جنهن ۾ هن زندگي جو بنيادي جزو امائينو ائسڊ (Amino
acid)
لڌو. جنهن مان پروٽين جا ماليڪيول ٺهندا آهن. هن
اهو تصور ڪيو ته انهن پروٽين مان جاندار سيل ٺهيا
هوندا. سڀ کان پهريائين دنيا ۾ ٻوٽا وجود ۾ آيا.
جن کان بعد جانورن جنم ورتو. اگر ٻوٽا نه هجن ها
ته جانور ڪئين زندهه رهن ها. جن کان پوءِ انهن ۾
خشڪي تي رهڻ لاءِ تبديليون آيون. ننڍا ٻوٽا وڌي وڻ
ٿيا جيڪي اڳ ۾ پاڻي کان سواءِ پنهنجو پاڻ کي
سنڀالي نه سگهندا هئا ۽ جانورن جون ٽنگون ٺهيون.
ٻنهي جي ٻاهرين کل سخت ۽ ٿلهي ٿي ته جئين خشڪي جي
موسمن جو مقابلو ڪري سگهن. ڊائينوسارس (Dinosours)
دنيا ۾ سٺ کان پنجهٺ ملين سالن تائين دنيا ۾ رهيا.
جيڪي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ تمام وڏا هئا. انهن جي ختم ٿي
وڃڻ جو سبب گرمي پد جو گھٽجڻ آهي. ڇاڪاڻ ته ڊائينو
سارس کي نه کنڀ ۽ نه پر هئا. جنهن سان پنهنجو سيءُ
کان بچاءُ ڪري سگهن ۽ ٻيو ته گھڻائي ٻوٽا سيءُ جي
ڪري ختم ٿي ويا. جنهن کي کائي هو پنهنجو گذر ڪندا
هئا. هيل تائين انٽارڪٽيڪا جهڙي ٿڌي کنڊ مان
ڊائينو سارس جا ڪجھ ڍانچا (Skeletons)
لڌا ويا آهن. ڌرتي جي مٿاڇري تي گرمي جو پد گھٽ
آهي، پر جئين جئين مرڪز ڏانهن وڌبو وڃجي ٿو ته
ٽمپريچر پڻ وڌي ٿو هر ڪلوميٽر کان پوءِ 30 سي
ٽمپريچر جو اضافو ٿئي ٿو. اهڙا طرح زمين جي مرڪز ۾
6000 سي گرمي پد آهي. تنهن ڪري ڪروڙين سال اڳ ۾
جيڪي جانور ۽ ٻوٽا زلزلي يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري
مئا، انهن جي ڳرڻ ۽ سڙڻ ڪري ڪوئلو، پيٽرول، تيل ۽
ٻيون گھڻيون شيون ٺهيون. ته ٻارو اها آهي مختصر
طريقي سان دنيا جي مختصر تاريخ.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ڇانو بنا وڻ
پيارا ٻارو! هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ملڪ جي
بادشاهه جي ذهن ۾ اچي خيال ويٺو ته پنهنجي وزيرن
جي ذهانت جو امتحان وٺجي. بادشاهه ذهين ته پاڻ به
ڪونه هو. پر شينهن کي چوي ڪير ته تنهنجي وات ۾ ڌپ!
چوندا آهن ته جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا تنهن جا چريا
به سياڻا، سو هتي به ساڳي ئي ڳالهه هئي، اڃان ان
کان به وڌيڪ. ڀلا جيڪو ملڪ جي خزاني تي نانگ بڻجي
ويهي رهي، اڻ ڳڻيئي لشڪر جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ جهلي
بيهي ته تنهن سان پڄڻ جي ڪهڙي واٽ!
سو، بادشاهه ڇا ڪيو جو انهيءَ وقت ئي کڻي وزير
گهرايائين. بس سندس حڪم جي ويرم هئي. گهڙيءَ پلڪ ۾
سڀئي وزير پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي اچي بادشاهه جا
سلامي ٿيا. جڏهن پوري درٻار اميرن ۾ وزيرن سان
ڀرجي وئي ته بادشاهه به ٺهي جڙي اچي تخت تي ويٺو.
پنهنجي بيوقوف بادشاهه جي پرڪارن جي سڀني کي ڪل
هوندي هئي. جڏهن به ائين ڪمهلي درٻار لڳائيندو هو
ته ماڻهن جا ڏيل ڏري پوندا هئا، اميرن وزيرن کي
ڦڦڙي وٺي ويندي هئي. سمجهي ويندا هئا ته اجها ٿي
جيري لاءِ ٻڪري ڪسي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ٿيندو، هو
جو درٻاري اچي بيهندا هئا ته کين ٻڌايو ويندو ته
بادشاهه سلامت درٻار لڳائڻ جو خيال لاهي ڇڏيو آهي،
اوهان ڀلي موٽي وڃو. ليڪن هن دفعي، جو بادشاهه وقت
سر اچي تخت تي ويٺو ته سڀني کان ساهه ڇڏائي ويو.
سڀئي انهيءَ انتظار ۾ هئا ته ڏسون ته اٺ ڪهڙي پاسي
ٿو ليٽي! انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ اميرن وزيرن جون ڳچيون
جهڪي ويون، سڀئي ٻانهون ٻڌي وڏي ادب ۽ احترام سان
بيٺا رهيا. آخرڪار بادشاهه جو رعبدار آواز گونجڻ
لڳو. ڀري درٻار ۾ رڳو سندس ئي آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
ائين پيو لڳي ته باقي ڄڻ پٿر جا بت هئا يا انهن جي
وات ۾ زبان جهڙي ڪابه شيءَ ڪانه هئي. بادشاهه هرهڪ
وزير کان سوال پڇندو ويو. پهريائين وڏي وزير ڏي
منهن ڪري سوال پڇيائين: ”اي وزير! بتادبير اسان
اوهان کان معلوم ڪرڻ گهرون ٿا ته اسان جي سڄي
بادشاهيءَ م سڀ کان وڌيڪ خوبيءَ واري ڪهڙي شيءَ
آهي؟“ انهيءَ تي وڏي وزير ڪنڌ جهڪائي ورندي ڏني:
”جهان پناهه! اوهان جي سموري بادشاهيءَ ۾ حضور جو
بخت ۽ تخت ئي سڀ کان سٺيون شيون آهن. اها
بادشاهيءَ سلامت جي ذات ئي آهي، جنهن جي صدقي هن
اجڙيل ۽ ويران روءِ زمين تي باغ بهاري لڳي پئي
آهي“. ٽانءِ ڀريئي سانڀر جيان بادشاهه سينو ڦوڪي،
مڇون وٽي ”بيشڪ، بيشڪ“ چيو. ان کان پوءِ وزير ڏي
منهن ڦيريائين، جنهن سجدو ڪري سندس سلام ڀريو.
بادشاهه کانئس پڇيو ته: ”اي عقلمند وزير! اسان جي
بادشاهيءَ ۾ اوهان کي ڪهڙيون شيون نظر نه ٿيون
اچن؟“ انهيءَ تي وزير ترت جواب ڏيندي عرض ڪيو.
”عالي پناهه! هي نمڪ حلال بندو سالن کان وٺي
بادشاهه سلامت جي پاڇي ۾ سک ۽ سڪون جي زندگي گذاري
رهيو آهي. انهي عرصي دوران هن خادم کي سڄيءَ
بادشاهيءَ ۾ ڪٿي به بک ۽ ڏک ڏسڻ ۾ نه آيا. ”سائين
جن جي سموري رعيت خوش آهي“. انهيءَ تي بادشاهه
”بيشڪ بيشڪ“ چوندي ٽئين وزير سان مخاطب ٿيو. کائنس
پڇيائين: ”اي وزير! آسمان جو سج ته سڀني ڏٺو آهي،
پر ٻڌاءِ ته ڌرتيءَ جو سج ڪٿي آهي؟“ انهيءَ تي
وزير ڪنڌ نمائيندي بادشاهه کي ادب سان جواب ڏنو ته
”بادشاهه سلامت! اوهان جو ولي عهد ئي هن ڌرتي جو
سج آهي“. بادشاهه اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.
وزير، جي اڳ ۾ پنهنجي ساهه بادشاهه جي مٺ ۾ بند
ٿيل محسوس ڪري رهيا هئا، تن جي دلين کي به آٿت اچڻ
لڳو، ۽ سمجهڻ لڳي ته ڪو سندن لولو اگهاڻل آهي.
ليڪن خوشين ۽ غمن ۾ ويڇو ته آهي ئي ڪونه، سک ۽ ڏک
ته پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آهن؛ سو هن سان به ائين ئي
ٿيو. اوچتو بادشاهه کانئن اهڙا سوال پڇيا جن سندن
وايون ئي بتال ڪري ڇڏيون، بادشاهه سڀني وزيرن ڏي
منهن ڪندي پڇيو ته: ”اسان جي بادشاهيءَ جون حدون
ڪٿي ختم ٿين ٿيون؟“ سڀني هڪ ئي آواز بنائي جواب
ڏنو ته: ”حضور! جيستائين اسان جي نگاهه وڃي ٿي“.
پوءِ وري بادشاهه کانئن پڇيو ته: ”ڀلا ٻڌايو ته
اسان جي بادشاهيءَ ۾ اها ڪهڙي ولايت آهي، جتي وڻ
ته آهن پر ڇانو ڪانهي؟“ هي سوال ٻڌندي سڀئي وزير
وائڙا ٿي ويا. سندن منهن جو رنگ ئي بدلجي ويو،
پيرن هيٺان ڌرتي ڇڏائي وين. ڪڇن ائين ڄڻ ڀت. سڄيءَ
درٻار ۾ اهڙي ته خاموشي ڇانئجي وئي جو جيڪڏهن کڻي
سئي اڇلائجي ته به ان جي ڪرڻ جو آواز اچي. اهڙي چپ
ٿي وئي ڄڻ راڪاس گهمي ويو هجي.
بادشاهه تپي لال ٿي ويو، اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس ۽
مٽا ڦوڪجي آيس ۽ ناسون ڦوٽارجي ويس. گجگوڙ ڪندي
چيائين: ”مابدولت طرفان اوهان کي ٽن ڏينهن جي مهلت
ڏني وڃي ٿي. جيڪڏهن اوهان منهنجي سوال جو صحيح
جواب نه ڏنو ته سڀني کي جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ وڌو
ويندو“.
پيارا ٻارو! جنهن ملڪ جي اختيار ۽ اقتدار ۾ عوام
کي ڀاڱي ڀائيوار نه ڪيو ويندي آهي، ۽ اڇي يا ڪاري
جو مالڪ عوام نه پر ڪو ٻيو هوندو آهي ته انهيءَ
ملڪ ۾ عوام جو حشر ائين ئي ٿيندو آهي. سو انهيءَ
ملڪ جو به اهو ئي حال هو. بادشاهه جي هنن وزيرن کي
به اچي سر جي لڳي. هر هڪ پنهنجي پنهنجي گهر وڃي
اونڌي منجي ڪري ويهي رهيو. سندن هڪ ڏينهن ته ائين
ئي ڳڻتيءَ ۽ ڳاراڻي ۾ گذري ويو. ٻيو سج اڀريو ته
مٿن ڏکن جا ڏونگر ڪري پيا. هر هڪ وزير پنهنجي موت
جون گهڙيون ڳڻڻ لڳو. نيٺ ٻيو ڏينهن به گذريو ۽ رات
ڪاري چادر بڻجي ملڪ کي وڪوڙي وئي. هرڪو ماڻهو وڃي
آرامي ٿيو، ليڪن وزيرن جو اچي آرام ڦٽو. وزيرن جي
ڪا، من ۾ جڙي آئي. سوچيائون ته جتي پڄي نه سگهجي
اتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو. سو وڏي وزير کان سواءِ
بادشاهه جا باقي سورهيه وزير پنهنجي جان بچائڻ
لاءِ راتو رات ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا. صبح ٿيو ته اها
خبر باهه جيان سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. تان جو وڃي
بادشاهه جي ڪنين به پهتي. بادشاهه وزيرن کي پڪڙڻ
لاءِ چئني طرفين کڻي گهوڙا ڊوڙايا. بادشاهه جا
سپاهي ڀڳل وزير کي پڪڙي آيا يا نه؟ انهيءَ قصي کي
ڇڏيو. هاڻي اچو ڏسون ته وڏي وزير جو ڪهڙو حال ٿيو.
بادشاهه جي من ۾ اچي گدڙ ويٺو ته متان وڏو وزير به
نه ڀڄي وڃي. ان ڪري هن ڇا ڪيو جو کڻي کيس قيد
ڪرايائينس. وڏي وزير رت رنو، دانهون ڪيون، ليڪن
وريس ڪي به ڪونه، بادشاهه کي ايتري به ڪهل نه آئي
ته اهڙي ماڻهو کي ڇڏي ڏئي جنهن سڄي ڄمار سندس خدمت
ڪئي هجي. وڏي وزير سان کڻي اهڙي جٺ ڪيائون، جو ڄڻ
هن پوري عمر بادشاهه خلاف بغاوت ڪئي هجي. ماڻهن جو
ته دُڪو به داخل ٿي ويندو آهي مگر هن جون هڙئي
قبول نه پيون. هن لاءِ ٻئي پڙ ڳورا ٿي پيا. جنڊ
کڻي ته جنڊ ڳوڙو جي پڙ کڻي ته پڙ ڳورو. ڦٽيل دل
مان دانهن نڪري ويس ته:
جي ٿو ڪڇان ته پٽجن ٿيون مڇان،
جي ٿو ڪيان ماٺ ته پوان ڪاٺ.
ائين بس ويچارو پاڻ کي چئوکنڀو ٻڌرائي ماٺ ٿي ويهي
رهيو. جيئن جيئن شام ويجهي پوندي ٿي وئي تيئن تيئن
کيس يقين ٿيڻ لڳو ته سندس زندگيءَ جو سج به تيزيءَ
سان لڙندو پيو وڃي ۽ گهڙيءَ پلڪ کان پوءِ جڏهن
دنيا وارا ڏيئا ٻارڻ لڳندا تڏهن هن جي حياتيءَ جو
ڏيئو گل ٿي ويندو.
انهي ملڪ جي رواج موجب، جنهن بدنصيب کي موت جي سزا
ڏني ويندي هئي، تنهن کي شام ٿيڻ سان پوري شهر جي
چوڌاري ٽي چڪر ڏياريا ويندا هئا. ان ڪري جڏهن سج
لهڻ، ٻڏڻ تي هو ته وڏي وزير کي گڏهه تي چاڙهي شهر
کان ٻاهر ڪڍي ويا. انهي وقت منهن اونداهي ٿي رهي
هئي ۽ ڌنار پنهنجا ڌڻ چاريو گهر ٿي وريا. انهن
ڌنارن ۾ هڪ ننڍڙو ڌنار به هو. جڏهن وزير جو جلوس
اچي هنن جي ڀرسان گذريو ته سڀني ڌنارن مڙي اچي
جلوس وارن کان ماجرا پڇي. جڏهن ننڍڙي ڌنار کي خبر
پئي ته هڪ معمولي سوال تي جيئري جاڳندي انسان کي
ماريو پيو وڃي ته مٺيان به لڳس ۽ ارمان به ٿيس. ان
ڪري ڊوڙي وڃي وڏي وزير جي گڏهه سان رليو. چوندا
آهن ته ته ڪانءُ کي مزو اچي لڙ سان، سو ماڻهو سڀئي
هنبوشيءَ ۾ پورا هئا. ڀلا جن سادن ماڻهن کي اها به
خبر نه هئي ته اڄ جنهن واقعي تي خوش ٿي رهيا آهن
سو سڀاڻي هنن کي به پيش اچي سگهي ٿو، سي وري ڪيئن
سمجهي سگهندا ته وڏي وزير کي ڪو ٻار پٽيون پڙهائي
رهيو آهي. ننڍڙي ڌنار وڌي وڃي وڏي وزير کي ڪن ۾
چيو: ”مون سڄي ماجرا ٻڌي آهي اوهان غم نه ڪريو،
ظالم بادشاهه جي سوال جو جواب مان ٿو ٻڌايان“.
ٻڏندڙ ماڻهوءَ لاءِ ته ڪک به سهارو ٿيندو آهي. ان
ڪري وڏي وزير ننڍڙي ڌنار کي چيو ته: ”جلدي ٻڌاءِ
اها ولايت ڪٿي آهي جنهن ۾ وڻ ته آهن وڻن جي ڇانو
ٿئي ئي ڪانه“. تنهن تي ننڍڙي ڌنار وڏي وزير کي
چيو: ”اي وڏا وزير! ڌيرج ڪر. کير ٿڻن مان اڃان
نڪتو ئي ڪٿي آهي، جو توکي اچي ڳڻتي ٿي آهي ته ڏڌو
کير ٿڻين ڪيئن پوندو. اسانجي ملڪ ۾ هڪ نه پر
اهڙيون ٻه ولايتون آهن، جتي وڻ ته ٿين پر ڇانو نه
ٿئي“. تنهن تي وڏي وزير بي صبرو ٿيندي ڇوڪري کي
چيو: ”منهنجي حياتي بچائيندڙ فرشتا جلدي ڪري ۽
انهن ولايتن جا پار پتا ڏي. ائين نه ٿئي جو بي رحم
بادشاهه جا ماڻهو مون کي ڦاسيءَ تي نه ٽنگي ڇڏن“.
انهيءَ تي ابهم ڌنار کي رحم اچي ويو ۽ وڏي وزير کي
چيائين: ”اي وزير! تنهنجي جان بچائڻ لاءِ آئون
توکي ٻنهي ولايتن جو ڏس ڏيان ٿو“ ۽ پوءِ ننڍڙي
ڌنار، وزير کي چيو ته: ”حقيقت ۾ اها ولايت
”بادشاهه“ آهي، جنهن ۾ وڻ ته ٿين ٿا، مگر ڇانو اصل
ڪانه ٿئي. تون سڄي ڄمار بادشاهه جي ڀر ۾ گذاري
پنهنجي واري به اڇا ڪري ڇڏيا، ليڪن محنت ۾ خدمت جو
صلو توکي اڄ اهو پيو ڏنو وڃي“. اهو ٻڌندي ئي وڏي
وزير جو ڪنڌ جهڪي ويو ۽ وڏي ارمان سان چوڻ لڳو ته:
”واقعي مون ائين محسوس ٿي ڪيو ته منهنجي ڄمار
بادشاهه جي شفقت جي ڇانو ۾ گذري ويندي، ليڪن اڄ
يقين ٿي ويو ته بادشاهي جي بي رحم وڻ ۾ ڪڏهن به
ڇانو نه ٿيندي آهي، ۽ دنيا جي ڪابه طاقت اڄ مون کي
موت جي منهن مان ڪڍي نه سگهندي“. انهيءَ تي ڌنار
کيس چيو: ”ائين نه چئو وزير صاحب! مان اوهان کي
اهڙو ڏس ڏيان ٿو جنهن مان اوهان جي جان بچي پوندي.
اوهان بادشاهه کي چئو ته جهنگ اهڙي ولايت ٿئي ٿو،
جنهن جي وڻن يعني ڪانڊيرن ۾ ڇانو ڪانه ٿيندي آهي.
اهو جواب ٻڌي بادشاهه اوهان جي جان بخشي ڪندو. ڇو
ته ظالم نه رڳو بزدل ٿيندا آهن. اوهان جو اهو جواب
ٻڌي بادشاهه خوش ٿي ويندو. اوهان دلجاءِ ڪريو“.
اهو جواب ٻڌي وزير کي ڪجهه آٿت مليو. ۽ ڌنار کانئس
موڪلائيندي چيو ته: ” وزير صاحب! اسان غريب ماڻهو
ڇانو نه ڏيندڙ وڻن کي وڍي، زمين صاف ڪري رنگ برنگي
فصل پوکيندا آهيون ۽ نوان گل ٻوٽا لڳائيندا
آهيون“. بس هو ائين چئي وزير کان موڪلائي وڃي
پنهنجي ڌڻ سان رليو.
انٽرويو: انجم منگي
خالد احمد سومرو
]خالد
احمد سومرو شڪارپور جي. مهڪندڙ ماحول جي پيداوار
آهي. سندس شخصيت انسانيت سان اٿاهه پيار ڪندڙ آهي.
ساڙ حسد ۽ ڏاڍ ڏهڪاءُ يا جهيڙي جهٽي کان بلڪل
بيزار هن ذهين شاگرد گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1
شڪارپور مان مئٽرڪ جو امتحان اَي گريڊ ۾ پاس ڪيو ۽
هينئر سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ پري انجنيئرنگ فرسٽ
ايئر ۾ پڙهي رهيو آهي. مئٽرڪ جي امتحان ۾ 742
مارڪون کڻي شڪارپور ڊسٽرڪٽ ۾ فرسٽ پوزيش کنئي
اٿائين. غريب هئڻ جي باوجود سندس حوصلي ۾ هماليه
جهڙي اوچائي ۽ رڪ جهڙي سختي آهي. اچو ته هن اٽل
ارادي رکندڙ محنتي ۽ مرڪندڙ شاگرد کي اوهان سان
ملايان.[
انجم: توهان ابتدائي تعليم ڪٿي حاصل ڪئي؟
خالد: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪاٺ مڏي مان سنڌي
پنج درجا پاس ڪيم، پر خوش قسمتيءَ سان پنج ئي سال
محنتي استاد ملڻ ڪري پرائمري ماحول کان ڏاڍو متاثر
ٿيس، بنيادي ڪورس جي مهارت ڪري ئي مون اڳتي به
ڪاميابيءَ جو منهن ڏٺو.
انجم: مئٽرڪ ۾ ڪاميابيءَ جا ڪهڙا ڪارڻ سمجهو؟
خالد: پرائمري ڪورس ۾ مضبوطي، استادن جو ساٿ، محنت
۽ ماءُ پيءُ جون دعائون مون کي هن منزل تي پهچائڻ
۾ وڏيون مددگار آهن.
انجم: اڄوڪي تعليمي معيار جو هرڪو پِٽڻو پِٽي رهيو
آهي. اوهان جو نظريو اڄوڪي تعليم بابت ڪهڙو آهي؟
خالد: هائو ڀاءُ! تعليمي معيار بلڪل ڪري چڪو آهي.
غريب شاگرد جيڪي نه ٽيوشن جو خرچ برداشت ڪري سگهن
ٿا ۽ نه وري سفارش ڪرائي سگهن ٿا، اهي سدائين ڌڪ
کائيندا رهن ٿا. مختصر طور اڄڪلهه جي تعليم صرف
ساون ڳاڙهن نوٽن جو چڪر وڃي بچي آهي. باقي صلاحيت
۽ ذهانت جو ڪو داد ئي ڪونهي.
انجم: تعليم ۾ دلچسپيءَ کان سواءِ اوهان ڪهڙا ذوق
رکو ٿا؟
خالد: تعليم منهنجو وڏي ۾ وڏو وندر جو ذريعو آهي.
شاعري تمام گهڻي ڪئي اٿم پر وقت ۽ وسيلن جي ڪمي
انهن جي ڇپائڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب بنجندا رهيا آهن.
مصوري به ڪندو آهيان پر راند سان تمام گهٽ دلچسپي
آهي.
انجم: مهرباني ڪري پنهنجي پسند جي شاعرن، استادن،
پسند جي رنگ ۽ پسند جي شعر کان آگاهه ڪندا ؟
خالد: پسند جا شاعر تمام گهڻي تعداد ۾ آهن، پر ادل
سومري ۽ تاجل بيوس کان گهڻو متاثر آهيان. سائين
بشير احمد هڪڙو، سائين عبدالسميع سومرو ۽ سائين
ممتاز ڀٽو منهنجي پسند جا استاد آهن. رنگن ۾ آڪاشي
نيرو ۽ طوطائي سائو پسند اٿم. شعر:
مٽي جا ملير جي، تنهن مٽيءَ وڏو مان،
منهنجو ديس مهان، جڙي جنهن مان راس ٿيو.
(بيوس)
تاجل ان کان علاوه نثار بزميءَ جو هي بيت به وڻندو
اٿم:
پوکي پوک پيار جي، سونا لُڻ تون سنگ،
رنگيءَ جا سڀ رنگ، سُري ايندءِ ساه ڏي.
بشير احمد ڪلهوڙو
ڪوٽ ڏيجي قلعي جو سير
ٻارو اچو ته ڪوٽ ڏجي قلعي جو سير ڪريون.
حديث پاڪ ۾ آهي ته ”والدين پنهنجي اولاد کي سٺي
تربيت کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه قيمتي تحفو نٿا ڏئي
سگهن“.
سيدنا غوث الاعظم رضي الله عنه جو فرمان آهي:
”ٻارن سان پيار ڪرڻ الله جو رحمت جي نشاني آهي“.
هيءَ حقيقت آهي ته قوم جي ترقي ٻن نڪتن-تعليم عمل
۽ ڪردار-تي هوندي آهي. تعليم تدريس يعني لکڻ، پڙهڻ
جو نالو نه آهي. پر هي اهڙو عمل آهي، جنهن جي مدد
سان ناقص معاشري کي نئين سر ۽ نئين بنياد سان
تعمير ڪري سگهجي ٿو.
ٻارڙن لاءِ نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي
سرگرميون مثال طور ذهني چٽا ڀيٽي، رانديون، اسٽيج
پروگرام، ادبي ميڙا ۽ تفريح.
ان ڪري گورنمينٽ پرائمري مسجد اسڪول بلاول خان
راڻيپور جي شاگردن ۾ شاگردياڻين جو گڏيل تقريبن
اسي ٻارڙن ڪوٽڏجي قلعي جي سير لاءِ پروگرام ٺاهيو.
ان قافلي جي قيادت اسڪول جي هيڊ ماستر استاد قطب
الدين ڪئي.
خميس ڏينهن ٻارڙا رنگ برنگي ڪپڙا پهري بلاول پارڪ
۾ گڏ ٿين لڳا. ٻار تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيا
هئا. تقريبن 12 بجي سوزوڪين ۾ سوار ٿياسون. باب
احمد پور کان نيشنل هاءِ وي تي گاڏيون هلڻ لڳيون ۽
2 بجي ڪوٽڏجي قلعي جي دروازي وٽ لٿاسون.
ڪوٽڏجي جو دفاعي قلعو هڪ ٽڪر تي اڏيل آهي. هن قلعي
کي مير سهراب خان ٺهرايو هو. هن قلعي جو ڪم 1803ع
۾ شروع ڪرايو ۽ ستاويهه سال مسلسل ڏينهن رات 1830ع
۾ ڪم پورو ٿيو. دفاعي قلعي کي مختلف مٿاڇرن تي
مضبوط ٽي دروازا آهن. دروازن ۾ نوڪدار لوها ڪل لڳل
آهن. پهرين ته اهي پري کان نظر نه ايندا جڏهن
ديوار کان مڙنداسون ته دروازي تي نظر پوندي. ان جو
سبب اڳئين زمان ۾ جنگي هاٿي ٽڪر هڻي دروازا ڀڃي
وجهندا هئا. هن قلعي جي دروازن کي پهرين ته ڀڃي ۽
پوءِ مڙڻو پوندو. هاٿيءَ جي سندس سڄي طاقت مڙڻ سان
ختم ٿي ويندي.
ان کان پوءِ دروازي ۾ لڳلڪل هاٿيءَ جي مٿي ۾ گهڙي
ويندا ۽ حملو ناڪام ٿي ويندي. قلعي کي ڪيترائي
گولاوان برج اٿس، جيڪي جيئن مٿي ٿيندا سنها ٿيندا
وڃن ٿا. پڪين سرن سان ماڻهو جي ڇاتيءَ تائين اوچا
اڏيل آهن. ۽ اهي دشمن جي نشانيکان بچاءُ ڪن ٿا.
سڀ کان پهرين پهريون دروازو لنگهي، اندر ٿياسون،
هڪ وسيع ميدان ۾ هڪ کوهه نظر آيو. دروازي تي ٻه
ملازم ويٺا هئا. جنهن مان هڪ اندر هلڻ لاءِ تيار
ٿيو. هو هڪ رستي تان وٺي اڳتي هليو. هن وڏي وڪڙي
کان پوءِ ٻيو به وڏو دروازو آيو ان مان لنگهي اڳتي
هلياسون ۽ آخري ٽيون دروازو لنگهڻ سان هڪ وسيع
ميدان ڏسڻ ۾ آيو. آخري ۽ ٽئين دروازي لڳ هڪ وڏي
گولاوان برج ٺهيل هيو جنهن تي جهنڊو چڙهيل هوندو
هو. اسان کٻي پاسي هلڻ لڳاسون. اتي هڪ وڏو حوض
ڏٺوسون، جتي جنگ جي وقت پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو هو ۽
هڪ ڏاڪڻ تي چڙهي توب رکڻ واري جاءِ ڏٺي سين ۽
نيشنل هاءِ وي جون گاڏيون ۽ ويجها شهر به بلڪل ڏسڻ
۾ پيا اچن. اتان لهي سڄي طرف هلڻ شروع ڪيوسين.
عالم پناهه سان لڳ فوجين جي اجهي لاءِ ڪيتريون
ڪوٺيون ٺهيل هيون.
گائيڊ اسانکي ميرن جي حرم ۾ وٺي آيو. ميرن جي حرم
کان اڳ ٻانهين جو گهر هو ۽ ان کان پوءِ مير زادين
جو گهر هو. گهر تما سهڻو نظر پئي آيو. آخر ۾ مير
صاحبن جي ڪچهري واري جڳهه ڏٺي سين. جيڪا اوچو
پٿرائو شاميانو نما جڳهه تي شاهي خاندان لاءِ
جوڙيل هو. ان سان گڏ هڪ وڏو گولاوان برج بنيل هو،
جتي دفاع لاءِ توبون رکيل هونديون هيون.
آخر ۾ جيل خانو ڏٺوسين ۽ ڪجهه فوٽا ڪڍياسين. رستي
۾ هڪ نانگ ڏٺوسي جنهن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي سين،
ليڪن ڀڄي ويو. ان مان لڳي پيو ته هن قلعي جي حفاظت
جو ڪو به بندوبست نه ڪيو ويو آهي. هتان جون توبون
۽ ٻيون نادر شيون موئن جي دڙي جي ميوزم ۾ رکيل
آهن. هجڻ ته ائين گهرجي ته ميرن جي دور جون شاهي
توبون ۽ ٻيون نادر شيون حفاظت ۾ وٺي قلعي ۾ ميوزم
گهر ٺاهي رکيون وڃڻ ته جيئن ملڪي ۽ غير ملڪي سياه
ڪوٽڏجي جي تهذيب کان واقف ٿين.
بعد ۾ ٻارڙن کي رفريشمينٽ ۾ فروٽ تقسيم ڪيو ويو.
هن قافلي جي لاءِ فنڊ عباسي ڪلهوڙا تنظيم راڻي پور
مهيا ڪيو هو ۽ هي ننڍڙن ٻاررن جو قافلو کل خوشين
سان گهڏ واپس وريو.
سنڌيڪار: محمد اسماعيل پٺاڻ
ڪهاڻي
اسڪروائلڊ
بي غم شهزادو
شهر جي وچ ۾ هڪ ڊگهي ٺُل تي بي غم شهزادي جو مجسمو
هو. سندس جسم تي سوني پوشاڪ پهريل هئي، جنهن ۾ سون
جا گل ۽ پن ٺهيل هئا. هن جو اکيون هيري جون هيون ۽
سندس تلوار جي هٿن ۾ هڪ وڏو روبي (Ruby)
پٿر جڙيل هو. هي سهڻو شهزادو ماڻهن کي ڏاڍو وڻندو
هو.
هڪ رات ان شهر مٿان هڪ ابابيل پکيءَ جو گذر ٿيو.
هن جا دوست ڇهه هفتا اڳ ۾ مصر هليا ويا هئا ۽ هڪ
پٺتي رهجي ويو هو، ڇو ته هن جي هڪ سهڻي ڪانهه جي
ٻُوڙي سان عشق ٿي ويو هو. هي ان ٻوڙي سان موسم
بهار جي مند ۾ مليو هو، جڏهن هو پيلي پوپٽ پٺيان
اڏامندو ٻوڙي جي هڪ سنهي چيلهه واري تيليءَ تي
موهجي پيو. ٻين ابابيل پکين چيو، ”هي ته کل جهڙو
عشق آهي“ جڏهن سرءُ آئي ته ٻيا ابابيل پکي اڏري
هليا ويا.
ساٿين جي وڃڻ کان پوءِ ابابيل ڏاڍو اُداس ٿيو ۽
عشق کان تنگ ٿيڻ لڳو. ”هوءَ ته ڳالهائي به ڪونه
ٿي.“ هن چيو ”۽ مون کي ته ڀو آهي ته متان بدچال به
هجي، ڇو ته هوءَ هوا سان کيچل ڪري رهي آهي.“
ائين چئي هو اڏامي هليو ويو. سارو ڏينهن اڏرندو
رهيو، رات جو هو شهر پهتو، هو هاڻي سوچڻ لڳو، ”مان
ڪٿي رهان؟ سڄو ڏينهن سمهڻ جون تياريون ڪري رهيو
هوندو.“
آخر هو اڏري مجسمي جي ٺل تي اچي ويٺو. ”مان اتي
رهندس، هي ڏاڍي سٺي جاءِ آهي.“ هن چيو ۽ ڦڙڪو کائي
بي غم شهزادي جي پيرن جي وچ ۾ لهي، سمهڻ جون
تياريون ڪرڻ لڳو. هن پنهنجي چهنب کنڀن ۾ اڃا مس
وڌي ته مٿان هڪ پاڻي جو ڦڙو لڳس. هن دانهن ڪري
چيو، ”ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي، آسمان ۾ بادل جو
ٽڪڙو به ناهي ۽ مينهن وسي رهيو آهي! يورپ جي موسم
ته ڏاڍي خراب آهي.“ ان کان پوءِ هڪ ٻيو ڦڙو ڪريو.
”مجسمي جو ڪهڙو فائدو، جيڪڏهن اِهو مون لاءِ مينهن
به روڪي نه ٿو سگهي؟“ هن چيو ۽ فيصلو ڪيائين ته
هتان اُسهڻ گهرجي. کنڀ کولڻ تي هو ته مٿان هڪ ٽيون
ڦڙو ڪريو، هن مٿي نظر ڪئي ته عجيب ڳالهه نظر آيس.
هن ڏٺو ته بي غم شهزادي جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي
ويون آهن. هن جو چهرو چانڊوڪيءَ ۾ ايڏو سهڻو پئي
لڳو، جو ابابيل پکيءَ کي رحم اچي ويو.
”تون ڪير آهين؟“ ابابيل هن کا پڇيو. ”مان بي غم
شهزادو آهيان“ مجسمي جواب ڏنو. ته ”پوءِ تون روئين
ڇو پيو؟“ ابابيل چيو، ”تو ته مون کي ڀڄائي ڇڏيو
آهي.“ مجسمي جواب ۾ چيو ”جڏهن مان جيئرو هوس ۽ مون
۾ انساني دل هئي ته مون کي خبر به نه هئي ته لڙڪ
ڇا ٿيندا آهن؟ ڇو ته مان هڪ بي غم محل ۾ رهندو
هوس. جتي غم کي داخل ٿيڻ جي اجازت به نه هئي.
ڏينهن جو مان باغ ۾ کيڏندو هوس ۽ شام جو عظيم هال
۾ ڊانس ڪندو هوس. درٻاري مون کي بي غم شهزادو
سڏيندا هئا، پر هاڻي جڏهن مان مري ويو آهيان، مون
کي انهن هتي تمام مٿانهين جڳهه تي کڙو ڪيو آهي.
هتان مان پوري شهر جي حالت-زار ۽ گندگي ڏسي رهيو
آهيان. جيتوڻيڪ منهنجي دل شيهي جي ٺهيل آهي، تڏهن
به مان اهو منظر ڏسي بي اختيار روئي ٿو پوان.“
”ڇا! هو سڄو سارو سونو ناهي؟!“ ابابيل پاڻ سان
ڳالهائيندي چيو. هو احترام کان اهو جملو ڏاڍيان
چئي نه سگهيو.
شهزادي ڳالهه جاري رکندي چيو، ”پري، تمام پري هڪ
ننڍڙيءَ گهٽيءَ ۾ هڪ غريب گهر آهي. دريءِ مان هڪ
مائي کي ڏسان ٿو، جيڪا ٽيبل جي ڀرسان ويٺي آهي.
سندس منهن سنهو ۽ ٿڪل آهي. سندس هٿ سخت، ڳاڙها ۽
سُئيءَ جي نشانن سان ڀريل آهن. هوءَ هن وقت هڪ
گاؤن تي گل ڀري رهي آهي. جيڪو راڻيءَ جي هڪ پياري
نوڪرياڻي درٻاري ناچ ۾ پهريندي. مائي جي ڀرسان
بستري ۾ هڪ بيمار ٻار پيو آهي ۽ هو روئي رهيو آهي.
ابابيل، ننڍڙا ابابيل! تون هيئن ڪر جو منهنجي
تلوار جي هٿيي مان رُوبي پٽي مائي کي وڃي ڏي.“
ابابيل جواب ڏنو: ”مان مِصر ٿو وڃان، منهنجا دوست
هن وقت نيل درياءَ تي اڏري رهيا هوندا ۽ ڪنول جي
گلن سان ڳالهيون ڪري رهيا هوندا.“
”ابابيل، ابابيل، ننڍڙا ابابيل! تون مهرباني ڪري
هڪ رات هتي رهه، ۽ منهنجو ڪم ڪر.“ شهزادي چيو.
شهزادو ايڏو غمگين ڏسڻ ۾ پئي آيو جو ابابيل کي رحم
اچي ويو. ”هتي ته ڏاڍي ٿڌي آهي پر مان تنهنجي لاءِ
هڪ رات ترسندس ۽ تنهنجو ڪم ڪندس“. ابابيل چيو.
ابابيل تلوار جي هٿيي مان رُوبي پٽيو ۽ شهر جي
ڇتين مٿان اڏرندو ويو. آخر هو غريب گهر تي پهتو ۽
اندر جهاتي پاتائين. ڇوڪرو بستري تي تڙپي رهيو هو
۽ سندس ماءُ کي ننڊ اچي وئي هئي. ابابيل ٽپو ڏيئي،
ٽبيل تي آڱرڻيءَ جي ڀرسان رُوبي رکيو. پوءِ هو
آهستي ڇوڪري جي پيشاني تي کنڀ هلائڻ لڳو. ”ڪيڏي نه
سٺي هوا لڳي رهي آهي! ڇوڪري چيو ۽ ننڊ ۾ ٻڏي ويو.
جڏهن ڏينهن ٿيو، ابابيل درياهه ڏانهن اُڏري ويو ۽
تڙ ڪيائين. ”اڄ مان مصر ويندس.“ هن چيو ۽ ان خيال
۾ ڏاڍو خوش هو. هن شهر جا سمورا يادگار گهميا ۽
چرچ جي مناري تي ويهي رهيو. جڏهن شام ٿي، چنڊ
اُڀري آيو ته ابابيل بي غم شهزادي وٽ آيو ۽
چيائينس ته، ”مصر ڏانهن ڪو پيغام هجيئي ته مون کي
ڏيئي ڇڏ، مان وڃي رهيو آهيان“.
”ابابيل، ابابيل، ننڍڙا ابابيل! تون هڪ رات وڌيڪ
نه ترسندين!؟“ شهزادي چيس.
”مان ته مصر ٿو وڃان، منهنجا دوست سڀاڻي نيل جي
آبشار تي ويندا“. ابابيل جواب ڏنو. ”ابابيل،
ابابيل، ننڍاڙا ابابيل! پري هڪ مٿانهين منزل ۾ مان
هڪ نوجوان ٿو ڏسان، هن جا وار ڀورا آهن ۽ اکيون
تمام سهڻيون، هو هڪ ٽيبل تي جهڪيو ويٺو آهي جيڪا
ڪاغذن سان ڀري پيئي آهي. شايد ڪو ڊرامو لکي رهيو
آهي. هنپ کي سيءُ ٿو ٿئي ۽ هاڻي لکي نٿو سگهي.“
شهزادي چيو. ”مان تو وٽ هڪ رات وڌيڪ رهي سگهان
ٿو.“ ابابيل چيو، جيڪو ڏاڍو رحمدل هو، ”مان ٻيو
روبي ان ڏانهن کڻي وڃان ڇا؟“
”افسوس، مون وٽ ٻيو روبي آهي ئي ڪونه، منهنجون
اکيون وڃي بچيون آهن، اهي هيرن جون ٺهيل آهن جيڪي
هزارين سال اڳ هندستان کان آندا ويا هئا. هڪڙي اک
ڪڍي وڃي ان نوجوان کي ڏي.“
”پيارا شهزادا، مان ائين نٿو ڪري سگهان!“ ابابيل
روئي چوڻ لڳو.
”ابابيل، ابابيل، ننڍڙا ابابيل! تون ائين ڪر جيئن
مان چوانءِ ٿو.“
ابابيل شهزادي جي اک ڪڍي نوجوان شاگرد جي ڪمري وٽ
اچي پهتو. نوجوان جو منهن هٿن ۾ پيل هو، ان ڪري هن
ابابيل جي کنڀن جو آواز نه ٻڌو، جيئن ئي هن منهن
ٻاهر ڪڍيو ته ٽيبل تي هيرو رکيل ڏنائين.
”منهنجو قدر ٿي رهيو آهي، شاگرد چيو. ”هي هيرو مون
ڏي ڪنهن مداح موڪليو آهي. هاڻي مان ڊرامو مڪمل ڪري
سگهندس.“
ٻئي ڏينهن ابابيل بندر ڏانهن اڏري ويو. اتي هڪ
ٻيڙي جي سڙهه واري لَڪڙي تي ويهي رهيو ۽ مزدورن کي
سامان لاهيندي چاڙهيندي ڏسندو رهيو. هن ڏاڍيان
آوازن ۾ چيو، ”مان مصر وڃي رهيو آهيان!“ پر ڪنهن
به هن ڏانهن توجه نه ڏنو، ۽ جڏهن شام ٿي، چنڊ اڀري
آيو ته هي واپس بي غم شهزادي وٽ آيو چيائين ته،
”مان توکان موڪلائڻ آيو آهيان.“
”ابابيل، ابابيل، ننڍڙا ابابيل هڪ ٻي رات مون وٽ
نه رهندين؟“ شهزادي چيو.
”سيارو آ“، ابابيل جواب ڏيندي چيو. ”مصر ۾ کجين جي
وڻن تي اُس گرم هوندي ۽ منهنجا دوست بعلبڪ جي گرجا
گهر ۾ آکيرو ٺاهي رهيا هوندا، پيارا شهزادا! مون
کي وڃڻ ڏي.“
”هيٺ چواٽي تي،“ شهزادي چيو، ”هڪ ننڍڙي ماچس
وڪڻندڙ ڇوڪري بيٺي آهي، ان جون ماچسون گٽر ۾ ڪري
پيون آهن، اهي سڀ خراب ٿي ويون آهن. سندس پيءُ ان
کي ماريندو، جيڪڏهن گهر پيسا نه کڻي ويئي. هوءَ
هاڻي روئي رهي آهي. منهنجي ٻي اک ڪڍي ۽ ان ڇوڪريءَ
کي وڃي ڏي، ته جيئن مار کان بچي وڃي.“
”مان تو وٽ هڪ رات وڌيڪ رهي سگهان ٿو، ابابيل
چيو،“ پر مان تنهنجي ٻي اک نٿو ڪڍي سگهان، تو بلڪل
انڌو ٿي ويندين.“
”ابابيل، ابابيل، ننڍڙا ابابيل“ شهزادي چيو، ”تون
ائين ڪر جيئن مان چوانءِ ٿو.“
”ابابيل حڪم مطابق شهزادي جي ٻي اک ڪڍي ڇوڪريءَ
ڏانهن اڏامي ويو، ۽ هيٺ ٿي ڇوڪريءَ جي تريءَ تي
وڃي قيمتي پٿر رکيائين. ”ڪيڏو نه سهڻو شيشو آهي“،
ڇوڪريءَ خوشيءَ وچان چيو ۽ هوءَ کلندي گهر هلي
ويئي. ابابيل شهزادي وٽ واپس آيو ۽ چيائينس ته،
”تون هاڻي صفا انڌو ٿي پيو آهين، ان ڪري مان هميشه
توسان گڏ رهندس.“
”نه ننڍڙا ابابيل“! شهزادي چيو، تو کي مصر وڃڻ
کپي.“
”نه مان هميشه توسان گڏ رهندس“، ابابيل اِهو چئي
روئي پيو، ۽ رات شهزادي جي قدمن ۾ گذاريائين.
ٻئي ڏينهن ابابيل سارو ڏينهن شهزادي جي ڪلهي تي
ويٺو رهيو ۽ ان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺل واقعا ۽
ڪهاڻيون ٻڌائيندو رهيو. هن ان کي ٻگهه پکين جي
باري ۾ ٻڌايو جيڪي نيل نديءَ جي ڪناري تي هڪ ڄنگهه
تي بيهي سونهري مڇيون پڪڙيندا آهن هن ان کي مصر جي
ابوالهول متعلق ٻڌايو جيڪو هن دنيا جيڏو قديم آهي.
هن ان کي سائي نانگ جي به ڳالهه ٻڌائي جيڪو کجين ۾
رهندو آهي ۽ جنهن کي ويهه کن بادري ماکيءَ جا ڪيڪ
کارائيندا آهن.
”پيارا ابابيل!“ شهزادي چيو، ”تون مون کي ڏاڍيون
سٺيون ڳالهيون ٻڌائي رهيو آهين، پر سڀني کان عظيم
ڳالهه انسانن جا دک درد ٻڌڻ آهن، هن شهر مٿان
اڏامي مون کي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌاءِ.“
”ابابيل شهزادي جي مشوري مطابق شهر مٿان اڏامڻ
شروع ڪيو. هن ڏٺو ته امير ماڻهو پنهنجن سهڻن گهرن
۾ خوشيون ملهائي رهيا آهن، جڏهن ته غريب ۽ فقير
انهن جي دروازن تي ويٺا آهن. هو ننڍين گهٽين ۾ به
اڏاميو، هن ڏٺو ته پيلن چهرن سان بکايل ٻار
مايوسيءَ ۾ ڪارين گهٽين کي ڏسي رهيا آهن پوءِ
شهزادي وٽ موٽي آيو ۽ ان کي اهو سڀ ڪجهه اچي
ٻڌايائين.
”منهنجو سڄو جسم“، شهزادي چيو، ”سوني پوشاڪي سان
ڍڪيل آهي جنهن تي سونا پن ٺهيل آهن، تون هڪ هڪ ڪري
اهي پن پن غريبن کي وڃي ڏي.“ ابابيل اهي سون جا پن
پٽي وڃي غريبن کي ڏنا. هاڻي شهزادو بي رونق مٽيءَ
جهڙي رنگ جو ٿي پيو. هوڏانهن غريبن کي جڏهن سونا
ورق ملي ويا ته انهن جا چهرا گلابي ٿيندا ويا ۽
انهن جا ٻار خوشيءَ مان کلندي ٽڙندي گهٽين ۾ کيڏڻ
لڳا.
ايترو وقت رهڻ کان پوءِ سيارو پنهنجي جوڀن کي پهچي
چڪو هو ۽ برف باري شروع ٿي ويئي. ويچاري ابابيل کي
سيءَ اچي ورايو، پر هو شهزادي کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه
هو. هن پاڻ کي گرم رکڻ لاءِ کنڀڙاٽيون هلائڻ شروع
ڪيون، پر آخرڪار هو محسوس ڪرڻ لڳو ته مان مرڻ وارو
آهيان. هن جي جسم ۾ ايترو ساهه وڃي بچيو هو، جو هو
تڪليف سان شهزادي کي چيائين، ”پيارا شهزادا،
الوداع!“
”مون کي خوشي ٿي ٿئي جو تون آخرڪار مصر وڃي رهيو
آهين.“ شهزادي چيو، ”تون هتي تمام گهڻو وقت ترسيو
آهين، پر آخر ۾ منهنجن چپن تي چميون ڏي، تون مون
کي ڏاڍو پيارو هئين!“
”مان مصر نه ٿو وڃان“، ابابيل چيو، ”مان موت جي
گهر وڃي رهيو آهيان، موت ننڊ جو ڀاءُ آهي ائين نه؟
هن شهزادي کي چمي ڏني ۽ ان جي پيرن جي وچ ۾ ساهه
ڏنو.
عين ان وقت مجسمي مان هڪ ٺڪاءُ جو آواز آيو، ڄڻ ڪا
شيءَ ڀڄي پيئي هجي. حقيقت هي آهي ته مجسمي جي شيهي
واري دل ٻه ٽڪر ٿي پئي هئي، ٿڌ به ته سخت هئي نه!
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير شهر جي ميئر جو ڪائونسلرن
سان گڏ اتان لنگهن ٿيو. جيئن ئي هن جي نظر مجسمي
تي پيئي ته وات پٽجي ويس. ”هي شهزادي کي ڇا ٿي ويو
آهي؟ ڪيڏو نه خراب نظر ٿو اچي“، ۽ ”هي مئل پکي به
سندس پيرن ۾ پيو آهي! ميئر ڳالهه کي جاري رکندي
چيو: ”اسان کي اعلان ڪرڻ گهرجي ته هتي پکين جو اچڻ
ممنوع آهي.“ ميئر حڪم جاري ڪيو ته شهزادي جي مجسمي
کي لاهي بٺيءَ ۾ پگهاريو وڃي.
”ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي!“ بٺيءَ تي ڪم ڪندڙ مزورن
جي اوور سيئر چيو، ”هي شيهي جي ڀڳل دل پگهري ئي نه
ٿي! ان ڪري انهن دل کي ڪڍي مٽيءَ جي ڍير تي ڦٽو
ڪيو، جتي ابابيل جي لاش کي به ڦٽو ڪيو هئائون.
”دنيا ۾ سڀ کان قيمتي شيون مون وٽ آڻيو.“ خدا
پنهنجي فرشتي کي حڪم ڪيو، ۽ فرشتي شهزادي جي دل ۾
ابابيل جو جسم آڻي پيش ڪيو. ”توهان صحيح شين جي
چونڊ ڪئي آهي!“ خدا تعاليٰ فرمايو، ”هي ننڍڙو پي
منهنجي بهشت جي باغن ۾ هميشه منهنجا گيت ڳائيندو،
۽ منهنجي سوني شهر ۾ هي شهزادو منهنجي تعريف
ڪندو.“
(قسط-1) |