سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل فيبروري، مارچ 1980ع

باب: --

صفحو :2

سنڌيڪار: محمد امين بلوچ       نيپالي ڪهاڻي

بينسري

سڪمار يارهن سالن جو ڇوڪرو هو،هو سج لٿي مهل ننڍڙي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ ڪچي رستي تي وڃي رهيو هو. ٿوري مفاصلي تي هماليه جبل شاندار ۽ دلڪش منظر ڏيکاري رهيو هو، هن جون اوچيون چوٽيون ڳاڙهي ۽ سونهري رنگ ۾ ٻڏل ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون. سڪمار اڪيلو هو ۽  هن ڳوٺ ۾ اجنبي هو، پرانهي اميد تي وڃي رهيو هو ته من ڪو ماڻهو اهڙو ملي وڃي جو کيس رات پاڻ وٽ رهائي. پريان هڪ ڇوڪري پنهنجي ماءُ  کي سڏي رهي هئي، جنهن تي هن کي پنهنجي مري ويل ماءُ ياد اچي ويئي ۽ هن جون ڳالهيون ياداچڻ لڳيون. هن پنهنجي بينسري  کڻي چپن تي رکي، هن محسوس ڪيو ته بينسري وڄائڻ سان هو پنهنجي ماءُ کي ائين سڏي رهيو هو، جهڙي طرح پريان بيٺل هڪ ڇوڪري پنهنجي ماءُ کي سڏي رهي هئي.

جيئن هو اُتي بيهي بينسري وڄائي رهيو هو، ته ان وقت هڪ اڌڙوٽ عورت گاهه جي هڪ  وڏي ڀري پٺن تي کڻي ساڳئي رستي تان هن جي پويان اچي رهي هئي، هوءَ ان ڳوٺ جي چڱي مڙس جي زال هئي. هوءَ به اطمينان سان هن ڇوڪري جي بينسري ٻڌي رهي هئي. سڪمار هن  جي موجودگي محسوس ڪندي،عورت ڏانهن نهارڻ لڳو جڏهين ٻنهي جون اکيون مليون ته ٻنهي ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ ته هو هميشہ کان وٺي هڪ ٻئي کي سڃائندا هئا. عورت پڇيو.

”منهنجا پٽ تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين“ئ

”مان آءٌ هتي هڪ اجنبي آهيان ۽ اهڙي جاءِ جي تلاش  ۾ آهيان جتي آءٌ رات گذاري سگهان.“

هن جواب ڏنو. ڇا، هنن هڪ ٻئي سان رحمدلي ڪري ماءُ ۽ پٽ وانگر مخاطب ٿي ڳالهايو يا اُن جي پويان هڪ اونهو راز هو؟

عورت عجب ۾ پئجي ويئي هئي، جيتوڻيڪ هن ڇوڪري جو ڳوٺ ۾ ڪو به سڃاڻو يا واقف نه هو ۽ هن جو ڪو به پور ٺڪاڻو نه هو، تنهن هوندي به هو تمام گهڻي خوشي وچان بيپرواهه  ٻارن وانگر بينسري وڄائي رهيو هو.

”مون سان گڏ اچ، منهنجا پٽ“ هن چيو. ”اها تنهنجي ڀيڻ آهي جا مون کي سڏي رهي آهي. جڏهين مون تنهنجي بينسري جو آواز ٻڌو هو، تڏهين مون پنهنجي دل ۾ ائين محسوس ڪيو ته تون پڻ مون کي پنهنجي بينسري جي آواز سان سڏي رهيو هئين هاڻي مون سان هلي آءٌ ته گهر هلون.

هن ڇوڪري پنهنجي بينسري  کنئي ۽  عورت سان گڏ هن جي گهر وڃڻ لڳو.

پنجن سالن جي ڄمار ۾ سڪمار جي ماءُ گذاري ويئي هئي، هن کي سندس ماءُ جون چمڪندڙ اکيون ۽ نيري رنگ جي مڻين جو هار، جيڪو  هوءَ هر وقت ڳچيءَ ۾ پائيندي هئي، ياد هو، هن کي يقين هو ته هوءَ اڃا تائين سندس دل ۾ موجود آهي.

هن وٽ جيڪا بينسري هئي، اها پنهنجي پيءُ طرفان هن  کي تحفي طور ملي هئي. هن جي ماءُ جي مرڻ بعد هن جو  پيءُ روزانو رات جو سمهڻ کان اڳ بينسري وڄائيندو هو ۽ اُن جي ئي سريلي وڻندڙ سٺي آواز تي هي ننڍڙو ڇوڪري سمهي رهندو هو. هڪ رات جيئن هن جو پيءُ ويهي بينسري وجائي رهيو هو ته  سڪمار هن کان پڇيو.

”امان ڪٿي آهي، ڇو اسان هاڻي هن کي ڏسي نٿا سگهون.“

پيءُ جون اکيون ڏک ۾ ڀرجي آيون، بينسري هيٺ رکندي هن جواب ڏنو“  تنهنجي ماءُ هاڻي ديوتائن جي گهر ۾ رهندي آهي جيتوڻيڪ اهو آسمان کان به تمام گهڻو پري آهي پر تنهن هوندي به هوءَ اسان جي دلين ۾ موجود  آهي.“

سڪمار ان بعد پڇيو ”ڇاتوهان ڪڏهين پنهنجي دل ۾ هن ڏٺو آهي ۽ هن سان مليا آهن؟“ ڇوڪري ڏانهن گهوريندي هن جواب ڏنو ”هائو منهنجا پٽ! جڏهن آءٌ بينسري وڄائيندو آهيان ان وقت هن سان ملندو آهيان.“

”اوهه، جيڪڏهين آءٌ ڏسڻ چاهيان ته ڪيئن ڏسي سگهندس؟ مهرباني ڪري مون کي به اهڙي بينسري ٺاهي ڏيو جيئن ان جي وڄائڻ سان مون کي به خبر پوي ته هوءَ مون سان گڏ آهي.“

ان کان پوءِ جلدي سڪمار جي پيءُ احتياط سان ڇوڪري کي بينسري ٺاهي ڏني ۽ وڄائڻ پڻ سيکاريو.  هن جي پيءُ هن کي چنڊ جي خوبصورت روشني جي ساراهه ڪرڻ ۽ مينهن وسڻ تي ٺهيل گيت پڻ سيکاريو. هن جو پيءُ البت اهو چوندو رهندو هو ته ”پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪر ۽ پنهنجي بينسري دل جي گهراين سان وڄاءِ جيئن تنهنجي ماءُ تنهنجي بينسري جو آواز ٻڌي ته خوش ٿئي.“

سڪمار پنهنجو سڄو وقت بينسري وڄائڻ تي لڳايو. هڪ ڏينهن جڏهن هن نون سالن جي عمر جو ٿيو ته هن جي پيءُ  چيو ته ”منهنجا پٽ، هاڻي تون پنهنجي پيءُ کان به وڌيڪ بهتر بينسري وڄائي رهيو آهين پر آءٌ ڪجهه توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿو، جو ڪجهه آءٌ اڳ نه ٻڌائي  سگهيو آهيان اهو هي ته جڏهين به تون بينسري وڄائين ته اُهو پنهنجي دل جي گهراين ۽ محبت پيار مان وڄائيندين  ته پوءِ هر ماڻهو تنهنجي بينسري جي سريلي ۽ مٺي  آواز تي موهت ٿيندو ۽ هن جي دل ۾ تو لاءِ پيار پيدا ٿيندو ۽ اهڙي طرح تون پنهنجي  حقيقي ماءُ کي ڳولهي  لهندين.“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سڪمار جو پيءُ  گذاري ويو. ڏک ۽ غم سان ڀريل اڪيلي سڪمار بينسري رکي ڇڏي ۽ ڇهن مهينن  تائين اُن کي هٿ نه لاتو ۽ دل جو دل ۾ روئيندو رهيو ڇاڪاڻ ته هو يتيم ٿي چڪو هو، ۽ نيٺ  پنهنجي چاچي سان رهڻ لڳو. اتي هڪ ڀيرو وري هن بينسري وڄائڻ شروع ڪيو. نه ان لاءِ ته هو پنهنجي چوگرد ڦريل ماڻهن جي توجه جو مرڪز ٿئي، پر هن کي ڪو پيار ۽ محبت ڏي ۽ ان جي عيوض هن کان پيار ۽ محبت حاصل ڪري.

پر هاڻي ننڍو سڪمار بيچين رهڻ لڳو. هڪ ڏينهن هن پنهنجي بينسري  کنئي ۽ پنهنجي چاچي جو گهر ڇڏي اهڙي سفر تي روانو ٿيو جنهن جي  ڪا به منزل نه هئي ۽ هي بينسري وڄائيندو هلندو ٿي رهيو ۽ رستي تي ويندڙ ماڻهو هن جي چوڌاري گڏ ٿيڻ لڳندا هئا، هن جي بينسري جي سريلي ۽ مٺڙي آواز تي لطف اندوز ٿيندا هئا ۽ ڪڏهين ڪڏهين موج ۾ اچي نچندا به هئا.

هو اڃا تائين اڪيلو هو ڇاڪاڻ ته ڪير به هن کي سندس پيارن مائٽن جهڙي شفقت ۽ پيار نه ڏيئي سگهيو. اڪثر ماڻهن کي پنهنجا مفاد ۽ مسئلا  هئا ۽ هو انهن ۾ اهڙي طرح گهيريل  هئا جو بينسري  ٻڌڻ کان پوءِ هنن وٽ ننڍڙي سڪمار لا ڪو به ٽائيم نه هو.

جيئن ته ڪنهن وٽ به هن لاءِ ٽائيم نه هو، تنهنڪري سج لٿي مهل هي ڳوٺ جي چڱي مڙس جي زال سان مليو جنهن کي هن پٽ ڪري سڏيو هو، جنهن کي هن هڪ ڀيرو وري پنهنجي حقيقي ماءُ جي روپ ۾ ڏنو هو.

جيئن هي ٻئي اڱڻ ۾ داخل ٿيا ته هن هڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ کي باغ ۾ گهمندي ڏٺو هو، اُها هن عورت جي ننڍي ڇوڪري سياپتري  هئي جيڪا ٿورو اڳ پنهنجي ماءُ کي سڏي رهي هئي. هن عورت سڪمار ڏانهن ڪنڌ جو اشارو ڪيو پنهنجي ڌيءَ کي چيو ته ”ڌيءَ مون هڪ سٺو ڇوڪرو گهر آندو آهي ۽ هو  اسان سان گڏ رهندو نه نه منهنجو مطلب آهي ته مون تنهنجي ڀاءُ کي گهر آندو آهي.“

هي ٻئي ٻار اُتي تمام خوش بيٺا رهيا پر اوپرائڻ جي ڪري هڪ اکر به نه ڳالهائي سگهيا.

اُن کان پوءِ هو گهر ۾ گهڙيا، سڪمار، اُن عورت ڏانهن نهاري رهيو هو.جڏهين هوءَ رات جي ماني، بتي جي جهڪي روشني تي ٺاهي رهي هئي، اُن وقت هو اهڙي ته خوشي محسوس ڪري رهيو جا خوشي ڪيتري عرصي کان وٺي هن کي زندگي ۾ نه ملي هئي.

ڳوٺ جو چڱو مڙس جلدي گهر موٽيو، هن ڪجهه به چوڻ کان سواءِ سڪمار تي هڪ عجيب قسم جي نگاهه وڌي، جنهنڪري ڇوڪري کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هو بيچين ٿيو. عورت پنهنجي مڙس کي چيو ته ”هي ڇوڪرو مون کي رستي تي اڄ مليو ۽ هي تمام سٺي بينسري وڄائي ٿو.“

رات جي مانيءَ جي ٽائيم تي به هن شخص ڇوڪري کي ڪجهه به نه چيو. جڏهين پليٽون صاف ٿي ويون  ته ان کان پوءِ سڪمار پنهنجي بينسري کڻي آهستي ۽ هري هري وڄائڻ لڳو گهر جا سڀ ڀاتي خاموشي سان ويهي هن جي موسيقي تي موج ۾ اچي رهيا هئا. هن جي بينسريءَ جي سريلي ۽ مٺي آواز تي هو ائين محسوس ڪري رهيا هئا ڄڻ ته ڪا شيءَ تمام گهري طرح هنن جي دلين کي ڇهندي وڃي. سياپتري اهو محسوس ڪيو ته سندس هي نئون ڀاءُ سندس خاندان وارن سان بينسري رستي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جڏهين هن بينسري وڄائي ختم ڪئي ۽ سمهڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته هن عورت هن جي منهن کي ٻنهي هٿن ۾ آهستي جهلندي،هن جي ڳلن تي چمي ڏيندي چيو ته ”شل خوش رهين منهنجا پٽ“ ٻئي ڏينهن سڪمار صبح جو سوير اٿيو ۽ وڃڻ لاءِ تيار ٿيو،  مگر هن عورت هن کي روڪيندي  چيو ته ”اسين پاڻ ۾ ماءُ پٽ آهيون ۽ آءٌ توکي نٿي ڇڏي سگهان ته تون گهر ڇڏي هليو وڃ”، ۽ اهڙي طرح سڪمار هن خاندان سان گڏ رهي پيو.

سياپتري سڪمار کي تمام گهڻو چاهيندي هئي، مگر هن جون ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون هيون جيڪي هوءَ نه سمجهي سگهي هئي. اڪثر ڪري هن کي هن جي سنجيده رهڻ تي عجب لڳندو هو. ڏينهن جو هوءَ هن کي ڳو‎ٺ ۾ پنهنجي سهيلين سان تعارف ڪرائڻ لاءِ وٺي ويندي هئي.

(باقي ايندڙ مهيني ۾)

عبدالرحمان سيال

پائليءَ خاطر

مون ‎ڏٺو ته هو ڪافي دير کان وٺي زمين جي مٿاڇري تي هٿن سان مٽي مکي هيٺ مٿي اٿلائي پٿلائي رهيو هو. مون ائين سمجهيو شايد هو راند  ڪري رهيو آهي. پر جڏهن گهڻو وقت گذري ويو ۽ هو لڳاتار مٽيءَ کي هيٺ مٿي ڪرڻ ۾ لڳو پيو هو ته مان سندس ڀرسان وڃي بيهي رهيومانس، پڇيو مانس:

”ڇا ٿو ڪرين ؟“

هن ڪو به جواب نه ڏنو، مٽي هيٺ مٿي ڪندو رهيو. سندس منهن تي مٽيءَ جي دز چڙهي ويئي هئي ۽ ٻئي هٿ مٽيءَ ۾ ڀريل هئس وري پڇيومانس.

”ڪجهه وڃايو اٿئي؟“

هن ڪنڌ لوڏي مون ڏانهن ڏٺو، سندس منهن روئڻ جهڙو هو. ”ڇا وڃايو اٿئي؟“ مون هيٺاهين ڪري پڇا ڪئي مانس.

”پيشا، هن ڏڪندڙ آواز ۾ جواب ڏنو.

”گهڻا پيسا وڃايا اٿئي“

”پائلي“ هن جواب ڏنو،

مون کلي ڏنو، چيومانس ”ڇا پائلي لاءِ سوير کان وٺي مٿو پيو هڻين، اُٿي وڃ“ پيءُ کان ٻيا پئسا وٺي اچ.

هو ويٺو رهيو . لڳاتار پيسا ڳوليندو رهيو، نڪو پئسا پيا لڀنس ۽ نه وري هو گهر پيو وڃي، اُتي ويٺي مٽي اُٿلائي رهيو هو.

مون کي عجب لڳو ته هو ڪلاڪ ڏيڍ کان وٺي پائلي لاءِ مٿو هڻي رهيو آهي. دل ۾ سوچيم شايد ماءُ کان شئي وٺن لاءِ روئي روئي پيسا وٺي آيو هوندو. تنهنڪري گهر نٿو وڃي، متان پئسا لڀي پون ته شئي وٺي پوءِ وڃان. شايد هو ڪنهن غريب جو ٻار هو. جو پائليءَ لاءِ مٿان اچي شام پئي هئس. جيڪڏهن ٻيو ڪو هجي ها ته شايد پائليءَ لاءِ ايتري مٿاڪٽ نه ڪري ها. هو تمام معصوم هو، سندس گلاب  جهڙو چهرو پيلو ٿي  ويو. هو هو مون کي عمر ۾ چئن پنجن سالن جو ٿي لڳو. سندس ڪپڙا به تمام ميرا هوا ۽ تمام غريب پئي لڳو.

کيسي ۾ هٿ هڻي ڏ‎ٺم ته من پائلي هجي ته ڏيانس. دير ٿي ٿئيس پر افسوس جو ان وقت کيسي ۾ هڪ پائي به ڪانه هئي. هن معصوم تي مون کي ڏاڍو پيار ۽ رحم اچي رهيو هو. هو ننڍڙو هو پرحد کان وڌيڪ پيارو هو.

پڇيوماس ”شئي وٺڻي اٿئي نه“ هن ڪنڌ لوڏي جواب ڏنو ”نه“

”ته پوءِ ڇا  وٺندين؟“

 هن ڪو به جواب نه ڏنو.

وري پڇيومانس ”ڦوڪڻون وٺين ها.“

هن ڪنڌ لوڏي نهڪار ڪئي.

”ته پوءِ ڇا وٺنو اٿئي“

”بابا لاءِ ماچيس“ هن چيو.

”ته پوءِ سوير کان وٺي اتي ويٺو آهين وڃ، بابا کان ٻيا پيسا وٺي ماچيس وٺي وڃ.“

هو نه ويو مٿان شام به اچي ويجهي پئي هئي پر هو پيسن جي ڪري گهر نه پئي ويو.

وري چيومانس ”وڃ گهران پيءُ کان پيسا وٺي اچ.“ مون چيو.

”نه بابا ماريندو“ هن جواب ڏنو. ”ڀلا ماءُ کان وٺي اچ“ مون چيو . ”امان وٽ پيسا ڪونه هوندا آهن.

هو نه ويو، اتي ئي ويٺو رهيو. پيءُ جي ڊپ کان وڃايل پئسا ڳوليندو رهيو.

دل ۾ ڏاڍو ڏک ٿيم ته ڪي ٻار آهن جو پائلي ته ڇا جيڪڏهن سؤ رپيا گم ڪري ٿا ڇڏين ته به ماءُ پيءُ کين ڪجهه به نه چوندا آهن ۽ هي اهو ٻار آهي جو پائلي گم ڪري ويٺو آهي ته پيءُ جي مار کان گهر نه ٿو وڃي. هي به ته پيءُماءُ جو پيارو هوندو.

مون هن جي مٿي تي هٿ گهمايو ۽ دلاسو ڏنو مانس. ته ”سڀاڻي اچي وري ڳولجان. هينئر وڃ دير ٿي ويئي اٿئي بابا پاڻهي پيو ماچيس وٺندو.“  ۽ هن کي هٿ مان وٺي اڳتي هلڻ لاءِ چيم پر هن انڪار ڪيو.

چوڻ لڳو ”بابا لاءَ جيڪڏهن ماچيس نه وٺي ويندس ته ماريندو.“

سج به لهڻ وارو هو مان هن سان گڏ بيٺو هوس. هن کي اڪيلو ڇڏي وڃڻ لاءِ دل به نه ٿي چيو، دل  ۾ اهو خيال ته شال پائلي لڀي پوي، هن سان گڏ مون به پيسن ڳولڻ ۾ مدد ڪئي پر ٻئي ناڪام وياسين. ايتري ۾ هڪ ماڻهو اچي رهيو هو، ننڍڙي ان کي ڏٺو ته سندس بدن سڄو ڪنبڻ لڳو.

”ڇو“

”بابا ٿو اچي، مار ڏيندو.“

”....جا پٽ يڪئي ٿو ماچيس ٿو وٺي اچين. اتي ويٺو راند ڪرين“ هن ڪڙڪو ڪري چيو.

ڀرسان اچي چوڻ لڳيس ”ڪٿي آ ڙي ماچيس.“

هن ڪو به جواب نه ڏنو سڄو ڏڪي رهيو هو.

مون وچ ۾ جواب ڏنو ”ڇوڪر پئسا وڃائي ويٺو آهي،:

”ڪوڙو پهريئن نمبر جو“. ائين چوندي هن ڪاوڙ مان ٿڦڙ الاريندي چيو ”اڙي هيڏو سارو ٿيو آهين اچي، پٽ تي پئسا گم ڪري ويٺو آهين“

هن ٿڦڙ الاري ۽ ننڍڙي ٻئي هٿ منهن اڳيان کڻي ڏنا پيءُ پنهنجي پٽ کي هڪڙي ٿڦڙ هنئي هو زمين تي ڪري پيو، سڄو بدن ڏڪي رهيو هئس، سڏڪن ۾ ٻڏل هو، وات کي ڄڻ لغام اچي ويو هئس، اکين مان پاڻي جا نار وهي پيا. هُن پنهنجي پٽ کي هٿ مان وٺي مٿي اٿاريو ۽ پنهنجي گهر ڏانهن هلڻ لڳا. مان نظرون کپائي ان ڏانهن ڏسي رهيو هئس. جيڪو هڪ پائليءَ لاءِ پنهنجي پٽ کي ماريندو ڪٽيندو گهر وٺيو پئي ويو. مون ائين محسوس ڪيو ته سڄيءَ دنيا جا پيءُ اهڙا ئي ظالم آهن جيڪي پنهنجي معصوم گلڙن کي ائين جسماني ۽ ذهني طور چيڀاٽي ڇڏين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com