وڌيڪ ڏک مجهان فلوريزل چوڻ لڳي: ”پر هاڻي مان خواب
مان جاڳي چڪي آهيان، مان تنهنجي راڻي ٿيڻ جي لائق
ڪونه آهيان. مون کي ڇڏيو هليو وڃ، مان انهن رڍن جي
ڌڻن سان ٺيڪ آهيان“.
ڪيميلو ڏٺو ته شهزادي پريڊٽا کي پنهنجي دل جي
گهراين سان چاهي ٿو ۽ پريڊٽا به کيس اوترو ئي چاهي
رهي آهي. ڪيميلو اڳ ۾ ئي رحمدل هيو. سو اُن کي
ٻنهي تي رحم اچي ويو ۽ هُن ٻنهي جي مدد ڪرڻ جو پڪو
پهه ڪيو.
ڪيميلو کي ڪافي وقت کان خبر پئجي چڪي هئي ته
سڪليءَ جو بادشاهه ليونٽس پنهنجي ڪيل زيادتين تي
ڏاڍو پڇتائي رهيو آهي. هُن کي پوري اميد هئي ته
ليونٽس سندن مدد ضرور ڪندو. ان ڪري ڪيميلو،
فلوريزل ۽ پريڊٽا لکي هڪدم سڪليءَ هلڻ لاءِ تيار
ڪيو ۽ هنن سان وعدو پڻ ڪيائين ته هو سڪلي ءَ جي
عدالت ۾ سندس شادي ضرور ڪرائيندو.
هنن ڪيميلو جي صلاح خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ سڀئي
پوڙهي ريڍار صحيح سلامت ليونٽس جي ملڪ پهچي ويا.
بادشاهه جيڪو اڃا تائين هرموئن جي موت ۽ وڃايل
شهزاديءَ جي ڏک ۾ چُور چُور هيو، تنهن ڪيميلو ۽
فلوريزل کي اُتساه ۽ دل جي گهراين سان خوش آمديد
چيو.
فلوريزل بادشاه سان پريڊٽا کي پنهنجي شهزاديءَ طور
سڃاڻپ ڪرائي. پريڊٽا بادشاهه جو سمورو ڌيان پاڻ
ڏانهن ڇڪي ورتو هو. شايد ان ڪري ته پريڊٽا هوبهو
سندس راڻي هرموئن جهڙي هئي. سوچڻ لڳو ته اگر هو
پنهنجي ننڍڙيءَ شهزاديءَ سان ظلم نه ڪري ها ته
شايد هوءَ به بلڪل پريڊٽا جهڙي پياري ۽ سٻاجهڙي
هجي ها!
بادشاهه (ليونٽس) فلوريزل کي چوڻ لڳو: ”مون تنهنجي
پيءُ جي دوستي وڃائي، تمام گهڻو پڇتايو آهي. هينئر
مون کي پنهنجي زندگيءَ کان زياده هُن جي ملڻ جي
خواهش آهي“.
جڏهن پوڙهي ريڍار، بادشاهه جي واتان سندس وڃايل
ڌيءَ جي ذڪر ٻڌو ۽ هن ڏٺو ته بادشاهه پريڊٽا سان
شهزاديءَ وانگر برتاءُ ڪري رهيو آهي ته هڪدم کيس
پريڊٽا جي ملڻ جو وقت ياد اچي ويو ۽ واقعات کي هڪ
ٻئي سان ڀيٽ ڏيڻ لڳو هونئن به پريڊٽا جا قيمتي
ڪپڙا ۽ زيور شهزادي هئڻ جي نشاندهي ڪري رهيا هئا.
يڪدم ريڍار کي يقين ٿي ويو ته پريڊٽا بادشاهه جي
گم ٿيل ڌيءُ آهي.
ريڍار، فلوريزل ۽ پريڊٽا، ڪيميلو ۽ پئولينا جي
حاضريءَ ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو ته ڪيئن هُن کي
پريڊٽا ملي هئي ۽ ڪيئن هن اينٽيگونس کي مرندي ڏٺو
هيو. مطلب ته هُن بادشاهه کي گذريل سمورا واقعات
بيان ڪري ٻڌايا. ريڍار پريڊٽا جا قيمتي ڪپڙا ۽
زيور پڻ بادشاهه اڳيان پيش ڪيا ۽ ڪاغذ به کيس ڏنو
جيڪو هن کي پريڊٽا جا ملڻ وقت هن جي ڪپڙن ۾ لڳل
مليو هيو. پئولينا پنهنجي مڙس جي لکڻي يڪدم سڃاڻي
ورتي ۽ کيس پنهنجي مڙس جي موت جو يقين ٿي ويو ۽
کيس تمام گهڻو ڏک ٿيو پر بادشاهه سلامت جي گم ٿيل
ڌيءَ جي ملڻ جي خوشي به ٿي. جڏهن ليونٽس پنهنجي
ظلم جي نشان ٿيل ڌيءَ کي سڃاتو ته خوشيءَ وچان نچڻ
لڳو پر يڪدم کيس غم ۽ ڏک جي لهر ورائي ويس. سوچڻ
لڳو، ڪاش هرموئن زنده هجي ها!
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پئولينا سڀني جي حاضريءَ ۾
بادشاهه سلامت کي چيو:
”بادشاهه سلامت! هو نوٽ هڪ اهڙو مجسمو آهي، جيڪو
بلڪل مرحومه راڻي هرموئن وانگر آهي. جيڪڏهن توهان
تڪليف فرمائي منهنجي گهر هلو ته سچي ۽ توهان دنگ
رهجي ويندو“.
بادشاهه پنهنجي راڻيءَ جو مجسمو ڏسڻ لاءِ بيقرار
ٿيڻ لڳو ۽ انهيءَ وقت ئي سڀ گڏجي پئولينا جي گهر
پهچي ويا. پريڊٽا سوچڻ لڳي ته هن جي ماءُ ڪيئن
هوندي؟ ۽ هوءَ به پنهنجي ماءُ جي مجسمي کي ڏسڻ
لاءِ بيقرار ٿيڻ لڳي.
مجسمو هڪ سنهي پردي پٺيان لڪل هيو. جڏهن بادشاهه
سلامت مجسمو ڏٺو ته تعجب وچان حيران و پريشان رهجي
ويو. مجسمو بلڪل هرموئن جي هم شڪل هيو. ڪو تر جو
فرق به ڪونه هيو. بادشاهه يڪدم ڏک ۾ ڀرجي ويو ۽
ڪافي وقت خاموش، مجسمي کي ڏسندو رهيو.
”مون کي توهان جي خاموشي پسند آهي. بادشاهه
سلامت!“ پئولينا خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو: ”اها
توهان جي تعجب کي وڌيڪ نمايان ڪري رهي آهي. غور
سان ڏسو، بلڪل هرموئن وانگر آهي“.
ليونٽس مجسمي کي غور سان ڏسندي چوڻ لڳو: ”مون کي
پياري هرموئن جي بيهڻ جي اها ادا ڏاڍي پسند هوندي
هئي... پر پئولينا ! هرموئن ايتري ته عمر جي وڏي
ڪين هئي جيتري مجسمي ۾ لڳي رهي آهي.“
پئولينا جواب ڏنس: ”ته پوءِ اها مجسمه ساز جي
قابليت چئبي ، جنهن هرموئن جي مجسمي کي حقيقي رنگ
ڏنو آهي. هرموئن هن وقت ۾ بلڪ ائين نظر اچي ها....
پر مون کي اهو سنهڙو پردو به هٽائڻ گهرجي....
توهان ڏسندو ته ڄڻ مجسمو حرڪت ڪري رهيو هجي“.
بادشاهه چوڻ لڳس: ”پردي کي نه هٽائجانءِ مان مري
نه پوان! .... ڪيميلو تون ڏسڻ ڄڻ هوءَ ساه کڻي رهي
آهي ۽ سندس اکيون به حرڪت ڪري رهيون آهن“. پئولينا
چوڻ لڳي: ”بادشاهه سلامت! مان پردو ته ضرور
هٽائيندس، توهان ڏسندو ته ڄڻ مجسمو زنده آهي“.
”پياري پئولينا!“ ليونٽس چوڻ لڳو: ”مون هن سان
تمام گهڻي زيادتي ڪئي هئي... مون کي اجازت ڏي ته
مان هن جي مجسمي کي چمان....“
پئولينارڙ ڪندي وراڻيس: ”نه نه.... بادشاه سلامت!
ائين نه ڪجو ڇو ته هن جي چپن جي لالائي اڃا آلي
آهي. ائين ڪرڻ سان آئل پينٽنگ توهان کي لڳي
ويندي.... مون کي صرف اِهو پردو پري ڪرڻ ڏيو“.
پريڊٽا به مسلسل پنهنجي پياري ماءُ جي مجسمي کي
ڏسي رهي هئي حسرت ڀري دل سان سوچي رهي هئي ته ڪاش!
اڄ سندس ماءُ زنده هجي ها!
يڪدم چوڻ لڳي: ”مان هاڻي ڪاڏي ڪونه وينديس، سموري
حياتي اَمان جي هن مجسمي کي ڏسندي گهاري ڇڏيندس“.
مون کي يا ته پردو پري ڪرڻ ڏيو“. پئولينا ليونٽس
کي چوڻ لڳي: ”يا وري وڌيڪ حيرت لاءِ پنهنجي دل کي
قابو ڪري بيهو. مان مجسمي کي حرڪت ۾ به آڻي سگهان
ٿي. هي پنهنجي جاءِ ڇڏي توهان جو هٿ پڪڙي سگهي
ٿو.... پوءِ توهان مون کي جادوگرياڻي چوندو، جيڪا
حقيقت ۾ مان ڪونه آهيان“.
”جيڪو تون ڪرين، مان ان لاءِ تيار آهيان“. ليونٽس
چيو: ”پوءِ ته تو لاءِ مجسمي کان ڪجهه ڳالهرائن به
مشڪل نه هوندو؟“
پئولينا اجازت ماڻ کانپوءِ تمام آواز ۾ پاڪ ساز
شروع ڪيو. سڀني جا حيرت ۾ وات پٽجي ويا. مجسمو
پنهنجي جاءِ ڇڏي حرڪت ڪرڻ لڳو ۽ ليونٽس جي ڳچيءَ ۾
ٻانهون وجهي ڇڏيائين ۽ آهسته آهسته ڳالهائڻ به
شروع ڪيائين ۽ پنهنجي مڙس ۽ ڌيءَ پريڊٽا کي دعائون
ڏيڻ شروع ڪيائين. بلڪل ائين لڳي رهيو هيو ڄڻ
هرموئن زنده آهي ۽ ليونٽس جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي
پنهنجي مڙس ۽ ڌيءَ کي دعائون ڏيئي رهي هجي.
درحقيقت، پئولينا بادشاهه کي هرموئن جي موت جي غلط
خبر ڏني هئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت راڻيءَ کي زنده رکڻ
جو اِهو واحد حل هيو. اهو سمورو عرصو، راڻي
پئولينا سان ڪٺي رهي هئي ۽ بادشاهه ليونٽس کي
انهيءَ ڳالهه جي هواءِ به لڳڻ ڪونه ڏني ته ڪا راڻي
زنده آهي.... پر اڄ جڏهن بادشاهه پنهنجي ڪل
زيادتين تي نادم هيو ۽ سندن وڃايل ڌيءَ به کين ملي
وئي هئي، تڏهن پئولينا کين سموري حقيقت کان آگاهه
ڪرڻ مناسب سمجهيو.
بادشاهه پنهنجي وڃايل ڌيءِ ۽ وڃايل زال جي ٻيهر
ملڻ تي تمام گهڻو خوش هيو. هينئر اهي خوشيءَ جا
پهاڙ سندس برداشت کان ٻاهر هيا، ڄڻ کيس پنهنجي
وڃايل زندگي ٻيهر ملي هجي. هر طرف خوشي هجي. هر
طرف کان مبارڪن جا آواز اچڻ لڳا.
ليونٽس ۽ هرموئن، پوڙهي ريڍار جون لک لڪ مهربانيون
قبول ڪرڻ لڳا، جنهن شهزاديءَ کي پالي وڏو ڪيو.
فلوريزل ۾ ڪيميلو جو به شڪريو بجا آندائون، جن جي
وسيلي کين ڌيءَ ملي هئي.
ڪيميلو ۽ پئولينا به خوشيءَ کان چريا ٿي رهيا هئا
۽ هڪ ڀيرو وري پنهنجي سلطنت جا وفادار ٿي رهڻ لڳا.
جڏن پاليڪسنس، پنهنجي پٽ ۽ ڪيميلو کي غير حاضر ڏٺو
۽ سمجهي ويو ته شايد ڪيميلو شهزادي کي وٺي سڪليءَ
ڏانهن هليو ويو آهي. ان ڪري سندن ڳولا ۾ پهچي ويو
۽ ليونٽس جي زندگيءَ جي اهم ۽ پُرمسرت موقعي تي
پهچي ويو. ليونٽس پنهنجي جگري دوست پاليڪسنس کان
پنهنجي غلط فهمي ۽ بدسلوڪيءَ جي معافي ڪري، جنهن
کيس خوشيءَ سان معاف ڪري ڇڏيو ۽ سندس خوشين ۾ شامل
ٿي ويو. ٻئي هڪ ڀيرو وري کير ۽ کنڊ ٿي ويا.
۽ هاڻي پاليڪسنس، فلوريزل جي شادي پريڊٽا سان ڪرڻ
لاءِ بخوشي تيار ٿي ويو، جيڪا مستقبل ۾ سڪليءَ جي
راڻي هئي.
اهڙيءَ ريت هرموئن جي مشڪل زندگيءَ جا ڏينهن
پڄاڻيءَ تي پهتا ۽ زندگيءَ جا باقي سال ليونٽس ۽
پريڊٽا ساڻ خوشين جي جُهرمٽ ۾ گذارڻ لڳي.
امداد حسيني
چيڪلي راند
چيڪلي پايون، پير گسايون، اچو ته ٻارو راند
رچايون.
موٽي مند بهار جي آئي،
گلن ڦلن ۾ ٿي سرهائي،
ڪيون ڀلاري ڌڻيءَ ڀلايون.
چيڪلي پايون، پير گسايون.
پيار جي آهي ريت اسان جي،
جڳ ۾ ٿيندي جيت اسان جي،
گيت خوشيءَ جا گڏجي ڳايون،
چيڪلي پايون، پير گسايون.
چنگ وطن جي حب جو چوريون،
جان وطن تان گھوريون گھوريون،
ديس سڄو گلزار بنايون،
چيڪلي پايون، پير گسايون.
مختيار مڱڻهار
او ڍولڻ
اٿ نه ويهي جل او ڍولڻ
هير ٿڌيءَ جيان گھل او ڍولڻ
ڦتو، ڦڪڙ، شفو، شوڪت
آيا ساٿي ڪل او ڍولک
ڌرتي ڪئين ٿو کيڙي بيٺو
هو ڏس چاچو ڦل او ڍولڻ
مايوسي آ موت برابر
وک وک ٿي پرهل او ڍولڻ
جوءِ سڄيءَ کي جاڳائي وجھ
ٻول اڙي ڪجھ کل او ڍولڻ
ڌارين مان ڪجھ ورڻو ناهي
ماروئڙن سان مل او ڍولڻ
خوشبو خوشبو، سنڌ سڄي آ
تون ته گلابي گل او ڍولڻ
هل ته هاڻي چانهه پيون ڪا
بادل ڏيندو بل او ڍولڻ
منور ابڙو
نظم
ٻالڪ اڳتي هلندو هَلُ،
منزل پنهنجو مُور نه ڀُلُ _
ماڳ ڏي وک سوريندو هلجان،
ڇو نه هجي ڀل ڏينهن تَتُل _
محنت ڪندين نمبر کڻندين،
جيجل چمندي تنهنجو ڳَلُ _
هن ڌرتيءَ کي هيڏو سارو،
مٺڙا تنهنجو آهي ٻَلُ _
سونو روپو سمجھ پيارا،
وقت سندو تون هرهڪ پَلُ _
ويل اڙانگي گذري ويندي،
پرچي پوندو ڀاڳ رُٺَلُ _
جھاڳ منور منزل ماڻيون،
اڃا ته آهي پنڌ ڳَپَلُ _
رب نواز ”آزاد“- سمون
نئين سال جو گيت
ٻارن گڏجي اڄ چيو آ،
گليءَ گليءَ ٿا ڦيري پايون،
سال نئين جا گيت ٿا ڳايون.
گيت ٿا ڳايون.
خوش رهي شل سارو زمانو،
ٻڌي هٿ ۾ ڳاڙهو ڳانو،
گھر گهر ٿا اڄ گل ورهايون
سال نئين جو گيت ٿا ڳايون.
گيت ٿا ڳايون.
هار گلن جا ڳچيءَ پائي،
سهڻا سهڻا نغما ڳائي،
هنڌ هنڌ ٿا اڄ شمع ٻاريون،
سال نئين جو گيت ٿا ڳايون.
گيت ٿا ڳايون.
علم جي روشن لاٽ ڪنداسين،
سچ تي ٻارو جان ڏينداسين،
گليءَ گليءَ اهو ساز وڄايون،
سال نئين جو گيت ٿا ڳايون.
گيت ٿا ڳايون.
مينا بلوچ
]سائنس[
ڌرتي
اسان جي ڪائنات ڪروڙين تارن ۽ گرهن تي ٻڌل آهي.
اهو ڏسڻ ۾ ته هڪ مڪمل نظام نظر اچي ٿو. جنهن کي
سنڌي ۾ کير ڌارا ۽ انگريزي ۾ ملڪي وي (Milky
way)
چئبو آهي. ان نظامSystem))
جو مرڪز سج آهي ۽ اسان جي ڌرتي ان جو هڪ حصو آهي
ڪائنات ايتري ته وڏي آهي، جو ان جي پوري ڄاڻ تمام
مشڪل آهي. پر اڄ جا سائنسدان ان راز کي کولڻ جي
پوري ڪوشش ۾ لڳل آهن. ڌرتي ڪئين وجود ۾ آئي ۽ اتي
زندگي جي شروعات ڪئين ٿي؟ هي اهو سوال آهي، جيڪو
هر عاقل بالغ انسان جي دماغ ۾ اڀري ٿو. گھڻن ماڻهن
جا پنهنجا عقيدا ۽ يقين آهن. ڪن سائنسدانن جي
تحقيق مطابق ڌرتي مٽي ۽ گرم شمسي گئسن سان ملي ٺهي
هوندي ۽ ڪن جي مطابق دنيا چار هزار ڇهه سو ملين
سال اڳ ۾ هڪ اٻرندڙ مايو هئي. جنهن جو گرمي پد
6000 سي هو ڳرا مادا مثال طور لوهه ۽ ٽامو مرڪز ۾
ٻڏي ويا. جنهن کان پوءِ ڌرتي شروع ٿي ۽ سندس گرمي
پد 1000 سي تائين گھٽجي ويو. گئسون فضا ۾ ٺهيون جن
۾ مٿين، امونيا ۽ پاڻي جا بخارات (Water
vapours)
شامل هئا. اهي گئسون پڻ ٿڌيون ٿيون ۽ پاڻي جا
بخارات برسات جي صورت ۾ زمين تي پيا. اهو مينهن
هزارين سالن تائين وسندو رهيو. جنهن جي نتيجي ۾
سمنڊ ٺهيا 1953 ۾ شڪاگو جي هڪ سائنسدان ڊاڪٽر
اسٽينلي ملر دنيا جي شروعاتي حالتن ۾ تجربا ڪيا.
هن ميٿين، امونيا ۽ هائيڊروجن گئسن جي مرڪب مان
پاڻي جا بخارات گذاريا. پوءِ هن ان مرڪب مان ڪرنٽ
پاس ڪيو ايستائين جو انهن گئسن پاڻياٺ جي صورت
اختيار ڪئي. |