سحر ڪرن ميمڻ
بنا عنوان جي
هن ڪهاڻيءَ جو عنوان اوهان مقرر ڪري، اهڙيءَ طرح
موڪليو جو اسان وٽ 13 – اپريل کان اڳ پهچي وڃي،
جنهن جو عنوان سٺو هوندو اُن کي ويهن روپين جا
ڪتاب ڏنا ويندا.
– ايڊيٽر
بس هڪ زوردار جهٽڪي سان بيهي رهي ۽ اهو لفظ بار
بار منهنجي ڪنن سان ٽڪرائجڻ لڳو ”بابا الله جي
نالي تي ڏيو.“
”بابا الله جي نالي....“ مون اَنهيءَ پر سوز معصوم
آواز تي پويان مڙي ڏٺو ته هڪ 11-12 سالن جو
خوبصورت مگر پراڻن ۽ ميرن ڪپڙن ۾ ڇوڪر بيٺل هو،
جيڪو بس ۾ سوار هر مسافر کان خيرات وٺي رهيوهو ۽
هاڻي مون کان گهري رهيو هو پر منهنجي لاتعلقي ڏسي
هن وري پنهنجو لفظ ورجايو ”بابا الله جي نالي...“
مون بنا سوچڻ سمجهڻ جي هن جي هٿ تي هڪ رپيو رکيو ۽
هو خاموشيءَ سان هيٺ ڪنڌ ڪري هليو ويو.۽ مان به هن
جي ئي باري ۾ سوچيندو گهر ڏانهن هليو ويس. مون کي
روزانو انهيءَ بس ۾ چڙهڻو پوندو آهي، مان هڪ ڳوٺ ۾
رهندو آهيان پر نوڪريءَ لاءِ روزانو شهر ويندو
آهيان.
ٻئي ڏينهن به مون کي اهوئي ڇوڪر پنهنجي مخصوص
انداز ۾ نظر آيو.الائي ڇو انهيءَ کي ڏسي مان ڪجهه
پريشان ٿي ويس. ٻئي جي دکدرد کي پنهنجو سمجهڻ ته
منهنجي فطرت ۾ شامل آهي ۽ ڏٺم ته هو باربار پنهنجا
نماڻا نيڻ کڻي پاڻ جيڏن ڇوڪرن ڏي (جيڪي ڪتاب کڻي
سٺا ڪپڙا پائي تعليم حاصل ڪرڻ ٿي ويا) حسرت سان
ڏسي رهيو هو، اوچتو منهنجي ذهن ۾ خيال آيو ته هن
کان سندس باري ۾ ڪجهه معلوم ڪيان.مان بس مان لٿس
ته هي به هيٺ بيٺو هو. آئون ٿورو اڳتي وڌي ويس ۽
هن کي هٿ جي اشاري سان سڏيم ته هو ننڍا ننڍا قدم
کڻندو منهنجي ويجهو آيو- مان ڪجهه دير هن ڏانهن
ڏسي پوءِ پڇيو مانس.
”پٽ تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ”احمر“
”ڪنهن جو پٽ آهين؟“
”مرحوم احمد خان جو پٽ آهيان۽ هن ئي ڳوٺ ۾ رهندو
آهيان.“هن جواب ڏيئي نظرون جهڪائي ڇڏيون هاڻي اهم
سوال جيڪو بار بار منهنجي ذهن ۾ اچي رهيو هو، آخر
زبان تي اچي ويو. ”پٽ تون پڙهين ڇو نٿو؟“ ڏاڍي
پيار مان پڇيم- پر منهنجي انهيءَ سوال هن جي
خوبصورت اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا ۽ ماٺ ٿي ويو. وري
ڪجهه دير ترسي چيائين.
”سائين، مان ٻن سالن جو هوس ته پيءُ جو سايو سر
تان لهي ويو ۽ امڙ پاڙي وارن جا ٿانؤ ٻهاري ڪري
پنهنجو ۽ منهنجو پيٽ پاليندي هئي. آئون به ڏاڍي
شوق سان پڙهي رهيو هوس، چوٿين جماعت ۾ هوس ته امڙ
سخت بيمار ٿي پئي، آئون ڪافي پريشان ٿيس، جڏهن مون
امڙ جي طبيعت ڊاڪٽر کي ڏيکاري ته ڊاڪٽر چيو ته هن
کي آرام جي سخت ضرورت آهي،گهڻي محنت جي ڪري هن جي
صحت تي اثر پيو آهي. ۽ ڪجهه دوائون لکي ڏنائين
جيڪي به پئسا گڏ ٿيل هئا سي امان جي دوائن تي خرچ
ٿي ويا، انهيءَ ڪري مون پڙهائي به ڇڏي ڏني....
ها... ڻي....هاڻي...هو خاموش ٿي ويو، سندس اکيون
گهڻي روئڻ جي ڪري ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. مون کيس
دلداري ڏيندي چيو:
”پٽ ڏک انسان تي ئي ايندا آهن،مايوسي گناهه آهي،
الله تعاليٰ مان آسرو نه لاهجي . اهوئي مددگار
آهي. تون هڪ سمجهدار ڇوڪرو آهين- تون پاڻ ئي سوچ
تنهنجي زندگي جو سوال آهي جيڪڏهن نه پڙهندين ته
سڄي زندگي جاهل رهجي ويندين. تون ماشاءَ الله صحت
مند آهين، صبح جو وقت اسڪول وڃ ۽ شام جو محنت
مزدوري ڪري ماءُ جو علاج ڪراءِ انشاءَالله تنهنجي
ماءُ صحتمند ٿي ويندي، پوءِ توهان گڏجي پنهنجو
گذران ڪجؤ. پٽ محنت سان ئي منزل ملندي آهي، تون
پنهنجي جدوجهد جاري رکندي ته انشاء الله ضرور
ڪامياب ٿيندين.“
منهنجي ائين چوڻ تي هن جي اکين ۾ خوشيءَ جي چمڪ
جاڳي اٿي ۽ چپن تي سڪون ڀري مرڪ موٽي آئي، منهنجو
ٿور ادا ڪري وڏا وڏا قدم کڻندو اڳتي وڌي ويو.
ڪيترائي ڏينهن گذري ويا مون کي هو بلڪل نظر نه
آيو، مان عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا هوس ته آخر ڪيڏانهن
ويو. هڪ ڏينهن کيس ان ساڳيءَ بس ۾ ڏٺم ته پر بلڪل
جدا روپ ۾ پنهنجي توقع جي عين مطابق مون کي بي
انتها خوش ٿي جو احمر ٻين ٻارن سان گڏ ٿيلهو کڻي
کلندو ڪڏندو اچي بس ۾ چڙهيو.
منهنجي پڇڻ تي چيائين.
”سائين،ماءُ جي طبيعت اڳئين کان بهتر آهي، آئون
صبح جو اسڪول ويندو آهيان ۽ شام جو مزدوري ڪندو
آهيان“ ۽ ڏاڍي حوصلمند لهجي ۾ چيائين، ”سائين ڏکن
پٺيان سک آهن مان به پنهنجي ڪوشش ۾ ڪونه
گهٽائيندس، الله مددگار آهي.“
هن معصوم جو اهو حوصلو ڏسي مون کي يقين ٿيو ته هي
ڪنهن ڏينهن ڪا سٺي منزل ماڻيندو پوءِ جلدئي منهنجي
بدلي ٿي ويئي ۽ مان هليو ويس. زياده مصروفيت جي
ڪري مان انهيءَ واقعي کي وساري چڪو هوس. 0- 12 سال
اڳ جون ڳالهيون ذهن مان نڪري ئي ويون هيون.
اڄ مون کي آفيس ۾ زياده ڪم جي ڪري دير ٿي ويئي
ٻاهر نڪتس ته آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڇانيل هو، موسم
ڏاڍي خطرناڪ ٿي لڳي. ائين پئي لڳو ڄڻ ته جي ڪڪرن
وسڻ شروع ڪيو ته بند ٿيڻ جو امڪان ئي ڪونهي. مان
آهسته آهسته هلڻ لڳس پر سواريءَ جي ته نشان ئي
ڪونه هو. پريشانيءَ جي عالم ۾ اڳتي هلندو ويس ته
من ڪٿي سواري ملي وڃي. آخر ٿڪجي هڪ وڻ جي هيٺان
بيهي رهيس، ٿوري دير گذري ته گاڏيءَ جي آواز تي
ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺم ته هڪ ڪار منهنجي اڳيان اچي بيٺي
۽ انهيءَ مان هڪ ڳڀرو نوجوان نڪتو، قيمتي سوٽ
پهريل، جديد اسٽائيل سان وار ٺهيل چهري تي هڪ
خوشنما مسڪراهٽ اڳتي وڌيو ۽ منهنجي پيرن تي ڪري
پيو. مان حيران ٿي ويس ۽ انهيءَ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش
ڪيم ۽ جلدئي اکين اڳيان ننڍڙي احمر جو چهرو ڦري
آيو ۽ مان سمجهي ويس ته اهو احمر ئي آهي ۽ خوشيءَ
کان کڻي گلي لڳامانس. هي منهنجي سواليه نگاهن جو
مقصد سمجهي ويو ته مان ڪهڙي ڳالهه پڇڻ چاهيان ٿو.
يڪدم هن جي اکين مان ڳوڙها نڪري آيا ۽ چيائين.
”سائين، آئون توهان جو احسانمند آهيان، توهان جو
احسان مان زندگي ڀرنٿو وساري سگهان. مون کي انهي
وقت اهو احسان ٿيو ته هن ڌرتيءَ تي اڃا اهڙا ماڻهو
زنده آهن جيڪي ٻئي جي درد کي پنهنجو درد سمجهن ٿا،
توهان مون کي نصيحت نه ڪريو ها ته شايد مان سڄي
زندگي جاهليت جي اوندهه ۾ گذاريان ها. توهان جي
مدد سان ئي مان هن درجي تي پهتو آهيان ۽ اڄ
”انجنيئر“ ٿي خوشحال زندگي بسر ڪري رهيو آهيان.
ڪاش! توهان جهڙيون عظيم هستيون هميشہ زنده رهن ته
ڀلجندڙن کي سنئين راه ڏيکارين.
نرگس سلطانه
ٽنڊو آغا، حيدرآباد.
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ڪينجهر جي ڪهاڻي
سومرن جي زوال کان پوءِ سنڌ جي هيٺائين حصي ۾ سمن
سردارن جون بادشاهيون شروع ٿيون. سندن دؤر پوڻا ٻه
سؤ سال کن چيو وڃي ٿو، جيڪو غالبا 1352ع کان
1521ع تائين رهيو. سندن گادي ٺٽو هئي جملي ارڙهن
سما سردار حڪومت ڪري رهيا، جن مان ڄام تماچي به هڪ
هو. سمو ڄام تماچي، ناليرو حاڪم ٿي گذريو آهي.
سندن دؤر ۾ ڪينجهر ڍنڍ تي مهاڻن (ميربحرن) جا
گهرڙا اڏيل هئا. ڪينجهر ڍنڍ ٺٽي ۽ جهرڪن جي وچ ۾،
هيلايا ٽڪريءَ جي هيٺان آهي. سندس چوڌاري وڏا ۽
گهاٽا ٻيلا آهن. انهيءَ ٽڪريءَ جي مٿاهين پَٽ تي،
سمي سردار ڄام تماچيءَ پنهنجي سير تفريح لاءِ هڪ
ننڍڙو محلات جوڙايو هو، جتي هوشيل شڪار جي خاطر
ڪجهه وقت لاءِ ترسي به پوندو هو.
چون ٿا ته ڪنهن سومري سردار هڪ ڀيري شڪار ڪندي ڍنڍ
مٿان سهڻا پکي اُڏرندا ڏٺا. حڪم ڪيائين ته ڪيائين
ته جيڪو انهن پکين کي جهلي آڻيندو. تنهن کي هي
ڍنڍون انعام ڏيندس. مگر ڪنهن به همت نه ٻڌي، آخر
”بڊام“ نالي هڪ گندري هام هئين. پوءِ پاڻ سان ڪاٺ
جو پکي ٺهرائي، مٿي تي رکي پاڻي ۾ پيهي ويو. جڏهن
پکين ڏٺو، ته اِهو به اسان جهڙو پکي پاڻيءَ ۾ پيو
تڙڳي سو وري آيس. انهيءَ بهاني سان بڊام گندري
ڪجهه پکي آڻي سومري سردار جي آڏو رکيا. سردار
مٿس ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس انعام ۾ وڏي ڍنڍ ”ڪينجهر“
ڏنائينس. اُنهي ڏينهن کان اُنهيءَ گندري جي
پٺيان”ڪينجهر“ ڪوٺجڻ لڳي.
ڪينجهر جي ڪناري تي مسڪين مهاڻن جا عارضي ٺڪاڻا
هئا کين ڪي پکا آڏيل ڪو نه هئا ۽ نه وري وٽن ڪو
هيو مال آسباب. ويچارن جو گذر سفر، کائڻ پيئڻ توڙي
اُٿڻ ويهڻ اُنهن ٻيڙين تي هو، جنهن تي هو مڇيون
ماري آڻي ڪنڌيءَ پهچندا هئا. سندن غاريبو گذران
ڪينجهر جي ڪمائي تي هوندو هو. سندن عورتون
(مهاڻيون) وري رڇ ريڙهي، مڪڙا موڙي، ٽوڪرا ٽُٻ
ڪري، کاريون ڪلهن تي کنيو واٽن تي وڃي ويهنديون
هيون، جتان گس ويندڙن وٽ، سندن وکر وڪامي ويندو
هو. اُنهن مهاڻن جا ٻار وري سارو ڏينهن پيا ڪينجهر
جي ڪناري تُڙڳندا هئا. اهڙن ککيءَ هڻن ماڻهن وٽ نه
آوج جو اُونو ۽ نه وري صفائيءَ سٺائيءَ جي عادت
هئي. هنن وٽ ته پنهنجي ڪرت آهر ککيءَ جي بوءِ
ايتريقدر ته پيئي ساڙيندي هئي، جو ڪو به سندن
ويجهو وڃڻ پسند ڪونه ڪندو هو. وٽن گند جا گدام ۽
ڇلڙن جاڇڄ ڍير لڳا پيا هوندا هئا. ڪنهن جي دل نه
ٿي چاهيو، ته وٽن ڪو پاڻيءَ وٽو وڃي پيئي، مهاڻا
جهڙا هئارنگ جا ڪوجها، ته تهڙائي هئا وري هڏ ڪاٺ
جا هيڻا، عام ماڻهو به کائن ڪراهت ڪندا هئا. پر
ويچارا اشراف ۽ حق حلال جي ڪمائيءَ تي گذارو ڪندڙ
هئا. سندن منهن ميرا ضرور هئا، مگر اندر جا ڏاڍا
اڇا هئا. مهانڊن جو ملوڪ ته منجهن قضاني ڪونظر
ايندو. وٽن”نوري“ نالي نينگر هئي، جيڪا نهايت
پاڪدامن ۽ حليم سڀاءَ واري هئي. نياز ۽ نوڙت ته
کيس ڄمنديئي ورثي ۾ مليو هو. سونهن ۽ سوڀيا ۾ به
ساڻس ڪا مهاڻي مٽ نه پئي ٿي سگهي. ايئن پي ڀانيو،
ته نوري مهاڻن وٽ مهمان جي حيثيت سان آيل هئي.
انهيءَ حسن ۽ شباهت جي بناوت سان سچ پچ هوءَ
نوري هئي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪسر باقي رهيل نه
هئي.
نوريءَ جي حسب نسب بابت ڪئين روايتون آهن، جن مان
هڪ روايت اها به آهي، ته سمن جي دؤر ۾ جسوتڻ راءُ
پٽ ڄام مهڙ حڪومت ڪندو هو. سندس زال مروبت هوندي
هئي.اولاد جو ڏاڍو سڪايل هو. خدا جي ڪنهن ڪامل
بزرگ جي دعا سان کيس پڇاڙيءَ ۾ نينگريءَ ڄائي،
مگر کيس ڄمڻ سان ئي ڪوڙهه جي بيماري هئي، جنهن ڪري
سندس تمام خوشيون، غمن ۾ تبديل ٿي ويون. آخر
سوچيائون ته ناحق هن نينگريءَ جي ڄمار سورن ۾ صرف
ٿئي، انهيءَ ڪري بهتر آهي ته”هن کي ڪنهن اُوڙاهه ۾
ڦٽو ڪيو وڃي.“ حڪم ملڻ جي دير هئي. دائي نينگريءَ
کي کڻي ويرانيءَ ڏانهن وڌي. واٽ تي گندري قوم جو
مهاڻو ملي ويس، جنهن کي سمورو سماچار سڻايائين.
گندرو نهايت رحمدل هو، تنهن دائيءَ کي خدا جو خوف
ڄاڻائيندي، نينگريءَ کي جهڙي تهڙي حال ۾ کانئس
ورتائين.
گندرا، ڪينجهر جي ڪناري، مختلف ستن ننڍين وڏين
ڍنڍن ڪينجهر، سونهري، هاليجي، هڏيرو، ڪلان ڪوٽ
جهول ۽ کوئي تي آباد هئا. سندن گذران مڇي مارڻ تي
هوندو هو، ان کان سواءِ قُم، لوڙه ۽ پاٻوڙا پٽي،
اُنهن جي وڪري مان به پيٽ قوت ڪندا هئا.
ڳندرو، جنهن سمي سردار، راجا جسوتڻ راءُ جي ڪوڙهيل
نينگر کي پنهنجي پلاند ۾ ورتو هو، سو خود رهندو ئي
ڪينجهر جي ڪناري تي هو. سمورن گندرن ۾ هو خوش ۽
سکيو ستابو هو. سڀ کيس پنهنجو پريو مڙس مڃيندا
هئا. پاڻ ۽ سندس گهر واري سونل ٻائي پڻ اولاد لاءِ
آسائتا هئا. تن نينگريءَ کي ڏسي، وڏي پاٻوه وچان
نپايو. مٿس ”نوري“ نالو رکي، پنهنجي پيٽ ڄڻي
بڻايو.
سومرن جي سرداريءَ ۾ گندرن جا محصول معاف هئا. پر
سمن صاحبي سنڀالڻ سان ئي ڪينجهر کي قبضي ۾ ڪري
ورتو، جنهنڪري ويچارن کي ساڳيائي محصول ڏيڻا پيا،
ويچارن جو وقت هينئر تنگ گذرڻ لڳو.
دراصل ”نوري“ ته ڄاماڻو وياءُ سا ڪيئن پنهنجي
اصليت ڇڏي ، گندرن جي افعالن تي اُڀري! هوءَ مهاڻن
جي ٻارن جيان پاڻ کي گپ ۾ نه گڏيندي هئي. سندس
مهاڻن جي ٻارن کان مختلف عادتن مان خود گندرو
۽سندس گهر واري سونل به خوب متاثر هئا، جنهنڪري
نهايت لاڏ ڪوڏ سان پالنا ڪيائونس.سامائجڻ تي سندس
شادي جا سانڀاها ڪيا ويا، پر سڀني گندرن سڱ وٺن
کان نابري واري. ايتري تائين جو بڊام خود پنهنجي
ڀائٽي ”مهام“ کي به نوريءَ ڏيڻ لاءِ وس ڪيو. سڀڪو
ڪوڙه جي ڪري بهانا ڏئي ٿي ويو. هوڏانهن نوري
پنهنجي قسمت تي راتيان ڏينهان روئندي رڙندي رهي.
هڪ ڏينهن خيال ڪيائين ته ماڻهو مون کان نفرت ٿا
ڪن، انهيءَ ڪري ڇو نه ڪنهن خدا واري جي وڃي واٽ
ووڙيان! انهيءَ پهه پهچائيندي پتو پيس، ته ڪينجهر
جي اوڏڙو هڪ ”هوندڙي شاهه“ نالي خدا رسيد و بزرگ
رهي ٿو، پوءِ ته هوءَ وٽس ڀيرا ڀرڻ لڳي. جڏهن
درويش مٿس راضي ٿيو، تڏهن سندس دعا سان ڪوڙهه
ڪومائجي ويو . ۽ هوءَ مهانڊن ۾ سدا ملوڪ بنجي
ويئي. |