اسان جا اديب ۽ ليکڪ ٻارن جي لاءِ وڌيڪ محنت سان لکندا رهن جيئن ٻارن جو ادبي مستقبل شاندار ٿي سگهي .

اوهان جو ڀاءُ

انور هالائي

سچائيءَ جا ڪرڻا

قرآن پاڪ

1- بيشڪ جن به ماڻهن ڪي گناهه ڪيا يا انجي ڄار ۾ ڦاٿا، اهي دوزخي آهن. هو سدائين ان ۾ رهندا ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جن چڱا ڪم ڪيا ته اهڙا ماڻهو جنتي آهن ۽ اهي سدائين جنت ۾رهندا . (1- پارو)

2- جيڪو سٺي ڳالهه ۾ ڪنهن جي سفارش ڪندو ته ان کي به ان مان هڪ حصو ملندو ۽ جيڪو بري ڳالهه ۾ سفارش ڪندو ته ان کي به ان مان هڪ بار پوندو (يعني هو به ان برائيءَ ۾ شريڪ سمجهبو). (5_پارو)

3_ جيڪو به هن دنيا ۾ انڌو (گمراهه) رهندو، اهو آخرت ۾ به انڌو ئي هوندو ۽ (صحيح) رستي کان گهڻو پري هوندو.(15_پارو)

4_ جيڪو به نيڪي ڪري ٿو، اهو پنهنجي (فائدي) لاءِ ڪري ٿو ۽ جيڪو برائي ڪري ٿو، اهو به پنهنجي (نقصان) لاءِ ڪري ٿو. (24_پارو)

حديث شريف

1_ حضرت ابوهريره رضه جو چوڻ آهي ته حضرت رسول الله صلعم جن فرمايو ته (اصل) دولتمندي، دل جي دلتمندي آهي. (بخاري ۽ مسلم)

2_ حضرت عبدالله بن عمرو رضه جو بيان آهي ته حضور پاڪ جن فرمايو ته گهڻو احسان ٻڌائڻ وارو، مائٽن جي نافرماني ڪندڙ ۽ شراب جو عادي جنت ۾ داخل نه ٿيندا. (نساني ۽ دارمي)

3_ حضرت انس رضه کان روايت آهي ته حضور پاڪ جن فرمايو ته اهو شخص جنهن جا پاڙيسري سندس برائين کان بچي سگهن، جنت ۾ داخل ڪونه ٿيندو . (مسلم)

4_ حضرت ابوهريره کان روايت آهي ته حضور پاڪ جن فرمايو ته اوهان مان هر شخص پنهنجي ڀاءُ جي آرسي آهي. (ترمذي)

لطيفي لات

گهَنگهرَ يا گهَڻ َ ڄاڻ َ، موڙهي مَت مَهائِيين،

ويا گَڏجي وير ۾، پيا مُنهن مهَراڻ َ،

اڳيان پويان ٽَاڻ َ، ويا ويچارن ِ وسِر ِي.

هن بيت حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي رسالي ۾ سر گهاتو جي داستان پهرئين جو پهريون بيت آهي.

سمجهاڻي:

هتي وڏا وڏا ڄاڻو ته منجهي پيا پر وڏن سورمن ۽ وريامن جو به هوش اڏامي ويو. هوجيئن درياهه ۾ گهڙيا ته وير جي وهڪري ۾ گهلجي درياهه ۾ غرق ٿي ويا. انهن ويچارن کان اڳيان پويان وقت سڀ وسري ويا. يعني حقيقت سان گڏجي هڪ ٿي ويا ۽ هنن دنيا جي سڀني خوشين ۽ عيش کي ميساري ڇڏيو.

معنيٰ

گهنگهريا= منجهي پيا. گهڻ ڄاڻ = ڄاڻو، ماهر، قابل. موڙهي = منجهي پيئي ، ڦري ويئي. مت = عقل، هوش. مهائيين = وڏن وڏن سورمن، وريامن، بهادرن. پيا منهن مهراڻ = درياهه ۾ گهڙي پيا يعني سينو ساهي هليا. ٽاڻ = وقت، ويل.

مير محمد پيرزادو

راند

ايڏو جلدي اڄ ڇو؟ سڀني يارن راند ڦٽائي !

هاها _ ٻارن راند ڦٽائي!

لينگها منهن تي، ڌوڙ مٿي ۾ ، ٺينگ ڏيو پيا رانديون کيڏن،

ٽوليون ٺاهي، هوڪا ڏيندا، هڪلن ٿا پيا سرتن، جيڏن،

ڏائڻ بڻجي سانجهي آئي، ٻارن راند ڦٽائي !

ها ها _ ٻارن راند ڦٽائي!

ٽالهين جهليا ٻور گهڻيرا، لامون لامون ليلي، لائون،

هير ڏئي ٿي لوڏا ٺاهي، هيج ڏين ٿيون ٿڌيون ڇائون،

ڪوبه نه آهي، پينگهه لڏون ها، سارن راند ڦٽائي !

هاها_ ٻارن راند ڦٽائي!

پرهه ٿيڻ جا پار ڏسون پيا، پکي لنون ٿا لاتيون ڪيئي،

اوڀر کان هو آهه سهائو، رات اجها بس ويئي ويئي؛

پرهه ڦٽڻ سان، اُڀ اڱڻ تي، تارن راند ڦٽائي!

هاها_ ٻارن راند ڦٽائي!

ايڏو جلدي، اڄ ڇو؟ سڀني يارن راند ڦٽائي!

هاها_ ٻارن راند ڦٽائي!

واجد

نصيحت

 پوپٽ کان به وڌ رنگدار،

منهنجي ڌرتيءَ جا سڀ ٻار.

واهڻ وستين جا واهر،

 شهرن ڳوٺن جا سينگار.

 سندءِ کلڻ سان کلي خزان،

 ۽ ٽهڪن سان ٽڙي بهار.

 ٻڌي اوهان جا ٻول مٺا،

 پيءُ ۽ ماءُ ٿين ٻلهار.

 ٻارو، هڪڙي ڳالهه چوان،

 جي گڏجي ڪريو اقرار.

 ڪوڙن کان سڀ منهن موڙي،

 سچن ساڻ ڪريو سهڪار،

 راندين ويلي راند، مگر،

 پڙهڻ ساڻ پڻ ڪريو پيار.

 هن مهانگائيءَ سمي،

 ڪيڏا ڳرا آهن بار.

پوءِ به اوهان جا پيءُ ۽ ماءُ

 ناز اوهان جا سهن هزار،

 آ پڻ فرض اوهان جو هيءُ،

 وڌي سندن بڻجو آڌار.

زبيده ميتلو

راجو پيارا

 

راجو  پيارا،

چنڊ،ستارا،

ڪتاب پڙهه،

سهڻا موچارا.

قلم جي لوڪ سان،

اونهيءَ سوچ سان،

سبق لک سچ جا.

ڪاڳر ڪر ڪرا.

ڌرتي پنهنجي ڪاڻ،

آڻ ڪا نئين نواڻ،

بڻجي، هوشو هيمون،

ڌڏن، ڌڏڪا سارا.

لاٽ سان واٽ ڏس،

ڪرڻن ڀري رات ڏس،

جوانن پوڙهن ڪاڻ

سج اڀرن نيا نيار!،

راجو پيارا،

چنڊ ستارا،

ڪتا ب پڙهه،

سهڻا، موچارا.

عبدالرسول مير

 

اڄ جو ٻار

 

ننڍڙو ننڍڙو ٻار،

گلڙن جهڙو ٻار.

ٿڙندو ٿڙندو،

ڪرندو ڪرندو،

رڙهندو رڙهندو،

اٿندو وهندو،

هوريان هوريان.

ٽلندو ٽلندو،

لڏندو لمندو،

ٿوري گهڻي تي،

چڙهندو رسندو،

آخر ڪنهن ڏينهن ،

ڪڏندو ڪڏندو،

هلندو هلندو،

وڏڙو ٿيندو،

منهنجي هنئين جو هار.

عزيز لله عزيز بروهي

استاد

لائق- صد احترام استاد آهه،

هن جهان ۾ نيڪ نام استاد آهه.

ٻار کي پاڙهي ڪري ٿو باوقار،

گفتگو ۾ خوش ڪلام استاد آهه.

جو ڏئي ٿو قوم کي حق جو سبق،

سو سچائي جو سلام استاد آهه.

فرش کان نيئي رسائي عرش تي،

ڇا چوان عالي مقام استاد آهه.

خير خواهي انجي ڪهڙي ڳائجي،

پيارجو پيارو پيام استاد آهه.

فيض جادروازا کولي ٿو ڇڏي،

مهربان سڀ تي مدام استاد آهه.

ڪيڏو رتبو آ بلند استاد جو،

رب جو گويا انعام استاد آهه.

ڪو نه هوندو جڳ ۾ اهڙو ”عزيز“،

دهر ۾ لطف- دوام استاد آهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com