سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر ۽ نومبر 1978ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل آڪٽوبر ۽ نومبر 1978ع

ايڊيٽر: انور هالائي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارو،

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام، سچائي ۽ حقيقت جو پيغام آهي، جيڪو هر زماني جي ماڻهن ۽ سندن مزاج مطابق آهي. لطيف جو پيغام نه رڳو سنڌ لاءِ، پر سڄيءَ دنيا لاءِ هڪجهڙو آهي. جنهن ۾ رنگ ۽ نسل جو متڀيد رکيل ڪونه آهي.

آڪٽوبر مهيني جي ٻي تاريخ سڄي دنيا ۾ ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، ۽ ٻارن جي حقن، تعليم ۽ تربيت جي جدوجهد کي ورجايو ويو. حقيقت ڪري ٻار، اسان جي سماج جو بنيادي پٿر آهي، ان ڪري جيستائين ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڏانهن پورو پورو ڌيان نه ڏبو، تيستائين سماجي سڌاري جا اهڃاڻ پيدا نه ٿيندا. لطيف جي پيغام ۾ سماجي سڌاري لاءِ جدوجهد جي هڪ اهڙي سچائي آهي، جنهن جي روشنيءَ ۾ اسين پنهنجي سماج ۾ نه رڳو نواڻ پيدا ڪري سگهون ٿا، پر حقيقت پسنديءَ جو روح پڻ جاڳائي سگهون ٿا.

لطيف جو ڪلام، جدوجهد جو پيغام آهي. سندس هر بيت، پورهيتن ۾ محنت ۽ همت جو جذبو جاڳائڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو پيغام آهي. لطيف جي بيتن ۾ پوئتي هٽڻ مهڻو آهي. ڪٿي به طالب کي مطلوب سان ملڻ جو ذڪر ڪونهي، پر سڪ ۽ سار ۾ اڳتي وڌڻ جو بار بار بيان آهي. جيئن، اسان جي ماڻهن ۾ همت، شجاعت، بهادري ۽ سچائي جو جذبو جاڳي ۽ هو سمهڻ بدران اٿي هلڻ کي وڌيڪ پسند ڪن.

ڏورِيان ڏورِيان، مَ لَهان! شال مَ مِلان هوت،

مَن اندر جا لوچَ، مَڇَڻِ مَلَڻ سان ماٺي ٿئي.

(شاهه)

اسان جي ٻارن کي گهرجي ته لطيف جي ڪلام تي عمل ڪرڻ لاءِ همت ۽ جدوجهد جو جذبو ڌارين، جيئن هو وڏا ٿي لطيف جي پيغام کي نه رڳو عام ڪن، پر ان تي عمل ڪري، سماجي سڌاري ۽ عام انساني حقن جي پوري پوري حفاظت ڪن.

هي پرچو

گل ڦل جو هي پرچو ”لطيف نمبر“ جي صورت ۾ اوهان جي آڏو آهي. هن پرچي کي آڪٽوبر ۽ نومبر جو گڏيل پرچو ڪري ڪڍيو ويو آهي، جيئن اسين پنهنجي روايتي دير کي درست ڪري سگهون ۽ آئيندي اوهان کي وقت تي پرچو ڏيئي سگهون.

”لطيف نمبر“ ۾ لطيف جي شجري کان وٺي سندس حياتي، شاعري سنگيت، رسالي جي نسخن ۽ بيتن ۾ بيان ڪيل لوڪ ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن. اسان ڪوشش ڪئي آهي ته هن رسالي ۾ ٻارن جي ڄاڻ ۽ معلومات لاءِ پورو مواد ڏيون. ڪي ڳالهيون رهجي ويون آهن، جيڪي ساٿ نه ملڻ ڪري پوريون نه ڪري سگهيا آهيون، ان هوندي به اسين پڪ سان چئي سگهون ٿا ته ”ٻاراڻي ادب“ ۾ لطيف بابت هيڏو ۽ ههڙو مواد اڄ تائين پيش نه ڪيو ويو آهي. گل ڦل جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، لطيف نمبر جو ٽائيٽل آفسيٽ تي ڇپايو ويو آهي. اميد آهي ته گل ڦل جا پڙهندڙ پنهنجي راءِ کان ضرور واقف ڪندا.

مبارڪون

نومبر جي مهيني ۾ هندو ٻارن لاءِ ڏياري ۽ مسلمان ٻارن لاءِ عيدالضحيٰ اچي رهيون آهن. ان لاءِ اسين دل جي خلوص سان هندو ٻارن کي واڌايون ۽ مسلمان ٻارن کي مبارڪون پيش ڪري رهيا آهيون. اميد آهي ته سندن هي ڏڻ، خوشين ۽ هيج سان گذرندا.

شڪرگذاري

اسين انهن ٻارن جو ٿورائتا آهيون، جن گذريل عيد جي موقعي تي سوين عيد ڪارڊ موڪليا ۽ خطن ۾ عيد مبارڪون موڪليون. اسين دعاگو آهيون ته اسان جا ٻار سدائين خوشين ۾مست مگن هجن ۽ ههڙيون هزار عيدون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏسن ۽ حياتيءَ کي سڦلو ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ اڳتي وڌڻ جو جذبو ڌارين.

اوهان جو ڀاءُ

انور هالائي

ذوالفقار سيال

سچ جو سنيهو

شعلا، شعلا ڀنڀٽ ٻاري، آءُ ته ڀٽائي مچ مچايون،

پيار پکيڙي، نفرت واري، ڪاري ڪاري ٻاٽ کٽايون.

 

آڌيءَ ويلي اندر کولي، تنهنجي سُر تي ساز وڄائي،

هر ڪنهن گس تي ڏيئو ٻاري، رت ولوڙي، ريت نڀايون.

 

بيتن مان خوشبوءِ سان گڏ، ڳاڙهي ريٽي، سرخي روڙي،

چهرن تان ميرائپ ڌوئي، باکن جهڙي لاک لڳايون.

 

تنهنجا سارا گيت گلابي، جڳمڳ جڳمڳ جهرمر لائن،

انڊلٺ جهڙا سر وکيري، ڏيهن ۾ سرهاڻ وڇايون.

 

آءُ ڀٽائي! جوڻ مٽائي، بيتن ۾ پيغام کڻي ڪو،

جنهن سان ڀوريون، سارا پٿر، سينو سنگن سان ٽڪرايون.

 

زلف وري سڏ آيو آهي، مينديءَ جهڙي خوشبو ڦهلي،

پنهنجي نيڻن جي ڇپرن سان، ڪاوا راهن مان هي هٽايون.

ميمڻ غلام مصطفيٰ مشتاق

ڀٽائي گهوٽ

اي ڀٽائي گهوٽ، توکي سنڌ جي عظمت چوان،

يا حقيقت آشنا يا شاعرِ فطرت چوان.

 

معرفت جي بحر جا موتي ڏنا تو بي شمار،

توکي مان غواص سمجهان، واقف حڪمت چوان.

 

ديد تنهنجيءَ، عشق جي اسرار کي ظاهر ڪيو،

توکي مان عامل چوان يا ڪاملِ قدرت چوان.

 

ڪائناتِ زندگيءَ ۾ تو ڏٺو هڪڙو وجود،

لک لباسن ۾ به توکي عاشقِ وحدت چوان.

 

تنهنجي خدمت ۾ فرشتا ڀي سدا ڪن ٿا سلام،

نور جو مظهر چوان يا خاڪ جي عظمت چوان.

 

زور ڪهڙي تي جهڪائي تو آ ساري ڪائنات،

عشق جي هيءَ انتها يا ربّ جي قربت چوان.

 

تو سڃاتو پاڻ کي مشتاق ٿي توحيد جو،

هر طرح تُنهنجي رسول الله سان نسبت چوان.

راهي چنا

ڀيڄ ڀٽائي

ڪريو ياد ٻارو بيت ڀٽائي جا،

جهونگاريو، ڳايو بيت ڀٽائي جا.

لڳي جڏهن ميلو، هلو ٻاريون ٺاهي،

عقيدت محبت واريون ٺاهي.

ڀٽائي جي بيتن ۾ سبق سمجهاڻيون،

پيار سنديون عجب لوڪ ڪهاڻيون.

ڏني سائين ساري جڳ کي دعا آ،

ڀٽائي بيشڪ انسانيت لئه هدا آ.

ٿئي جڏهن ڪارڙو ڪمارڙو ٻارو،

هڻو گڏجي نعرو ڀيڄ ڀٽائي جو ٻارو.

شاهه جون وايون ۽ بيت دوها،

گجر مينهن جا ڄڻ مٺڙا گوها.

ٻارو وطن لئي ڏسو مارئي جي محبت،

رکي هر حال ۾ جنهن مارن جي عزت.

ڪينجهر ڪنارا سڀ تل ترايون،

هٿ آڱريون ڪل ڪرايون.

خالي خالي هن راهي جو جهول،

ڏات ڌڻي ڏي تون ٻه ٽي ٻول.

مس منور صدر

وايون

 

تنهنجي آئي ٿر بر برسيو، مند ملهاري آئي،

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي.

تنهنجي ئي گيتن سان ساري، سنڌ سُڪاري سائي،

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي.

گونجي ٿي، جهر جهنگ ۾، تنهنجي حق جي وائي،

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي.

ماروئڙن جي محبت ۾ تو، ڪئي نه ويرَ وڏائي،

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي.

سندءِ رسالي هر ڪنهن من ۾، محبت آهه مچائي،

ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ ڀٽائي.

فضل الرحمان ميمڻ

 

مٺڙا تنهنجا ٻول ڀٽائي، مٺڙا تنهنجا ٻول.

تنهنجون ڳالهيون مٺڙيون مٺڙيون، هرڪو قول انمول.

جملا جيئن جواهر جهرڪن، جهُلي جهليوسين جهول.

سونَ سريکي ٻولي تنهنجي، مُرڪي موتي رول.

تنهنجي ٻولي زندهه رهندي، چوڌاري چؤٻول.

دنيا جي گولي تي آ، پاتل تنهنجو گول.

 

علي اصغر ڀٽو         عقيدت جا گل            آزاد نظم

اي گهوٽ ڀٽائي لاکيڻا،

مان تنهنجي صورت سيرت تان،

قربان وڃان مان گهور وڃان.

تون جوڳين جو جنسار الا،

تون سامين جو سينگار الا،

تون هيرن جو ڄڻ هار الا،

تون ويڳاڻن ويساهه الا،

تون ميهر جو مانڌاڻ الا،

تون سسئي سان ڄڻ ساڻ الا،

تون ڪامل ڪلنگي دار الا،

هن ديس دلاري جو بيشڪ،

اي داتا تون دلدار الا،

تو سانوڻ کي سَوَ ساٺ ڏنا،

تون ميگهه هئين ملهار الا،

تون ٿر وارن لئه ٿڌڪار الا،

تون آٿت جو آواز الا،

تون پرت سندو پرواز الا،

مان ڇو نه چوان، ڪيئن نه چوان،

تون روحاني ڪو راز الا،

تون الفت جو آغاز الا،

اي گهوٽ ڀٽائي لاکيڻا،

پيارا تنهنجي پير پڻيءَ تان،

قربان وڃان، مان گهور وڃان.

تو ٿر وارن جا ٿاڪ ڏٺا،

تو مسڪين ماروئڙن جا،

چولا چيهون چاڪ ڏٺا،

تو سڙندا ڪيئي سنڌ ڏٺا،

تو جيت ڏٺي، تو هار ڏٺي،

تو مسڪينن تي مار ڏٺي،

تو مست الست، ملنگ ڏٺا،

تو ڪانڌي ٿيندي ڪنگ ڏٺا،

تو عشق جا ابتا سبتا سائين،

واٽ واٽ تي ونگ ڏٺا،

تو رنگيءَ جا سڀ رنگ  ڏٺا،

تو جانب واري جوءِ ڏٺي،

تو بيراڳين جي بستين مان،

ڪا بره جي اٿندي بوءِ ڏٺي،

تو ويري بڻبا ڏير ڏٺا،

تو لٽبا پنهل جا پير ڏٺا،

تو اوطاقن ۾ ڪک ڏٺا،

سي ٿيندي تو سڀ رک ڏٺا،

تون پاڻ ۾ پيهي پرين وارا،

پاڇا سائين پڪ ڏٺا،

تو وڻجارن جي واٽ ڏٺي،

تو سامونڊين سڙهه ڏٺا،

اي گهوٽ ڀٽائي لاکيڻا،

تو ڇا نه ڏٺو، تو سڀڪي ڏٺو،

قربان وڃان، مان گهور وڃان.

اختر درگاهي

 

سنڌ سونهاري

 

سنڌڙي يار سونهاري آ،

مون کي جان کان پياري آ.

 

سنڌ ۾ آهي شاهه ڀٽائي،

جنهن ڳائي آ سچ جي وائي،

سنڌڙي سچ سنواري آ.

 

سنڌ ۾ آهي لال قلندر،

جيڪو آهي پنهنجو رهبر،

هرهنڌ بوند بهاري آ.

 

سنڌ ۾ آهي سچل سائين،

حق سچ جو پيغام ڏنائين،

هوشو هرهڪ هاري آ.

 

پنهنجي مٽيءَ کان ماڻڪ گهٽ،

مٽيءَ کي نه انهن تي مَٽِ،

سنڌڙي سورهيه ساري آ.

زاهد شيخ

 

لال لطيف

 

سنڌڙي ساري

تنهنجي هوندي

سکي سڪاري

شاهاڻا شاهه

تون ئي آهين

بي واهن جي واهه

ٻاري سچ جي باهه

ڏاها، ساري ڏيهه تان

تڙي ڇڏيئي اونداهه

موج ڀريو مهراڻ

تنهنجي بيتن واين جي

لهر لهر سرهاڻ.

 

 

شجرو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ

ولادت: هالا حويلي، تعلقو هالا ضلع حيدرآباد 1102هه-1689ع

وفات: ڀٽ شاهه، تعلقو هالا، ضلع حيدرآباد. 1165هه-1752ع

 

حضرت شاهه عبداللطيف ولد سيد حبيب الله (سيد حبيب) ولد سيد عبدالقدوس ولد سيد جمال ولد سيد عبدالڪريم ولد سيد الله (لعل محمد) ولد سيد عبدالمومن ولد سيد هاشم ولد سيد حاجي شاهه ولد سيد جلال ولد سيد شرف الدين ولد سيد مير علي ولد سيد حيدر هروي ولد سيد مير علي ولد سيد محمد (حسين) ولد سيد علي ولد سيد اَحمد (يوسف) ولد سيد محمد ولد سيد ابراهيم (يوسف) ولد سيد الحواري ولد سيد حسين اَڪبر ولد سيد جعفر الحواري ولد امام موسيٰ ڪاظم ولد امام جعفر صادق ولد امام محمد باقر ولد امام زين العابدين ولد امام حسين عليہ السلام ولد سيدنا علي المرتضيٰ (ڪرم الله وجهه)

موڪليندڙ: ميمڻ عبدالغفور سنڌي لاڙڪاڻو

ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي

شاهه عبداللطيف جي حياتي

شاهه عبداللطيف، سيد حبيب الله شاهه جو پٽ، سيد عبدالقدوس شاهه جو پوٽو ۽ سيد جمال شاهه جو پڙپوٽو هو. شاهه عبداللطيف حيدرآباد ضلع جي هالا تعلقي ۾ هالا حويليءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. اهو ڳوٺ هاڻي ويران آهي ۽ ڀٽ شاهه کان اٽڪل 18 ميل پري سندس ڦٽل نشان، اڃا ڏسڻ ۾ اچن پيا. جنهن گهر ۾ شاهه صاحب ڄائو هو، اتي پوءِ هڪ مسجد جوڙائي وئي هئي. جا اڃا تائين قائم آهي.

شاهه ڀٽائي جي ڄمڻ جي تاريخ پوريءَ طرح معلوم ٿي نه سگهي آهي، پر سڀيئي روايتون، ان ڳالهه تي متفق آهن ته هو سن 1102 هجري مطابق 1689ع- 1690 ڌاري ڄائو هو.

چون ٿا ته شاهه عبداللطيف جي پيءُ شاهه حبيب کي پهريان ئي اولاد ڪونه ٿيندو هو، ۽ پوءِ وڃي ڪنهن وليءَ کان دعا گهريائين، جنهن دعا ڪيس ته توکي پٽ ڄمندو جو زماني جو قطب ٿيندو ۽ سندس نالو عبداللطيف رکجائين. ستت ئي کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو عبداللطيف رکيائين، پر اهو ننڍي هوندي ئي گذاري ويو. وري ٻئي گهر مان هڪ پٽ ڄائس، جنهن جو نالو جمال شاهه رکيائين، وري پهرئين گهر مان ٻيو پٽ ڄائس، جنهن جو نالو پڻ عبداللطيف رکيائين، جيڪو اڄڪلهه شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي نالي سان مشهور آهي.

شاهه ڀٽائي جي ماءُ، شاهه دياني جي نياڻي هئي، جنهن کي مخدوم عربي ڪري سڏيندا هئا. ان بزرگ جي ساري حياتيءَ مجذوبيءَ جي حامت ۾ گذري ۽ ماڻهن جو منجهس وڏو ويساهه هو. سندس مقبرو اڃا تائين هالن پراڻن جي اڀرندي طرف آهي.

شاهه ڀٽائي جي ڄمڻ کان پوءِ، شاهه حبيب، هالا حويليءَ مان لڏي، ڪوٽڙيءَ نالي هڪ ڳوٺ ۾ اچي ويٺو، جو هاڻي ڦٽي ويو آهي ۽ ڀٽ کان 4 ميل پري آهي. شاهه عبداللطيف جو ننڍپڻ ڪوٽڙيءَ ۾ ئي گذريو ۽ کيس تعليم ۽ ترتيب اتي ئي ملي. جڏهن پنجن يا ڇهن ورهين جو ٿيو، تڏهن سندس پيءُ کيس آخوند نورمحمد وٽ پاڙهڻ ويهاريو. آخوند نورمحمد ذات جو ڀٽي هو ۽ وائي جو ويٺل هو، جا ڀٽ کان 12 ميل ۽ اڏيري لال کان 4 ميل پري آهي.

جڏهن آخوند الف- ب سيکارڻ شروع ڪيس، ۽ چيائينس ته چئو الف، تڏهن شاهه هڪدم چيو الف. وري جڏهن آخوند چيس ته چئو ب. تڏهن چيائين ب وري ڇا جي، نيٺ گهڻي ردوبدل کان پوءِ، کيس شاهه حبيب وٽ وٺي ويا. جنهن کي ساري ڳالهه ڪري ٻڌايائون. شاهه حبيب، پٽ جي رمز صحيح ڪئي، ۽ چيائين ته ابا تون بيشڪ سچو آهين. پر ظاهري علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي. پوءِ ايتري خبر نه پئجي سگهي آهي ته شاهه صاحب ڪيترو وقت پڙهيو. پر گهڻن عالمن، جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ان زماني جي لياقت آهر، هر علم ۾ سٺي مهارت حاصل ڪئي، عربي ۽ فارسي جو عالم هو، ۽ پنهنجي مادري ٻولي جو گوهر هو. ان کان سواءِ، بلوچي، سرائيڪي، هندي ۽ پنجابي جي سٺي ڄاڻ هيس، هو هند توڙي سنڌ ۾ مروج ۽ روايتي قصن ۽ ڪهاڻين کان چڱيءَ طرح واقف هو. قرآن ۽ حديث، فقہ ۽ فلسفو، تصوف ۽ ويدانيت، صرف ۽ نحو جو به ڳوڙهو اڀياس ڪيو ٿو ڏسجيس. قران شريف، رومي جي مثوي ۽ شاهه ڪريم جو رسالو اڪثر ساڻس همراهه هوندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com