سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر ۽ نومبر 1978ع

باب: --

صفحو :2

انهيءَ ساڳي ڪوٽڙيءَ ۾ ارغون گهراڻي جو هڪ سردار مرزا مغل بيگ رهندو هو. جن جو شاهه حبيب سان مريديءَ جو رستو هو، ۽ منجهس گهڻو اعتماد هئن.

ننڍي هوندي کان ئي شاهه، ماڻهن جي گهڻ کان گوشو ڪندو هو، ۽ اڪيلائي پسند هوندو هو. ڪڏهن ته پور پوندو هوس ته جهنگ منهن ڪري هليو ويندو هو.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڀيري، هڪ واري جي دڙي تي ويهندي، فڪر ۽ خيال ۾ ايڏو غرق ٿي ويو. جو ٽي ڏينهن برابر، اهڙيءَ حالت ۾ رهيو، جو مٿانئس واريءَ جا تهه چڙهي ويا پر کيس پتو ئي ڪونه پيو.

شاهه حبيب گهڻي ئي ڳولا ڪئي پر هٿ نه آيس. نيٺ هڪ ٻڪرار جي نظر انهيءَ دڙي وٽان لنگهندي، شاهه صاحب تي چڙهي وئي، تنهن اچي ساڻس ڳالهه ڪئي.

شاهه حبيب گهڻي سڪ سان اتي پهتو ۽ ڏٺائين ته، شاهه لطيف جو سارو ڌڙ، واري ۽ دز ۾ دٻجي ويو آهي، باقي سندس چادر جي ڪنڊ ٻاهر پئي ڦڙڪي، سو شڪ ۽ گمان جي وچ ۾ پڪاري چيائين:

لڳي لڳي واءُ- ويا انگڙا لٽجي،

انهيءَ دردناڪ دانهن تي، شاهه عبداللطيف بيخوديءَ جي حالت ۾ ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ ورندي ڏنائين:

پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.

هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو مائٽن جي موڪل بنا جهنگ منهن ڏئي اٿي هليو ۽ سنياسن سان وڃي گڏيو. جن سان ڪيترائي ملڪ گهميو. لکپت ۽ گرنار تائين به ويو. اتان موٽندي جيسلمر ٿر، گنجو ٽڪر، لسٻيلو، لاهوت لامڪان، ۽ هنگلاج جون زيارتون ڪيائين. نيٺ شاهه اچي ٺٽي پهتو، جتي شهر جي عالمن ۽ فاضلن سان ملاقات ڪيائين مخدوم معين الدين ٺٽوي جنهن کي مخدوم تارو به ڪري سڏيندا هئا ان سان گهڻي پريت ٿي ويس ايتري قدر جو شاهه جي ڀٽ وسائڻ بعد به هڪ ٻئي وٽ پيا ايندا ويندا هئا.

شاهه حبيب پٽ جي وڇوڙي ۾ بي حال ٿي پيو. ۽ رات ڏينهن خدا جي درگاهه ۾ پيو عرض ڪندو هو. آخرڪار هالا ۾ مخدوم نوح جي مقبري تي وڃي ڀيرا ڪيائين. نيٺ ٽن سالن کان پوءِ شاهه عبداللطيف هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو اچي گهر نڪتو. پيءُ پٽ هڪ ٻئي سان وڏي حب وچان مليا. شادمانا ٿي ويا، ۽ ورهين جا وڇوڙا لحظي ۾ لهي ويا. ستت ئي شاهه عبداللطيف جو مرزا مغل بيگ جي نياڻي سان نڪاح پيو. شاديءَ کان پوءِ به سمورو وقت، گهر ۾ ڪونه گهاريائين، ۽ پنهنجي سير و سفر ۽ تجربي جي روشنيءَ ۾ سندس سمورو علم بيتن جي صورت ۾ نڪري نروار ٿيو.

سندس روح جون رڳون، قدرت جي رتيءَ جيتري رهاڻ سان به تنبور جي تارن جيئان واڄي ۾ اچي وڄنديون هيون. ان دؤر ۾ شاهه صاحب جا بيت سندس ساٿي ۽ صحبتي ڏاڍي سوز ۽ گداز سان ڳائيندا هئا.

وقت جي حاڪمن، عالمن، بزرگن، شاهه صاحب جي وڌندڙ شهرت کان ڏاڍو خوف کاڌو ۽ کيس ڪئين تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيائون، پر شاهه صاحب، جنهن کي دنيا جي ڪابه حرص ۽ هوس ڪانه هئي. تنهن هالن نون کان چئن ميلن جي پنڌ تي هڪ واريءَ جي دڙي تي پنهنجو نئون آستانو ٺاهيو. جيڪو هاڻي ڀٽ شاهه جي نالي سان مشهور آهي. شاهه صاحب اڃا ڀٽ تي ئي ڪم ۾ مشغول هو ته اوچتو نياپو آيو ته سندس پيءُ بيمار آهي. پاڻ جيستائين شاهه حبيب وٽ پهتو تيستائين، هو وڃي الله وارو ٿيو. ابجد جي حساب ۾ اهو سال 1742ع نڪري ٿو. شاهه حبيب کي ڀٽ تي دفن ڪيائون ۽ سندس تربت شاهه لطيف جي قبي کان اتر طرف اٺن نون وکن تي آهي.

پيءُ جي وفات کان پوءِ، شاهه صاحب ڪوٽڙي مان سڀ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيا. ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو ڀٽ تي سندس صحبت لاءِ اچڻ لڳا. چون ٿا ته اٽل ۽ چنچل نالي، دهليءَ جا ٻه مشهور راڳيندڙ به اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا. سارو ڏينهن سرود ۽ سماع لڳو پيو هوندو هو، ۽ شاهه صاحب به پنهنجا ٺاهيل بيت ۽ ڪافيون ڳائيندو هو.

شاهه صاحب کي روح ۾ پئي ته ڪربلا جي زيارت ڪيان. سو ڀٽ تان سهي سنڀري نڪتو، واٽ تي هڪ مريد گڏيس؛ جو پڻ خدا رسيدو شخص هو. شاهه کي ڏسنديئي چيائين ته ”سائين! هي ڇا آهي، ماڻهن کي چوندا وتو ته اوهان جو ڪفن دفن ڀٽ تي ٿيندو- ۽ هاڻي وري پڇاڙي جي وقت نڪتا آهيو وڏي سفر تي“ شاهه جي دل ۾ اهي اکر چُڀي ويا، ڳچ تائين ته بيخودي جي حالت ۾ اچي ويو- آخر ارادو رد ڪري موٽي ڀٽ ڏانهن رخ ڪيائين. پهچڻ شرط ڪارا ڪپڙا ڪري ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سر ڪيڏارو چيائين. چون ٿا ته اهو سندس آخري ڪلام آهي، پورا ايڪيهه ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ رهيو ۽ انهيءَ ساري عرصي ۾ ٻن ويلن جيتري ماني مس کاڌائين. جڏهن ٻاهر نڪتو تڏهن غسل ڪري چادر اوڍي، مراقبي ۾ ويهي- پنهنجي رب سان رهاڻ ۾ مشغول ٿي ويو. فقيرن کي راڳ جو اشارو ڪيائين. ٽي ڏينهن برابر اهو لقاءُ لڳو پيو هو، چوڌاري چپ چاپ لڳي پئي هئي. آخر راڳ بند ٿيو، فقير شاهه صاحب جي ويجهو ويا، ڇا ڏسن ته شيءِ ٺهي ئي ڪانه. سندس روح وڃي خالق حقيقي سان مليو.

سن 1165 هجري سن 1752ع جي صفر جي مهيني جي 14 تاريخ هئي جڏهن ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ هن جهان مان رحلت ڪئي. نه ڪا بيماري ٿيس، نه ڪو درد ڏٺائين. مراقبي ۾ ويٺي ئي دم ڏنائين.

شاهه صاحب جي تربت مٿان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هڪ عاليشان قبو اڏايو ۽ ميرن جي دؤر ۾ مير نورمحمد جي سؤٽ، مير محمد خان قبي کي چانديءَ جو دروازو وجهايو، جو اڃا تائين قائم آهي. اڄ تائين هر سال صفر مهيني جي 14 تاريخ ڀٽ شاهه ۾ هن بزرگ جي ياد ۾ ٽي ڏينهن وڏو شاهي ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ لکين عقيدتمند ۽ زيارتي اچي سلام ڀريندا آهن.

ساري رات سبحان کي، جاڳي جن ياد ڪيو،

ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،

ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آسڻ ان جي.

(شاهه)

(مقدمئه لطيفي تان مختصر ٿيل)

صوفيءَ صاف ڪئو، ڌوئي ورق وجود جو،

تهان پوءِ ٿئو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

(شاهه)

 

جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن،

فڪر فرهي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن،

پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرين کي.

(شاهه)

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

شاهه لطيف جي شاعري

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي زبان جو عظيم شاعر آهي. سندس شعر جي وڏي خوبي اها آهي، ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور ۽ مقبول آهي. سنڌ جو ڪوبه واهڻ ۽ وستي سندس شعر جي پڙاڏي کان خالي نه آهي. سنڌ جو ننڍو توڙي وڏو، پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، عالم توڙي شاگرد سندس شعر جي عظمت جو قائل آهي، ۽ ان مان حظ حاصل ڪري ٿو، نه فقط ايترو، پر شاهه صاحب جو شعر پنهنجي وطن جون حدون اورانگهي، پري پري تائين پهتو آهي ۽ ولائتون واسي ڇڏيون اٿس.

شاهه صاحب جي عظمت ۽ مقبوليت جو سبب اهو آهي، جو سندس شاعري انساني جذبن ۽ امنگن جي ترجماني ڪري ٿي، ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ پيغام ڏئي ٿي. شاهه صاحب جي مشاهدي جي قوت تمام تيز آهي. هو هر شيءِ جي گهرائيءَ ۾ وڃي بهترين نتيجا اسان جي آڏو پيش ڪري ٿو. سندس ڪلام ۾ انساني فطرت جو هر رخ ۽ انساني تجربي جو عڪس نمايان نظر ايندو. شاهه صاحب انساني زندگيءَ تي جيڪي سوچيو ۽ ويچارو، پرجهيو ۽ پروڙيو، ويڃايو ۽ ورتايو آهي اهو ويهي بيان ڪيو اٿس.

شاهه صاحب جي فڪر ۽ پيغام جو بنياد آهي. ”پاڻ سڃاڻڻ.“ هو اسان کي سمجهائي ٿو، ته سڀ کان پهريائين اسان کي اهو معلوم ڪرڻ گهرجي، ته اسان ڪير آهيون، ڪٿان آيا آهيون، اسان جو اصل ڇا آهي. اسان جي اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي، ۽ اسان جي فطرت ۽ ماهيت، مزاج ۽ طبيعت ڪهڙي آهي؟ فرمائي ٿو:

”پهرين سڃاڻج پاڻ، پڇج پوءِ پريتڻو.“

پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ کان پوءِ ئي صحيح سمجهه ۽ معرفت حاصل ٿئي ٿي، ڪائنات ۽ انسان جي حقيقت معلوم ٿئي ٿي، ۽ الله تعاليٰ جو قرب حاصل ٿئي ٿو:

شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

جو مون پڙهيو پاڻ ئي، سبق سابق جو؛ پهرين سڃاءِ پانهنجي؛ نفس جو نهو؛ جت عرفان اصل ۾، ٿي روحن روز ڪيو، وري ورق پيو؛ گڏي وڍ وصال جو.

شاهه صاحب جي نظر ۾ اهو انساني راز ڪو گهڻو مشڪل ڪونهي، ۽ نه ان ۾ ڪو ڦند ڦير ۽ ڏِنگ ڏاءُ آهي. البته ان لاءِ صحيح سوچ ۽ فطرت جي حقيقت پسندانه مطالعي جي ضرورت آهي. اهي ماڻهو جن جي اک ۾ ڦير آهي، ۽ ڪائنات جي ڪتاب پڙهڻ وقت انڌا اونڌا آهن، اهي زندگيءَ جي سچائي، ۽ انسان جي اصل مقصد کي سمجهي نه سگهندا. فرمائي ٿو:

نه ڪو ڊيگهه نه ويل، نه ڪو منهن مهاڙڪا،

اهو ئي کيل؛ ڪور پروڙي ڪينڪي.

اهڙا ماڻهو جيئن ته صحيح رستي کان پوري اوجهڙ ۾ آهن، تنهنڪري جيئن جيئن هو هٿ پير هڻن ٿا، وڏا وڏا ڪتاب پڙهن ٿا، ۽ مختلف نظريا ۽ عقيدا ٺاهين ٿا؛ تيئن تيئن وڃن ٿا وڻواند ٿيندا.

سانداري سمونڊ جي، نهوڙي نيا؛

وڃي تت پيا؛ جت نهايت ناهه ڪا.

اهو ئي سبب آهي، جو هيڏي ساري دنيوي ۽ سائنسي ترقيءَ جي باوجود انسانيت بي قرار آهي، پريشان آهي، ۽ هنڌين ماڳين انسان، انسان جو ويري آهي، حقيقت اها آهي ته عالمن ۽ مفڪرن، انسان جو فقط هڪ روپ ڏسي، نظريا، ۽ ازم قائم ڪيا آهن، جن انسان کي منجهائي پريشان ڪيو آهي، ۽ خود غرض، خود پسند ۽ خود پرست بنايو آهي.

شاهه صاحب اهڙن عالمن کي انهن انڌن سان ڀيٽ ڏني آهي، جيڪي هاٿي جي هڪ حصي کي هٿ لائي، ان جو ڪو هڪ عضوو معلوم ڪري، هاٿي جي شڪل ۽ صورت جو اندازو لڳايو آهي.

مئي هاٿي سان مامرو، اچي ڪيو انڌن؛

مناڙين هٿن سين، اکين ڪين ڏسن؛

في الحقيقت فيل کي، سڄا سڃاڻن.

اهو رستو بلڪل سڌو آهي، ۽ ان ۾ ڪوبه ڦندڦير، ڏنگ ڏاءُ، مونجهارو ۽معاملو آهي ئي ڪونه. منجهيل ماڻهن معاملي کي منجهائي ۽ معمو بنائي ڇڏيو آهي.

”وَر ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو.“

....

”ڇا جي ڏنگا ڏير؛ منهنجو ڏينهن ڏنگو نه ٿئي.“

شاهه صاحب چوي ٿو، ته ذهني ارتقا ضرور آهي، ۽ ٿئي ٿي. انسان اٻوجهه مان سٻوجهه ٿئي ٿو، ۽ اڻ سونهي مان سونهون ٿئي ٿو. سندس ڪچي ذهن ۾ پختگي اچي ٿي، ڪا رهنمائي کيس رستو ڏيکاري منزل مقصود تائين پهچائي ٿي. هو چوي ٿو ته محبوب حقيقي جي محبت سان ئي صحيح رستو هٿ اچي ٿو، ۽ عشق حقيقي جا درد تڪليفون ڏک ۽ ڏاکڙا صحيح رستو ڏيکارڻ لاءِ مددگار ۽ معاون ٿين ٿا.

رات ڏٺائين روجهه؛ ڀانءِ ڪي اوٺي آئيان،

پريتڻي، پرينءَ جي، سڪڻ ڪي سٻوجهه،

هئي گهڻي اٻوجهه، سورن سونهائي سسئي.

شاهه صاحب جي نظر ۾ ڪائنات جي سمورين رنگينن ۾ وحدت ئي وحدت آهي. هن اسان کي سمجهايو آهي، ته ڇو انڌا ٿيا آهيو، جو پاڻ ۾ پيا وڙهو، اوهان ته پاڻ ۾ آهيو ئي هڪ؛ جدائگي ته اوهان ۾ آهي ئي ڪانه. اها اوهان جي جهالت ۽ بي فڪري آهي، جو هڪ ٻي کي جدا سمجهي پاڻ ۾ پيا وڙهو، ۽ هڪ ٻي کي نقصان پيا رسايو:

پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مار مَ مون،

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.

يعني پنهنجو پاڻ کي الڳ سمجهڻ وڏي ناداني آهي. انهيءَ انفراديت، خود پسندي، ۽ خود پرستيءَ جي تصور ۽ اوچ نيچ، رنگ نسل ۽ ذات پات جا ويڇا پيدا ڪري، انسانيت کي ڀاڱا ڀاڱا ۽ ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو آهي. بغض، ڪينو، حسد، ساڙ، خود غرضي، تڪبر، تعصب ۽ انسان دشمني انهيءَ تصور جي ئي پيداوار آهن. انهيءَ ڪري معاشري ۾ انتشار آهي، ملڪ ۾ فساد آهي، ۽ هڪ ملڪ ٻي ملڪ جو ۽ هڪ قوم ٻي قوم جي ويري ۽ جاني دشمن بنجي وئي آهي.

شاهه صاحب انهيءَ حقيقت ڏانهن اشارو ڪري فرمايو آهي، ته دراصل سموري انسان ذات هڪ وجود مثل آهي، پر حرص، بخل، ۽ خود غرضيءَ ان کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري ڇڏيو آهي.

گهڙي گهڙو هٿ ڪري الله توهار؛

ڄنگهه ڄرڪي وات ۾، سسي کي سيسار،

چوڙا ٻيڙا چڪ ۾، لڙ ۾ لڙيس وار؛

لکين چهٽيس لوهڻيون، ٿيلهيون ٿرنئون ڌار،

مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.

انهيءَ ڪري شاهه صاحب سمجهائي ٿو، ته زندگيءَ جي مقصد کي رڳو مادي ترقيءَ تائين محدود نه رکو. ماديت ۾ مبتلا ٿيو، ته خود غرضيءَ ۾ ڦاسي پئبو، ۽ پنهنجي مفاد ۽ مقصد لاءِ ٻي کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ڪبي. اهڙيءَ حالت ۾ حقيقي مقصد هٿ نه ايندو ۽ وڻواند ٿي وڃبو. شاهه صاحب فرمائي ٿو:

گندي ۽ گراهه؛ جنين سانڍيو ساهه سان،

تنين کان الله، اڃا آڳانهون ٿيو.

شاهه صاحب چوي ٿو ته پنهنجي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي تمنا ضرور رکو پر ٻين جا حق نه کائو ۽ ٻين جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا نه ڪيو. يعني پاڻ به جيئو ۽ ٻين کي جيئڻ ڏيو. هو پنهنجي وطن سان پيار ڪري ٿو ۽ ان جي خوشحاليءَ لاءِ دعا به گهري ٿو، پر ساڳيءَ وقت هو سڄي دنيا جو خيرخواهه آهي، ۽ سمورا عالم آباد ڏسڻ گهري ٿو:

سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

اهو مقصد ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ هو انساني فطرت جو صحيح جائزو پيش ڪري، انسان جو رخ بديءَ کان نيڪيءَ ڏانهن، انسان دشمنيءَ کان انسان دوستي ۽ انساني همدرديءَ ڏانهن موڙي ٿو. هو انساني مزاج، فطرت ۽ اصليت جو پارکو آهي. هو سمجهائي ٿو ته انسان کي هن دنيا ۾ هميشه رهڻو نه آهي، پر اچ وڃ جو جهان آهي. اهڙي حالت ۾ هن جهان کي ئي سڀ ڪجهه سمجهڻ وڏي ناداني آهي. انسان جي حقيقت ڏانهن اشارو ڪري چوي ٿو:

جاڀون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين،

ڌڱِ لٽبا ڌوڙ ۾، اکتين ڏٺاسون؛

ڏينهن مڙيئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.

مولانا غلام محمد گرامي

رسالي جي شرح ۽ ترجمي جو سوال

هي مضمون سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي پاران ڀٽ ڌڻيءَ جي 266 ورسي شال 1978ع) جي موقعي تي ڇپايل ڪتاب ’شاهه جو رسالو‘ (سنڌ جي تاريخ ماخد) تان ورتل آهي. جيتوڻيڪ هن مضمون جي ٻولي ڏکي ۽ مواد عالمانه آهي، ان هوندي به هن نمبر لاءِ ضروري سمجهي شايع ڪيو پيو وڃي. اسان کي ڄاڻ آهي ته اسان جي سنڌ جا ٻار ذهين ۽ سمجهدار آهن، ان ڪري جيڪڏهن اهي هن مضمون کي وري وري پڙهندا ته نه رڳو سندن معلومات ۾ واڌارو ايندو پر هو اڳتي لاءِ پنهنجي لاءِ سٺي راهه چونڊڻ جا اهل پڻ بنجي سگهندا. – ايڊيٽر]

واديءَ مهراڻ جو سدا حيات شاعر، شاهه لطيف، پنهنجي عظيم ۽ افادي حيثيت سان، بين الاقوامي اهميت ۽ عظمت حاصل ڪري چڪو آهي. شاهه صاحب جو شعور هڪ بابصيرت نقاد، ۽ زندگيءَ جي صالح ۽ صحيح معيارن کي سمجهندڙ شاعر جو شعور آهي. شاهه صاحب پنهنجي واردات ۽ حسيات کي سنڌ جي مشهور قصن ۽ ڪهاڻين جي مجازي ڪردارن ۾ پيش ڪيو آهي ۽ ”مجاز“ ۽ ”استعارو“، بلاغت جي حيثيت سان، صراحت ۽ سنئين سڌيءَ ڳالهه ڪرڻ کان وڌيڪ بليغ مڃيو ويو آهي. ان حيثيت سان، شاهه جو ڪلام اِستعاري ۽ ڪنايي جو بهترين، معنيٰ خيز شاهڪار آهي.

شاهه جي ڪلام جي معنوي ۽ صوري ڪمالات جو اعتراف ٽرمپ، سورلي، مائي شميل، ۽ ايلسا قاضيءَ پارن مستشرقين دل کولي ڪيو آهي. ٽرمپ اول اول رسالي کي گڏ ڪري ڇپايو، ۽ ان تي علمي رنگ ۾ تمهيد لکي آهي؛ سورلي شاهه جي ڪجهه سُرن جو ترجمو به ڪيو آهي، ۽ شاهه جي دور جو سياسي ۽ تاريخي، معاشي ۽ سماجي پس منظر به لکيو آهي؛ مائي شميل به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته شاهه جي ڪن سُرن جو جرمن زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي؛ ۽ ايلسا قاضيءَ شاهه جي بيتن جو انگريزي زبان ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي، ۽ نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو شاهه جي شعري ۽ معنوي رنگ کي حقيقي روح ۾ نڀايو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com