هڪ ڀيري نوريءَ جي نوڙت ۽ نياز جو امتحان لهڻ لاءِ
ڄام سڀني راڻين کي چوائي موڪليو ته اڄ شام جو سهي
سنڀري ويهجو ته آئون اوهان مان جنهن کي وڻندم،
تنهن کي شيل شڪار لاءِ وٺي ويندس. نياپو سڻي سڀئي
سهيليون سينڌ سُرما ڪري سنڀري ويٺيون پر نوريءَ
نڪو ڪيو هار نڪو ڪيو سينگار. اُٽلو اباڻو وڳو ڪري
ويهي رهي ڄام محلات ۾ آيو ته سڀ ڪنهن راڻيءَ اوچو
ڳاٽ کڻي ناز نخري سان کيس ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر
ڄام کي نوريءَ جي نهٺائي وڻي سو کيس وٺي گهمائي
آيو. اهڙيءَ طرح نوريءَ پنهنجي
نياز ۽ نوڙت
سان سڄي عمر تماچيءَ جي دل تي حڪمراني ڪئي.
تڙ تماچي ڄام جو، تماچي تَڙ راءُ،
تماچيءَ جي تڪيي، تون تماچي ڳاءِ،
ته تون تماچياءِ، تماچي تڙ لهين.
(شاهه)
سورٺ راءُ ڏياچ
ڪنهن سمي راءِ ڏياچ نالي هڪڙو راجا جهوناڳڙهه تي
راڄ ڪندو هو. سندس ڀيڻ کي اولاد ڪونه ٿيندو هو.
ڪنهن فقير جي دعا سان کيس پٽ ڄائو پر هن چيس ته
اهو پٽ راءُ ڏياچ جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندو. هُن
انهي پٽ کي صندوق ۾ وجهي سمنڊ ۾ لوڙهي ڇڏيو ته
جيئن سندس ڀاءُ جي حياتي بچي پوي. صندوق لڙهندي
لڙهندي اچي انيراءَ جي ملڪ ۾ پهتي ۽ ڪنهن چارڻ جي
هٿ اچي ويئي. چارڻ ٻار جو نالو ٻِيجَلُ رکيو. ٻيجل
جڏهن وڏو ٿيو ته چنگ وڄائڻ ۾ اهڙو ته ماهر ٿي ويو
جو ماڻهو ۽ مرون سندس چنگ چورڻ تي مست ٿي ويندا
هئا.
راجا انيراءَ کي پٽ جو اولاد ڪونه هو. جڏهن کيس
اٺين ڌيءَ ڄائي ته هن واڪڙ وچان صندوق ۾ بند ڪرائي
لوڙاهي ڇڏي. اها صندوق راءَ ڏياچ جي راڄ ۾ رتني
نالي ڪنڀار کي هٿ لڳي. جنهن ڇوڪريءَ تي سورٺ نالو
رکي، نپائي، پالي وڏي ڪئي. سورٺ جي سونهن جي
ساراهه ٻڌي راجا انيراءَ رتني کان سڱ ڇڪيو. رتني
اها شاديءَ جي آڇ قبول ڪئي. پر جڏهن راءَ ڏياچ کي
اها خبر پئي تڏهن هو سورٺ کي زوريءَ کڻائي آيو ۽
سورٺ کي ريهي ريڀي ساڻس شادي ڪيائين.
راجا انيراءَ پنهنجي نالي ٿيل ٻانهن جي ٻئي سان
شادي پنهنجي بي عزتي سمجهي. ان ڪري لشڪر وٺي راءَ
ڏياچ جي قلعي تي ڪاهي آيو پر قلعو مضبوط هو ۽ راءُ
ڏياچ وٽ کاڌي پيتي جو سامان اڪيچار هو. راجا
انيراءُ ساڻس پڄي نه سگهيو ۽ موٽي ملڪ آيو. راجا
انيراءَ پنهنجي راجائيءَ ۾ پڙهو گهمايو ته جيڪو
ماڻهو راءَ ڏياچ جو سر آڻي ڏيندو ان کي ٿالهه
اشرفين جو اڳواٽ ۽ اڌ راڄ ڀاڳ بعد ۾ ڏنو ويندو.
ٻيجل جي زال اهو ٿالهه وٺي راجا سان قول ڪري اچي
ٻيجل کي ٻڌايو. ٻيجل ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. پر پوءِ
وعدو وفا ڪرڻ لاءِ جهونا ڳڙهه ڏانهن روانو ٿيو.
چارڻن (ڳائڻي) کي سڀڪنهن هنڌ وڃڻ جي آزادي هوندي
هئي سو هن کي ڪنهن ڪونه روڪيو. جهوناڳڙهه ۾ وڃي هن
سروندڙو سوريو، جنهن ٿي راڳ ٻڌ سو مست ٿِي ٿي ويو.
جڏهن اها واکاڻ راءِ ڏياچ تائين پهتي ته هن ٻيجل
کي پنهنجي رنگ محل ۾ گهرايو. راڳ ٻڌي چيائينس ته
”گهر جيڪي گهرڻو اٿئي.“ پر ٻيجل ڪجهه نه ڪڇيو. ۽
وري واڄو وڄائڻ ويٺو. راءُ ڏياچ وري به چيس ”گهر
جيڪي گهرڻو اٿئي.“ ٻيجل ورندي ڏنيس ته ”آئون ڪو
معمولي مڱڻهار ڪونه آهيان مون وٽ مال متاع جي کوٽ
ڪانهي باقي جيڪي گهرندس ۽ توهان نه ڏيندا ته مفت ۾
ڏٺا ٿيندا.“ راءُ ڏياچ وچن ڏنس ته ”جيڪي گهرندين
سو پائيندين.“ نيٺ ٻيجل سر جي صدا هنئي. اهڙي عجيب
۽ انوکي گهُر ٻڌي راجا حيران ٿي ويو پر تنهن هوندي
به چيائينس ته ”بس اهڙي خسيس گُهر! سِرُ تنهنجو
ٿيو.“
سورٺ کي جڏهن سُڌ پيئي تڏهن هينئون هارجي ويس.
ٻيجل کي گهڻئي آزيون نيزاريون ڪيائين پر هو مڙيو
نه، نيٺ راءُ ڏياچ ڪپار ۾ ڪرٽ هنيو ۽ سر ڏيئي سرهو
ٿيو.
ٻيجل سِرُ کڻي سڌو راجا انيراءَ وٽ پهتو ۽ کيس
سمورو احوال ٻڌايائين. راجا چيس ته ”ڪميڻا! تو
اهڙي سخيءَ جو سِرُ لاهي قهر ڪيو آهي. لالچ وچان
اهڙي داتا مان به ڪين گُٿين، سو اسان سان ڪهڙا سٺا
پير کڻندين. هاڻي توکي ملڪ نيڪالي آهي وري پنهنجو
منحوس منهن اسان کي نه ڏيکارج.“
ٻيجل واپس وريو ۽ اچي انهيءَ باهه جي اوڙاهه ۾
ڌوڪي پيو جنهن ۾ راءَ ڏياچ جو ڌڙ ٿي چکيا تي
چاڙهيائون ۽ سورٺ پڻ پنهنجي ور سان سَتي ٿِي هئي.
سورٺ مُئي سک ٿيو، خيما کنيا کنگهار،
نڪو راڳ نه روپ ڪو، نڪا تند تنوار،
تِهان پوءِ مڱڻهار، ڏنو سِر ڏياچ کي.
(شاهه)
مورڙو ميربحر
اوڀائي نالي هڪ مهاڻي کي ست پُٽ هوندا هئا جن مان
مورڙو قد جو ڇوٽڙو ۽ منڊڙو هوندو هو، ٻيا ڇهه ئي
ڀائر پهلوان هوندا هئا. هو مڇي مارڻ لاءِ ويندا
هئا ته پنهنجي ننڍي ۽ جڏي ڀاءُ کي گهر جي سڌ سماءَ
لاءِ پٺيان ڇڏي ويندا هئا.
دودائي بلوچن مان هڪ مائي، جنهن جو نالو ڪلاچي هو
تنهن پنهنجي وڳر سان سمنڊ جي ويجهو اچي ڳوٺ ٻڌو
هو. انهيءَ ڳوٺ تي مائيءَ جو نالو پيو. (جو هاڻي
ڪراچي شهر سان مشهور آهي) انهيءَ کان ٿورو پري
هاڻوڪي ڪلفٽن ۽ منهوڙي جي وچ ۾ ڪلاچيءَ جو ڪن
هوندو هو جنهن ۾ ڪئين ٻيڙا غرق ٿي ويندا هئا. ان
کان سواءِ منجهس هڪ مانگرمڇ به رهندو هو جيڪو ڪُن
۾ ڦاٿل ماڻهن کي کائي ڇڏيندو هو. اتفاق سان هڪ
ڀيري مورڙي جا ڀائر اچي ان ڪُن وٽان نڪتا، اتي جي
ملاحن گهڻو ئي سمجهاين ته ڪُن ۾ قهر لڳو پيو آهي
پر هي يار مڙيا ڪين. اڃا رَڇ وجهي اڳتي وڌيائي ڪين
ته ٻيڙي ڪُن ۾ ڦاسي غرق ٿي ويئي ۽ ڇهه ئي ڄڻا
مانگرمڇ جو شڪار ٿي ويا.
گهر ورڻ جي ويل ٽري ويئي، مائٽن کي اچي آنڌ مانڌ
ٿي مورڙو ڳولا ۾ نڪتو، حقيقتون حاصل ڪري موٽي ماڳ
تي آيو. مورڙو هو ڇوٽڙو پر عقل ۾ اڪابر هو، سو
مائٽن مٽن کي ميڙي هڪ لوهي پڃرو تيار ڪرايائين
جنهن جي چئن ئي پاسن کان تکا ڪِلا هئا. هرهڪ ڪلي ۾
رسو ٻڌل هو. ڳچ جيترا همراهه ساڻ ڪري اُهو ڪل
سامان کڻي هو ڪلاچيءَ جي ڪُن ڏانهن ويو.
مورڙو پڃري ۾ ٿي ويٺو ۽ همراهن کي چيائين ته هاڻي
پڃرو ڪُن ۾ ڪيرايو، جڏهن رسا لڏندا ڏسو تڏهن ڇڪي
ٻاهر ڪڍجو. پڃري کي مانگر مڇ ڳڙڪائي ويو پر ڪِلَن
هنڌان هنڌان وڍي وڌس، مورڙي وٺي رسا لوڏيا ۽ مهاڻن
وٺي ڇڪيو. سڪيءَ تي پهچڻ سان مهاڻن مانگرمڇ ماري
مورڙي کي پڃري مان صحيح سلامت ٻاهر ڪڍيو. مورڙي،
مڇ جو پيٽ چيري ڀائرن جا لاشا ڪڍي ڪراچيءَ جي اتر
اولهه طرف جبل جي پاڙ وٽ دفن ڪيا ۽ پاڻ مقام جو
مجاور ٿي ويٺو.
ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گهڙي سو نِئي،
خبر ڪونه ڏئي، ته رَڇ ڪڄاڙي رنڊيا.
(شاهه)
ساوڻ گهڙي سڀڪا، هي سرهي سياري،
تن وڌائين تار ۾، ارواح جي آري،
محبتي ماري، ڪونهي داد درياهه ۾.
(شاهه)
اديون آئون آ ڄاڻ، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو،
هُند نه سٺم هيتري، ڪوهياري جي ڪاڻ،
رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جت سين.
(شاهه)
علي اڪبر ابڙو
شاهه جي رسالي جا
نسخا
شاهه ڀٽائي جا اهي رسالا، جن ۾ بيت، وايون ۽
ڪافيون لکيل آهن. انهن جي هرهڪ مجموعي کي نسخو
سڏجي ٿو. پوءِ چاهي اهي ڇپيل هجن يا قلمي. انهن کي
سندن سهيڙيندڙ جي نالي وارو نسخو ئي سڏبو آهي.
مثال طور علامه آءِ. آءِ. قاضي جو ڇپيل نسخو يا
حاجي هدايت الله هالائي وارو قلمي نسخو.
اڄ تائين جيڪي قلمي خواه ڇاپي نسخا ظاهر ٿيا آهن،
انهن جو ڪل تعداد 53 آهي جن مان 31 قلمي نسخا آهن
۽ 22 ڇاپي نسخا.
قلمي نسخا
1-
ميين اسماعيل جو گڏ ڪرايل رسالو جنهن کي ”گنج“
سڏين ٿا، جيڪو ڀٽ شاهه تي رکيل آهي. 2- قاضي موسيٰ
وارو نسخو. 3- درگاهه منصورهه وارو نسخو. 4- برٽش
ميوزم لنڊن وارو نسخو. 5- انڊيا آفيس لنڊن وارو
نسخو. 6- 1279هه ۾ لکيل ڪڇ وارو نسخو. 7- اڻ پورو
نسخو پهريون. 8- اڻ پورو نسخو ٻيو. 9- سيد ابراهيم
شاهه وارو نسخو. 10- دلدار فقير وارو نسخو. 11-
پير غوث محمد شاهه وارو نسخو. 12- هدايت الله
هالائي وارو نسخو. 13- مير امام بخش جو لکايل
نسخو. 14- مائي ملي نعمت جو لکيل نسخو. 15- آخوند
محمد شفيع جو نسخو. 16- اميد علي نظاماڻيءَ جو
لکيل نسخو. 17- عبدالحميد جو لکيل نسخو. 18-
عبدالخالق هالائي جو لکيل نسخو. 19- ميين احمد
ڀٽائي جو لکيل نسخو پهريون. 20- ميين احمد ڀٽائي
جو لکيل نسخو ٻيو. 21- ميين احمد ڀٽائي جو لکيل
نسخو ٽيون. 22- ميين محمد ۽ ميين حسين جو لکيل
نسخو. 23- ميين احمد ڀٽائي جو لکيل نسخو چوٿون.
24- نيڪ محمد جو لکيل نسخو. 25- مير عبدالحسين
سانگي جو لکايل نسخو. 26- جمعي فقير جو لکايل
نسخو. 27- اسماعيل بن محمد رنگريز جو لکيل نسخو.
28- تاج محمد نظاماڻيءَ جو لکيل نسخو. 29- ولي
محمد شاهه وارو نسخو. 30- ميهار فقير جو لکايل
نسخو. 31- پنهل فقير جوڻي جو لکايل نسخو.
ڇاپي نسخا
1-
ارنسٽ ٽرمپ (1866ع) 2- قاضي ابراهيم وارو بمبئي
ڇاپو (1283هه- 1867ع). 3- بمبئي وارو ڇاپو
(93-1292هه-77-1876ع). 4- بمبئي وارو ڇاپو.
(1303هه- 1886ع). 5- بمبئي وارو ڇاپو (1306هه-
1889ع). 6- بمبئي وارو ڇاپو (1310هه- 1893ع). 7-
بمبئي وارو ڇاپو 1137هه- 1899ع). 8- بمبئي وارو
ڇاپو (1329 هه-1911ع) 9- بمبئي وارو ڇاپو (1340هه-
1921ع) 10- تاراچند شوقيرام وارو سرڪاري ڇاپو
(1900ع) 11- مرزا قليچ بيگ جو ترتيب ڏنل (1913 ۽
1955ع) 12- ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ وارو ڇاپو ٽن
جلدن ۾ (32- 1931ع). 13- عبدالله سومري جو ڇاپو
(1350هه- 1931ع). 14- غلام محمد شاهواڻي جو ترتيب
ڏنل ڇاپو (1950ع). 15- محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو
ترتيب ڏنل اصلي وڏو رسالو (1951). 16- خانبهادر
محمد صديق وارو (بمبئي ڇاپي جو ٻيو ايڊيشن). 17-
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي وارو (52- 1953). 18-
پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي وارو (بمبئي- 1958ع). 19-
علامه آءِ. آءِ. قاضي وارو (1960ع). 20- محمد
عثمان ڏيپلائي جو پاڪيٽ سائيز رسالو (1963ع). 21-
برٽش ميوزيم واري نسخي جو ڇاپو، تصحيح ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ (1869). 22- شاهه جو رسالو، 1269هه ۽
1270هه ۾ لکيل ٽن قلمي رسالن کي ڀيٽي ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ ترتيب ڏنو (1972ع). |