سيف الله خالد، عمرڪوٽ
لطيف، پورهيتن جو
شاعر
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن جي سهاري هيٺ 6- اپريل
کان 8- اپريل 1978ع تائين هڪ ”لطيف ڪانگريس“ منعقد
ٿي هئي. جنهن ۾ مٿين عنوان تي سنڌ جي ٻارن کان
مضمون گهرايا ويا هئا. انهن مضمونن مان هن مضمون
کي پهريون نمبر مليو ۽ کيس هڪ هزار رپيا روڪ انعام
ائسوسيئشن طرفان ڏنو ويو، اسين اهو مضمون ٻارن جي
ڄاڻ لاءِ ڇاپي رهيا آهيون- ايڊيٽر.]
هن ڌرتيءَ تي جيڪا سونهن يا سهڻيون شيون ڏسڻ ۾ اچن
ٿيون، اهي ٻن گروپن ۾ ورهايل آهن. جن مان هڪڙي اها
سونهن آهي جيڪا فطري ۽ اصلي آهي ۽ ٻي هٿرادو سونهن
۽ سهڻائي. جنهن ۾ شهر، ڳوٺ، جايون، رستا، سواري
جون شيون، فرنيچر، باغ، پارڪ، ٿانو ۽ لباس وغيره
اچي وڃن ٿا؛ جيڪي سڀيئي انسان ذات جي محنت ۽ ڪوشش
جو ڦل آهن، جن کي انسان ذات جي تخليق يا انسانن جو
پورهيو به چئي سگهجي ٿو، يا اسين هيئن به چئي
سگهون ٿا ته، فطري حسن کان پوءِ ٻئي نمبر ۾ هن
ڌرتي کي سهڻو بنائڻ يا سونهن بخشڻ وارا ”انسان“
يعني ”پورهيت“ ئي آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ ته ڪارا، ڪوجها،
ڪنا، گدلا، رواجي ۽ اَڀرا آهن پر سندن اندر ۾ جيڪا
مڻيا آهي، تنهنجو روپ عمارت سازي، سنگتراشي،
مصوري، هنرمندي، شاعري ۽ راڳ آهن جيڪي ڏسندي ٻڌندي
۽ پسند ڪندي به، اسان کي اهو وسري وڃي ٿو ته
انهيءَ سونهن پٺيان ڪهڙي طاقت جو هٿ آهي.
سنگتراش جو تيشو ۽ هٿوڙي، ڪنڀر جو چڪ، ڪينرو ۽
ٺپڻي، واڍي جو واهلو، رندو ۽ ڪارائي، لوهار جو
مترڪو ۽ سانڌاڻ، رازي جو مارو ۽ مصور جو برش وغيره
ڏسڻ ۾ ته رواجي شيون آهن، پر انهن جي ذريعي پورهيت
انسانن، ڪائنات ۾ جيڪو حسن پيدا ڪيو آهي تنهنجي
ڪهڙي تعريف ڪجي؟
حديث شريف ۾ آيو آهي ته، يعني ”پورهيو ڪندڙ الله
جو دوست آهي“ پوءِ جيڪو خدا جو دوست آهي، اهوئي
عظيم ۽ اعليٰ آهي، جنهن جو قدر نه ڪرڻ وڏي ڀل آهي.
اسان جي سنڌي شاعرن ۾ خدا جي دوستن، يعني، پورهيتن
کي جيتري قدر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
ساراهيو آهي ۽ ڳايو آهي، اوترو ڪنهن به شاعر نه
ڳايو آهي. ۽ نه ئي ڪو ڳائي سگهي ٿو.
لطيف سائين پورهئي کي عظيم ڪم ۽ پورهيتن کي وڏي
عزت جي نگاهه سان ڏسندي سسئي جي زبان ۾ چوي ٿو ته:
پورهيت: ڄام پنهونءَ جي، باندين جي باندي.
يا
پورهيو ڪندس پاڻ، اڳيان آريچن جي.
اهڙي طرح پورهيت کي دعا ڪندي چوي ٿو ته:
پورهيو سندو پورهيتن، والي ڪيم وڃاءِ.
جيئن ته سنڌ جو سڀ کان وڏو پورهيت هاري آهي جيڪو
آڌي، مانجهي، تتي ۽ ٿڌي ڪوڏر ڪلهي تي، هر هٿ ۾،
پير اگهاڙا، لُنڊيون لتاڙيندو ۽ ملڪ لاءِ سڀ کان
قيمتي ڌنُ يعني ”اَنُ“ اپائي ٿو ۽ ڪپڙي جون تندون،
جهڙوڪ ڪپهه ۽ سڻي وغيره پيدا ڪري ٿو. انهيءَ ڪري
ئي شاهه صاحب هارين لاءِ فرمايو آهي ته:
مانجهي سي ئي مل، هر جنين جي هٿ ۾.
۽ ٻئي طرف هاريءَ جي ڪوشش بابت اجهو هيئن ٿو
فرمائي ته:
مند ٿي منڊل منڊيا،
تاڙي ڪئي تنوار.
هارين هر سنڀايا،
سرها ٿيا سنگهار.
اهڙي طرح ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته:
موٽي مانڊاڻ جي،
ڀري ڪيائين ڀيڄ،
ٻج کڻي پٽ هليا،
هاري منجهان هيج.
اسان ڏٺو ته شاهه صاحب جتي ان اپائڻ واري پورهيت
(هاري) جو ذڪر ڪيو آهي، اتي ان سان گڏ سنگهار جو
نالو پڻ ورتو اٿس. جنهن کي اسين ڪيترن ئي نالن سان
سڏيندا آهيون. جهڙوڪ: مالدار، مالوند، مارو، ڌڻار،
ڌڻودي، ڀاڳيو، ٻڪرار، ريڍار، ميهار، اوٺار،
پنوهار، سانگي، وانگي، جهانگي ۽ ويڙهيچو وغيره
جيڪو رات ڏينهن، مال چارڻ جو پورهيو ڪري، ملڪ جي
لاءِ کير، مکڻ، ڌونئرو، لسي، گيهه ۽ گوشت وغيره
جهڙيون مفيد غذائون پيدا ڪري ٿو.
سنگهار جي رهڻ وارن هنڌن جي ساراهه ڪندي ڀٽ ڌڻي
اجهو هيئن ٿو فرمائي ته:
پرهه جو پٽن تي ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سايون.
ساريو ڏهن سامهيون، ٻولايون رايون،
مايون ۽ ٻايون، پکي سونهن پنهنجي.
يا
منڌيون مَٽَ گڙن،
جهوڪ به سونهن پهيڙا.
پهيڙا يا پانڌي، سنگهارن جي اڱڻ، اوٽي جهوڪ، وٿاڻ
يا واڙي تان خالي ڪين وڃن. انهي کي کارائڻ يا
پيارڻ کان سواءِ ڇڏڻ يا روانو ڪرڻ، سنگهارن وٽ عيب
آهي. سندن انهي سخاوت واري گڻ جي باري ۾ لاکيڻي
لطيف اجهو هيئن فرمايو آهي ته:
پوءِ ٿا پيئن پاڻ،
پهرين پيارين پهيڙا.
يا
ڪير ڪريندي ريس،
آيل سنگهارن سين.
جنين جي خميس،
وارون واري ڇڏيون.
لطيف جا سنگهار وڏا محنتي ۽ اڻموٽ آهن- هو ٿر
علائقي ۾ پنجن سون فوٽن تائين اونهان تڙ به کڻن ۽
انهن مان پاڻي ڪڍي مال کي پيارين- سندن اهڙي عادت
بابت لاکيڻو لطيف ٻڌائي ٿو ته:
پير کنيائون بر ۾، پيارين پهون،
سنجن ساٺيڪن تي، وڏي وير وهون،
پايو جر جنڊن ۾، ڪوڏان ڪن ڪهون.
سندن پورهئي واري هڪ اهڃاڻ جو نقش چٽيندين، لطيف
سائين ڪهڙو نه سٺو چيو آهي ته:
مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
کُڙيون کيهه ڀڪليون، پگهر سر پيرن...
سندن محنت ۽ مردانگي بابت لطيف وٽ اشارن جا انبار
لڳا پيا آهن، جيئن:
ڍٽين پٽين ڍير، منهه ماروئڙن جا.
جهڙ ڦڙ جت ٿيان، اُت اڏيائون پکڙا.
آڌي اٿن تي، جيلان پاڻي پاتارن ۾
شاهه لطيف جتي سانگين جو ذڪر ڪيو آهي اتي جهنگ جي
به تعريف ڪئي اٿس، فرمائي ٿو ته:
جهنگل هليا، سي نه ڀليا، راهه هليا ڦرجن،
لطيف سائين جهنگل جي تعريف ان ڪري ڪئي جو اُن ۾
”جهنگل جا بادشاهه“ ”شڪاري“، ۽ ”آهيڙي“ رهن ٿا. جن
سان گڏ سندن ساٿي، ڪتن جا ولر به ڏسبا آهن.
لطيف سائين جنهن جهنگل ۾ شڪاري يا آهيڙي ۽ ڪٿا نٿو
ڏسي، تنهن جهنگل جي حالت جو نقش چٽيندي تمام گهڻي
افسوس سان چوي ٿو ته:
نه ڪتو نه ڪُوڪار، نَڪي سڏ شڪارئين،
پيو کڻي پار؛ جهنگل آهيڙين کي.
آهيڙي ۽ شڪاري اُهي پورهيت آهن جن جي محنت جو
نتيجو پکا چڪون، موڙا، کارا، کاريون، اُوڏا،
دٻڪيون، ڇٻيون، ٻهارا، واڻ، ڇڄ ۽ گاگڙا وغيره عام
آهن.
جهنگل ۾ آهيڙين ۽ شڪارين سان گڏ ٻيا به پورهيت ڏسڻ
۾ اچن ٿا، جن کي لطيف سائين، کاهوڙي يا ڏوٿي سڏيو
آهي- جن جي محنت جو نقشو هيئن چٽيو اٿس:
آڻين ۽ چاڙهين، ڏُٿ ڏهاڙي سومرا،
سٿا ڪيو سيد چئي سائون سڪائين،
منجهان لنب لطيف چئي، چائَر ڪيو چاڙهين.
يا
هو ڏوٿي، هو ڏينهن، هو ڏونگر، هو لڪيون،
ڪنهن جنهن لڌا نينهن، ڀڻا لوسن لڪ ۾.
کاهوڙي جي معنيٰ آهي کهڻ يا کسڻ ۽ محنت ڪرڻ وارا
انسان، جيڪي محنت کان سواءِ هڪ پل به واندو ويهڻ
پاپ ٿا سمجهن. ۽ پورهيتن کي سست يا غافل ڏسڻ نٿا
گهرن- ان ڪري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
کاهوڙين لاءِ اجهو هيئن ٿو فرمائي ٿو ته:
کاهوڙي کجن، پسيو پورهيت ويسرا،
جهنگل ۾ جڏهن اسين آهيڙي ۽ کاهوڙي ڏسون ٿا ته اتي
واڍن جو پڻ ڏس پوي ٿو- جن بابت شاهه صاحب ڪئين
اشارا ملن ٿا.
جيئن:
مون تن اندر تيئن وهين، جيئن وڻ وڍي واڍو،
يا
جيڪي واڍي واڻيا، سي سونهڻ سڀ سڙيا،
جتي اسين واڍي جي پورهئي ڏانهن ڏسون ٿا ته اتي
اسان کي لوهارن جي محنت پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جن لاءِ
لطيف سائين گهڻو ڪجهه چيو آهي.
جيئن:
ڌئون، ڌئون ڌمڻ وار، اڄ پڻ آڳڙين جي.
يا
ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
يا
سر سانڌاڻ ڪري، پڇج گهر لوهار جو،
ڌڪن هيٺ ڌري، مان گڏينئن رڪ سين.
لاکيڻي لطيف جتي، لوهارن جي پورهئي جا اهڃاڻ ڏنا
آهن، ”سراڻين“ ڪيو اٿس، جيڪي شهرن ۽ ڳوٺن جي گهٽين
۾ ”سراڻين“ سميت پورهيو ڪندا نظر اچن ٿا- جن لاءِ
ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته:
اڄ پڻ آڳڙيا، آيا سوڌا سراڻي
يا
سرها ڏٺم سي، جن جي ساڃاهه سراڻ سين
لطيف جي ڪلام ۾ واڍن، لوهارن سراڻ جي ذڪر سان گڏ
ٻيا به ڪيترائي پورهيت ملن ٿا، جيڪي آهن- ”ناٺارا“
”ڀاڃارا“، ”ڌاڪارا“، ”پڃارا“، ”تنبيرا“، ”ڪاتائون“
يا ”ڪاپا“، ڪلال ۽ ڪاتب وغيره. جن لاءِ مختلف هنڌن
تي مختلف اشارا ملن ٿا.
جيئن:
ڀلي ڪري آيو، ٺاٺارو ڏيها،
ويهي ڪنڊ ڪاپو ڪر، گهتون گهويون ڇڏ.
ڪاتب لکن جيئن، لاڍولام الف سين.
تنبائي تاڪيد سين، جن پڃايو پاءُ،
مون کي ماءُ، مجاز، پڃاري جيئن پڃيو.
جيڪي سڀيئي اڄ به اسان جي ملڪ ۾ پنهنجي پورهئي
سميت موجود آهن.
اڄ جيتوڻيڪ مشيني دور آهي ۽ ڪتاب هٿ سان لکڻ جو
رواج گهٽ آهي، تنهن هوندي به ڪاتبن جو ٻيو روپ،
”ڪلارڪ،“ ”منشي“ ۽ ”عريضي نويس“ موجود آهن. اهڙي
طرح ملان ۽ معلم به پورهيتن ۾ اچي وڃن ٿا. جن جو
بيان ڀٽ ڌڻي هن طرح ڪيو آهي ته:
ملان معلم خبرون، پڇي پروڙيج.
جن جو اصلي روپ به ملي ٿو ۽ نئون روپ پڻ موجود
آهي. جيڪي آهن، استاد، ليڪچرار، ۽ پروفيسر وغيره
جيڪي ابتدائي اسڪولن کان يونيورسٽين تائين ”تعليمي
پورهيو“ ڪندا ڏسجن ٿا.
حضرت ڀٽ ڌڻي جتي معلم کي ملان ۽ آخوند جي نالي سان
ڪم آندو آهي. اتي کيس ناکوي، سکاڻي ۽ رهبر جي
معنيٰ ۾ به ڪم آندو اٿس.
جيئن فرمائي ٿو ته:
معلم ماڳ نه اڳئين،
ڦلنگي منجهه ڦِريا.
ناکورو، سکاڻو يا ملاح اهو پورهيت آهي، جيڪو
طوفانن، ڪُنن، لهرين، وهڪرن، ويرن، اونداهين ۽
سامونڊي جانورن جو ڪوبه خوف نٿو ڪري، هو بي ڊپو ٿي
پنهنجي ٻيڙن ۽ ٻيڙين ۾ وکر وجهي، ڏسيون ڏوريندو
ڏسجي ٿو. جنهن جو ٻيو نالو وڻجارو به آهي. جنهن کي
لطيف سائين تمام گهڻو ساراهيو آهي:
وڻجاري سان گڏ ڀٽ ڌڻي، ٽوٻن، تارن، سونارن،
وينجهارن ۽ صرافن کي به ڪونه وساريو آهي.
اهڙي طرح موچين، چمارن، رازن، سربندن ۽ درزين
وغيره جو به ذڪر ڪيو اٿس.
لطيف جو وڏو پورهيت ڪنڀار آهي، جنهن جا ٺاهيل
ٿانو، نه رڳو اڳوڻي دور ۾ استعمال ٿيندا هئا، پر
هن وقت به سندس ٺاهيل ٿانون کي وڏي عزت جي نگاهه
سان ڏٺو وڃي ٿو. جنهن جو ثبوت عجائب گهرن ۾ رکيل
مٽيءَ جا لسا ۽ چٽيل ٿانو سانڍي رکڻ آهي.
ڪنڀار جي ڪم جي تعريف ڪندي، حضرت ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو
ته:
تون پڻ ڪرج تيئن،
جيئن ڪنڀار ڪرين ڪم سان.
اهڙي طرح ڪنڀار جي آوي يا هاوي، جنهن کي سنڌيءَ ۾
”نهائين“ چئبو آهي. بابت فرمائي ٿو ته:
نهائين کان نينهن،
سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن،
ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
لطيف سائين ڪنڀار سان گڏ،
ڌوٻي، کٽي، ۽ ڪوري جو به ذڪر ڪيو آهي. جيئن فرمائي
ٿو ته:
کنڀ نه کاري تنهن کي،
جو هالاري هوءِ.
توڙي ڌوٻي ڌوءِ ته به لالائي نه لهي.
يا
هلو هلو ڪورئين، جن جو نازڪ نينهن،
ڳنين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
ڪوري ۽ کٽي اهڙا پورهيت آهن، جن جون ٺاهيل شيون،
اڄ به هٿو هٿ کڄن ٿيون، جيئن ڪوري جا ٺاهيل کِيس،
کٿا، گربيون، سوسيون، لنگيون کڙيا ۽ خرزينون
وغيره. ۽ کٽي جون اجرڪون، ملير، چنيون، ٽوال،
پوتارا ۽ ٻانڌوڻا وغيره.
سنڌ جي پورهيتن ۾ مهاڻا، ماڇي، ۽ ساٽي اهڙا پورهيت
آهن، جيڪي ڍنڍن، دريائن ۽ سمونڊن ۾ سٽون ڏيئي،
اسان جي لاءِ مَڇون ۽ پَکي پڪڙي اچن ٿا.
اهي غريب زالين مڙسين پورهيو ڪندا آهن. سندن باري
۾ لطيف سائين اجهو هيئن ٿو فرمائي ته:
ڪاريون، ڪوجهيون، ڪوڙيون،
مور نه موچاريون.
کِکِيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڄڄ.
کارا ۽ ڄارا، مال جنين جو مڪڙيون.
لطيف سائين، مهاڻن، ماڇين ۽ ساٽين مان جيڪي سمونڊن
۾ مڇيون مارين ٿا، تن کي گهاتو ڪوٺيو آهي ۽ سندن
ئي نالي تي هڪ جدا سُر لکي سندن مان مٿانهون ڪري
ڇڏيون آهن. جيئن فرمائي ٿو ته:
ڪالهه ڪلاچيءَ هليا، گهاتو ڪري گهُور.
سنڌ جو هڪ وڏو پورهيت اوڏ به آهي- جيڪو اڄ به
پنهنجي محنت ذريعي ”ڪوٽ“ ”ڪوٺيون“ ۽ ”کڏ“ ٺاهي ٿو-
اوڏ اهڙو پورهيت آهي. جيڪو صبح جو سوير سيءَ ۾ اٿي
مٽي کي ملي ٿو ۽ پوءِ ان مان پنوڙا ٺاهي، مٿي تي
يا گڏهه تي کڻي جايون جوڙي ٿو. شاهه صاحب سندس
اهڃاڻ اجهو هن طرح ڏنو آهي ته:
ڇنل ڇڄ هٿن ۾، ڪلهن ڪوڏارا،
پورهئي خاطر پنهنجي، اٿن سوارا.
اهڙي طرح ٻئي هنڌ اوڏن جي اڻاٺ واري حالت تي افسوس
ڪندي فرمائي ٿو ته:
اڏي اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون،
ڪوڏارا ۽ ڪوڏ، پيا آهن پٽ ۾.
لطيف سائين هڪ اهڙي پورهيت جو به ذڪر ڪيو آهي،
جيڪو صرف وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڏسجي ٿو.
جنهن کي اسين پخالي سڏيندا آهيون.
اڳوڻي دور ۾ هن کي پاڻهيارو ۽ اهڙي پورهئي ڪندڙ
عورت کي پاڻهياري سڏبو هو.
هونءَ ته ڳوٺ خواه شهر جون ڪيتريون ئي عورتون پاڻي
ڀرينديون آهن، پر انهن ۾ ڪي اهڙيون به عورتون آهن.
جيڪي پورهئي خاطر ٻين درن تي پاڻي ڀرينديون آهن. ۽
سندن ذڪر حضرت ڀٽ ڌڻي هن طرح ڪيو آهي ته
پاڻهياري سڀڪا، جا سر گهڙو ڀري،
ڪالئي ڀري سڄڻين،
ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.
حضرت ڀٽ ڌڻي جي پورهيتن جو پنڌ تمام گهڻو پري آهي،
انهن بابت تفصيل سان لکڻ وڏو ڪم آهي، جنهن لاءِ
طويل عرصي جي درڪار آهي. انهي ڪري آءٌ انهيءَ بحث
کي مختصر ڪندي لطيف جي ٻن اهڙن پورهيتن جو ذڪر
ڪندس، جن کي دنيا ڇا به کڻي چوي پر شاهه صاحب انهن
جو بيان ڪري، کين تمثيلن ۽ تشبيهن طور ڪم آڻي
هميشه لاءِ زنده ڪري ڇڏيو آهي- اهي پورهيت آهن.
ڪلال يا بٺيارا ۽ مڱڻهار يا راڳائي. جن مان ڪلال
رات جو اوجاڳا ڪري بٺيون چاڙهي مئي يا شراب ٺاهي،
اميرن جي عياشي ۽ ڏکويلن جي غم غلط ڪرڻ جو سبب
بڻبا آهن. ۽ سندن سريمن ڪلياڻ ۾ موکي ۽ متارن واري
داستان ۾ آيل آهي.
اهڙي طرح مڱڻهار، لنگها، ڀان، ڍاڍي/ ڏوم يا راڳائي
اهڙا پورهيت آهن، جيڪي پنهنجي مٺن سرن ۽ تندن جي
تنوار سان ٻين جو غم غلط ڪندا آهن. اڳوڻي دور ۾
مڱڻهار اَسُرَ مهل اٿي، سرندو يا ڪينرو کڻي، سخين،
ڏاتارن ۽ قدردانن جي در تي وڃي ڳائيندا وڄائيندا
هئا. جنهن کي ”وهاڳ“ ڪوٺبو هو. ۽ اهو وهاڳ مڱڻهارن
توڻي گهر ڌڻين لاءِ هڪ قسم جي عبادت هئي. جنهن
لاءِ ڀٽ ڌڻي راڳائي کي چوي ٿو ته:
اڀريو، تارو، اُٿي وَر وهاڳ ڏي.
يا
کڙهه اڳيان کَپُ، ڏهاڙي ڏاتار جي
لنگهيا لاهه مَ لِک سين،
منجهان چاوت چَپُ.
مڱڻهارن مپُ،
ڪونهي ٻيو ”ڪيرت“ ري.
مطلب ته، حضرت ڀٽ ڌڻي سنڌ جي پورهيتن ۽ سندن
پورهئي ذريعي پيدا ٿيندڙ سونهن ۽ سهڻائي جو بيان
اهڙي ته اعليٰ ۽ دلسوز انداز ۾ ڪيو آهي، جو
پورهيتن جا دشمن يعني، ”سرمائيدار“ جن ۾ ڪامورا
وڏيرا، سيٺيون، پير، مير، ۽ مفت خور اچي وڃن ٿا.
سي به لطيف کي پڙهندي؛ پورهيتن جي بيان وقت ”واهه
واهه“ ۽ ”هاءِ هاءِ“ ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهن،
۽ لطيف سائين انهن جي ئي واتان اهڙين خسيس ۽ هلڪين
شين جو ذڪر ڪرائي ٿو، جن بابت جيڪر هونءَ کيس چئجي
ته انهن جو نالو وٺندي به منهن ۾ وَر وجهي، نڪ
چاڙهي، ”ٿُو ٿُو“ ڪرڻ کان سواءِ رهي ڪين سگهن،
جيئن ڇڇي، ڇلڙ، موڙيون گند، کارا، ڄارا وغيره.
ڪاش! اسين لطيف جي ڪلام کي صحيح نموني پڙهون،
پرکيون، پُرجهون ۽ لطيف جي پورهيتن جو صحيح نموني
قدر ڪريون.
آخر ۾ لطيف سائين کي سلام ڪندي، انهيءَ شخص يا
شخصن کي به سلام ڪريان ٿو، جنهن يا جن مٿيون عنوان
مقرر ڪري، پورهيتن ۽ سندن پورهئي ڏانهن، اسان جو
ڌيان ڇڪايو آهي.
”ٿر“ واري، ”جر“ ڦڙا،
”تر“ راهين، ”سر“ وار،
انيها اپار،
آءٌ ٿورا پايان سڄڻين. (شاهه)
اشفاق حسين ميمڻ، هالا
لطيف، پورهيتن جو شاعر
(ٻيو انعامي مضمون)
[هن مضمون کي ٻيو نمبر ڏنو ويو ۽ کيس پنج سؤ رپيا
روڪ انعام ائسوسيشن طرفان ڏنو ويو هو. هي ساڳيو
مضمون روزنامه ”هلال پاڪستان“ جي 8- اپريل 1978ع
واري اشاعت ۾ ”سيف الله عمرڪوٽ“ جي نالي سان شايع
ٿي چڪو آهي، جو درحقيقت ۾ ڀل آهي، اهو مضمون اشفاق
حسين ميمڻ جو آهي، جيڪو قلمي دنيا ۾ منظور قادر جي
نالي سان سڃاتو وڃي ٿو- ايڊيٽر.]
سِرِ سانداڻ ڪرِي، پُڇج گهرُ لوهارَ جو،
ڌَڪَنَ هيٺ ڌَري مَان گَڏِينَئي رُڪُ- سِيڻ.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ رحمت الله عليہ سونهاري
سنڌ جي سڳوري شاعر جي شاعري نه رڳو فني شاعري آهي،
پر سندس شعر ۾ هڪ طرف حقيقت ۽ معرفت جا موتي آهن
ته ٻئي طرف مجازي عشق جا جذبا آهن، هڪ طرف
اخلاقيات جا اعليٰ سبق آهن ته ٻئي طرف فطرت جا
عجيب و غريب منظر آهن. هڪ طرف سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن
۽ ريتون ۽ رسمون ۽ سونهن ۽ ثقافت بيان ڪئي اٿس ته
ٻئي طرف سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا نشان ظاهر
ڪيا اٿس. انهيءَ کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو
خزانو سندس شعر ۾ سمايل آهي. سندس شعر ۾ فصاحت ۽
بلاغت ۽ سلاست به موجود آهي ته فن شاعريءَ جا
جولان به آهن، هو گل ۽ بلبل، ڀؤنر ۽ پوپٽ، ساقي ۽
شراب جي ڳالهه نٿو ڪري، مينهن ۽ مانڊاڻ، وڄن ۽
بادلن جو منظر ٿو چٽي، هو ڳوٺاڻن، غريب مارو ماڻهن
جون رهڻيون ۽ ٻاجهه واريون ٻوليون ٿو ٻڌائي. هو
ماڙين ۽ بنگلن، شهنشائي درٻارين، اميرن ۽ وزين ۽
سرمائيدارن جو ذڪر ڪونه ٿو ڪري، پر ان جي عيوض
جهانگين جي جهوپن، مَنَهن، ٻَنِين ۽ ٻارن، ڇيلن ۽
ڇانگن، اُٺن ۽ اوٺيڙن، مينهن ۽ ميهارن جون ٻوليون
ٿو ٻڌائي، اهڙيءَ طرح شاهه صاحب سنڌ جي شاهوڪارن ۽
سرمائيدارن، وڏيرن ۽ نوابن جو ذڪر ڪين ٿو ڪري، پر
ان جي بدران مهاڻن ۽ ميربحرن، لوهارن ۽ آڳڙين،
ڪورين ۽ ڪاسين، هارين نارين، واڍن ۽ وڻجارن جو ذڪر
ڪري ٿو. نه رڳو سندن بيان ٿو ڪري پر سندن پورهئي
کي ساراهي به ٿو ۽ انهن جي همٿ افزائي به ڪري ٿو.
هو انهن جي پورهئي مان سياڻپ جا سبق به حاصل ڪري
ٿو ۽ ٻين کي ٻڌائي ٿو. شاهه جي نظر ۾ پورهيت جو
مانُ مٿانهون آهي. هو فرمائي ٿو ته پورهيت نه هجي
ته دنيا جو سڄو چرخو بيهي رهي. جهان جي سونهن ۽
سوڀيا پورهيت جو پگهر آهي. پورهئي سان پيوند رکڻ
وارا ئي ملڪ حقيقيءَ جا دوست آهن. هنن تي به پاڪ
جي ٻاجهه جو هٿ آهي، جيئن هن بيت ۾ شاهه صاحب
فرمائي ٿو:
گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
انين جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.
مهاڻا، جيڪي سارو ڏينهن پيا پاڻيءَ ۾ تڙڳن، ککين
کارين سان سندن ونهوار آهي. سندن ڪپڙا ۽ لٽا
بدبوءِ سان ڀريل آهن، مڇي ماري انهن کي ٽڪرا ٽڪرا
ڪري وڪڻڻ سندن روزمره جو ڪم آهي. تنبا ۽ رَڇ جن
سان مڇي مارين ٿا. اهي ڪلهي تي کڻيو هلندا وتن.
سندن ڀر ۾ بيهڻ سان ڪراهت اچي وڃي. شاهه صاحب
فرمائي ٿو ته ظاهريءَ طرح ته گندا پيا ڏسڻ ۾ اچن
پر جيئن ته هو پورهيت آهن، پنهنجي بازن جي پورهئي
مان پنهنجو ته پيٽ پارين ٿا پر جهان لاءِ به روزي
ميسر ڪن ٿا. انهن تي الله جل شانہ جي مهرباني آهي.
سندن پاڪ پورهيو پروردگار کي پسند آهي، جيتري قدر
هو جهان جي نظر ۾ نفرت لائق آهن، اوتري قدر هو
سندن پالڻهار کي پسند آهن. شاهه صاحب فرمائي ٿو:
ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
پاند جنين جي پاند سين، لڳو ٿئي لڄ،
سمو ڄام سهڄ، اُڀو ڪري اُن سين.
لوهار، جن جا اڱرن مان هٿ ۽ منهن ڪارا، لوهه ڪٽي
ڪٽي سندن ٻانهون به لوهه بنجي ويون آهن هنن جا هٿ
هٿوڙا هڻي هڻي خود هٿوڙا بنجي ويا آهن، سندن ڪپڙا
چڻنگن مان سڙي پيا آهن. باهه تي ويهي ويهي سندن بت
۽ بدن به لوهه جهڙو ڪارو ٿي ويو آهي، پوءِ هو لوهه
جهڙي سخت ڌاتوءَ کي باهه ۾ وجهي نرم ڪن ٿا ۽ مترڪا
هڻي کيس سنهون ڪن ٿا. پوءِ کيس جيڏانهن ورائين
تيڏانهن ورائي سگهن ٿا. هو لوهه کي کوري ۾ وجهي
ڳاڙهو ڪن ٿا، تيئن پاڻ به رچي لال ٿين ٿا. دنيا جي
نظر ۾ هو غريب ۽ ڪوجها آهن، پر سائين کي سندن
ڪوجهائي نظر نٿي اچي. مالڪ جي مٿن وڏي مهرباني
آهي. شاهه صاحب به سندن انهيءَ پورهئي کي ساراهي
ٿو ۽ سندن پورهئي مان ئي ٻين کي سبق به ڏئي ٿو:
سرها ڏٺم سي، جن ساڃاهه سِراڻ جي،
تيغ تنين جي کي، ڪَٽ نه لڳي ڪڏهين.
آڳاٽي زماني ۾ سنڌ اندر وڻج ۽ واپار ٻيڙين جي
وسيلي ٿيندو هو. اڄ وانگر وڏا روڊ ۽ رستا ڪونه
هئا. آمدرفت جو وڏو وسيلو سنڌو درياهه هو. جيئن
اڄڪلهه اٺن جون قطارون مال ڍوئي اسٽيشن ۽ روڊ تي
پهچائين ٿيون، تيئن انهيءَ سمي درياءَ جي بندرن تي
مال اچي ڪنو ٿيندو هو. ۽ ٻيڙيءَ جا ملاح ۽ ناکئا
ٻيڙين ۾ مال کڻي ٻين شهرن ڏي ويندا هئا. ملڪ تي
انهن جتن ۽ ناکئن جو وڏو ٿورو هو جيڪي مال آڻيندا
۽ نيندا هئا. سرمائيدار ته سدائين مسڪين ۽ پورهيتن
جي پورهئي ۽ اجوري جو استحصال ڪندا رهيا آهن، پر
تڏهن به ويچارا ٿورو ڪمائي سادگيءَ سان گذر ڪندا
هئا. اڄ تائين به ائين ئي آهي. درياءَ شاهه تي
پراڻيون ٻيڙيون تارڻ، سِير ۾ لهرن جا لوڏا ۽ ڪُنن
جا ڦيرا سهي، سردين ۽ گرمين، مينهن طوفان سان
مقابلو ڪري ٻيڙيون هاڪاريندا هلندا هئا. ٻيڙي ته
پاڻيءَ جي وچ ۾ آهي، الله جي آسري، تاري يا ٻوڙي
اهو واليءَ جي وس ۾. ڀٽائي صاحب ملاحن جي پورهئي
کي ساراهي ٿو ۽ دعا به ڪري. فرمائي ٿو:
کوها ڪالهه کڻي، اُن وڌا اُتَر آسري،
اَلله جهُري مَ اُنِ جي، اولي جي اڻي،
وڻجارن وڻي، وَکَرُ وڌو ٻيڙئين.
شاهه صاحب نه رڳو ٻيڙيءَ وارن کي دعا ٿو ڪري پر
کين هدايت به ڪري ٿو. چوي ٿو ته وکر ٻيڙين ۾ اهو
کڻو، جيڪو ٿوري وقت ۾ خراب نه ٿي پوي. اهڙو وکر
کڻندا ته ضرور فائدي ۾ ويندا. هيءُ ته دنيا جو
ظاهري وکر آهي، پر کين هدايت ڪري ٿو ته جيئن هي
وکر کڻو ٿا، تيئن نيڪي ۽ نيڪ نيتيءَ جو وکر به گڏ
ڪريو، جيئن اوهان جي لاءِ آخرت ۾ سهڻو ٿئي ۽ پوءِ
اتي به فائدي ۾ وڃو. شاهه صاحب پورهئي کي سچائي ۽
ايمانداريءَ جو سبق سيکاري ٿو ۽ فرمائي ٿو.
وکرُ سو وهاءِ، جو پئي پُراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي ضاءِ،
سا ڪا هَڙ هَلاءِ آڳَہ جنهن جي اُبهِين.
پورهيت کي هدايت ڪندي شاهه صاحب ناکئي کي چوي ته
ٻيڙائتا! اهي ٻئي ڳالهيون توکي ڪين ڦٻنديون، جو
سڙهه به ڇوڙي ڇڏيو اٿئي، وکر سان ٻيڙيءَ کي تار به
ڪيو اٿئي، وري ڌڪي سِير تي به آندي اٿئي، پاڻيءَ
جي تِک، لَڙ ۽ لهريون، لس ۽ ليٽ به ڏسين پيو ۽
پوءِ ٻانهن سيرانديءَ ڏيو سمهي به ٿو رهين. اها
ننڊ توکي ڪنهن ڪن ۾ وڃي هڻندي ٻيڙي پراڻي اٿئي
ڪَنن جا لوڏا سهي ڪين سگهندي.
وري پيو چوينس ته:
وکر وڻجارا!، پاڻ پرائو چاڙهيو، اچي لهرون لڳيون،
ته ٻيڙي به پارا، جاڳو جي يارا!، نه تڙ توئي نه
ٿئي.
ڏسجي پيو ته شاهه صاحب پورهيت لاءِ نه رڳو واکاڻ
ڪندڙ آهي، پر هن جي راهه نما آهي. هو پورهيت کي
پنهنجي پورهئي تي سجاڳ ۽ تيار رکڻ گهري ٿو. هو کيس
وسيلو وهڻ نه ٿو ڏئي. شاهه صاحب سمجهي ٿو ته
پورهيو آهي جو دنيا کي آباد رکيو ٿو اچي. اُهي
محنت ڪش انسان ئي آهن جن جي طفيل ڌرتيءَ تي ڌمالون
پيون وڄن. ڌرتيءَ اگر جنت جو ڏيک ڏئي ٿي ته اهو
پورهيت جو پگهر آهي، جنهن سان چوڌاري آبادي ۽
آزادي آهي، ساوڪ ۽ سبزي آهي، خوشي ۽ خورمي آهي،
تڏهن ته چويس ٿو ته:
تتي ٿڌيءَ ڪاهه،
ڪانهي ويل وهڻ جي،
متان ٿئي اوندهه،
پير نه لهين پرينءَ جو.
ميهارن جون مينهون ۽ وڇون جيڪي چاهڪ چَرَن ۽ تار
۾ ترن ٿيون، ميهار کين ساري سنڀاري چاري ۽ پياري
ٿو. اهي مينهون ۽ ميهار ملڪ جي خوشحالي جي نشاني
آهن. اهي کير، مکڻ، ڏڌ، گيهه ۽ گوشت، کلون ۽ هڏا
ڏين، جن مان وڏا وڏا ڪارج سرن ٿا. ڀٽائي صاحب
مينهن ۽ ميهار کي دعا ڪري ٿو ۽ فرمائي ٿو ته:
مينهون هن ميهار جون،
الله! سڀ بچن،
وڇون جي ڪيرن سين،
سدا ٿيون سونَهنَ.
مون کي ماڻڪين،
تاري هنيو تار ۾.
وري ٿو ميهار لاءِ دعا گهري ته:
مري تان مَ ميهار،
شال وٿاڻ ولهو نه ٿئي،
وَڇُنِ جي وَڇار جو،
ونگو ٿئي مَ وارُ،
ساهڙ مون سينگار،
ماڻهن ليکي مهڻو.
پورهيت مردن سان گڏ پورهيت عورتن کي به شاهه
سائينءَ ڪين وساريو آهي. مرد مال چاري مينهون
ڍڳيون، ڇيلا، ۽ ڇيليون، رڍون ۽ ڍڳا آڻي وٿاڻ ۽ واڙ
۾ ڇڏين ٿا انهن جون زالون وريو مينهون ڏهيو کير
ڪريو سباڻ وجهيو ڌونرا ڄمائين وري منڌيءَ سان
ولوڙيو مکڻ جا چاڻا ڪڍن، جنهن مان گيهه ڪڍي پاڻ به
کائين ته عام کي به کارائين. جڏهن مينهن وسن ۽
گاهه ٿين، جڏهن مينهون چري متاريون ٿين، تڏهن
جهجهو کير ڏين ۽ ولوڙا وايون ڪن سنگهاريون،
سٻاجهڙيون سنڌي پورهيت عورتون چاڏين ۾ منڌيون
ڦيرائي مکڻ ڪڍن ٿيون تڏهن ته ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو.
بَرَ وَٺا ٿر وَٺا، وٺيون ترايون،
پوياڙيءَ جو پٽن تي،
ڪَنِ ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا،
سنگهاريون سايون،
ساريو ڏهن ساموهيون،
ٻولايون رايون،
ٻانهيون ۽ ٻايون،
پَکِي سونهن پنهنجي.
ڀٽائي گهوٽ پورهيتن تي ڪوسو واءُ به نٿو سهي.
سرمائيدار ۽ دولتمند جيڪي هٿرادو ڏڪر آڻيندا آهن.
پورهيت جو پورهيو سستي اگهه خريد ڪندا آهن. وري
اُهي ساڳيون شيون مهانگيون ڪري وڪرو ڪندا آهن.
اهڙن ذخيره اندوزن ۽ بليڪ مارڪيٽ ڪري غريب پورهيتن
کي ڦرڻ وارن ماڻهن لاءِ شاهه صاحب جي دل ۾ ڌڪار
آهن. هو چاهي ٿو ته هي محنت ڪش سدائين سکيا ستابا
هجن ۽ هنن کي پيڙي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ وارا سدائين شل
چٽ ٿين. شاهه اهڙن مُوذيُن کي هن طرح پاراتو ڏئي
ٿو ۽ محنت ڪش کي دلداري به ڏئي ٿو ۽ دعا به ڪري
ٿو:
حڪم ٿيو بادل کي،
ته سارنگ ساٺ ڪجن،
وڄون وسڻ آئيون،
ٽهه ٽهه مينهن ٽمن،
جن مهانگي لئه ميڙيو،
سي ٿا هٿ هڻن،
پنجن مان پنڌرهن ٿيا،
ائين ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهه مان،
شل موذي سڀ مرن،
وري وڌيءَ وَس جون،
ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيد چوي سڀن،
آهي توهه تنهنجي آسري.
شاهه لطيف ڪنڀار کي نه وساريو آهي. فرمائي ٿو ته
ڪنڀر به ڪاريگر آهي، جو آوي کي اهڙي طرح ڍڪي ٿو
جنهن مان جَرُ ٻاهر نه نڪري. هو نهائين ۾ ٿانءَ
رکي باهه ٻاري راتيون ڏينهن سجاڳ رهندو آهي جيئن
هاريءَ کي پاڻي ڀڄي پوڻ جو خطرو لازم رهي ٿو تيئن
ڪنڀار به نهائينءَ تي چڱيءَ طرح چوڪسيءَ رکي ٿو.
هن کي خاطري آهي ته جيڪڏهن ڪٿان به ٻاڦ ٻاهر نڪتي
ته ٿانو چڱا ڪين پچندا ۽ نقصان ئي نقصان ئي نقصان
ٿيڻو آهي. تڏهن ته ڀٽ ڌڻيءَ ڪنڀار جي آوي جي هن
طرح ساراهه ڪري ٿو ۽ اُن مان ڪي ٻيا سبق ٻين کي به
ڏيڻ چاهي ٿو، فرمائي ٿو ته:
”نينهن نهائينءَ جيئن،
ڍڪيو ڪونه نه ڍڪين،
ڄَرُ جيري ڇڏي ته،
رَڇ پڇندا ڪيئن،
تون پڻ ڪريج تيئن،
جيئن ڪنڀار ڪن ڪم سين.
مٿئين بيت ۾ ڏسبو ته نهائين کان سبق وٺي شاهه صاحب
ٻين کي نصيحت به ڪري ٿو ساڳئي وقت ڪنڀار جي انهيءَ
کي ڪم کي ساراهي به ٿو ۽ چوي ٿو ته تون به ائين ڪر
جيئن ڪنڀار پنهنجي ڪم تي هر وقت سجاڳ آهي تڏهن ته
چوي ٿو ته:
سندي ڪنڀاران، ڪن ڪريجاء ڳالهڙي
ارٽ ۾ آڻي، ڪپهه وجهي سٽ ڪتيندڙ عورت کي حضرت شاهه
صاحب ڪاپائتي سڏي ٿو ته جي تون پورهيت زال آهين،
چرخو تنهنجي اڳيان آهي. پوءِ ڇو نٿي محنت ڪرين ته
اجورو به چڱو ملي پوندو. پورهيت کي آرام جي طلب
هجڻ گهٽ گهرجي. ٻانهن ۾ جيسين ٻل آهي ۽ سرير ۾
جيسين سگهه آهي، تيسين ته ڪجهه ڪرڻ گهرجي. چوي ٿو
ته بيڪار کان بيگار ئي ڀلي آهي. سنهون ڪتڻ نٿو
اچيئي ته مڙئي رنڊا ويهي روڙ. چويس ٿو ته چت لائي
سنهون ڪتيندينءَ ته کڻي ٿورو سُٽ ٿيندو ته به ان
جو ڦل چڱو ملي پوندو. ڇو ته سنهي سٽ جو وڌيڪ مان
آهي. پر ڪاپائتي کي چوي ٿو ته پورهئي ۾ ايمانداري
شرط آهي. چاوت پائي چِت ۾ سنهو ڪتيو جن، تن جو
صرافن دڪوئي داخل نه ڪيو. پر جيڪي ايمانداريءَ سان
ڪم ڪنديون ته جو اڻ توريو اگهائجي ويو. لطيف سائين
فرمائي ٿو ته:
تُنبائي تاڪيد سين، جن پڃايو پاءُ،
لسي تند لطيف چوي، هَلِي تن هٿاءُ،
ململ منجهان ماءُ،
جي سکيون ته سونُ ڪيو.
شاهه سائينءَ ڪاپائتيءَ کي تاڪيد ڪندي چوي ٿو ته:
ڪَتڻ جي ڪانه ڪرين،
سُتي ساهين هَڏ،
سُڀان ايندءِ اوچتو، عيد اگهاڙن گُڏ،
جت سرتيون ڪندءِ سڏُ،
اتي سڪنديئن سينگار کي.
ڌوٻيءَ کي شاهه فرمائي ٿو ته تون ميرا ڌويو صاف
ڪرين ٿو، پليتيءَ کي پاڪائيءَ ۾ بدلائين ٿو،
تنهنجو به دنيا تي ٿورو آهي. شاهه سائين فرمائي ٿو
ته اُهي کٽي کُنڀ ۾ ڪپڙو وجهيو انهن مان مِٽي ۽
مير ڪڍيو، اُجرو ڪري واپس ڪري ٿو. هو ميرو وڍي ٿو،
اُجرو ڏئي ٿو تڏهن اُجورو وٺي ٿو. جيڪڏهن کٽيءَ جو
وجود نه هجي ها ته:
جي اڇا اُجارين، سي کٽي کُنڀ کڻي ويا،
موٽايو آڻين، ماڻهو ميرا ڪپڙا.
ٻڪرارن ۽ ريڍارن کي ته ڀٽ ڌڻي پنهنجي شعر ۾ چڱو
ياد ڪيو آهي. ويچارا جهنگن ۾ ولر وٺيو چاريندا
وتن. وڻن جون ٽاريون وڍيو ولر اڳيان ڇڏين. ٻٻرن
مان پلڙا روڙيو، ڪنڊا سهيو هٿ ڦٽيو پنهنجن پَهُن
لاءِ چارو موجود ڪن. سارو ڏينهن بک ۽ اُڃ ۾ سردين
گرمين ۾ پنهنجن ولرن سان گڏ جهنگلن ۾ ڀٽڪندا وتن.
پاڻ ميرا گدلا ۽ پگهر ۾ شل ٿيو ٻڪرين جي ڦولهڙين ۽
پيشاب سان ڀريل رهن، پر اُهي ڪيڏي نه ملڪ جي خدمت
ڪن ٿا. سندن حالت ڀٽائي گهوٽ هن طرح بيان ڪئي آهي.
مَٿن ٽُٻڪ ٽُٻڪرا، چڪندڙا اَچن،
کُڙيون کِهه ڀَڪُليون، پگهر سِر پيرن،
اِي وڙ ويڙهيچَن، مون لوڏائين لکيئا.
ايتري محنت کان پوءِ به سندن گذران ڏکيو آهي. هو
ويچارا ايتري محنت ڪرڻ کان پوءِ سائون، ڳُڙ ۽
ڳنڍير تي گذران ڪن، پڪا ۽ پُسي ڏؤنرا ۽ ڏُٿ کائين.
کٿا ۽ کر ٿڻ پائين. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا!
سٿا ڪريو سيد چوي، سائون سُڪائين،
منجها لَنب لطيف چوي،
چائَرَ ڪيو چاڙهين،
پلاءُ نه پارين، عمر! آراڙيءَ سين |