سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1991ع

باب: --

صفحو :5

داستان الف ليليٰ

احوال نيڪ بهادر بادشاهه شهر يار ۽ شاهه زمان بخت يار جو

ڪنهن وقت ۾ ايران جي سلطنت تمام گهڻي آباد هئي، گهڻا ڏوراهان صوبا سندس ڍل ڀريندڙ هوا. بادشاهه عادل ۽ نيڪ نصيب هوندو هو. جنهن ڪري رعيت به کيس گهڻو گهرندي هئي. انهيءَ بادشاهه علي جاه کي ٻه پٽ هوا. وڏي جو نال شهريار ۽ ننڍي جو شاهه زمان هو. بادشاهه جڏهن هن جهان مان ڪوچ ڪيو، تڏهن وڏو شهزادو شهريار پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ ننڍي ڀاءُ شاه زمان کي تاتار ملڪ جي بادشاهي ڏيئي کيس گهڻي لشڪر ۽ خزاني سان اوڏانهن موڪليو. شاهه زمان سمرقند ۾ پنهنجي گادي ڪري ويٺو. اهڙي طرح سان ٻنهي ڀائرن جي جدائي کي ڏهه سال گذري ويا. شهر يار کي ڀاءُ جي محبت ڇڪ ڏني ۽ هو ڀاءُ جي ڏسڻ لاءِ ماندو ٿيو. وزير اغظم کي گهرائي حڪم ڏنائين ته اي منهنجا وزير تون وڃ ۽ وڃي، منهنجي پياري ڀاءُ شاه زمان کي گهڻي عزت ۽ آبرو سان وٺي اچ. منهنجي دل هن کي ڏسڻ گهري ٿي. وزير يڪدم روانو ٿيو. جڏهن شاه زمان جي پايه تخت سمرقند کي اچي ويجهو پهتو تڏهن شاه زمان کي وزير جي اچڻ جي خبر پئي. شاه زمان شاهاڻي دٻدٻي ۽ شان سان پنهنجن اميرن ۽ لشڪر سان گڏجي پنهنجي گادي کان ٻاهر نڪري، ٽن ڪوهن جي مفاصله تي اڳيان اچي وزير جو استقبال ڪيو. گهڻي خوشي سان هڪ ٻئي سان مليا ۽ پنهنجي ڀاءُ وڏي جي خير سلامتي جو احوال ورتائين. وزير نيڪ تدبير جڏهن شاهه زمان کي بادشاهه شهريار جو پيغام ڏنو، تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ شڪر گذار ٿيو، شاه زمان وزير کي ڏهه ڏينهن اتي ترسڻ لاءِ چيو. شاه زمان ۽ وزير جو تنبو هڪ ٻي جي پاسي ۾ لڳل هوا. ڏهن ڏينهن گذرڻ تي بادشاهي جو انتظام ڪري شاهه زمان پنهنجي پياري زال کان موڪلائي اچي وزير جي تنبوءَ ۾ ويٺو، ڳالهائيندي جڏهن اڌ رات گذري، تڏهن اچي دل ۾ پور پيس ته وري به هيڪر پنهنجي پياري بيگم کان موڪلائي اچان لڪي ڇپي وڃي پنهنجي محلات ۾ پهتو. ڇا ڏسي ته سندس بيگم جنهن کي بادشاهه جي جلد موٽي اچڻ جو آسرو ئي ڪونه هو، سا هڪڙي غلام نمڪ حرام سان بستري راحت تي عشق ۾ چور ۽ شوق ۾ مخمور پئي آهي.

شاهه زمان اهو ڏسي عبرت ۾ پيو ۽ افسوس ڪرڻ لڳو ته هاءِ اڃان مون پنهنجو شهر ئي نه ڇڏيو آهي ته نمڪ حرام هيءَ گستاخي ڪئي آهي. غضب ۾ اچي ترار ڪڍي هڪ ضرب سان ٻنهي جون سسيون ڌڙن کان ڌار ڪري دريءَ مان هيٺ اڇلائي پاڻ موٽي اچي هلڻ جي تياري ڪيائين. مگر اهو ڏک دل جو دل ۾ رکيائين جڏهن روانا ٿيا ته سفر ۾ سڀڪو پيو خوش گذاري پر شاهه زمان جنهن کي جيءَ اندر جهوري لڳل هئي سو پنهنجي بيگم جي بيوفائي ۾ منهن ڪارائي کي ياد ڪري بي چين پيو گذاريندو هو ۽ سندس گلابي گل جهڙي چهري کي ڏينهون ڏينهن خزان غم ويئي. زعفران وانگر زرد ڪندي نيٺ ڪاهيندي جڏهن اچي هندستان جي گادي کي ويجهو ٿيا، تڏهن شهر يار کي شاهه زمان جي اچڻ جي خبر پئي. اهو ٻڌي بادشاهه اميرن وزيرن رئيسن سميت تيار ٿي، پنهنجي ڀاءُ جي استقبال لاءِ اٿي هليو، جڏهن ٻئي ڀائر اچي ويجها ٿيا تڏهن ٻئي بي اختيار گهوڙن تان لهي اچي پاڻ ۾ پغلگير ٿيا. اتان روانا ٿي اچي انهيءَ هنڌ جتي شاهه زمان جي رهڻ جو بندوبست ڪيو هوائون اتي لٿا. جنهن جي سامهون بادشاهه جو باغ ڏسڻ ۾ ٿي آيو، شهر يار پنهنجي ڀاءُ کي ٿڪ ۽ ماندگي جي دفع ڪرڻ لاءِ غسل ڪرڻ ۽ پوشاڪ بدلائڻ لاءِ چيو. شاهه زمان ماني کاڌي. پوءِ ٻئي ڀائر هڪ دالان ۾ ويهي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا. جڏهن شهر يار ڏٺو ته هينئر رات گهڻي گذري آهي تڏهن شاهه زمان کي آرام لاءِ ڇڏي پاڻ پنهنجي جاءِ تي آيو. شاهه زمان پلنگ تي اچي ليٽيو، پر پنهنجي بيگم جي بيوفائي ۽ ان جي نالائقي کان ننڊ ڪانه آيس. انهي درد ۾ ڏينهون ڏينهن ڳرندو ويو. نيٺ ضعيفائي جا اثر مُنهن مان ظاهر ٿيڻ لڳس. شهريار ڀاءُ جي اها حالت ڏسي فڪر ۾ پئجي، چوڻ لڳو ته افسوس اهڙي پيار ۽ خاطرداري ڪندي به آئون پياري ڀاءُ کي خوش نٿو ڏسان. ڪهڙو سبب آهي؟ شايد کي بيگم جي يادگيري ۽ ملڪ جي سار سنڀال غمگين ڪيو آهي. انهيءَ کان ته چڱو ائين هو جو کيس نه گهرايان ها. شهريار پنهنجي ملڪ جون سوکڙيون عمدا عمدا تحفا ڀاءُ ڏي ڏياري موڪليا، دعوت به ڏنائينس پر شاهه زمان جي دل ڪنهن طرح خوش نه ٿي. پاڻ دل ۾ وڌيڪ درد پيدا ٿيس. هڪ ڏينهن شهريار شڪار تي سنڀريو، ڀاءُ کي به هلڻ لاءِ چيائين. پر هو بيماريءَ جو عذر ڏيئي ڪين هليو.

(هلندڙ)

انٽرويو ڪندڙ: علي عابد

ننڍڙو چترڪار- عبدالمالڪ چنا

علي: ادا، سڀ کان پهريون توهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرائيندا؟

عبدالمالڪ: ادا، منهنجو نالو عبدالمالڪ چنو آهي ۽ مان اٺين درجي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪو ميان جو ڳوٺ ضلع شڪارپور ۾ پڙهندو آهيان.

علي: ادا، هينئر توهان جي عمر ڪيتري آهي؟

عبدالمالڪ: ادا، هينئر آئون ٻارنهن سال جو آهيان.

علي: ادا، توهان اسڪول ۾ به هوشيار شاگرد آهيو ۽ ان کان سواءِ اوهان سٺي چترڪاري به ڪريو ٿا. اسان کي اهو ٻڌايو ته اوهان ٻنهي طرفن ڏي هڪ جهڙو ڪيئن ٿا نڀايو؟

عبدالمالڪ: ادا، جيستائين اسڪول جي ڪمن جي ڳالهه آهي ته آئون سڀ کان پهرين پنهنجي تعليم کي اهميت ٿو ڏيان، جيڪا منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي. باقي ان کان فارغ وقت ۾ آئون چترڪاري ڪندو آهيان، جيڪو منهنجو شوق به آهي ۽ مشغلو به ۽ اهڙي ريت آئون ٻنهي پاسن پورو آهيان.

علي: توهان اهڙي سٺي چترڪاري ڪريو پيا. اسان کي اهو ٻڌائيندو ته اوهان اهو فن ڪنهن کي سکيا؟

عبدالمالڪ: ادا، جيئن ته منهنجي گهر ۾ منهنجو وڏو ڀاءُ سٺو آرٽسٽ آهي ۽ جڏهن گهر ۾ ڪم ڪندو هو تڏهن آئون ان کي غور سان ڏسندو هوس ۽ آهستي آهستي سکندو رهيس ۽ پوءِ پنهنجون شيون ٺاهڻ شروع ڪيم.

علي: هينئر تائين اوهان جيڪي ڪجهه ٺاهيو آهي، اهو ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ ڇپيو آهي؟

عبدالمالڪ: ها ادا، منهنجون ڪافي شيون ”گل ڦل“ ۾ ڇپيون آهن.

علي ادا، توهان جڏهن پنهنجي ڪا شيءَ رسالي ۾ ڏسندا آهيو ته ڇا محسوس ڪندا آهيون؟

عبدلمالڪ: آئون جڏهن پنهنجي ڪا شيءَ رسالي ۾ ڏسندو آهيان ته ڏاڍي سرهائي ٿيندي آهي.

علي: ادا، توهان اسڪول جي ڪمن ۾ چترڪاري کان سواءِ ٻيو ڇا ڪندا آهيو؟

عبدالمالڪ: ادا، آئون چترڪاري ۽ اسڪول جي ڪمن کان سواءِ ٻيو ڇا ڪندا آهيو؟

عبدالمالڪ: ادا، آئون چترڪاري ۽ اسڪول جي ڪمن کان سواءِ ٻاراڻا سنڌي رسالا گل ڦل، سرت، ٻالڪ رنگ وغيره پڙهندو آهيان.

علي: آخر ۾ پنهنجي پڙهندڙ ساٿين لاءِ ڪو پيغام؟

عبدالمالڪ: ادا، مان پنهنجي ننڍڙن ساٿين کي اهو پيغام ڏيندس ته اهي پنهنجي تعليم سان گڏوگڏ ڪونه ڪو هنر ضرور سکن ۽ پنهنجو وقت فضول ڪمن ۾ نه وڃائين.

بورڊ جو چيئرمن جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، جناب ڄام صادق علي کي بورڊ جو شايع ڪيل مخدوم نوح سرور رحه جو قرآن شريف (مترجم فارسي) ڏئي رهيو آهي.


 

جناب ڄام صادق علي وزير اعليٰ سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ جي معائني لاءِ اچي رهيو آهي. بورڊ جا ميمبر صاحبان: جناب مخدوم جميل الزمان ۽ جناب عبدالله ورياهه ساڻس گڏ آهن.

لطيف سنائي       (قسط آخري)         (سائنس فڪشن)

جيڪل وون- رسڪي جي ڪهاڻي

بک اجهائڻ لاءِ ڪپر تي اسريل گهاٽي جهنگ ۾ گهڙي پئي ٿو. جيڪ جي نظر هڪ ڊگهي وڻ تي وڃي کُتي. جنهنجي ٽارين ۾ ڇانهين جيڏو ڳاڙهون ميوو لڙڪي رهيو هو. پر جيڪ ڇا ڪري؟ هو ڪئين وڻ تي چڙهي، ميوو پٽي؟ سوچيندي سوچيندي هڪ پٿر تي نظر پئيس ٿي. پٿر کڻي ڇڳن کان چٽي ٿو. پٿر هڪ ڇڳي کي لڳي ٿو ۽ ڇڳي مان ڪجهه ميوا ڪرندي اچي جيڪ جي مٿي تي ٿالڳن. اوهه! جيڪ ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي ٿو ۽ اکيون ڦاڙي هيڏانهن هوڏانهن گهوري ٿو. اڙي! جيڪ جهنگل ۾ نه پر جهاز ۾ آهي!

جهاز يورپ کنڊ جي هڪ اهم تاريخ شهر ”متحده برلن“ جي مٿان آهي ڪئپٽن کي زمين جي ماهر نقشو ڏسي ٻڌائيندي چيو. چوطرف کنڊرات ۽ وڏيون وڏيون اونهيون ڪيئن سوين فٽ کاهيون ڏسڻ ۾ آيون پئي هر ڏسان هوا ۾ سخت ڌپ ڪڙاڻ ۽ دونهنين جي گهاٽي چادر هئي، هيٺ نهارڻ مشڪل پئي لڳو. ڇا هي عظيم شهر هو ڪنهن وقت؟ اعتبار ڪو نه ٿي آيو.

جهاز پوءِ آفريڪا ڏي مڙيو. جهاز دونهين جي ديوار مان ڏاڍي ڏکائيءَ سان هلي رهيو هيو هو، آفريڪا جي جهنگل جي راک ۾ هلڪي باهه جو چراٽ اڃا پئي جليو. هو هر کنڊ مان ڪي تباهيءَ جا نادر نمونا به کڻندا آيا ٿي!

ايشيا ۾ سان-وون-ڪنگ 71 هڪ هنڌ بيٺو. ماهر ٻڌايو ته هي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سرحد آهي. ماهر وڌيڪ اطلاع ڏنو ته جنگ ۾ هي ٻن مخالف پاسن تي هئا ۽ هڪ ٻئي تي حملن جي شروعات هنن ئي ڪئي ۽ تباهه ٿي ويا. هر طرف ويراني هئي. هر طرف رک ڦهلي پئي هئي. ڪو جيت جڻيو ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو. جيڪ کي خوف لڳو پر هن دل مضبوط ڪئي. جهاز پاڪستان جي هڪ حصي ڏي مڙيو. ماهر ٻڌايو ته اِهو سنڌ جو علائقو آهي. هڪ ندي، جنهن جو پاڻي ڪارو هو، وهي رهي هئي. عظيم کڏا زمين ۾ هئا. هلندي هڪ ريگستان ۾ آيا. جتي واري ۾ ريتي جا ڪڪر اُڏامي رهيا هئا. ڪئپٽن جهاز کي واريءَ تي لاهڻ جو حڪم ڏنو، جهاز واريءَ تي لٿو. جهاز جي چوطرف کڏائي کڏا هئا. سڀ جهاز مان لٿا ۽ هڪ واريءَ جي کاهيءَ کي ڏسڻ لڳي چوطرف حد درجي جي گرمي هئي. جيڪ کي به پگهر اچڻ لڳو.

هڪ روبوٽ ٿورو اڳتي هليو ويو. سڀ دور دور تائين ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اوچتو آواز ٿيو. روبوٽ هڪ اهڙي جاءِ تي بيٺو هو جيڪا اندارن پوري هئي ۽ روبوٽ جي بيهڻ سان واريا سو ٻيٽ هيٺ ٿيڻ لڳو هو. روبوٽ پاڻ بچائي نه سگهيو ۽ ڪرندڙ ٻيٽ سان گڏ هيٺ کڏي ۾ وڃي پيو، ڪپئٽن ڊوڙي ويو پر روبوٽ صفا هيٺ وڃي ڪريو هو.

”هليو روبوٽ! اوور“ ڪئپٽن هڪ ٽرانسميٽر، جيڪو چيچ جيڏو هو، سندس وچتي روشن ٽٻڪو هو، جنهن مان ڳاڙهي روشني پئي نڪتي اُن جي مدد سان رابطو قائم ڪيو.

”هيلو ڪئپٽن اوور.“ روبوٽ ۾ لڳل هڪ رسيور ۾ هُن جواب ڏنو. ”ڪيترو هيٺ آهين؟“ ”23014901 فوٽ اورر.“ ”ڪئپٽن هڪ رسي ڪڍي ۽ روبوٽ ڏي موڪلي. ”ڪئپٽن! هت هڪ مرده لاش به پيو آهي. اورر“ جيڪ اهو ٻڌي حيران ٿي ويو. ڪئپٽن کي ٻانهن کان وٺي چيائين نيوڪلائي جنگ ۾ ته انساني جسم ٽڪر ٽڪر ٿي ويندا آهن!“

”ها! پر اُهي، جيڪي زمين هيٺ پناهگاهن ۾ لڪل آهن، تن جا جسم ڳڀا ڳڀا نه ٿيندا آهن.... هيلو روبوٽ لاش کي به پاڻ سان ٻڌ. اوور.“ ٻنهي کي مٿي ڇڪيو ويو. لاش کي جهاز ۾ نيو ويو. لاش سڄو زرد ٿي چڪو هو ۽ هنڌان هنڌان ڪاراٽجي ويو هو. لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ هڪ جديد مشين ۾ اُن کي داخلا ڪيو ويو. منٽ کان پوءِ هڪ پرچو نڪري آيو. جنهن موجب، موت ڪجه مهلڪ گئسن جي ڪري ٿيو هو، جن ۾ فاسجين، امونيا، فاسفين، ڪاربان مونو آڪسائيڊ وغيره هيون. فوتيءَ جي ڦڦڙن ۽ دل جي آس پاس مختلف ڌاتن جا ٽڪرا جمع ٿيل هئا.

ڪئپٽن ٿورو ترسي جسم کي جهاز مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس واري ۾ پوري ڇڏڻ جي هدايت ڪئي. لاش پوريو ويو.

ماهر جي صلاح سان اُن کڏ ۾ روبوٽ وري گهڙيو ۽ هن ڪجهه منٽن تائين اندر کوٽائي ڪئي. ماهر ڪئپٽن کي چيو هو، ڪئپٽن، اُن هنڌ ٻيا به جسم ٿي سگهن ٿا، جن کي به کوٽي ڏسجي ته سٺو ٿيندو.“

”هيلو ڪئپٽن،“ روبوٽ جو آواز آيو، هڪ مرد جو جسم ۽ هڪ ٻار چنبڙيل پيا آهن اورر،“ ”ٺيڪ ٻڌين ٿو اوور“. مرد ۽ ٻار نڪري جهاز ۾ پهتا. اها خبر طبي چڪاس بعد پئي. ٻنهي کي ڊاڪٽر دوا سنگهائي هوش ۾ آندو. مرد پوين پساهن ۾ هو. ماهر چيو، ڪئپٽن! ٻولين جي ترجمي ڪرڻ وارو ڪپيوٽر آڻيو ته ڪجهه پڇا ڪريو نس.“

”ها ٺيڪ آهي“. ڪئپٽن وراڻيو. ڪمپيوٽر آيو. ماهر ڪمپيوٽر جي پاڪستان واري حصي جي بٽڻ کي آن ڪيو ته پاڪستان جو سڄو نقشو روشن ٿي ويو، جيڪ ڏٺو ته ماهر هڪ نئون بٽن آن ڪيو ۽ جت اُهي بيٺا هئا، اهو حصو نقشي ۾ نمايا ٿيو. اهو حصو ”ٿورو“ هو، جيئن ڪمپيوٽر لکيو هو. ماهر اُن حصي جي زبان معلوم ڪئي. ”سوندي“ ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي اکر اڀريا.

ماهر ڪمپيوٽر جي مدد سان مرد سان ڳالهائڻ لڳو. ماهر پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو ته ڪمپيوٽر اُن کي ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو ٿي ۽ ماڻهو جيڪ ڳالهيون ٿي ڪمپيوٽر اُن کي وري، جيڪ جي مادري ٻولي ۾ ترجمو ڪيو ٿي.

”نالو ڇا آهي؟“ ماهر پڇيس. ”موهن! هن جواب ڏنو. ”هيءَ پٽ اٿئي؟“ ”ها منهنجو پٽ آهي، موتي.“ ”هيءَ تباهي ڪيئن آئي؟“ الائي ڪيئن آئي؟“ ”الائي ڪيئن آئي. مان ته پنهنجي ڪڙم سان ڏاڍو خوش هوس (لڙڪ لاڳيتو وهي رهياهيس  ۽ گڏوگڏ دهشت چهري تي ڇانيل هيس) هي هٿيار جي سوداگرن جون سازشون ۽ واپاري جهڳڙا تن ۾ منهنجو ڇا ٿي ويو سندن لڙائي جو منهنجو ڪٽنب ڇو شڪار ٿيو؟ مون ڪهڙي برائي، ڪهڙو گناهه ڪيو هو؟ جو هن آسمان واري مون کي هيڏي سزا ڏني.“

هوڏاڍي تڪليف سان ڳالهائي رهيو هو ”بربادي ڪيڏي مهل ٿي؟“

مان ستل هوس. لاڳيتو هيئان ڦاڙ ٺڪاءَ ٿيا ۽ مان بيهوش ٿي ويس خبر ناهي، ڪيڏي مهل هوش آيو. ڏٺم ته منهنجي جسم تان گوشت ائين رهڙجي ويو هو ڄڻ مکڻ مان وار نڪتو. ڏٺم ته منهنجي جسم تان گوشت ائين رهڙجي ويو هو ڄڻ مکڻ مان وار نڪتو. ڏٺم ت منهنجو گهر، منهنجو پاڙو، منهنجو ڳوٺ، سڀ تباهه ٿي ويا هئا. پر اڃا به جنگ جاري هئي، ڇاجي لاءِ؟ انسان ته سڀ مري چڪا هئا؟“ ائين چئي سڏڪن ۾ پئجي ويو. ڏٺم ته موتي مون سان گڏ کڏ ۾ ڪريو پيو هو. پوءِ وري بيهوش ٿي ويس. هاڻي خبر ناهي ڪيڏي دير کان پوءِ هوش ۾ آيو آهيان.مون ته صرف اها رات ڏٺي آهي. ڏينهن ته نظرن کان اوجهل آهي. ”سر! زمين تي ڏينهن ڪو نه ٿيندو ڇا؟ جيڪ پڇيو ”پٽ! ٿيندو، پر جيستائين هيءَ دونهين گهري چادر ختم ٿئي. چادر کي ختم ٿيڻ ۾ مهينا شايد سال لڳي وڃن.“

”موهن... موهن.....“ موهن مري چڪو هو. موتيءَ جي طبعي چڪاس ڪئي وئي. ٿورڙي اميد هئي ته موتي بچي ويندو. جيڪ ڪمپيوٽر جي مدد سان موتي سان ڳالهائڻ لڳو. جنهن کي هوش اچي چڪو هو.“ هيلو موتي! تڪليف اٿئي ڇا؟“ ”ها! ڏاڍو سور آهي“ (موتي دانهون ڪرڻ لڳو) موتيءَ کي هڪ دوا ڏني وئي. جنهن موتي جي درد کي گهٽايو. ”موتي منهنجي نالو جيڪ آهي، تون ٺيڪ ٿي ته آءُ توکي پنهنجي دنيا ۾ وٺي هلندس.“ ”ڪهڙي دنيا؟“ ”توهانجي دنيا کان هزارين ميل پري آهي.“ ”ڇا اتي به دشمنيون ۽ جنگيون آهن، ڇا اُتي به ڏک آهن؟“ ”نه موتي! اُتي تون خوش هوندين!“ ”جيڪ ! ته پوءِ مان اُت ضرور هلندس.“ مون کي خوشي ٿيندي. آءُ توکي پنهنجي خوبصورت دنيا ڏيکاريندس ۽ تون مون کي، پنهنجي بدنصيب دنيا جي باري ۾ ٻڌائجان.“ ”ڇا آءُ ٺيڪ ٿي ويندس؟“  ها اميد آهي تون ٺيڪ ٿي ويندين” پوءِ گڏجي رانديون ڪيئن ڪنداسين؟ منهنجون ته ٽنگون به نه ٿيون چرن.“ موتي دل نه لاهه. تنهنجو اتي جديد دوائن سان علاج ڪنداسين.“ اوچتو موتيءَ جو درد وڌي ويو. هو تڙپڻ لڳو. ڊاڪٽر ويجهوئيل کيس تپاسڻ لڳو. گهڙي ڪين گذري جو موتي جو جسم بي حرڪت ٿي ويو. هو خبر ناهي ڪهڙي دنيا ڏي هليو ويو. شايد جيڪ جي دنيا کان به اڳتي!

ڪئپٽن، جيڪ ۽ ٻيا جهاز ۾ چڙهي ويٺا. جهاز جو پئٽرول گهٽجي وڃي ها. ان صورت ۾ هو خلائن ۾ گم ٿي وڃن ها! جهاز اڳيئي گهڻو ليٽ ٿي چڪو هو. ٿي سگهي ٿو، ڀٽڪي ڪنهن گمنام کاهيءَ ۾ وڃي ڪرن ها. جيڪ اهو سوچيو ته جهر جهري اچي ويس. جيڪ ماهر جي ڀر ۾ ويٺو هو.

”سر! تباهيءَ کان اڳ دنيا ڪيئن هُئي؟“

”پٽ! ڏاڍي خوبصورت هوندي هئي.“

”ڇا ڇا هو هن انساني دنيا ۾؟“

”پٽ! هن ۾ سمنڊ، نديون، درياءَ، آبشار، وڏا وڏا سر سبز ميداني علائقا، وڏا وڏا جبل، وڏيون وڏيون چوٽيون هيون.“

”۽“

”۽ هن ۾ ساو جهنگ ۽ گهاٽا ٻيالا به هوندا هئا، جن ۾ جانورن جا ڪيئن هزارين قسم هوندا هُئا. تو اُهي نه ڏٺا آهن پر اسانجي ميوزم (عجائب گهر) ۾ اُنهن جون تصويرون ٽنگيل آهن. جانورن کان سواءِ پيارا پيارا پکي، جيت جنتر ۽ وڻ ٽڻ ٻوٽا دنيا ۾ حسين ۽ خوبصورتيءَ جا مرڪز هئا، افسوس! صد افسوس! اهي سڀ اجڙي ويا!“

”سرا اسان هن نظام شمسيءَ تي اڳ ڪڏهن آيا آهيون؟“

”ها پٽ! اسان وقت به وقت ڪجهه ننڍا جاسوسي جهاز موڪليندا هئاسون، جيڪي زمين تي چڪر هڻي ايندا هئا ۽ اتي جي حالتن جي رپورٽ اچي ڏيندا هئا.“

”سر! زمين وارن کي اُن ڳالهه جي خبر پئي؟“

ٿوري ٿوري. اسان جا جهاز زمين تي لهندا هئا ته ڪڏهن ڪڏهن ڪو انسان کين ڏسي وٺندو هو ته سمجهندو هو ته ڪا غيبات آهي. هڪ دفعي اسان جو جهاز جنهن ۾ ٻه مرد ۽ هڪ عورت ويٺا هُئا، زمين تي لٿو. هڪ هاري اُنکي ڏٺو ته ڏاڍو هراسجي ويو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ گذاري ويو.

”زمين وارا اسانجي جهازن کي U.F.O (Unidentified flying objecets)  يا اڻ ڄاتل اُڏندڙ جسم سڏيندا هئا.“

ائين چئي ماهر چپ ٿي ويو. جيڪ کي به ننڊ اچي وئي.

اوچتو خطري جو سائرن وڄڻ لڳو، خلائي جهاز ڪنٽرول روم جي ڪنٽرول مان نڪري ويو هو ۽ روبوٽ ڪنٽرول روم سان رابطو قائم ڪري نه پئي سگهيا. جهاز ڪنٽرول کان ٻاهر خلا جي بي انداز وسعتن ۾ زبردست رفتار سان گم ٿيندو ويو. جهاز جا سڀ مسافر بي انتها پريشان هئا. جيڪ ته ڏاڍو مايوس.

جهاز جا سڀ مسافر بي انتهائي پريشان هئا. جيڪ ته ڏاڍو مايوس هو. موتيءَ جي مرڻ جو منظر سندس اڳيان آيو ٿي ته سندس دل ڪانڊارجي ٿي وئي-ليڪن سندس اکين اڳيان آيو ٿي ته سندس دل ارادو ڪري ڇڏيو ۽- ۽ دل کي پڪو ڪيائين.

روبوٽ بيحد ڪوشش ڪري رهيا هئا ته رابطو ٿي وڃي، پر ڪوششون ناڪام رهيون هيون ۽ مسافر سخت مايوس ۽ خوفزده ٿي ويا هُئا. اُهي ڪنهن اڻ ڄاتي طاقت جي مرد واسطي واجهائڻ لڳا.

اوچتو جهاز هڪ اهڙي واديءَ مان گذرن لڳو، جنهن ۾ هر طرف ڊگها اجگر جبل هُئا. پائلٽن جي ڪوشش هئي ته جهاز جي اوچائي (Altitude) کي واڌايو وڃي، پر ڪم ته ابتو بي ٿيو. جهاز ته پاڻ هيٺ ڪري رهيو هو او..... اوهه... سڀ مسافر دانهون ڪرڻ لڳا. جهاز تيزيءَ سان ڪرندو ويو. سامهون هڪ ڊگهو جبل پئي ڏسڻ ۾ آيو. روبوٽ ڪوشش ڪرڻ لڳا ته جهاز جبڪل ۾ نه لڳي. پر ڪوششون اجايون پئي لڳيون. جهاز جبل کان ٻه قدم وڃي پري رهيو هو. ٺا!ڊمپ!!

ٺڪ!جيڪ گول بستري تان گول ڪمري جي شيشائين پٽ تي وڃي ڪري او... هي ڇا؟ اهو سڀ جيڪ خواب ۾ ڏسي رهيو هو! جيڪ اکيون مهٽي فرش تان اٿيو ۽ فرش تي ڪريل ڪتاب کنيائين. ڪتاب هو: ”ڌرتيءَ تي جڏهين ٽين عالمي جنگ لڳي“.

اسحاق عادل منگي

سياري جو گيت

سي سي آيو ڪڙڪي سيارو

ڦڙڪي ڦڙڪي کاڏي ڦڙڪو

ڏڪ ڏڪ آهي جان ڏڪارو

سِي سِي آيو ڪڙڪي سيارو

سي ساري ٺوس ڪيا ٻوٽا

ٻهڪن ٻهڪن ڪين گل ڦوٽا

گاهه ڇٻر کي ڏنو لامارو

سِي سِي آيو ڪڙيڪي سيارو.

ٻوڪي جيڪو ٻڌندو ادڙو

ٻاهر سو ئي گهمندو ڀائڙو

ڪين تنهن چهر پيندو پارو

سِي سِي آيو ڪڙڪي سيارو

مچ جي پاسو جيڪو وٺندو

ٽري سِي تنهن کان هليو ويندو

مچ وارن تي نه ڪندو مارو

سِي سِي آيو ڪڙڪي سيارو

اسڪول ڪري اوني ويس وڃو

اوڍي لوئي اجرڪ کيس وڃو

پو ڀل پارو ڪري وسڪارو

سِي سِي آيو ڪڙڪي سيارو

منظور قادر

اٿو ٻارو

اٿو ٻارو، صبح سوير،

تيار ٿيو، ڪيو نه دير.

 

وهنجي سهنجي ڪپڙا بدليو

پوءِ خطا کي ياد ڪيو

وجهو پاڻ ۾ اهڙي هير...

 

هلو هلو اسڪول هلو

ايندين ويندين خوب لکو

رکو نه ڪنهن لاءِ دل ۾ مير....

 

پڙهي وڏا سڀ پاڻ ٿيو

ڌرتيءَ جو مٿي مانُ ڪيو

گهرو سڀ لاءِ ٻارو خير....

سنڌيڪار: سليم سهتو                 چيني لوڪ ڪهاڻي

سانُ ۽ شينهُن

هڪ هاري پنهنجي ڪنڌ تي هَرُ کنيو ۽ پنهنجي سان کي هڪليندو وڃي، پنهنجي ٻنيءَ تي پهتو. ٻئيءِ جي مٽي ڏاڍي نرم ۽ چيڪي هئي. انهيءَ ڪري سان جا پير زمين اندر گپندا ٿي ويا. هاريءَ کي زمين کيڙڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي محسوس ٿيڻ لڳي. ٿوري ۾ ڏاڍي ڏکيائي محسوس ٿيڻ لڳي. ٿوري زمين کيڙڻ لاءِ به گهڻو وقت ٿي لڳو. اهو ڏسي هاريءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هو سان کي لٺيون هڻڻ لڳو ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو. ”اڙي او بيوقوف جا ڦر ٻوڙن جي چال ڇو ٿا هلين؟ تو شينهنُ ڏٺو آهي؟ ڪيڏو نه مضبوط ۽ ڦڙتيلو جانور آهي. تون به ان وانگر مضبوط ۽ چست ڇو نه ٿو ٿين؟ شينهن ۾ ڀلا اهڙي ڪهڙي خاصيت آهي، ٿورو مون کي به ٻڌا“. هاري جي لٺن جي مار ۽ گارين کي برداشت ڪندي سان پڇيو. هاري ان جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو ۽ گارين ڏيڻ ۾ لٺين هئڻ جو سلسلو ساڳيءَ طرح جاري رکيائين. سان ٻيهر چيو: ”جيڪڏهن تون واقعي مون کان نفرت ڪرين ٿو ۽ شينهن کي طاقتور سمجهين ٿو ته سڀاڻي مون کي ان وٽ وٺي هل. مان توکي ڏيکاريندس ته اصل اسان ٻنهي مان وڌيڪ طاقتور ڪير آهي.“

ٻئي ڏينهن صُبح سوير ئي هاري، سان کي شينهن جي غاري ڏانهن وٺي ويو. جيئن ئي شينهن کي سان جي ڌڍ آئي ته هو غار مان نڪري آيو ۽ سان جي طرف وڌيو. پر سانُ نوڪيلا سنڱ لوڏيندو ڏاڍي اطمينان سان چوڻ لڳو: ”بيهه، اڄ مان مَلههَ وڙهڻ نه آيو آهيان بلڪه اهو ٻڌائڻ آيو آهيان ته تنهنجا ڏند تکا نه آهن.

ٽن ڏينهن تائين تون پنهنجا ڏند تکا ڪر ۽ مان پنهنجا سنڱ تکا ٿو ڪريان. پوءِ اسان ٻنهي جي ڪشتي ٿيندي.“

”ٺيڪ آهي، شينهن راضي ٿي ويو ۽ گجگوڙ ڪندو پنهنجي غار ۾ واپس هليو ويو. شينهن ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون پنهنجا ڏند تکا ڪندو رهيو، آخرڪار هن جا ڏند استري کان به وڌيڪ تکا ٿي ويا، پر سان کي پنهنجي سنڱت تکا ڪرڻ ۾ فقط هڪ ڏينهن لڳو. باقي ٻه ڏينهن هو پنهنجي جسم تي گاهه جا تهه ڄمائيندو رهيو جڏهن گاهه جا تهه ڏاڍا ٿُلها ٿي ويا ته هو گاري ۾ ليٿڙيون پائي انهن تهن کي گاري جي ليپي سان ڄمائڻ لڳو، اهڙي طرح سان جسم گاري سان ڍڪجي ويو. مقرر ڏينهن تي شينهن ۽ سان وڙهڻ واري هنڌ تي پهچي ويا. شينهن ڏٺو ته سان سڄو گاري سان ٿڦيو پيو آهي ته ان کانئس پڇيو: ”تو پنهنجي بدن تي گارو ڇو مليو آهي؟“

”گرمي ڏاڍي آهي“. سانَ جواب ڏنو ”هيءَ چيچلائيندڙ گرمي برداشت ڪرڻ مون لاءِ ڏکيو آهي. توکي ته خبر آهي ته مان ڏينهن ۾ هڪ دفعو گپ ۾ ضرور وهنجدو آهيان.“ شينهن، سان کي ڏاڍي غور سان مٿي کان هيٺ تائين ڏٺو هُن کي ان ۾ ڪا چال نظر نه آئي. هُن دل ۾ سوچيو: ”انهن ٽن ڏينهن ۾ سانُ ڏاڍو متارو ٿي پيو آهي“. پوءِ کلندي چيائين: ”ڏاڍي خوشي جي ڳالهه آهي ته تون ڏاڍو ٿلهو متارو ٿي آيو آهين. تنهنجو گوشت ڏاڍو نرم آهي. اڄ مون کي بهترين گوشت کائڻ لاءِ ملندو.“ تون رڍن، ٻڪرين ۽ هرڻن وغيره کي ڀلي ڊيڄار، پر تون منهنجو وار به ونگو نه ٿو ڪري سگهين“. سان چيس.

پنهنجا ڏند تکا ڪرڻ کان سواءِ ئي مان ٽي ڏينهن اڳ توکي کائڻ لاءِ اچي رهيو هيس. پر هاڻي ته منهنجا ڏند اُستري کان به وڌيڪ تکا ٿي ويا آهن. جيئن ئي مان پنهنجا ڏند تنهنجي زندگيءَ کان هَٿَ ڌوئي ويهندين“. شينهن چيس: ”اڇا ته تون پاڻ کي اڃا بيحد طاقتور سمجهي رهيو آهين، ٺيڪ آهي هاڻي طاقت آزمائڻ جو وقت اچي ويو آهي. جهٽ ۾ خبر پئجي ويندي ته ڪنهن ۾ ڪيترو زور آهي. پهريون مان زمين تي ليٽي پوان ٿو ۽ تون ٽي دفعا مونتي پنهنجي ڏندن سان حملو ڪر، پوءِ تون زمين تي ليٽجان ۽ مان توتي ٽي دفعا پنهنجي سنڱن سان حملو ڪندس.“ سان چيس شينهُن ڀلا اهڙي سٺي صلاح ڪيئن ٿي رد ڪري سگهيو. هُن سان جي ڳالهه قبول ڪئي ۽ هُن تي حملا اور ٿيو. شينهن ٽي دفعا پنهنجا تکا ڏند سان جي جسم ۾ گهيڙايا ۽ سوچيائين ته سانُ ضرور شديد زخمي ٿيو هوندو ۽ هاڻي مرڻ ڪنڌي تي هوندو.

پر سان کي ڪجهه به نه ٿيو هو. ڇاڪاڻ ته شينهن جا ڏند گاهه  جي تهن کان اڳيان وڌي نه سگهيا هئا. سان کي معمولي رهندون به نه آيون هيون. جڏهن شينهن جو وارو ختم ٿيو ته سان ڏاڍي اطمينان سان اُٿي کڙو ٿيو. ڪنڌ نوائي سان، ٽي دفعا پنهنجي تکن سنڱن سان شينهن تي حملو ڪيو. پهرئين ئي وار سان هُن شينهن جو پيٽ ڦاڙي ڇڏيو. ٻئي حملي سان سندس چيلهه ڀڃي ڇڏيائين ۽ آخري حملي سان شينهن جا آنڊا ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. شينهن خُون ۾ تر ٿي ويو ۽ هُن دَم ڏنو. هاري اهو سڄو لقاءُ ڏسي رهيو هو ۽ هُن سان جي عقلمندي ۽ همت تي کيس شاباس ڏني. ان ڏينهن کان وٺي هاري پنهنجي سان سان محبت ڪرڻ لڳو ۽ سٺو سُلوڪ ڪرڻ لڳو.

ان ڏينهن کان وٺي ماڻهو سان جي عقلمندي جي وڏي قدر ڪرڻ لڳا آهن حالانڪ هُو نه ڏاند وانگر تيز رفتاريءَ سان زمين کيڙي سگهي ٿو ۽ نه ئي گهوڙي وانگر تيزيءَ سان گاڏي ڇڪي سگهي ٿو ۽ نه وري هرڻ جهڙي رفتار سان ڊوڙي سگهي ٿو.

ترجمو: سليم الطاف صديقي

ٻيلي ۾ گهر

هڪ هاري ۽ سندس زال پنهنجن ٽن ڌيئرن سميت ٻيلي ۾ رهندا هئا. هڪ صبح جو هاري پنهنجي زال کي چيو ته ”مان ٻني تي ٿو وڃان. تون منجهند جو سوپ تيار ڪري، وڏي ڇوڪريءَ کي ڏجان ته هو کڻي اچي. ڇوڪري جيئن ته رستي کان اڻ واقف آهي، ان لاءِ مان ٻاجهر جا داڻا رستي تي هاريندو ٿو وڃان. جن کي ڇوڪري ڏسي هلي ايندي“. اهي لفظ چئي هاري هليو ويو.

منجهند جي وقت تي ڇوڪريءَ کي پنهنجي ماءُ سوپ تيار ڪري ڏنو. ڇوڪري اتان رستي تي ٿورو پنڌ هلي ته ٻاجهر جا داڻا گم ڏٺائين. جيڪي ان وقت پکي کائي ويا هئا. ۽ ان کان پوءِ ڇوڪري پنهنجي نڪ سامهون هلڻ جو فيصلو ڪيو. هلندي هلندي، رستي تي اوندهه ٿي وئي. اونداهي ۾ وڻن مان آواز اچڻ لڳا. ڇوڪري ڊڄڻ لڳي. هن ڏٺو ته ٿورو پري وڻن مان روشني اچي رهي هئي. جنهن تي هن سوچيو ته ضرور اتي ماڻهو هوندا. جيڪي کيس پاڻ وٽ رات رهڻ ڏيندا. ان کان پوءِ هيءَ آهستي آهستي روشنيءَ طرف هلڻ لڳي. ايتري ۾ هيءَ ان گهر جي ڀرسان پهتي جتان روشني ڏسڻ ۾ پئي آئي. هن ان گهر جو دروازو کڙڪايو ته اندران آواز آيو ته ”هليو اچ“. تنهن کان پوءِ هي گهر جي ڏيڍيءَ مان لنگهي گول ڪمري جي اندر پهتي، جتي هن ڏٺو ته اندر هڪ اڇن وارن وارو ڪراڙو ميز جي ڀرل ۾ ويٺل آهي. ان جا هٿ ان جي مٿي ۾ پيل هئا. ۽ ٽيبل تي کاڌي جا ذرا پيل هئا. جيڪي آهستي آهستي پاڻ ئي هيٺ ڪري رهيا هئا.

ٽي جاندار هڪ نر ڪُڪُڙ، مادي ڪُڪڙ ۽ هڪ ڍڳي باهه جي چلهه جي ڀر ۾ ويٺل هئا. ڇوڪريءَ ان ڪراڙي کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ۽ رات رهڻ لاءِ پڻ عرض ڪيائين. ڪراڙي نر ڪُڪُڙُ، مادي ڪُڪڙ ۽ ڍڳيءَ کان هن جي رهڻ جي اجازت ورتي. جيڪا هنن ڏئي ته اسان جي راضي آهيون.

ڇوڪري رات رهي تنهن کان پوءِ ڪراڙي ڇوڪريءَ کي رات جي ماني تيار ڪرڻ لاءِ چيو. ڇوڪري بورچي خاني ۾ وئي. جتي هر شيءَ گهڻي مقدار ۾ موجود هئي. جنهن مان هن سٺو کاڌو تيار ڪيو. پر جيڪو جانور جي کائڻ جهڙو نه هو.

ان کان پوءِ ڇوڪري کان رڙ نڪي وئي، جڏهن هن ڏٺو ته تيار ٿيل کاڌي جون ڊشون ڀرجڻ کان پوءِ، پوڙهي جي ميز ڏانهن پاڻهي وڃي رهيون هيون ۽ اهو سلسلو ايستائين جاري رهيو، جيستائي ڪراڙي مڪمل طرح کائي بس نه ڪيو. جڏهن هن اهو سڄو ڪم مڪمل ڪيو تڏهن هن پنهنجي ننڊ ڪرڻ لاءِ بستري جي گُهر ڪئي.

نر ڪُڪُڙ، مادي ڪُڪِڙ ۽ ڍڳي چيو ته، ”هاڻي توهان ڏسو ته توهان جي رهڻ جو بندوبست ڪيئن ٿا ڪريون. ڪراڙي ڇوڪريءَ کي چيو ته مٿي هڪ صاف ڪمرو آهي. پوءِ ڇوڪري مٿي وئي، جتي هڪ صاف بسترو پيو هو. هيءَ هنڌ تي ڪراڙي جي ڏنل هدايت ته هو ننڊ ڪرڻ کان اڳ ۾ کيس جو انتظار ڪري، پر هيءَ پنهنجي مٿان اڇي چادر وجهي سمهي پئي. ايتري ۾ پوڙهو ڪمري ۾ آيو. جتي هن ڏٺو ته ڇوڪري ننڊ ۾ هئي هن پڪ ڪرڻ خاطر هن ڇوڪريءَ جو مٿو لوڏيو. جڏهن پڪ ٿيس تڏهن ٻاهرين در کولي ڇوڪري کي ٻاهر اڇلائي ڇڏيائين.

ٻئي طرف جڏهن سج لٿي جو هاري پنهنجي ٻنيءَ تان واپس آيو ته پنهنجي زال کي چيو ته ”اڄ سڄو ڏينهن بک مئو آهيان تون ڇوڪري جي هٿان مون ڏانهن سوپ ناهي موڪليو“. جنهن تي زال چيس ته: ”مان ته منجهند ڌاري اهو ٺاهي ڇوڪري کي ڏنو هو شايد ڇوڪري رستو ڀلجي وئي هجي پر هوءَ صبح تائين اچي ويندي. ٻئي ڏينهن تي هاري معمول مطابق، صبح جو اٿيو ۽ زال کي چيائين ته، ”مان وڃان پيو ۽ ڪلهه ٻاجهر جا جيڪي رستي تي نشانيءَ طور داڻا هاري ڇڏيا هيم. شايد اهي پکي کائي ويا هوندا. جنهن جي ڪري ڇوڪري رستو ڀلجي وئي آهي. پر اڄ مان پاڻ سان گڏ چڻا کڻي ٿو وڃان، جيڪي وڃي رستي تي هاريندس ۽ تون ٻيو نمبر ڇوڪريءَ کي منجهند ڌاري سوپ ٺاهي ڏجان، ته هو نشانيءَ طور رستي تي رکيل چڻا ڏسي مون ڏانهن جلدي پهچي ويندي. ۽ پوءِ ڀلجندي ڪانه ۽ ائين چئي هي هليو ويو. هاري جي زال پنهنجي ٻيو نمبر ڇوڪريءَ کي منجهند ڌاري سوپ جو ڪوپ ٺاهي ڏنو ۽ کيس پڻس واري ٻڌايل نشاني به ٻڌايائين. ڇوڪري ٻاهر نڪتي رستي تي چڻا هاريل نه ڏسي ڀلجي پئي، ۽ اهڙيءَ طرح هوءَ آخرڪار سج لٿي ڌاري ڪراڙي جي در وٽ پهتي ۽ کين کان رات جي ماني ۽ بستر لاءِ گهر ڪيائين.

جنهن تي ڪراڙي ساڳئي نموني نر ڪُڪُڙ، مادي ڪُڪِڙ ۾ ڍڳيءَ کان هن جي رهڻ لاءِ اجازت ورتي ۽ انهن به هاڪار ڪئي. هن ڇوڪري کي به سندس ڀيڻ وانگي چيو. هن پاڻ ماني تيار ڪئي ۽ ڪراڙي سان گڏ ويهي کاڌي. ساڳئي طرح اڄ به هن جانورن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ۽ پنهنجي رات رهڻ لاءِ پڇيو. جنهن تي هن کا جانورن چيو ته تو اسان سان نه ويهي گڏ کاڌو آهي نه پيتو آهي. اسان هاڻي ڏسون ته تون رات ڪٿي ٿي ننڊ ڪرين. ان کان پوءِ هي مٿي ڪمري م وئي . جتي هن کي ننڊ اچي وئي، ۽ ٿوري دير کان پوءِ ڪراڙو مٿي چڙهي آيو جتي هن هن کي ڏٺو ۽ هن کي سندس وڏي ڀيڻ وانگي در کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو.

ٽئين ڏينهن صبح جو هاري پنهنجي زال کي حڪم ڪيو ته اڄ تون منهنجي ٽيون نمبر ڇوڪريءَ کي منهنجي لاءِ ماني سان گڏ ضرور موڪلجان جيڪا اميد ته پنهنجو رستو نه وساريندين ۽ هيءَ پنهنجي ٻنهي ڀيڻن کان وڌيڪ ذهين آهي ۽ هيءَ فرمانبردار به آهي. هي سڌو منهنجي طرفان رستي تي هاريل پيزن جي نشاني تي هلندي ايندي. هاريءَ جي زال جواب ۾ چيو ته ڇا اڄ مان پنهنجي ٽيون نمبر ۽ ذهين ڌيءِ کي به پنهنجي هٿان وڃايان.

هاري چيو ته ڊڄ نه هي پنهنجو رستو نه وڃائيندي هيءَ انهن کان وڌيڪ هوشيار ۽ ذهين آهي هي ضرور سوچيندي ته غريب پيءُ بکايل هوندو ۽ ماءُ پڻ پريشان هوندي. هاري اهو چئي پاڻ هلي ويو ۽ منجهند ڌاري هن جي زال پنهنجي ننڍي ۽ ٽيون نمبر ڌيءِ کي پڻس لاءِ ماني تيار ڪري ڏني.

هيءَ ڇوڪري ماني کڻي ٻاهر نڪتي ته هن لاءِ نشانيءَ طور هاريل پيزن جا داڻا پکين کائي ڇڏيا هئا. ۽ اهڙي ريت هن ڇوڪري کي به رستو سمجهه ۾ نه آيو هيءَ به پنهنجي ٻن وڏين ڀيڻن وانگي پنهنجو رستو وڃائي ويٺي.

آخرڪار سڄو ڏينهن ڀٽڪڻ کان پوءِ هيءَ به ساڳئي گهر جي در وٽ پهتي. جتي هن اتي ويٺلن کان رات ترسڻ جي اجازت گهري جيڪا کيس ملي وئي.

هيءَ اندر آئي ۽ هن کي ڪراڙي رات جي ماني تيار ڪرڻ لاءِ چيو. هن ڪراڙي ۾ جانورن لاءِ کاڌو تيار ڪيو. ڪراڙي جو کاڌو ان کي ٽيبل تي رکي ڏنو ۽ نر ڪُڪُڙ، مادي ڪُڪِڙ ۽ ڍڳيءَ جو کاڌو انهن جي آڏو رکيو.

اهڙي ريت کين کارائي ۽ پاڻي پياري پوءِ هن پاڻ ڪراڙي جي بچيل ماني کاڌي ۽ سڀني کان پڇيو ته، ڇا هاڻي اسان کي ننڊ ڪرڻ کپي جنهن تي سڀني جواب ۾ چيو ته ڀلي ۽ هن کي رات جي دعائن سان رخصت ڪيو ويو. اهڙي طرح هن مٿي وڃي پنهنجي ڪمري جو چادرون کٽ تي وڇايون ۽ ويهاڻي کي ڇنڊيو ۽ ٿورو ليٽي پئي ٿوري دير کان پوءِ ڪراڙو ڪمري ۾ داخل ٿيو، جيڪو پڻ ٻئي هنڌ تي سمهي پيو. هي مسلسل اڌ رات تائين جا ڳندي رهي. اوچتو ڪمرو سڄو لڏڻ لڳو ۽ هڪ خطرناڪ صورتحال ٿي وئي. ٿوري دير بعد حالات معمول تي اچي ويا، پر هن هاڻي پاڻ کي هڪ ڪمري جي جاءِ کي هڪ وڏي هال ۾ موجود پئي محسوس ڪيو. جتي ڀتيون سون جو هيون ۽ هن جي حاضريءَ ۾ ٽي نوڪر حڪم جي انتظار ۾ بيٺل هئا. اتي هي سچن موتين سان ڀريل هڪ جوتن جو جوڙو پڻ هو. هن اهو ڏسي سوچيو ته شايد خواب لهي رهي آهي. پر جڏهن اتي موجود ٽن شاهي نوڪرن، هن کي چيو ته اسان لاءِ ڪو حڪم احڪام تڏهن هن انهن کي چيو ته توهان اتان هليا وڃون ۽ مون کي هن مهل ڪراڙي لاءِ سوپ ۽ جانورن لاءِ پڻ سوپ تيار ڪرڻو آهي.

ايتري ۾ هن پنهنجي ڀر واري کٽ ڏانهن ڏٺو جتي رات جو ڪُراڙو سُتو هو. هن وقت ان هنڌ تي هڪ سهڻو ماڻهو ستل هو. جنهن کي ڏسي، هي عجب ۾ پئجي وئي. هيءَ اڃان اهو سوچي رهي هئي ته نوجوان جاڳي پيو ۽ هن کي ٻڌايائين ته مان هڪ ملڪ جي شهزادو آهيان ڌڳي نر ڪُڪُڙ ۽ مادي ڪُڪِڙ منهنجا خدمتگار آهن. اسان اهو انجام ڪيو هو ته جيستائين ڪا به عقلمند ڇوڪري اسان کي نه ٿي ملي تيستايئن اهو جهنگل اسان نه ڇڏينداسين. اڄ اسان جو اهم ڪم پورو ٿيو آهي ايتري ۾ شهزادي اتي موجود ٽن غلامن کي گهرائي چيو ته توهان منهنجي پيءُ ماءُ ڏي وڃين کين منهنجي شادي جي باري ۾ اطلاع ڪري اچو ان کان پوءِ ڇوڪريءَ شهزادي کان پنهنجي ڀيڻن بابت پڇيو جنهن تي ان چيو ته اهي في الحال محل کان ٻاهر آهن ۽ هي اسان جو ٻانهون ٿي ڪم ڪنديون جيستائين هو اهو سمجهن ته حيوانن کي به بک لڳندي آهي.

ننڍڙن اديبن لاءِ

دانش ڪمار

احساس

پرشوتم ۽ چندر ٻه ڀائر هئا. چندر ڏاڍو محنتي ايماندار ڇوڪرو هو ۽ ان جي ابتڙ پرشوتم حرڪتي هيو. آهستي آهستي پرشوتم جي صحبت اهڙن سان ٿي جيڪي رول هيا. پر چندر ڏاڍو محنتي هجڻ ڪري اسڪول ۾ هميشه پهرين نمبر جون مارڪون کڻندو هو. چندر هميشه پرشوتم کي سمجھائيندو هو ته ”ادا پاڻ غريب آهيون، پاڻ کي پڙهي، سٺو ماڻهو ٿيڻ جي گھرجي.“

پر اهڙن ڳالهين جو ڪو به اثر، پرشوتم تي نه ٿيندو هيو. هڪ ڏينهن ڪنهن معمولي ڳالهه تان چڙي، پرشوتم، چندر کي سروٽو وهائي ڪڍيو. چندر سڄو رتو رت ٿي ويو. هي حالت ڏسي پرشوتم ڊپ کان گھران ڀڄي ويو. اهڙي طرح وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ويو ۽ نيٺ چندر ڊاڪٽر ٿي ويو. هڪ ڏينهن شهر جي بازار مان لنگھندي، چندر هڪ ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌو.

”الله جي نالي تي فقير کي رپيو ڏيندا. غور سان فقير ڏانهن ڏٺو. اوچتو سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن پنهنجي ڀاءُ کي سڃاڻي ورتو هو. پوءِ چندر پنهنجي ڀاءُ کي گھر وٺ آيو. پرشوتم کي ڏسي، پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ ڏاڍا خوش ٿيا هئا.

هاڻي اهي ٻئي ڀائر گڏ رهندا آهن، پر پرشوتم جي من ۾ هڪ گھرو احساس آهي. جنهن جو هاڻي ازالو ممڪن نه آهي.

 

اشفاق سومرو

وقت جو ڦيرو

جاويد نالي ڇوڪرو، پنهنجي ماءُ سان گڏ شهر ۾ رهندو هو. هن کي پڙهڻ جو هونئن ته ڏاڍو شوق هو، مگر غريب هئڻ سبب پڙهي نه سگھيو هو. سندس ماءُ تمام پوڙهي ٿي وئي هئي، تنهن هوندي به جاويد کي تعليم حاصل ڪرڻ جو جنون هوندو هو، صبح جو سوير گھر مان نڪري ماڻهن جا بوٽ پالش ڪري پئسا اچي پنهنجي ماءُ جي هٿ تي رکندو هو. جڏهن هن وٽ ڪجھ ڏوڪڙ گڏ ٿيا ته ڪتاب به خريد ڪيائين.

هاڻي پهريائين هو روزانو اسڪول پڙهڻ ويندو هو ۽ ٻن پهرن کان پوءِ وري بوٽ پالش ڪندو هو. هن جي ڪلاس ۾ هن سان گڏ سُهيل نالي ڇوڪرو، جيڪو امير ماڻهوءَ جو سڪيلڌو پٽ پڙهندو هو. جيڪو کيس هر وقت تنگ ڪندو ۽ غريب هجڻ جا طرحين طعنا ڏيندو هو. تنهن هوندي جاويد خاموش رهيو ۽ صبر جو دامن نه ڇڏيائين.

اهڙيءَ طرح جاويد اٺين جماعت جو امتحان سُٺن نمبرن ۾ پاس ڪيو ۽ سرڪار طرفان کيس وطيفو به مليو.

هڪ ڏينهن ڇا ٿيو! سُهيل جو پيءُ جئين ئي پنهنجي ڪاروبار جي سلسلي ۾ ٻئي شهر ڏانهن وڃي رهيو هو ته اوچتو سندس ڪار جو وڏي ٽيلر سان ٽڪرجڻ ڪري ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ۽ گھڻن ڌڪ لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو، سُهيل جي پيءُ جو ڪاروبارتباهه ٿي ويو، سُهيل کي به وقتي طور اسڪول ڇڏڻو پيو. جاويد کي جڏهن اها خبر پئي ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. ڏينهن گذرندا ويا ان سان گڏ جاويد پنهنجي پڙهائيءَ جا مرحلا ڪاميابيءَ سان پورا ڪيا کيس سٺن نمبرن ۽ هوشيار هئڻ ڪري جلدي ئي سٺي نوڪري ملي وئي.

ڪڏهن ڪڏهن هي حيران ٿيندو هو ۽ سوچيندو هو ته پهريائين بوٽ پالش ڪري پيٽ پاليندو هوس، مگر هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھ موجود آهي، ان سان الله پاڪ جا ٿورا پڻ مڃيندو هو جنهن مفلسيءَ واري دور مان ڪڍي کيس ايتري عزت بخشي هئي.“

هڪ ڏينهن هي جئين پنهنجي ڪار ۾ ويهي آفيس ڏانهن وڃي رهيو هو ته سندس نظر هڪ جوان ڇوڪري تي پئي جيڪو ”بابو بوٽ پالش بابو بوٽ پالش“ چئي رهيو هو. جاويد کي اهو ڏسي ڏاڍي حيرت لڳي ته بوٽ پالش ڪرڻ وارو سُهيل هو. هن ڪار بيهاري کيس سڏ ڪيو. ويجھي اچڻ تي سُهيل به کيس سڃاڻي ورتو. ”وقت جي گردش جاويد کي (جيڪو ننڍي هوندي بوٽ پالش ڪري وقت گذاريندو هو) امير ماڻهو بڻائي ڇڏيو ۽ هڪ سيٺ جي پٽکي بوٽ پالش ڪندڙ بڻايو. سهيل پنهنجي ڪيل زياديتن ڪري ڏاڍو لڄي ٿيو ۽ جاويد کان معافي ورتائين. جاويد سهيل کي پاڻ سان گڏ وٺي آفيس ڏانهن ويو ۽ کيس دوست بدران ڀاءُ بڻايائين.

پيارا ٻارو! اسان کي گھرجي ته هڪ ٻئي جي مدد ڪريون ۽ ڪنهن کي به تڪليف نه ڏيون.

شاهد حسين سولنگي

سفرنامو

گرمين جي موڪلن ۾ هر سال وانگر هن سال به اسان جي گورنيمنٽ هاءِ اسڪول موري جي اسڪائوٽ سان گڏ ٽوئر لاءِ پروگرام ٿيو ۽ ڪوهه مري جو ٽوئر رکيوسين. آخر اسان جو پروگرام تيار ٿي ويو. اسان 4 جون تي اسڪول مان صبح جو 00_9 وڳي سڀ ڇوڪرا گاڏي ۾ سامان سوڌو چڙهياسين اسان جا ٻه استاد ۽ هڪ پٽيوالو به گاڏي ۾ چڙهيا. گاڏي سفر ڪندي ساڍي پنجي بجي سکر اسٽيشن تي پهتي. اسان سڀ اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پهتاسين ۽ سامان رکيوسين ۽ ڪجھ دوستن چانهه پيتي ۽ ڪجھ وهنجڻ لاءِ روانا ٿيا. چانهه وغيره پي تازه توانا ٿي پوءِ اسان شهر گھمڻ لاءِ وياسين اُتي ڪپڙا مارڪيٽ. سونارن جي بازار ۽ معصوم شاهه جو منارو ڏٺوسين. واپس ساڍي نائي وڳي وري اسٽيشن تي آياسين اُتي اسان رات جي ماني کائي. رات جي ڏهين بجي سمهي رهياسين. رات جو ٽئين وڳي سائين اٿاريو ته تيار ٿياسين ۽ ٿوري دير کان پوءِ لائوڊ اسپيڪر مان آواز آيو ته لاهور لاءِ ٽرين تيار آهي. اسان به ٽرين ۾ چڙهي ويٺاسين. اسان به ٽرين ۾ مذاق ڪندي ڪندي اچي ملتان اسٽيشن پهتاسين. سڀ دوست ٽرين مان لهي کائڻ لاءِ ڪجھ ميوو وغيره وٺڻ ويا. ڪجھ وقت کانپوءِ وري ٽرين هلڻ شروع ڪيو ۽ ساڳي طرح مذاق ڪندي اچي خانيوال پهتاسين ۽ اتان وري ٽرين بجليءَ تي هلڻ شروع ڪيو.

رات جو ڏهين وڳي لاهور پهتاسين. رات هئڻ ڪري سڀ ڇوڪرا هٿ منهن ڌوئي اچي ماني تي ويٺا. ماني کائي سڀني سمهڻ لاءِ سامان کوليو ۽ پوءِ سڀئي ڇوڪرا سمهي رهياسين. صبح جو ڇهين وڳي سڀ ڇوڪرا تيار ٿيڻ لڳا.

مان به اُٿي وهنجي ڪپڙا پائي ناشتو ڪري اچي سڀني سان گڏ بيٺس، پوري نائين وڳي استاد سان گڏ سڀ ڇوڪرا شهر گهمڻ لاءِ روانا ٿياسين. اسٽيشن تان نڪرڻ شرط اسان کي هڪ ويگن ملي ۽ استاد اسان کي ان ۾ ويهاريو ۽ گاڏي اچي دادا گنج بخش جي مزارتي بيٺي. سڀي ڇوڪرا گاڏي مان لهي، اندر گنج بخش جي مزار تي وياسين. دعا سان گڏ مسجد ۽ مزار جو نظارو ڪيوسين. اتان وري اسان مينار پاڪستان لاءِ پنڌ هلڻ شروع ڪيو. مينار پاڪستان تي پهچڻ شرط هر طرف ماڻهو ئي ماڻهو نظر آيا. اسان سڀ ڇوڪرا مينار جي هيٺيان بيٺاسين. اسان جي استاد اتي وڃي لفٽ واري سان ڳالهايو، لفٽ واري چيو: هر ڇوڪري کان ٽي رپيا وٺبا سڀن ڇوڪرن هڪ ڇوڪري کي پئسا ڏنا ۽ آهستي آهستي سڀ ڇوڪرا لفٽ ۾ چڙهيا. مينار جون سڀ منزلون طئي ڪندي، آخري منزل تي پهچي ڏٺوسين ته لاهور جو اهڙو ته مزو پيو اچي، جو منهنجي دل چئي پئي ته پکي ٿي گهمان. اتان وري اسان لهي شاهي مسجد ۽ شاهي قلعي ڏانهن روانا ٿياسين، اتان وري لاهور جون ڪجهه بازارون به گهميوسي، جن ۾ ڪپڙا مارڪيٽ تمام سٺي هئي.

هاڻي سڀني ڇوڪرن کي بک به لڳي ۽ سائين چيو: هلو ته هلي ڪنهن هوٽل ۾ ماني کائون ۽ وڃي هڪ هوٽل ۾ ماني کاڌي سين. ماني کائڻ کانپوءِ اسان سڀ شالامار باغ وياسين. شام جا به اچي ساڍا چار ٿيا. اسان به شالامار باغ ۾ اندر وياسين. جيئن جيئن شام ٿيندي وئي، تيئن تيئن رونق به وڌندي وئي. آخر سائين چيو: هاڻي هلو ته هلون. سائين هڪ ڊاٽسن ڪرائي آيو. سڀ ڇوڪرا گاڏي ۾ ويهي رهياسين ۽ اچي اسٽيشن تي لٿاسين ۽ وري به ساڳي طرح ماني کائي سمهڻ لاءِ وياسين. رات جو ٽين وڳي سڀني کي سائين اُٿاريو ته ٽرين ۾ چڙهو ۽ راولپنڊي هلو.

اسان سڀ ڇوڪرا ٽرين ۾ چڙهياسين. پوري يارنهن وڳي گاڏي اچي راولپنڊي اسٽيشن جي پليٽ فارم نمبر ٽو تي پهتي ۽ سڀ ڇوڪرا گاڏي مان لهي سامان ٺيڪ ڪري هٿ، منهن، ڌوئي ڪپڙا پائي ۽ منجهند جي ماني لاءِ آياسين، ماني سڀ ڇوڪرا کائي اسلام آباد وڃڻ لاءِ تيار ٿياسين ايتري ۾ سائين به گاڏي واري کي چئي آيو. گاڏي به اچي وئي، سڀ ڇوڪرا گاڏي ۾ چڙهي ويٺاسين ۽ گاڏي سڌي هلندي هلي فيصل مسجد بيٺي. فيصل مسجد تمام خوبصورت هئي. پر فصيل مسجد ۾ جيڪا شيءَ مون کي وڻي، اها گفٽ لائبرري هئي. ان کان پوءِ شڪر پڙيان آياسين. جتي رڳو ساوڪ ئي ساوڪ هئي. اسان اتي پاڪستان ۾ جيڪي به ٻاهريان سفير يا وزير آيا آهن. انهن جي وڻ لڳل ڏٺاسين ۽ سڄي شڪر پڙيان ائين پئي لڳي، ڄڻ اسان لنڊن جي ڪنهن پارڪ ۾ ويٺل هجون. اسان راولپنڊي جي لياقت پارڪ ۾ آياسي. لياقت پارڪ مون کي تمام وڻيو. اسان راولپنڊي جي اسٽيشن تي آياسين. مان ۽ منهنجو دوست امداد اسان ٻئي چانهه پيئڻ وياسين. واپس اچڻ کان پوءِ سائين چيو ته سڀاڻي پان ڪوهه مري هلنداسين. اسان تمام گهڻو خوش ٿياسين. ڇو ته اسان جو سفر ڪوهه مري تي گهڻو رکيل هو. ان ڪري اسان جي رات ائين ته گذري ڄڻ صبح عيد هجي. صبح جو اسان تيار ٿي گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ گاڏي هلي ۽ هڪ ٿڌي موسم ۾ اچي بيٺي. جتي رڳو ٿڌ ئي ٿڌ هئي.

اسان جو اسڪائوٽ ڪواٽر گهوڙا گلي به اچي ويو ۽ سڀ ڇوڪرا گاڏي مان سامان لاهي ٽينٽ ۾ رکي هٿ، منهن ڌوئي منجهند جي ماني کائي جڏهن بس ڪئي سين. پوءِ اسان سائين کي چيو ته سائين هاڻي وري انتظار ڇا جو هلو ته هلي ڪوهه مري مان چڪر لڳائي اچون. گهوڙا گلي کان ڪوهه مري تائين اسان پنڌ پوائنٽ تي پهتاسين ته ڇا ڏسون ته ماڻهو ئي ماڻهو هئا. وري موسم به اهڙي ته هجي جو مزو پيو اچي اسان مان ڪجهه دوستن ڦوٽو به ڪڍيا هئا. جيئن جيئن ٽائيم وڌندو وڌندو ويو تيئن تيئن موسم به سٺي ٿيندي ويئي. اسان به ڪوهه مري جي حسين بازارن ۾ آياسين. هر طرف رڳو ڪاٺ جو سهڻو سامان پيو هجي. ان کان واپس گهوڙا گلي آياسين. رات ٿي وئي. ماني کائي سمهي رهياسين ۽ صبح جو ساڍي چئين وڳي چاچي عبدالرحمان پيٽي لاءِ اسان کان اُٿاريو، پر پهرئين ڏينهن تي اسان جي دل ئي ڪانه پئي چئي ته پيٽي ڪيون. اُٿي پيٽي لاءِ روانا ٿياسين ۽ ساڍي ستين وڳي واپس پيٽي تان آياسين ۽ ناشتو ڪري ڪلاسن لاءِ تيار ٿياسين. ڪلاس هڪ ڪلاڪ تائين هليو ۽ وري واپس ٽينٽ ۾ آياسين ۽ اُتي سائين اسان کي ٻڌايو ته اڄ رات ڪيمپ فائر آهي. ان لاءِ ڪجهه ڇوڪرا تيار ٿين ۽ سنڌ جي ثقافت پيش ڪن. اسان مان ڪجهه ڇوڪرا ان ڪيمپ فائر لاءِ تيار ٿيا. سڄو ڏينهن پريڪٽس ڪئي. سڀني شهرن جا ڇوڪرا مائي کائي ڪيمپ فائر ڏانهن روانا ٿياسين. ڪيمپ فائر ۾ چئني صوبن جون ثقافتون پيش ڪيون ويون. خاڪا به ٿيا. آخر ۾ ڪيمپ فائر ختم ٿي ۽ واپس ٽينٽ ڏانهن آياسين ۽ سائين ٻڌايو ته سڀاڻي پاڻ واپس هلنداسين.

اسير اسحاق چنا

پڇتاءُ

احمد نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. هو ڏاڍو نڀاڳو هو. اسڪول ۾ استاد جيڪي ڪتاب چوندو هيس. سو هي گهران پئسا وٺي ڪري فلمي رسالال وٺندي هو. اسڪول ۾ هي روزانو استاد کان مار کائيندو هو. جڏهن استاد احمد کي سبق پڙهڻ لاءِ چوندو هو ته هي غلط پڙهندو هيو ۽ ڪلاس جا سڀئي ڇوڪرا احمد تي کلندا هئا. احمد وي. سي. آر تي فلمون ڏسي گهر ڏي، رات جون دير سان موٽندو هو. احمد کي پيءُ به روز ماريندو هوس. پر احمد سڌري ئي ڪونه. هن جي ذهن ۾ سدائين فلمن جا ڊائلاگ هوندا هئا جيڪو به شاگرد احمد سان پڙهڻ جي ڳالهه ڪندو هو ته هو (احمد) چوندو هيو ته رلنداسين ته ٿينداسين نواب پڙهڻ ۾ ڇا رکيو آ. روز استاد جي مار.

استاد احمد جي پيءُ ڏانهن نوٽيس ڪڍي موڪليو ته توهان جو ڇوڪرو اسڪول نه ٿو اچي ۽ امتحان جو فارم به جمع ڪونه ڪرايو اٿس. احمد جو پيءُ استاد وٽ آيو ۽ استاد کي منٿ ميڙ ڪري هن جي فارم جمع ڪرايو.

جڏهن امتحان شروع ٿيو ته احمد سڄي سال ۾ ڪجهه پڙهيو هجي ته لکي. مڙئي ڪلام لکي پيپر ڀري آيو هيو. جڏهن نتيجو نڪتو ته احمد فيل ٿي پيو ۽ هن جا ٻيا ساٿي سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيا. احمد جا ٻيا ساٿي پڙهي ڪري سٺين نوڪرين ۾ وڃي بيٺا ۽ احمد پنهنجي ساٿين کي نوڪرين ۾ ڏسي هن کي احساس ٿيو ته جيڪڏهن مان به پڙهان ها ته هاڻي مان به ڪنهن نوڪري ۾ هجان ها ۽ هاڻي ڌڪا ٿاٻا نه ملن ها.

پيارا ٻارو-توهان به محنت ڪريو ۽ پڙهو نه ته احمد وانگر ڌڪا کائيندا رهندو.

الهورايو بوزدار

ٻاٽ ۾ لاٽ

دودو ٻهراڙيءَ جي هڪ ڳوٺ رهندو هو، هن جو پيءُ هاري هو، جڏهن ته دودي وارن جي ڳوٺ ۾ پري پري تائين ڪوبه اسڪول ڪونه هو، تنهن ڪري ڳوٺ جي ننڍڙا ٻارڙا بچپن جي زندگي راند روند ۾ مال چاريندي گذاريندي هئا، ۽ وڏا ٿي زمينن ۾ ڪم ڪندا هئا، تعليم نه هجڻ جي ڪري ڳوٺ وارا هميشه وڏيرن جي چنبي ۾ هوندا هئا، زميندار لکپڙهه، حساب ڪتاب ۾ هر سال ٺڳيءَ سان غريب هارين کي قرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا هئا، تنهنڪري ويچارا هار هر وقت وڏيرن جا غلام رهندا هئا، پر دودي جي پيدا ٿيڻ سان ڄڻ ڳوٺاڻن جا ڀاڳ کلي پيا، دودو جڏهن پنجن سال جو ٿيو ته هڪ ڏينهن هي پنهنجي پيءُ سان شهر ويو. اتي هن ٻارن کي ڪتاب ڏٺا ته يڪدم هن پنهنجي پيءُ کي چيو ته بابا مون کي به ڪتاب وٺي ڏيو، آئون به پڙهندس. پيءُ دودي جي ڳالهه کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر دودو اصل نه مڙيو، هن اٽڪل فيصلو ڪري ڇڏيو هو، پر پوءِ وري پيءُ سختي سان سمجهايس ته پٽ ڳوٺ کان اسڪول پري آهي، تون نه پڙهي سگهندين، پر دودو، دودو هو، سو نه مڙيو، چيائين: پڙهڻ لاءِ کڻي ڪيڏو به پري وڃڻو پوندي ته به ويندس. دودي جي پيءُ سمجهيو، ننڍڙو ٻار آ انگل ڪئي اٿائيز سو ڪتاب وٺي ڏنائنيس. پاڻهين ڪڪ ٿيندو. تنهن ڪري هن دودي کي ڪتاب وٺي ڏنا، دودو صبح سان 10 ڪلوميٽر پنڌ ڪري اسڪول ويو، استادن هن معصوم ٻار جي ڀرپور حوصله افزائي ڪئي، ۽ چيائونس ته پنهنجي پيءُ کي صبحاڻي وٺي اچج ته تنهنجو نالو داخل ڪيون. دودي اها ڳالهه واپس اچي پنهنجي پيءُ کي ٻڌائي ۽ پڻس جڏهن ڏٺو ته ڇوڪر نٿو مڙي ته وڃي پاڻ استادن وٽ هن کي داخل ڪرايائين. اها ڳالهه جڏهن ڳوٺ جي ٻين ٻارن ٻڌي تڏهن انهن کي به پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ اهڙي طرح ڳوٺ جا سمورا ٻارڙا گڏجي اسڪول پڙهڻ لڳا، دودي جي عظيم سوچ ۽ صلاحيتن، ڳوٺ جي غير تعليم يافته سماج جو تعليم جو انقلاب آندو. اڄ ڪلهه ان ڳوٺ ۾ جتي اسڪول جو وجود ناممڪن هو اي هاءِ اسڪول جي منزل تائين ترقي ٿي وئي، اهو دودو جيڪو  ننڍوپڻ ۾ ضد ڪري پڙهيو هو، سو اڄ اسڪول ۾ ماستر آهي، جڏهن ”دودو“ پنهنجي سامهون سوين ٻار ڏسندو آهي تڏهن ڪنڌ فخر مان اوچو ٿي ويندو آهي.

 

عابده ميمڻ مٽياري

لالچ جو انجام

انسان ڪيترو نه ناشڪر ۽ لالچي آهي. خدا جب ڏنل رزق کي شڪر ڪرڻ بجاءِ هو اڃا به وڌيڪ لالچ ۾ اچي انڌو ٿيو وڃي ۽ پوءِ هو پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻپ وڃائي ويهي ٿو.

انهن لالچي انسانن مان هاشم نالي هڪ شخص هو جيڪو هميشه ٿوري وقت ۾ دولتمند ٿيڻ جا خواب ڏسندو هو. جڏهن ته سندس ڀاءُ قاسم ان جي طبيعت جي بلڪل ابتڙ هو. نهايت ئي ايماندار، مخلص ۽ هڏ ڏوکي انسان هر ڪنهن جي ڏک ۾ شريڪ رهندو هو. ڪنهن کي به ڪيئن رنجائيندو هو. قاسم ۽ هاشم جي پالنا سندن ڦڦي سليمت ڪئي. ڦڦي سليمت کي ڪوبه اولاد نه هو. ان ڪري ڦڦي کيس نياپو هو. هاشم پنهنجي ڦڦي جو نهايت دادلو هو. ڦڦي سليمت کي ڪهڙي خبر ته هو هڪ نانگ کي پئي کير پياري. ڇو ته هاشم جي سنگت چور قسم جي ماڻهو سان هوندي هئي ۽ هو دوستن سان گڏ چوريون ۽ ڌاڙا هڻندوهو. جڏهن ته سندس ڦڦي سليمٽ پنهنجي مڙس جي وفات کانپوءِ ماڻهو جا ڳهه ڳٺا گروي ۾ رکندي ه.ئي ۽ ماڻهن کي وياج تي پيسا ڏيندي هئي.

سون جو ڇڪ کيس اوندهه طرف گهلي ويئي. اٻوجهه ۽ ضرورت مند ماڻهن جا ڳهه واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندي هئي. اهي ڳهه ڦٻائيندي هئي. اٻوجهه ماڻهو پنهنجي ناانصافي ڏسي، آسمان ڏانهن وجهائيندا هئا ته هٿ کڻي سليمت کي بد دعائون ڏيندا هئا. انهن بد دعائن نيٺ پنهنجو اثر ڏيکاريو. هڪ ڏينهن هاشم وجهه وٺي پنهنجي سنگت جي صلاح سان ڦڦي کي گهٽا ڏيئي ماري وڌو. صرف ان لالچ ۾ ته ڦڦي وٽ پيل سموري سون جو هو مالڪ ٿي وڃي. هاشم پنهنجي سنگت جي صلاح سان گهر ۾ ڌاڙو هڻي، سموري سون جو مال ڌڻي ٿي ويهي رهيو.

سنگت کي حصو نه پئي مليو ته انهن وڃي پوليس کي اطلاع ڏنو. هاشم کي پنهنجي ڦڦي جي قتل جي ڪيس ۾ پوليس گرفتار ڪري کيس جيل ۾ وڌو. جڏهن ته ٻيو ڀاءُ قاسم پوڦي جي زمين جي سار سنڀال ڪندو هو هن ڪابه لالچ لوڀ نه رکيو. دراصل انسان جا قسم ٿيندا آهن. هڪ سٺو ماڻهو، جيڪو قاسم هو. ٻيو خراب ماڻهو جيڪو هاشم هو. جنهن لالچ ۾ اچي قتل ڪيو، کيس پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن جي سزا ملي.

ٻارو، هميشه لالچ ۽ لوڀ کان پري رهڻ گهرجي. هميشه پاڻ کي ٻين جي لاءِ چڱائي سوچڻ گهرجي. جيڪو ٻين لاءِ خراب سوچيندو آهي، کڏون کوٽنيدو آهي. رب تعاليٰ ان کي سزاڏيندو آهي. جهڙي هاشم کي ملي.

محمد يوسف

دنيا جو پهريون جانورن جو باغ

اٽڪل ٽي هزار سال اڳ هڪ چيني بادشاهه مختلف جانورن کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪيو ۽ اُن جڳهه جو نالو ”ذهانت جي جاءِ“ رکيو. جيڪڏهن اُن بادشاهه انهن جانورن کي انهيءِ لاءِ زنده رکيو ته اُنهن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري ۽ انهن جي عادتن جي باري ۾ سمجهي سگهجي، ته پوءِ شايد هو دنيا جو پهريون جانورن جو باغ هيو. ڇاڪاڻ ته موجوده وقت جا جانورن جا باغ به اهڙائي هوندا آهن، يعني هڪ وڏي علائقي ۾ جهنگلي جانورن، پکين ۽ نانگن کي رکيو ويندو آهي ته جيئن اُنهن کي ماڻهو اچي ڏسن ۽ سائنسدان انهن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري سگهن.

سوين سال اڳ هي رواج هو ته ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ جانور رکندا هئا. پوءِ جانورن کي پنهنجن علائقن ۾ رکڻ لڳا. ان ڪري انهن کي شڪار ڪرڻ ۾ آساني ٿي. ان کان سواءِ ماڻهن جي تفريح جي لاءِ جانورن کي طرح طرح جون حرڪتون ڪرڻ به سيکاريون ويون، پر ڪجهه ماڻهو اڪثر جهنگلي جانورن کي ان لاءِ به گڏ ڪندا هئا ته جيئن هو ٻين ماڻهن کي ڏيکاري سگهن ته اهي ڪيترا امير ۽ طاقتور آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهي وڏائي حاصل ڪرڻ لاءِ به ماڻهن کي پنهنجي جانورن کان ڏسڻ لاءِ اجازت ڏيئي ڇڏيندا هئا. يورپ ۾ جانورن جا باغ اوڻهين صدي ۾ به موجود هئا. پوءِ ٻين ست اٺ سو سالن ۾ مختلف وڏن وڏن شهرن ۾ جانورن جا باغ ٺاهيا ويا. ڪنهن جانورن جي باغ جي شهريت ۽ وڏائي جو دارو مدار ان ڳالهه تي آهي ته اُن ۾ ڪيترن قسمن جا جانور موجود آهن. دنيا ۾ صرف چار جانورن جا باغ اهڙا آهن، جن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ قسمن جا جانور آهن. انهن مان سڀ کان وڏو جانورن جو باغ ”سين ڊيگوزو“ آهي. هي آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا ۾ آهي. اُن کان پوءِ مغربي جرمني جو باغ آهي. ٽيون نمبر آهي. نيويارڪ جو برائڪس زور ۽ اُن کان پوءِ بيلجئيم جو انيٽ ورپ زو آهي. اڪثر وقت جانورن جي باغ لاءِ جانور خريد ڪيا ويندا آهن. اُنهن مان ڪيترائي جانور قيمتي هوندا آهن. پاڪستان ۾ به ڪيترائي وڏا جانورن جا باغ آهن. انهن مان ڪراچي، لاهور، حيدرآباد ۽ فيصل آباد مشهور آهن. سنڌ ۾ هڪ وڏو جابلو باغ ”کير ٿر نشينل پارڪ“ آهي. جتي ڪيترن ئي قسمن جا جانور موجود آهن.

قلمي دوستي

·  نالو: پنهل ميمڻ ڪلاس: مئٽرڪ وندر: ادب سان چاهه عمر: 15 سال ائڊريس: معرفت ممتاز جويو محلو خدا آباد ٽئنڪ چوڪ لاڙڪاڻو.

·  نالو: مختيار لغاري ڪلاس: ڏهون وندر: سنڌ سان پيار عمرل 14 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ميرپور بٺورو.

·  نالو: عمران عبدالهادي ميمڻ ڪلاس: ستون وندر: علم سان چاهه عمر 12 سال ائڊريس: ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو.

·  نالول اجيت ڪمار کٽپال ڪلاس ڏهون وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر 17 سال ائڊريس: ڀائي ڀيمن داس، نئشنل بئنڪ شاهي بازار، پنو عاقل.

·  نالو: جميل احمد کٽي ڪلاس: ڏهون وندر: قلمي دوستي رکڻ عمر: 15 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول بدين.

·  نالو: مهيش ڪمار واسواڻي ڪلاس: ڏهون وندر: بيڊمنٽن کيڏڻ عمر 14 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنو عاقل.

·  نالو: مهتاب علي شيخ ڪلاس: ڏهون وندر: بيڊمنٽن راند کيڏڻ، عمر: 15 سال ائڊريس گورنمينٽ پائليٽ اسڪول، لاڙڪاڻو.

·  نالو: حيدر علي سومرو، ڪلاس: اٺون وندر: اسلامي ڪتاب پڙهڻ عمر: 13 سال ائڊريس: معرفت محمد علي سومرو هيرآباد شهدادڪوٽ.

·  نالو: نياز احمد گولو، ڪلاس: نائون وندر: گل ڦل پڙهن ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ عمر: 15 سال ائڊريس: سلاول سائين پڪوڙا هائوس، ٺل

·  نالو: اسد علي چنڊ، ڪلاس ڇهون وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 11 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول پاٽ، ضلعو دادو.

·  نالول جاويد حيدر ميمڻ ڪلاس: ڇهون وندر: گل ڦل پڙهڻ عمر: 11 سال ائڊريس: معرفت: اسٽوڊنٽس بوڪ اسٽور، لاڙڪاڻو.

·  نالو: نويد اڪبر ميمڻ، ڪلاس: ٻيو وندر: گل ڦل پڙهڻ عمر: 7 سال ائڊريس: معرفت: اسٽوڊنٽس بوڪ اسٽور، لاڙڪاڻو.

·  عبدالغفار ٻرڙو ڪلاسل ستون وندر: رسالا پڙهڻ، ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 12 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪو شهداد ڪوٽ.

·  نالو: آفتاب احمد ڀٽي ڪلاس: نائون وندرل ڪورس جا ڪتاب ۽ گل ڦل پڙهڻ عمر: 15 سال ائڊريسل گورنمينٽ هاءِ اسڪول، شهداد ڪوٽ

·  نالو: شاهنواز کهاوڙ ڪلاس: نائون وندر: رسالا پڙهڻ، ڪرڪيٽ کيڏڻ عمر: 13 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، شهدادڪوٽ.

·     نالو: ظهير احمد ڪلوڙ ڪلاس ستون وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ عمر: 13 سال ائڊريس: ڪيڊٽ ڪاليج پٽارو.

·  نالو: پرويز احمد ڪلوڙ ڪلاس: اٺو وندر: ڪتاب پڙهڻ ۽ ريڊيو ٻڌڻ عمر: 16 سال ائڊريس: گورنمينٽ ايليمينٽري مڊل اسڪول روهڙي.

·  نالو: نوروز خان عباسي  ڪلاس: اٺون وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ عمر: 13 سال ائڊريس: گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻه.

·  نالو: رشيد الله زهرائي ڪلاس: پنجو وندر: گل ڦل پڙهڻ عمر: 10 سال ايڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏنو واهڻ.

·  نالو: عبدالستار جوکيو ڪلاس: نائون وندر: شعرو شاعري ڪرڻ ۽ ادب لکڻ عمر: 13 سال ائڊريس: هاءِ اسڪول رُڪُ ضلع شڪارپور.

·  نالو: شاهد حسين ابڙو ڪلاس: ڏهون وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ سنڌي رسالا پڙهڻ عمر: 16 سال ائڊريس: سامٽيه روڊ، علي گوهر آباد لاڙڪاڻه

·  نالو: غلام شبير منگي ڪلاس: ڇهون وندر: سنڌڙيءَ سان پيار عمر: 12 سال ائڊريس: معرفت گلستان هيئر ڊريسر لاڙڪاڻه.

کل ته سهي

·  هڪ ماڻهو، جو گهوڙو وڃائجي ويو ته هوءِ مٺائي ورهائڻ لڳو. ماڻهن ان کان پڇيو ته ڇو مٺائي ورهائي رهيو آهين؟ هن جواب ته الله جو شڪر آهي جو مان گهوڙي تي نه هوس.

ڀيشم ڪمار هيمناڻي مٺي.

·  هڪ هوٽل ۾ هڪ موالي ۽ هڪ پوليس وارو ستل هئا. موالي بيري کي چيو ته صبح جو پوليس واري کي اڳ ۾ مون کي اٿارجان. صبح جو سوير بيري مولي کي اٿاريو. موالي تڪڙ ۾ پنهنجي ٽوپي بدران پوليس واري جي ٽوپي پاتي. وڃڻ وقت جڏهن آئيني ۾ ڏٺائين، ته رڙ نڪري ويس مار بيري سپاهي کي اٿاري ڇڏيو آهي.

ممتاز علي ميمڻ ٻيلو شهر.

·  ٽي ماڻهو بس ۾ سفر ڪري رهيا هئا، تنهن ڪري هڪ مٿي بس تي ويٺو هو ۽ ٻه هيٺ بيٺا هئا. جڏهن ڪنڊڪٽر ڀاڙو گهريو ته ان ٽن مانهن جو ڀاڙو ڏيندي چيو، هڪ ڀاڱي ٻه، ڪنڊڪٽر چيو، ڇا مطلب؟ ان ماڻهو چيو هڪ مان مٿي آهيان ۽ ٻه هيٺ آهن.

غلام الرسول نوشهرو فيروز

·  استاد، شاگرد کي سبق پڙهائي رهيو هو ”دس از ماءِ هيڊ“ هي منهنجو مٿو آهي. شاگرد جڏهن گهر پهتو ته پڙهڻ لڳو. دس از ماءِ هيڊ، هي استاد جو مٿو آهي. پڻس چيس، پٽ ”دس از ماءِ هيڊ“ جي معنيٰ هي منهنجو مٿو آهي شاگرد ٻئي ڏينهن تي اسڪول پهتو. استاد سبق پڙهڻ لاءِ چيس جڏهن ان پڙهيو، دس از ماءِ هيڊ، هي منهنجي پيءُ جو مٿو آهي. استاد چيس، ته پٽ هن سڄي معنيٰ ٿيندي هيءُ منهنجو مٿو آهي. شاگرد معصوميت مان چيو: ”سائين بابو چئي منهنجو مٿو آهي، توهان چئو ته منهنجو مٿو آهي. مان ڪاڏي وڃان؟

امڙ لعل ڌنڱاڻا ڏهرڪي.

·  هڪ ماڻهو دڪان واري وٽ ويو. ان کي چيائين: مون کي بجلي جو بلب کپي، دڪاندار چيس: سو وارو يا سٺ
 وارو. همراهه چيو: ادا! غريب آهيان، ڏهين، ٻارهين روپين وارو کپي.

چندر ڪمار پوپلاني.

·  هڪ ڊاڪٽر جڏهن ڀر واري مقام مان لگهندو هو ته منهن ويڙهي لگهندو هو. ماڻهن ان جو سبب پڇيو ته ان چيو هن قبرستان ۾ سڀ منهنجا مريض دفن آهن. ان لاءِ ڪڏهن ٻڌي ڪري مون کي نه قابو ڪن

پنهل ميمڻ.

·  پيءُ، پٽ کي نصيحت ڪندو چيو ته ”پٽ ڪڏهن به شادي نه ڪجائين“. پٽ چيو: ”ها بابا مان به پنهنجي اولاد کي اها نصيحت ڪندس“.

محمد انور ملڪ ڏهرڪي.

* هڪ شاگرد (ٻئي کي) يار تو پيپر ڪيئن ڪيا آهن؟ (ٻيو شاگرد) يار مان ته صفا خالي ڇڏي آيو آهيان؟

پهريون شاگرد: يار مري وياسين. استاد سمجهندو ته هنن ڪاپي ڪئي آهي، ڇو ته مان به خلاي پيپر ڇڏي آيو آهيان.

نسيم احمد گهنڃو هنڱورو

·  هڪ ڌوٻي، گراهڪ جي گهر آيو ۽ چيائين: ”سائين هي سو رپين جو نوٽ اوهان جي قميض جي کيسي ۾ هو. گراهڪ چيو: ڪا ڳالهه ڪانهي اهو نقلي نوت آهي. ڌوٻي چيو: سائين انهيءَ ڪري ته واپس ڪرڻ آيو آهيان.

نويد الرحمان ڀٽو وارهه

·  هڪ شخص پنهنجي گهر واري کي وٺي تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو هو. ان تي ڪنهن ماڻهو چيس: يار ڇا ماجرا آهي؟ ان ماڻهو جواب ڏنو يار هيءَ ماجرا نه آهي. پر منهنجي گهر واري هاجرا آهي.

عبدالله سومرو مرزاپور

پرولي نمبر 2 جو نتيجو

هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن. سڀني ٻارن جا نالا شايع ڪجن ٿا.

جواب: اهو انگ 3 آهي.

1- اياز احمد سومرو ڪنڌڪوٽ 2- شوڪت ميمڻ ڄامشورو 3- خادم حسين گل گهنڃو هنڱورو 4- منير احمد ميرجت خيرپورميرس 5- ذاولفقار علي ڀٽو مراد واهڻ 6- سريش ڪمار خانپور مهر 7- جميل احمد کٽي بدين 8- شبير احمد لاکو قمبر 9- آغا فاروق پٺاڻ 10- رشيد ميمڻ نوابشاهه 11- آغا دانش علي مغل نوابشاهه 12- عبدالسلام عباسي لاڙڪاڻو 13- ايس- ايس نظاماڻي ٽنڊو قيصر 14- عرفان علي جھتيال گھوٽڪي 15- نسيم احمد گھنڃو ڳوٺ هنڱورو 16- عبدالحليم ملاح کهڙا 17- علي اڪبر سيٺار ٻورڙي 18- بشير احمد سمون بوزدار وڏا 19- مهناز بگٽي شڪارپور 20- راجا ڀورا لال سامارو 21- عطا محمد ڳوٺ بکر جمالي 22- غلام رسول ڊکڻ ميرپور ماٿيلو 23- حبيب الله نظاماڻي ٽنڊو قيصر 24- امام بخش ٽالپر لواري شريف 25- ارشاد احمد گڏاڻي خانپور مهر 26- الهه وسايو سومرو داد لغاري 27- وزير علي خاصخيلي چمبڙ 28- غلام الله مهڙو سڪرنڊ 29- جاويد لاشاري نواب شاهه 30- اختصار احمد عباسي 31- راج ڪمار پير جو ڳوٺ 32- عبدالنعيم لنڊ ميهڙ 33- سڄڻ علي مغيري وارهه 34- مس ايس مٺواڻي ڏيپلو 35- اشفاق سومرو مرزاپور 36- امر لعل مينگهواڙ ڏهرڪي 37- غلام شبير سومرو وارهه 38- نعمت الله بروهي دوڙ 39- الطاف احمد مهڙ سڪرنڊ 40- اياز حسين سومرو سومرا ڳوٺ لاڙڪاڻو41- خالد حسين شيخ قمبر 42- نجما پروين عباسي راڻي پور 43- محفوظ علي ٻرڙو قمبر 44- معظم علي ٻرڙو 45- عبدالسميع سومرو شڪارپور 46- نثار احمد ميتلو پير ڳوٺ 47- سنڌي ڊي ڪي پريمي خانپور مهر 48- محسن سنڌي نرڇ شريف 49- آفتاب خاصخيلي نواب شاهه 50- امر لعل گھنشام داس ڏهرڪي 51- مهتاب علي شيخ ڏهرڪي 52- نور راما ڪوهستاني سٺ ميل 53- شهاب الدين پيرزادو ڪنڊيارو 54- يار محمد لنڊ نوابشاهه 55- عزيز علي پليجو جنگ شاهي 56- محمد سليم شيخ لاڙڪاڻو 57- لطف الرحمان سهتو ڪنڊيارو 58- ظهير منصور قمبر 59- درشن ڪمار خانپور مهر 60- امتياز حسين لاکو خيرپور ميرس 61- منور علي مڱڻهار نئون ديرو 62- علي اصغر پتافي داد لغاري 63- منظور احمد ساهڙ 64- عبدالغفار انجم شاهاڻي موندر 65- فرحان مٺواڻي ڏيپلو 66- عبدالوحيد ملاح دولت پور صفن 67- انور علي ڪليري خانپورمهر 68- پورن لعل ڳوٺ جروار 69- نويد اڪبر ميمڻ لاڙڪاڻو 70- جاويد حيدر ميمڻ لاڙڪاڻو 71- محمد علي نظاماڻي ٽنڊو قبر 72- غلام اڪبر شيخ گمبٽ 73- اعجاز علي چنا هنڱورجا 74- ڪامران جھتيال ڳوٺ ٻڍو جھتيال 75- ممتاز علي ميمڻ ڳوٺ ٻيلو 76- نور حسن چنو شاهه پنجو سلطان 77- ذوالفقار بوزدار 78- محمود معصوم سنديلو ڳوٺ احمد پور سنديلو 79- علي حسن ٽانوري بوزدار وڏا 80- قمر الدين سهتو ڪنڊيارو 81- رحيم بخش ميراڻي خانپور مهر 82- محمد لقمان ملڪ ڏهرڪي 83- ممتاز علي شربوزدار وڏا 84- نويد عباس ميمڻ سجاول 85- الطاف حسين ڀٽي بوزدار وڏا 86- بشير احمد منگي دادلغاري 87- ممتاز علي کٽي نندو شهر 88- محمد يونس شيخ بدين 89- سلام الله شاهه ٺٽو 90- نياز محمد ڪلوئي سرڪاري کوهه 91- ذوالفقار گاڏي خيرپور ناٿن شاهه 92- ڪي پريمي خانپور مهر 93- سعيد احمد لوهار نصيرآباد 94- عبدالجيل بليدي کوسڪي 95- امداد حسين شر ڳوٺ مٽ 96- محمد اسلم مڱڻيجو وارهه 97- فهميده ميمڻ پير جو ڳوٺ 98- محمد انور اگهيم بگهاڙ موري 99- عبدالروف ميمڻ سجاول 100- حيدر علي آزاد راڄو خاناڻي 102- پريم ڪمار راڄو خاناڻي 103- ديدار علي خواجا سجاول 104- عبدالرافع شيخ شهداد ڪوٽ 105- جان محمد لاشاري ميرپور ٻرڙو 106- ڪيڊٽ عمران ميمڻ پيٽارو 107- شبير احمد اعواڻ ڪنڌ ڪوٽ 108- مقصود احمد ميمڻ سجاول 109- ممتاز علي وگهيو دادو 110- سجاد علي ميراڻي موهن جو دڙو 111- صاحب خان ميراڻي موهن جو دڙو 112- علي اصغر مڱڻيجو وارهه 113- حزب الله مهيسر سکر 114- محب بلوچ بڪيرا شريف 115- سرفراز احمد ميمڻ بدين 116- ڪيڊٽ مهراج الدين شيخ پٽارو 117- ممتاز علي سومرو دڙو 118- پرڪاش پربت ڪيڊٽ، پيٽارو 119- انور پروانو ميمڻ ٺٽو 120- شيخ شاهه محمد لاڙڪاڻو 121- شاهد عزيز ڀٽي بڪيرا 122- فيصل ميمڻ بڪيرا 123- حافظ شرجيل ميمڻ بڪيرا 124- ظهور احمد ميمڻ بڪيرا 125- منور عزيز ٻگهيو وارهه 126- حاجي خان سيال ڄام شورو ڪالوني 127- عبدالستار جروار صاحب خان جروار جو ڳوٺ 128- رئيس شيراز علي ڪاڇي مانجهند 129- فهد احمد عباسي لاڙڪاڻو.

نوٽ: ٻارن جا گهڻا جواب صحيح آيا آهن، ان لاءِ ٻارن جي خواهش کي آڏو رکندي سڀ نالا شايع ڪجن ٿا.

رنگ ڀريو سلسلو

رنگ ڀريو سلسلي ۾ سمورن ٻارن جا چتر، مسٽر طارق عالم کي ڏيکاريا ويا. جنهن ۾ پهريون نمبر ”سعيد خان چانڊيو“ ڪلاس ستون، هاءِ اسڪول نئون ڪوٽ آيو. جنهن کي ٽن مهينن لاءِ گل ڦل مفت موڪلبو. باقي هيٺين ٻارن حصو ورتو.

مهتاب شيخ لاڙڪاڻو، محمد حنيف شيخ هنڱورجا، محمد قاسم ميمڻ ٻٺورو، غلام مصطفيٰ شاهاڻي دادو، منور عزيز ٻگهيو وارهه، نويدالرحمان ڀٽو وارهه، محفوظ علي ٻرڙو قمبر، اشفاق احمد قريشي دادو، ذيشان مير کوکر لاڙڪاڻو، گل حنا ميمڻ لاڙڪاڻو، غلام شبير منگي لاڙڪاڻو، شاهد حسين ابڙو، رام چند ٺل، سيد شڪيل عباس شاهه ٺل، مهناز بگٽي ٺل، شاهه محمد نظاماڻي، جاويد علي سٺيو ٽنڊو محمد خان، ڪلثوم سومرو ميرپور ٻرڙو، نارائڻ آشواڻي سجاول، محمد سليم رتو ديرو، غلام مصطفيٰ پتافي وحدت ڪالوني حيدرآباد، شوڪت علي ميمڻ ڄام شورو، دولت رام لوهاڻو، ڪامران قادر خاصخيلي سجاول، محمد صالح سومرو نواب شاهه، علي اصغر مڱڻيجو وارهه، شاڪره نظاماڻي ٽنڊو سومرو، مهيش ڪمار واسواڻي، شبير احمد سيٺار ٻورڙي، عظميٰ سيد نواب شاهه، امر لعل گهنشام داس ڏهرڪي، ذوالفقار ميمڻ پير جو ڳوٺ، بابر نور گاڏهي ميهڙ، محسن سنڌي نرڇ، جمشيد علي شورو ميرپورو بٺورو، چيتن لعل سوٽهڙ نئون ڪوٽ، پورن لعل ڳوٺ جروار، غلام مجتبيٰ کٽي سجاول، راج ڪپور خانپور مهر، مهيش ڪمار خانپور، انور ملڪ ڏهرڪي، درشن ڪمار خانپور مهر، ارم گل انصاري بوزدار وڏا، سجاد علي ميمڻ ڳوٺ گجو، انيل ڪمار ڏهرڪي، نولرام ڪوهستاني سٺ ميل، ذوالفقار گاڏهي خيرپور ناٿن شاهه، نريت ڪمار راٺي پنگريو، علي حسين ٽانوري بوزدار وڏا، مظفر علي سهتو ڪنڊيارو، ساجده پرويز جتوئي شڪارپور، منظور احمد ساهڙ ڳوٺ مسو ساهڙ، ڪنڊيارو، ساجده پروين جتوئي شڪارپور، منظور احمد ساهڙ ڳوٺ مسو ساهڙ، امر لعل مينگهواڙ ڏهرڪي، محسن علي سانگي لاڙڪاڻو، انور علي ڪليري خانپور مهر، ڪيولرام عمرڪوٽ، فضل الله بنگل ديرو، آغا دانش مغل نواب شاهه، عمران مخدوم درٻيلو پراڻو، عبدالله کوکر، عطا محمد ڳوٺ بکر جمالي، فرحان اسحاق مٺواڻي ڏيپلو.

نتيجو هڪ ڏينهن جو ڳالهه

هي سلسلو ٻارن ۾ لکڻ جو ڏانو اچڻ لاءِ شروع ڪيو ويو هو، جيڪو مسلسل ڪيترائي مهينا هلندو رهيو. هاڻ ان ۾ يڪسانيت پيدا ٿي وڃڻ ڪري نئين سال کان ان کي ختم ڪري ٻيا دلچسپ سلسلا شروع ڪجن ٿا.

هن ڀيري ڪنهن به ٻار جو مضمون شايع ڪرڻ جهڙو نه آهي. ان لاءِ صرف نالا شايع ڪجن ٿا.

1- ممتاز علي ميمڻ ٻيلو شهر 2- منور علي مڱڻهار نئون ديرو 3- وفا محسن سنڌي ڳوٺ نرڇ 4- ڊي-ڪي پريمي خانپور مهر 5- زبيرا احمد شاهه هالائي 6- قطب علي جمالي نواب شاهه 7- صغير احمد چنو ڏوڪري 8- نظر بروهي ڇتو چنڊ 9- نسيم الغني قريشي حيدرآباد 10- اسد ڀٽي نواب شاهه 11- مڪيس ڪمار ڏهرڪي 12- جمشيد ميمڻ ميرپور خاص 13- پرويز احمد خواجا گهڙا 14- ممتاز علي مغل ميهڙ 15- عاجز حيدر مغيري وارهه 16- عبدالغني بجير 17- عبدالغفور دايو ميرپور ٻرڙو 18- صاحب خان ميراڻي موهن جو دڙو 19- سجاد علي ميراڻي ڏوڪري 20- محمد نور گاڏهي ميهڙ 21- لجپت راءِ متلاڻي 22- آصف علي ڏيپر وارهه 23- مسعود جوڻيجو ڏيپلو 24- محمد غازي ٻانهو ملڪ 25- زاهد احمد سومرو جاتي 26- نصرالله سولنگي وارهه 27- سيد امداد علي شاهه نواب شاهه 28- غلام الرسول دکڻ ميرپور ماٿيلو 29- راج ڪپور خانپور مهر 30- دليپ ڪمار عادلپور 31- شاڪره نظاماڻي ٽنڊو سومرو 32- معشوق علي شهه بخاري گهوٽڪي 33- ڪاشف سندراڻي دڙي سندراڻي 34- نرسنگ لعل کيماڻي خانپور مهر 35- شاهنواز ڪنڊرا ٽنڊو محمد خان 36- الهه وسايو سومرو 37- حزب الله سومرو سکر 38- ڪلثوم سومرو ميرپور ٻرڙو 39- شبير احمد اعواڻ ڪنڌ ڪوٽ.

نتيجو ڏاهپ جا نڪتا

ٻار ائين آهي. جيئن آلو سيمنٽ، جيئن بيهار بس تيئن بيهندو. هن نڪتي کي هيٺين اٺن ٻارن پسند ڪيو آهي.

1- لڌو مڇارو سجاول 2- ثمينا سانڊاڻو قمبر 3- محمد انور ملڪ ڏهرڪي 4- محسن علي سولنگي لاڙڪاڻو 5- منظور احمد ساهڙ 6- درشن ڪمار پريمي خانپور مهر 7- نظر محمد بروهي 8- نسيم احمد گهنڃو.

مختلف نڪتن کي ٻين هيٺين ٻارن پسند ڪيو آهي.

1- مڪيش ڪمار ڦلواڻي 2- عبدالله سومرو مرزا پور 3- خادم حسين گل گهنڃو 4- محب علي کوسو ميهڙ 5- جاويد لاشاري 6- ڊي. ڪي پريمي خانپور مهر 7- محمد عبدالغفار اوٻاوڙو 8- يوسف بوبي سومرو نسيم ننگر 9- فيروز گل ميرجت بهار خان ميرجت 10- ممتاز علي ميمڻ ٻيلو 11- محمد بخش سومرو ڀورئي 12- محمد يونس شيخ بدين 13-نثار ميتلو احمد پور 14- مهتاب علي شيخ لاڙڪاڻو 15- خالد حسين شيخ قمبر 16- عبدالرشيد سومرو نصير آباد 17- لطف الرحمان سومرو سهتو 18- عتيق سومرو لاڙڪاڻو 19- محفوظ علي ٻرڙو 20- محمد نور گاڏهي ميهڙ 21- سيد امداد علي شاهه نواب شاهه 22- جميل احمد کٽي نواب شآهه 23- جئه ڪمار کتري ڍورو نارو 24- اصغر داد لغاري 25- سڪندر علي شورو حيدرآباد 26- پنهل ميمڻ لاڙڪاڻو 27- عبدالحميد ملاح دولت پور صفن 28- سورج گل ڪرم آباد 29- معظم علي سومرو قمبر 30- شاڪره نظاماڻي ٽنڊو قيصر.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

جواب ڏيو ۽ نالا شايع ڪرايو

پيارا ٻارو! هن پرچي کان وٺي اسان ”ذهني آزمائش جو سلسلو جاري ڪري رهيا آهيون. انهي آزمائشي سلسلي ۾ هر دفعي پنج سوال پڇيا ويندا ۽ انهن جا صحيح جواب ايندڙ پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا.

اوهان کي ”ذهني آزمائش“ جي سلسلي ۾ شرڪت ٿيڻ جي دعوت ڏجي ٿي. اهي دوست جن پنجن ئي سوالن جا جواب درست ڏنا، تن جا نالا ”گل ڦل“ ۾ شايع ڪيا ويندا. مهرباني ڪري خط لکي اهو به ٻڌائيندا ته اوهان کي هي سلسلو ڪيئن لڳو.

ذهني آزمائش نمبر 1

سوال نمبر1: رشتو ٻڌايو

مون جڏهن امير بخش کان پڇيو ته انور تنهنجو ڇا ٿئي؟ ان تي امير بخش ٻڌايو ته مان انور جي نانيءَ جي اڪيلي ڄاٽي جي ڌيءَ جو مڙس آهيان. ٻڌايو ته ڇا انور، امير بخش جو ڇا ٿئي؟

سوال نمبر2: شاهه جو بيت مڪمل ڪريو

تون حبيب، تو طبيب، تنهم ڊٺن دڀ،

تون ڏيين، تون لاهين، تنهم هادي رب،

سوال نمبر3: شخصيت ٻڌايو

هڪ ئي وقت تي علم ادب، سياست ۽ روحانيت سان واسطو. سندس تخلص جا پويان ٻه حرف ۽ سندس شهر جي نالي جا پويان هي حرف هڪ جهڙا.

سوال نمبر4: ڇهن لفظن وارو جملو ٺاهيو

جنهن جو هرهڪ لفظ جو پهريون حرف ”1“ يا ”آ“ سان هجي.

سوال نمبر5: ٻڌايو ته نيپئر سنڌ تي ڪڏهن قبضو ڪيو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com