آخر ڪيترن ئي دعوتن کان پوءِ پاليڪسنس سڪليءَ آيو.
ليونٽس تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ راڻيءَ کي پاليڪسنس جو
خاص خيال رکڻ جو تاڪيد ڪيو. هر روز ٻئي گڏجي
هرموئن کي پنهنجي ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جون ڳالهيون
ٻڌائيندا رهندا هئا ۽ هرموئن به سندن ڳالهين مان
لطف وٺندي رهندي هئي.
پاليڪسنس ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ واپس بوهيميا وڃڻ
لاءِ تيار ٿيو. ليونٽس کيس اڃا زياده رهڻ لاءِ زور
ڀريو ۽ هن پنهنجي طور تي چوٽيءَ جوزور لاتو، پر
پاليڪسنس رهڻ کان ٺاپري واري ويهي رهيو. جڏهن
ليونٽس پنهنجي دال ڳرندي ڪونه ڏٺي تڏهن هُن هرموئن
کي چيو ته هوءَ کي رهڻ لاءِ منٿ ڪري. جڏهن هرموئن
پاليڪسنس کي رهڻ لاءِ چيو ته هو هرموئن جي شاهاڻا
لفظن جي ڪري، رهڻ لاءِ مجبور ٿي پيو.
هرموئن جي بدقسمتي اتان شروع ٿي چڪي هئي.
جيتوڻيڪ ليونٽس پنهنجي دوست جي ايمانداري ۽ پنهنجي
زال جي سيرت کان چڱي طرح واقف هيو، تڏهن به هو
پنهنجي زال ۽ دلي دوست لاءِ بدگمان ٿي چڪو هيو.
جڏهن ته هرموئن اهو سڀ ڪجهه صرف صرف ليونٽس کي
راضي رکڻ لاءِ ڪيو هيو. ليونٽس جو غلط فهمي هر وقت
وڌندي رهي ۽ هو هڪدم هڪ سچي دوست ۽ هڪ پيار ڪندڙ
مڙس مان ڦري هڪ وحشي ۽ جهنگلي انسان ٿي پيو.
گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هُن پنهنجي عدالت جي هڪ
سردار ڪيميلو کي پاڻ وٽ گهرايو. ليونٽس هُن کي
پنهنجي دوست ۽ پنهنجي راڻيءَ جي بيوفائي بابت سڀ
ڪجهه ٻڌايو ۽ ڪيميلو کي حڪم ڏنائين ته پاليڪسنس کي
زهر ڏنو وڃي.
ڪيميلو هڪ انصاف پسند ۽ رحمدل ماڻهو هيو. هُن کي
ان ڳالهه جي مڪمل جانچ مان يقين ٿي ويو ته ليونٽس
کي غلط فهمي ٿي آهي ۽ هُن جي ڳالهه ۾ ڪابه صداقت
ڪونهي. ان ڪري هُن پاليڪسنس کي زهر ڏيڻ بجاءِ کيس
پنهنجي بادشاهه جي حڪم کان آگاهه ڪري ڇڏيو ۽
پاليڪسنس جي زور تي پاڻ به هُن سان گڏ سندس ملڪ
هليو ويو ۽ بوهيميا ۾ سندس درٻار ۾ پاليڪسنس جو
سچو ۽ ايماندار دوست ٿي رهڻ لڳو.
پاليڪسنس ۽ ڪيميلو جي فرار ٿيڻ سان ليونٽس جي غضي
۾ ويتر اضافو اچي ويو. يڪدم ليونٽس پنهنجي راڻيءَ
جي ڪمري ۾ ويو، جتي هوءَ پنهنجي پٽ ميمليس کي
ڪهاڻي ٻڌائي رهي هئي. بادشاهه ٻار کي ڇڪي پاڻ وٽ
قابو ڪيو ۽ هرموئن کي قيد اماڻي ڇڏي.
ميمليس هڪ حساس ٻار هيو ۽ کيس پنهنجي ماءُ سان
بيحد پيار هيو. جڏهن هُن پنهنجي ماءُ سان هروڀرو
اهڙو شرمناڪ سلو ٿيندي ڏٺو ته ناخوش ٿي پيو. اِن
عمر ميميليس کان کائڻ پيئڻ سمهڻ جي خواهش بلڪل ختم
ٿي وئي ۽ اِن ڏک جي حالت ۾ موت جو انتظار ڪرڻ لڳو.
هرموئن قيد ۾ ٿوري وقت کان پوءِل هڪ ڌيءَل کي جنم
ڏنو. اُن جي ڄمڻ تي هوءَ دل کولي رُني ۽ ننڍڙي
شهزاديءَ کي چوڻ لڳي:
”منهنجي معصوم پتڪڙي قيدياڻي، مون کان به تو وانگر
ڄمڻ جي هڪ ننڍڙي غلطي ٿي هئي“. ۽ پوءِ زارو قطار
روئڻ لڳي.
هرموئن کي هڪ پيار سهيلي ”پئولينا“ هوندي هئي،
جيڪا سڪليءَ جي هڪ سردار اينٽيگونس جي زال هئي.
جڏهن پئولينا ننڍڙي شهزادي جي ڄمڻ جي خبر ٻڌي ته
قيد ڏانهن هلي آئي ۽ هرموئن جي خدمتگاره ”اميليا“
کي چوڻ لڳي:
”سٺي اميلي! راڻيءَ کي وڃي چئه ته جيڪڏهن هوءَ مون
تي ڀروسو ڪري ته مان هن جي ڄاول ننڍڙي شهزاديءَ کي
بادشاهه سلامت جي درٻار ۾ کڻي وڃان ..... ڪهڙي خبر
ته سندس دل ننڍڙي معصوم صورت کي ڏسي موم ٿي
پوي....“
”منهنجي مالڪياڻي!“ اميليا چوڻ لڳي: ”مان اها آڇ
راڻيءَ سلامت کي ضرور ٻڌائينديس... اڄ هوءَ پاڻ به
انهيءَ خيال جو اظهار ڪري رهي هئي ته ڪاش! سندس ڪا
سهيلي ننڍڙيءَ کي بادشاهه اڳيان پيش ڪري“.
”۽ ها“ پئولينا وري چوڻ لڳس: ”کيس اِهو پڻ
ٻڌائجانءِ ته مان سندس دفاع ۾ پنهنجو پاڻ پوريءَ
ريت پتوڙيندس“. ”شيل توهان سدا آباد رهو“. اميليا
چيس: ”اهڙي نيڪ سيرت راڻيءَ لاءِ جيترو گهڻو ڪجي
اوترو گهٽ آهي.“
هرموئن اهڙي سٺي آڇ قبول ڪري پنهنجي ننڍڙيءَ ڌيءُ
کي پئولينا جي سنڀال ۾ ڏيئي ڇڏيو.
پئولينا وارو وٺي درٻاري اوقات ۾ شهزاديءَ کي
بادشاهه جي پيرن ۾ آڻي رکيو ۽ هر موئن ۽ ننڍڙي
شهزاديءَ جي بار ۾ هڪ دلسوز تقرير پڻ ڪئي. پئولينا
تقرير دوران بادشاهه کي پنهنجي زال ۽ ڌيءَ سان ظلم
جو قصوروار به ٺهرايو.... پر ليونٽس جي غصي ۾
مسلسل اضافو ٿيندو رهيو ۽ آخر برداشت ڪندي
اينٽيگونس کي پنهنجي زال کي پري وٺي وڃڻ جو حڪم
ڏنو.
پر پئولينا ننڍڙي شهزاديءَ کي بادشاهه جي پيرن ۾
ڇڏي ڀڄندي واپس هلي وئي ته شايد بادشاهه اڪيلائيءَ
۾ پنهنجي معصوم نياڻيءَ تي نظر وجهي ۽ کيس اُن تي
رحم اچي وڃي.
پر پئولينا غلط فهميءَ ۾ هئي. ظلم پيءُ هڪدم
اينٽيگونس کي حڪم ڏنو ته هو ننڍڙيءَ کي کڻي سمنڊ
جي ڪنهن ويران ساحل تي مرڻ لاءِ ڦٽي ڪري اچي.
بادشاهه جي حڪم جي تعميل ڪندي معصوم شهزاديءَ کي
بحري جهاز ۾ وجهي پنهنجي ملڪ کان پري هڪ ويران
سامونڊي ڪناري تي مرڻ لاءِ ڇڏي واپس اچڻ لڳو. اڃا
ٿورو پنڌ مس ڪيو هئائين ته اوچتو ڪناري تي بيٺل
وڻن مان هڪ رڇ نمودار ٿيو، جنهن کيس چيري ڦاڙي
ڇڏيو ۽ هميشه لاءِ کيس ختم ڪري ڇڏيو.
اِن دوران بادشاهه پنهنجي ملڪ جي ٻن سردارن
ڪليومينس ۽ ڊائن کي اپالو جي ڪليسا جي درويش
ڏانهن موڪلي چڪو هيو ته جيئن هو درويش کان الله
پاڪ جي طرفان آيل فيصلي کان آگاهه ڪري سگهن. پر
بادشاهه ايترو ته بدگمان ٿي چڪو هيو، جو هن کي
يقين ٿي ويو هيو ته هرموئن جي بدچالي عورت آهي.
ان ڪري بادشاهه ڪيلومينس ۽ ڊائن جي واپسيءَ جو
انتظار به نه ڪيو ۽ مظلوم راڻيءَ کي عدالت ۾ سر
عام عوام جي سامهون پيش ڪيو. اڃا هرموئن عدالت جي
ڪٽهڙي ۾ ججن جي فيصلي جي منتظر هئي ته عدالت ۾
ڪيلومينس ۽ ڊائن داخل ٿيا. بادشاهه کين حڪم ڏنو ته
درويش جو فيصلو سر عام پڙهي ٻڌايو وڃي.
ڪليومينس فيصلو پڙهڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ هيٺيون بيان
ٿيل هو:
”هرموئن ۽ پاليڪنس بلڪل بيگناهه آهن، ڪيميلو هڪ
وفادار ملازم آهي. جڏهن ته ليونٽس هڪ ظالم ۽ حاسد
حڪمران آهي هي پنهنجي گم ٿيل اولاد جي ملڻ تائين
لاورث رهندو“.
ليونٽس درويش جي ٻڌل فيصلي کي قبول ڪونه ڪيو هن
درويش تي راڻيءِ جي ساٿي هجڻ جو الزام پڻ لڳايو ۽
عدالت جاري رکڻ جو حڪم ڏنو.
اڃا معصوم راڻيءَل الزام مڙهيا پئي ويا ته عدالت ۾
هڪ شخص داخل ٿيو جنهن ٻڌايو ته شهزادو ميميليس
پنهنجي ماءُ سان شرمناڪ سلوڪ برداشت ڪري نه سگهيو
۽ ان حالت ۾ وفات ڪري ويو آهي.
سڄي عدالت ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي. هرموئن اها خبر
برداشت ڪري نه سگهي ۽ بيهوش ٿي ويئي. ليونٽس کي
راڻيءَ جي اِن حالت تي ٿورو رحم اچڻ لڳو ۽ پئولينا
کي حڪ ڏنائين ته هوءَ راڻيءَ پاڻ سان وٺي وڃي ۽
کيس چڱي ڀلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پئولينا بادشاهه وت حاضرت ٿي
۽ کيس راڻيءَ جو وفات جي ڏک ڀري خبر ٻڌائي ته
پنهنجي ڪيل ظلم ۽ زيادتيءَ تي ڏاڍو پشيمان ٿيو
هاڻي کيس خبر پئي ته هرموئن جي موت سندس جي بي سبب
ظلم جي ڪارڻ واقع ٿيو آهي. هن کي يقين ٿي ويو ته
هوموئن بلڪل معصوم هئي. ليونٽس کي يڪدم درويش جا
چيل لفظ ياد اچي ويا ۽ کيس يقين ٿي ويو ته هو
پنهنجي ڌيءُ (جيڪا هن سمنڊ جي ڪناري تي مرڻ لاءِ
موڪلي هئي)، جي ملڻ تائين لاوارث رهندو. ليونٽس کي
راڻيءَ جي موت سخت صدمو رسايو هيو ۽ پنهنجي ڪئي تي
تمام گهڻو پڇتائڻ لڳو.
اهڙيءَ ريت بادشاهه (ليونٽس) جي زندگيءَ جا باقي
سال ڪرب ۾ گذرڻ لڳا.
جنهن ڪناري تي ننڍڙي شهزاديءَ کي مرن لاءِ ڦٽو ڪيو
ويو هو، اتفاق سان اُهو بوهيميا جو سامونڊي ڪناري
هيو.
ننڍڙي شهزاديءَ کي زرق برق ڪپڙا پهريل هئا ۽ زيورن
سان به سينگاريل هئي. اينٽيگونس ننڍڙي شهزاديءَ کي
بي يار و مدد گار ڪرڻ وقت هن جي قميض ۾ ٽاچني سان
هڪ پنو هڻي ڇڏيو هيو. جنهن تي هُن پريڊٽا (پريڊٽا
هڪ يوناني لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”گم ٿيل“)
جو لفظ لکي، اُن بدقسمت معصوم شهزاديءَ جي مڪمل
ڪهاڻي تحرير ڪئي هئي. جنهن مان ظاهر پئي ٿيو ته
هوءَ هڪ شهزادي آهي.
خوش قسمتي سان ننڍڙي شهزادي هڪ بي اولاد پوڙهي
ريڍار کي هٿ اچي وئي. جنهن پنهنجي شفقت ۽ پنهنجي
پُر سيرت زال جي پيار سان، پريڊٽا کي پالڻ شروع
ڪيو.
پوڙهي ريڍار اهڙي زيورن ڀريل قيمتي تحفي ملڻ تي
تمام گهڻو خوش ٿيو، پر اهڙي قيمتي سوکڙيءَ کي
لڪائڻ هن جي لاءِ تمام گهڻو مشڪل هيو. ان ڪري
پوڙهي ريڍار بوهيميا سلطانت جي انهيءَ حصي مان
هجرت ڪري ٻئي حصي ۾ هليو آيو. اُتي هُن پريڊٽا جي
زيورن جي ڪجهه حصي مان رڍن جا ڌڻ خريد ڪيا ۽ اهڙِ
ريت هو هڪ شاهوڪار ريڍار بڻجي ويو. ريڍار پريڊٽا
کي پنهنجي اولاد وانگر پالڻ شروع ڪيو. ايتري قدر
جو پريڊٽا کي انهيءَ حقيقت جي خبر به پوڻ نه ڏني
ته ڪا هوءَ سندس اصل ڌي ناهي.
ننڍڙي پريڊٽا ۾ آهسته آهسته وڏي ٿيڻ سان گڏ هن ۾
شامل خوبيون به نمايان ٿيڻ لڳيون. جيتوڻيڪ پريڊٽا
کي هڪ ريڍار جي گهر جو ماحول مليو هيو پر اُن جا
باوجود هوءَ ڪنهن شاهي ٻار کان گهٽ ڪونه لڳندي
هئي... شايد کيس اِها خوبي پنهنجي خوبصورت ۽ خوب
سيرت ماءُ جي طرفان ملي هئي.
پاليڪسنس کي فلوريزل نالي هڪ نوجوان ۽ خوبصورت پٽ
هوندو هيو. هڪ ڏينهن اهو نوجوان شهزادو پوڙهي
ريڍار جي گهر جي ڀرسان شڪار ڪري رهيو هو ته هن جي
نظر پوڙهي ريڍار جي فرضي ڌيءَ پريڊٽا تي پئجي
ويئي. پريڊٽا جي خوبصورتي، نهٺائي ۽ شاهاڻي طريقه
ڪار کيس موهي وڌو ۽ فلوريزل، پريڊٽا تي اڪن شڪن ٿي
پيو.
فلوريزل کي يڪدم ترڪيب سُجهي ۽ هڪ سياح جو روپ
ڪري، پنهنجوي فرضي نالو ”ڊوريڪل“ رکي ريڍار جي گهر
اچي پهتو. ڪجهه ئي وقت ۾ هو پريڊٽا سان ملي جُلي
ويو.
فلوريزل جي لڳاتار غير حاضريءَ پاليڪسنس کي پريشان
ڪري وڌو ۽ ڪجهه ملازم اُن جي ڳولا ۾ موڪلي ڇڏيا.
جن ڪجهه وقت ۾ کيس فلوريزل ۽ پريڊٽا جي پيار جي
خبر آني ڏني.
پاليڪسنس، ليونٽس جي اڳوڻي وفادار سردار ڪيميلو
سان گڏ، روپ بدلائي، ريڍار جي گهر پهچي ويو. اُن
وقت ريڍار جي گهر ۾ دعوت جو بندوبست ٿيل هيو. اهڙي
موقعي تيل گرمي جوشيءَ سان آڌار ڀاءُ ڪيو ويو ۽
کين شامل ٿيڻ جي دعوت پڻ ڏني ويئي. هر هڪ خوشيءَ
وچان ٻهڪي رهيو هيو. ميزون کائڻ پيئڻ جي شين سان
ڀريل هيون. دعوت کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش
ڪري رهيا هئا ۽ ڪجهه نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هڪ
ٻئي سان گڏجي ناچ ۾ مشغول هئا.
اهڙي مشعول نظاري هئڻ جي باوجود، فلوريزل ۽ پريڊٽا
دعوت کان لاتعلق هڪ ڪنڊ ۾ پيار ڀرين ڳالهين ۾
مشغول هئا. بادشاهه ڏٺو ته هن کي ڪوبه سڃاڻن کان
قاصر آهي ان ڪري فلوريزل ۾ پريڊٽا جو پاسو وٺي
ويهي رهيو ۽ ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو. پريڊٽاجي
سادي ۽ عزت ڀري ڳالهائن کيس حيران ڪري ڇڏيو.
ڪيميلو کي چوڻ لڳو: ”مون پهريان ڪڏهن به اهڙي
خوبصورت ۽ شاهاڻا انداز سان ڳالهائيندڙ ڇوڪري ڪونه
ڏٺي آهي. جنهن انداز سان هوءَ ڳالهائي رهي آهي.
اُهو هن جڳهه جان مان کان تمام گهڻو بالاتر آهي“.
بادشاهه ريڍار ڏي منهن ڪري وراڻيو: ”منهنجا پيارا
دوست! هو تنهنجي ڌيءَ سان ڪير ڳالهائي رهيو آهي؟“
”هن کي ڊوريڪلس چوندا آهن“. ريڍار کيس جواب ڏيندي
چيو: ”هن جي چوڻ مطابق هو منهنجي ڌيءَ سان محبت
ڪري ٿو. اِهو چوڻ ڏاڍو مشڪل آهي ته ڪير ڪنهن کي
زياده چاهي ٿو. جيڪڏهن هن نوجوان منهنجي ڌيءَ کي
کٽي ورتو ته مان يقين سان چوان ٿو ته هوءَ کيس اهو
ڪجهه ڏيندي، جيڪو هن نوجوان خواب ۾ به نه ڏٺو
هوندو“. ريڍار جو پريڊٽا جي زيورن ڏي اشارو هيو،
جيڪي هُن پريڊٽا جي شاديءَ لاءَ بچائي رکيا هئا.
ان کان پوءِ پاليڪسنس پنهنجي پٽ سان ڳالهائڻ لڳو:
”نوجوان! مون کي لڳي ٿو ته تنهنجي دل ۾ ڪو ضرور
آهي، جيڪو توکي اهڙي پياري دعوت کان پري ڪري رهيو
آهي جڏهن مان نوجوان هيس ته مون پنهنجي پيار کي
تحفن ۽ سوکڙين پاکڙين سان وهنجاري ڇڏيو هو، پر تو
ته پنهنجي محبوبه لاءِ ڪجهه پري خريد ڪونه ڪيو
آهي“!
فلوريزل پنهنجي پيءُ کي قطعي سڃاڻي ڪونه سگهيو ۽
جواب ۾ وراڻيائين: ”پوڙها سائين! هن کي اهڙا ظاهري
تحفا ڪونه لڳائين، جيڪي سوکڙيون پريڊٽا مون کي
سونهين، سي منهنجي دل ۾ قابو آهن“.
جڏهن فلوريزل ڀريل دعوت ۾ سڀني اڳيان پريڊٽا سان
شادي ڪرڻ جو قسم کاڌو ته بادشاهه ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي
ويو ۽ يڪدم ڏاڙهي لاهي پنهنجي اصلي روپ ۾ واپس اچي
ويو. فلوريزل کي چوڻ لڳو:
”توکي ايتري گهٽ ذات واري ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو
خيال آيو ڪيئن؟.....“
بادشاهه ڪاوڙ ۾ پريڊٽا کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو:
”ڪمذات، اگر وري تو فلوريزل سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي
ته توکي ۽ تنهنجي پيءُ پوڙهي ريڍار کي ختم ڪرائي
ڇڏيندس“.
بادشاهه ڪاوڙ ۾ ڪيميلو کي فلوريزل سان گڏ واپس ورڻ
جي حڪم ڏيڻ جو حڪم ڏيئي محلات ڏانهن روانو ٿي ويو.
پريڊٽا جي خوابن جو محل ذريون ذريون ٿي چڪو هيو.
فلوريزل کي چوڻ لڳي:
”جيتوڻيڪ اسان جون اميدون تباهه ٿي چڪيون آهن،
تڏهن به مان نا اميد ڪونه آهيان. مان بادشاهه
سلامت سان هڪ دفعو ضرور ڳالهائينديس ۽ کيس سڌو
سنئون ٻڌائينديس ته ساڳو سج، جيڪو هن جي محلات
مٿان چمڪي ٿو، اُهو ئي اسان جي گهر مٿان پڻ چمڪي
ٿو ۽ ٻنهي تي ساڳي روشني ڏئي ٿو“. |