سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3/ 1997ع

باب: --

صفحو :6

احسان الله ملڪ

هڪ عظيم ڇوڪرو

پيارا ٻارو هڪ دفعي جي ڳالهه ڪندا آهن ته ڳوٺ ۾ هڪ اسڪول هو، هن اسڪول ۾ غريبن ۽ اميرن جا ٻار گڏ پڙهندا هئا، هن اسڪول ۾ هڪ هاريءَ جو پٽ به پڙهندو هو،جنهن جو نالو درويش هئو، درويش تمام هوشيار ۽ اخلاق وارو ڇوڪرو هو، وڏيري حاصل خان جو پُٽ عمران نه چاهيندو هو ته درويش پڙهي بلند مقام حاصل ڪري، پيارا ٻارو چوندا آهن ته ”جنهن کي الله رکي تنهن کي ڪير چکي.“ پيارا ٻارو! هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو جڏهن ڪلاس هلي رهيو هو، عمران اُٿي استاد سان مخاطب ٿيندي چيو ته : ”سائين منهنجو بُڪ گم ٿي ويو آهي.“ استاد شاگردن کان پڇا ڪندي چيو ته ”ڏسو ٻارو متان عمران جو بُڪ توهان وٽ هجي.“

هر هڪ ڇوڪري پنهنجي ٿيلهي ۾ ڏٺو، مگر بُڪ ڪونه هئو، جڏهن درويش پنهنجي ٿيلهي ۾ ڏٺو ته بُڪ هن وٽ هئو، ۽ اُٿي ڪري استاد رفيق کي چيائين ته ”سائين بُڪ مون وٽ آهي، خبر نه آهي ته ڪنهن منهنجي ٿيلهي ۾ وڌو آهي.“ ايتري ۾ جو استاد ڳالهائي، عمران چيو، ”سائين درويش بُڪ جو چور آهي. جيڪڏهن مان نه سنڀاليان ها ته هيءُ بُڪ کڻي وڃي ها. هونءَ به ته هيءُ وري چوري ڪري پڙهندو آهي.“ هن وٽ ڪٿان آيا پئسا، درويش استاد جي اڳيان به ڏاڍو شرمسار ٿيو، ڏسو ٻارو غريب جي زندگي ڪيئن ڏکن ۾ ٿي گذري، درويش جي عزت به استاد اڳيان گهٽجي وئي. هر هڪ ڇوڪرو هن کي چورَ جي نالي سان سڏي رهيو هو، ٻئي ڏينهن تي جڏهن درويش ڪلاس ۾ داخل ٿيو ته هر هڪ هن کان منهن پاسيرو ڪيو، درويش جي پيشاني روشنيءَ سان چمڪي رهي هئي. هن کي يقين هو ته اهو ڪوڙ ڪڏهن سچ ۾ تبديل ٿيندو. الله جي اڳيان دير آهي انڌير نه آهي. پيارا ٻارو! ائين ٿيو جو امتحان هلي رهيو هو ته عمران درويش ڏانهن ڪاپي جو پنو اڇلايو. استاد هن کي ڏسي ورتو ۽ عمران کي ڪاپڊ ڪيو. درويش اهو ڏسي ڪري استاد کي چيو: ”سائين اهو پنو واقعي منهنجو آهي ۽ مان ڪاپي ڪيان پيو.“

عمران استادن کي چيو: ”سائين اهو پنو منهنجو آهي مان ئي انهيءَ ڏانهن اڇلايو آهي. درويش مون کي بچائڻ لاءِ پاڻ کي ڦاسائي رهيو آهي.“ عمران استاد کان معافي وٺڻ لڳو ۽ پڻ چيائين ته: ”سائين بُڪ به مان ئي درويش جي ٿيلهي ۾ وڌو هو، استاد عمران کي معاف ڪيو عمران درويش کان به معافي ورتي. درويش هن کي معاف ڪيو، ۽ عمران درويش کي چيو ته تون ڏاڍو عظيم ڇوڪرو آهين، ان کان پوءِ ٻئي پاڻ ۾ پڪا دوست ٿي ويا.

يونس احمد

سٺو دوست

حفيظ هڪ غريب ۽ محنتي شاگرد هو، هي سڄي اسڪول ۾ هر سال نمبر کڻندو هو. هڪڙي دفعي پهرين نمبر کڻڻ تي انعام ۾ هن کي هڪ خوبصورت گهڙي ملي، اسڪول ۾ هن جي پاسي ۾ ٻه دوست يعني عمران ۽ رحمان ويهندا هئا، انهن ۾ رحمان هڪ امير ماڻهوءَ جو پٽ هو ۽ عمران هڪ غريب ڇوڪرو هو. عمران ۽ رحمان جي پاڻ ۾ تمام گهاٽي دوستي هئي. دوستي انهيءَ ڪري نه هئي ته رحمان هڪ ذهين ڇوڪرو هو، پر دوستي پئسي جي ڪري هئي. هڪڙي ڀيري رحمان ۽ عمران رسيس منجهه بازار ۾ گهمي رهيا هئا ته هنن هڪڙي دڪان تي چاٻي تي هلندڙ گڏو ڏٺو. رحمان کي اهو تمام گهڻو پسند آيو، هن دڪاندار کي چاٻي تي هلندڙ گڏي جي قيمت پڇي ته دڪاندار هنن کي قيمت 500 رپيا ٻڌائي. هو ٻئي واپس اسڪول آيا. رحمان عمران کي چيو ته منهنجو پيءُ آمريڪا ويو آهي، ٻن ٽن ڏينهن ۾ موٽي ايندو ته ان کان 500 رپيا وٺي اهو گڏو وٺنداسون. انهيءَ ڏينهن ئي عمران بيمار ٿي پيو ۽ ٻه ٽي ڏينهن اسڪول مان غير حاضر رهيو. رحمان ۽ حفيظ هن کي ڏسڻ لاءِ ويا. عمران حفيظ کي نظر انداز ڪيو ۽ رحمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. جڏهن واپس اسڪول آيا ته ٻئي ڏينهن عمران ٺيڪ ٿي اسڪول ۾ پهتو. استاد عمران کي چيو ته ”سڀاڻي امتحان جي في پيارڻ جو آخري ڏينهن آهي. جيڪڏهن في نه پياريئي ته امتحان ۾ ويهي نه سگهندين. ان ڪري سڀاڻي في کڻي اچجائين.“ ٻئي ڏينهن عمران پنهنجي غريب پيءُ کان في وٺي اسڪول آيو، جڏهن ماستر اسڪول ۾ آيو ته هُن عمران کان في گهُري. عمران جيئن کيسي ۾ هٿ وڌو ته هن جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، کيسي ۾ پئسا نه هئا. هن کي اهو ماڻهو ياد آيو، جيڪو هن سان رستي ۾ ٽڪريو هو. استاد هن کان پڇيو ”ڇا ٿيو عمران.“ عمران چيو: ”سائين منهنجو کيسو ڪٽجي ويو آهي.“ استاد چيو ته رسيس وقت ٻيا پئسا کڻي اچجائين نه ته تنهنجي پوري سال جي محنت برباد ٿي ويندي. هي رسيس وقت گهر ويو ته هن جو پيءُ گهر ۾ نه هو. هي ڏاڍو پريشان ٿيو. هي رحمان وٽ آيو ۽ 200 رپيا اڌارا گهريائين. رحمان چيس: ”مون وٽ صرف 500 رپيا آهن جن مان آءٌ چاٻي وارو گڏو وٺندس.“ عمران جي آخري اميد به وسامي وئي. ايتري ۾ هن کي حفيظ نظر آيو، جيڪو هن وٽ اچي رهيو هو. هن ان کي 200 رپيا ڏنا ۽ چيائينس ”تون وڃين پنهنجي في پيار.“ ايتري ۾ عمران جي نظر حفيظ جي ٻانهن تي پئي، جنهن ۾ گهڙي نه هئي، هن حفيظ کي چيو، ”تو گهڙي ڇو کپائي.“ تنهن تي حفيظ چيو ته ”منهنجي گهڙي ته واپس اچي سگهي ٿي، پر تنهنجو سال برباد ٿي وڃي ها.“ پوءِ عمران امتحان جي في پياري، عمران جو هڪ دوست اڄ به آهي، پر رحمان نه، حفيظ....!

محمد موسى سولنگي

محنت جو ڦل

”اما، او اما، مان به اسڪول ڏي پڙهڻ وڃان.“ جڏهن ننڍڙي ڪاشف جي نظر اسڪولي ٻارن تي پئي ته ڊوڙي اچي پنهنجي ماءُ کي چيو.

ماڻس کيس ڳلن تي چميون ڏيندي چوڻ لڳي ته، ”ها منهنجي هيئن جا ٺار، تون سدا اسڪول ڏي پڙهڻ وڃ، پر پٽ ڏس، اڃا ڪجهه وڏو ٿي نه، ٺيڪ آهي نه.“

”ها اما، پوءِ مون کي بوٽ به وٺي ڏيندينءَ.“ وري ڪاشف پنهنجي ماءُ جي سامهون اچي چيو.

سندس ماءُ پيار سان سندس مٿي تي هٿ گهمائيندي چوڻ لڳي ته، ”ها پٽ، پوءِ توکي بوٽ به وٺي ڏيندس.“

جيئن ته ڪاشف جو پيءُ اڳي ئي هن دنيا کي ڇڏي ويو هو. باقي سندس ماءُ هئي، جيڪا سلائيءَ جو ڪم ڪندي هئي، جنهن مان گهر جو خرچ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙي ڪاشف جي بيماريءَ جو به علاج ڪرائيندي هئي.

جڏهن ڪاشف ڇهن ستن سالن جو ٿيو ته سندس ماءُ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪري آئي، جتان هي ٻالڪ سٺن نمبرن سان پنجون پاس ڪري آيو ۽ پوءِ هاءِ اسڪول جي طرف وڌيو.

جڏهن هن گلاب جي گل انگريزي اسڪول ۾ پير پاتو ته هي پهرين جيان سخت محنت ۽ ڪوشش ۾ لڳي ويو آخر اڳتي هلي سڄي اسڪول کي مهڪائي ڇڏيو، سڀئي استاد شاگرد هن ڏي عزت ڀرين نگاهن سان ڏسڻ لڳا ۽ انهن کان سواءِ پرنسپال به کيس اهڙي ذهانت، هوشيارپ ۽ سادگي کي ڏسي مٿس پيار ۽ شفقت ڪرڻ لڳو.

هن کي جڏهن استاد، شاگرد گهڻو پيار ڪرڻ لڳا ته هي مسڪين ٻارڙو وڌيڪ محنت ۽ مشقت ۾ لڳي ويو.

آخر جڏهن ڪاشف بورڊ جو امتحان ڏنو ته هن انهيءَ امتحان ۾ به سموري اسڪول ۾ فرسٽ نمبر کنيون.

ٻئي ڏينهن تي جڏهن پرنسپال کي خبر پئي ته ڪاشف سڄي اسڪول ۾ فرسٽ پوزيشن کنئي آهي ته پرنسيپال ڪاشف کي پنهنجي آفيس ۾ سڏرايو ۽ چوڻ لڳو ته ”پٽ ڪاشف، هي وٺ سئو رپيا ۽ اهو پٽ تنهنجو انعام آهي.“

ڪاشف پنهنجن نرم هٿڙن ۾ پرنسيپال کان سؤ رپيا ورتا ۽ پاسي واري کيسي ۾ رکيا.

وري پرنسيپال تاڪيد ڪندي ڪاشف کي چوڻ لڳو ته ”پٽ ڪاشف! مان توکي انهيءَ محنت جو ڦل“ ڪنهن ڪنهن ڏينهن ضرور وٺرائي ڏيندس، تون مايوس نه ٿي، ڪاشف! تون... رڳو پٽ، شوق سان پڙهه.“

جڏهن ڪاشف پرنسيپال جي واتان اهي الفاظ ٻڌا ته سندس سڄي جان ۾ خوشيءِ جي چمڪ پيدا ٿي وئي ۽ سندس چهرو گلاب جي گل جيان ٽڙي پيو.

آخر جڏهن ڪاشف انهيءَ اسڪول مان انٽر پاس ڪئي ته پوءِ ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان بعد ڪاشف کي ساڳئي پرنسيپال پاڻ وٽ گهرايو ۽ سامهون واري پرس مان سندس نوڪري جو آرڊر ڪڍندي چوڻ لڳو، ته ”پٽ ڪاشف اچي هي وٺ.“

”سائين هي... هي.... وري ڇا آهي؟“ ڪاشف پرنسيپال کي چيو.

پرنسيپال پيار مان ڪاشف کي چيو ته ”پٽ! هي تنهنجي ماستريءَ جو آرڊر آهي.“

”ها.... ها.... سائين هي منهنجي ماستريءَ جو آرڊر آهي.“ ڪاشف عجب مان پرنسپيال کي چيو.

پرنسيپال ڪاشف جي ڪلهي تي هٿ رکي چوڻ لڳو ته، ”ها پٽ.“

مان اڄ ڏينهن تائين جنهن به ماڻهوءَ سان واعدو ڪيو آهي ته انهيءَ کي پاڙيو آهي.

”انهيءَ ڪري توسان به جيڪو مان واعدو ڪيو هوم، سو ان جي به فرض جي ادائيگي هاڻي مان پوري ڪري ڇڏي آهي.“

ڪاشف ٿورو مشڪندي پرنسيپال کي چوڻ لڳو ته ”سر اوهان جي وڏي وڏي مهرباني جو، اوهان منهنجي لاءِ ڪوشش ڪئي.“

اتي ڪاليج جو به ٽائيم پورو ٿيڻ وارو هو ته پرنسيپال ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ ڪاشف کي چوڻ لڳو ته ”پٽ! هاڻي ڪاليج جو به ٽائيم پورو ٿي چڪو آهي، ۽ مون کي ڪم سان به وڃڻو آهي، جي حياتي رهي ته ڪاشف پيا ملنداسين.“

ائين چئي پرنسيپال پنهنجي ڪار ۾ وڃي ويٺو.

ڪاشف نوڪريءَ جو آرڊر کڻي پنهنجي گهر ڏانهن آيو ۽ پنهنجي ماءُ کي اچي خوشخبري ٻڌايائين.

ماڻس جڏهن ايڏي وڏي خوشيءَ جي ڳالهه ٻڌي ته ڪاشف کي پنهنجي سيني سان لاتو  پوءِ سندس ماءُ پرنسيپال جي لاءِ هر وقت دعائون گهرندي رهي.

ترجمو : زاهد ملاح

 

الله جي راهه ۾

ٻارو! پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو. هڪ دفعي اوچتو بادشاهه جي دل ۾ خيال آيو ته مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو آهي؟ هن اهو ذڪر وزير سان ڪيو.

وزير ويچارو ڏڪڻ لڳو، ڇو ته هن کي خبر هئي ته بادشاهه جنهن ڳالهه جي پويان پوندو آهي، ان کي پورو ڪندو آهي، وزير پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ بادشاهه کي مشورو ڏنو ته، ”توهان ملڪ ۾ اعلان ڪري ڇڏايو ته جيڪو شخص هڪ رات قبر ۾ گذاريندو توهين ان کي ٻه لک رپيا انعام ڏيندا. ائين سڄي ملڪ ۾ اعلان ٿي ويو. ماڻهن جڏهن ٻڌو، ته ڪير به قبر ۾ سمهڻ لاءِ تيار نه هو. ان ملڪ ۾ هڪ ڪنجوس به رهندو، جنهن جو نالو ڪمال هو. پر ڪنجوس پائي جي ڪري سڀ ماڻهو هن کي ڪمالو چوندا هئا. ڪمالو جڏهن اهو اعلان ٻڌو ته سڄي رات سوچيندو رهيو ته ڇا ٿيندو جو هڪ رات قبر ۾ سمهڻو پيو. ويٺي ويٺي ٻه لک رپيا ته ملي ويندا ۽ آءٌ پنهنجي ملڪ جو امير ماڻهو ٿي ويندس. هي اهو سوچي آرام سان سمهي رهيو، پوءِ صبح سوير ڪمالو تيار ٿي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ”چيائين : جناب اعلى مون توهان جو اعلان ٻڌو، هڪ رات قبر ۾ سمهڻ لاءِ تيار آهيان.“ بادشاهه چيو: ”ٺيڪ آهي پر منهنجي هڪ شرط آهي، جيڪڏهن قبر مان ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪندين ته تنهنجو سر قلم ڪيو ويندو.“ ڪمالو سينو ٻاهر ڪڍي چيو: ”بادشاهه سلامت آءُ ڊڄڻن مان نه آهيان، جو هڪ رات به قبر ۾ رهي نه سگهان.“ بادشاهه چيو ”پوءِ ٺيڪ آهي، اڄ رات تون قبر ۾ گذار توکي منهنجا سپاهي قبر ۾ ميت وانگي ڇڏي ايندا. هاڻي ڪمالو جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون، جڏهن ڪمالو کي وٺي وڃڻ جو وقت آيو ته جيئن هو واقعي ڄڻ مري چڪو هو، ڇو جو ان کي هڪ ميت وانگي تڙ ڏئي ڪفن پارايو ويو ۽ چار سپاهي ان کي کٽ تي سمهاري قبرستان ڏي کڻي وڃڻ لڳا. ڪمالو ته ڊپ کان کٽ تي ڏڪڻ شروع ڪري ڏنو. هاڻي ان کي هر هر خيال اچي رهيو هو ته ”ڪاش آءٌ قبر ۾ سمهڻ لاءِ تيار نه ٿيان ها، پر ٻن لکن جو دل ۾ خيال آيس ته دل ۾ خوش ٿيڻ لڳو. خير آ هڪ رات جي ته ڳالهه آهي.“ هي انهن ئي خيالن ۾ گم هو ته ان ڪنهن جي صدا ٻڌي ”الله جي نالي ته ڪجهه ڏيندا وڃو.“ ڪمالو ته پهريائين ڌيان نه ڏنو، پر جڏهن فقير ٻيو، ٽيون ڀيرو هي صدا لڳائي ته ڪمالو کٽولي کان مٿي ڪنڌ کڻي اهو چيو ته ”بابا آءٌ پاڻ قبر ۾ سمهڻ لاءِ وڃان پيو، مون وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.“

فقير ان کٽ کي جهليندي چيو ته: ”ڪجهه ڏي الله وڏو اجر ڏيندئي.“ ڪمالو زمين طرف ڏٺو ته زمين تي بادام جي کل پئي هئي، ڪمالو اها کل کڻي فقير کي ڏني. فقير پوءِ به دعا ڏيندو هڪ پاسي هليو ويو. ۽ هڪ ڀيري وري سپاهي کٽ کڻي قبرستان ڏي هلڻ لڳا ۽ قبرستان ۾ پهچي ويا. ميت وانگي ڪمالو کي قبر ۾ لاٿائون ۽ مٿان قبر کي بند ڪري ڇڏيائون. پهرئين ته ڪمالو سوچيو ته سڀ ڇڏي ڀڄي ويا، پر بادشاهه جا لفظ هن جي ڪنن ۾ ٻڌجڻ لڳا ته قبر مان ڀڄندي ته سر قلم ڪري ڇڏبوئي ۽ ڪمالو کي پنهنجي زندگي پياري هئي، انڪري قبر ۾ سمهڻ ئي بهتر سمجهايائين ۽ هڪ طرف منهن ڪري سمهڻ لڳو. ڪجهه ئي دير کان پوءِ، شون شون جي آواز اچڻ سان ڪمالو جا ڪن کڙا ٿي پيا، شون شون سان گڏ ٽڪ ٽڪ جا آواز ٻڌندو رهيو، پوءِ همت ڪري ان ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو ۽ جيڪو منظر ڏٺو ته هن جي مٿي جو ساهه مٿي ۽ هيٺ جو ساهه هيٺ رهجي ويو. هن ڏٺو هڪ ڪارو نانگ آهي، جيڪو پوري قبرستان ۾ پکڙيل آهي، جيڪو ڪڏهن هن کي پيرن ۾ ڪڏهن ٽنگن ۾ ڏنگ هڻي رهيو هو، پر هن کي نانگ جي ڏنگ  جو ڪوبه اثر نه ٿي رهيو هو. ان ڪري جو نانگ جتي به ڏنگ هڻڻ لاءِ منهن ڪري ته اتي بادام جي کل اڳيان اچيو وڃي، آخرڪار اهو نانگ واپس ويو هليو. ڪمالو انهي معجزي تي حيران رهجي ويو. ان کي فقير جي ڳالهه ياد اچڻ لڳي. ”الله ٿوري شيءِ جو به اجر ڏيندو آهي.“ ۽ باقي اڌ رات ڪمالو جي الله جو شڪر ڪندي گذري وئي. صرف بادام جي کل جي بدلي ۾ ان جي جان بچي وئي. آهستي آهستي صبح جو سوجهرو هر طرف پکڙجڻ لڳو، سپاهي به جلدي آيا ، انهن قبر کي کوٽيو ۽ ڪمالو کي ٻاهر ڪڍيو ۽ بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيائون. بادشاهه به ڏاڍو بيچين هو ته ڪمالو هن کي سوال جو جواب ڏئي. ڪمالو بادشاهه کي اچي قبر جو سڄو احوال ٻڌايو ۽ بادشاهه پنهنجي واعدي جي مطابق ٻه لک روپيا ڪمالو کي ڏنا، پر ڪمالو سڀ پئسا الله جي راهه ۾ خيرات ڪري ڇڏيا، جيئن اهي پئسا آخرت ۾ به هن کي ڪم اچن. ماڻهو هن جي نيڪ عملن تي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن جي عزت ڪرڻ لڳا ۽ هوڏانهن بادشاهه جي دل ۾ به اهڙو ته رحم آيو جو، غريب غربي جي مالي امداد ڪرڻ لڳو.

الطاف حسين لغاري                     معلوماتي مضمون

خط و ڪتاب

پوسٽ ڪارڊ، پوسٽ آفيس ۾ 45 يا 50 پئسن ۾ ۽ لفافو 150 پئسن ۾ ملي ٿو، ڪارڊ تي لکيل احوال ڳجهو رهي نه ٿو سگهي، مثال طور، جيڪڏهن ڪا گهريلو ڪارو باري ڳالهه ڪارڊ تي لکبي ته ڪوبه ان کي آساني سان پڙهي سگهي ٿو، ان ڪري ضروري استعمال لاءِ لفافو ڪتب آڻڻ گهرجي. پوسٽ ڪارڊ ٻن حصن ۾ ورهايل هوندو آهي، هڪ موڪلڻ واري ڏانهن ائڊريس ۽ ٻيو موڪليندڙ جي ائڊريس، جيڪڏهن موڪلڻ واري ڏانهن ائڊريس جي جاءِ تي صرف نالو يا ٻيو ڪجهه لکبو ته ڪارڊ بيرنگ ٿي ويندو.

رجسٽري خط: جيڪڏهن لفافو/ پوسٽ ڪارڊ رجسٽري ذريعي موڪلڻو هجي ته ٽڪلي جي سامهون لفظ رجسٽري لکڻ نهايت ضروري آهي. رجسٽري موڪليندڙ لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجو نالو ۽ ائڊريس صاف ۽ سٺن اکرن ۾ لکي ته جيئن خط نه پهچڻ جي صورت ۾ واپس اچي سگهي.

واپسي رجسٽري: جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي رجسٽري موڪلڻي آهي ته لفافي سان گڏ يا ڪارڊ سان گڏ ”موٽ رسيد“ به ڀري لڳائجي ته جڏهن رسيد واپس ملي ته معلوم ٿي سگهي ته ان شخص رجسٽري ڪڏهن وصول ڪئي.

پارسل: پارسل تي ائڊريس لکڻ جو طريقو اهو ئي آهي جيڪو رجسٽري خط تي لکڻ جو آهي، فرق فقط اهڙو آهي ٽڪلي جي سامهون ”رجسٽري“ لفظ لکڻ جي بدران ”رجسٽر پارسل“ يا ”لفظ پارسل“ لکڻ گهرجي.

بيرنگ خط: ڪنهن وقت غلطيءَ سان لفافي تي گهٽ ٽڪليون لڳائجن ٿيون، يا لفافو وزن ۾ معيار کان وڌي وڃي ٿو ته اهو خط بيرنگ ٿي ويندو، ڪڏهن وري ڄاڻي واڻي به ٽڪلي نه لڳائبي آهي ته جيئن خط گم نه ٿئي، ان صورت ۾ خط وصول ڪندڙ کي ٻيڻا پئسا ادا ڪرڻا پون ٿا.

هوائي جهاز: هوائي جهاز ذريعي سادو خط ۽ رجسٽري خط يا پارسل وغيره موڪلڻ جا جدا خط موڪلڻ جا جدا اگهه مقرر ٿيل آهن، هوائي جهاز ذريعي سارو خط رجسٽري يا پارسل موڪلڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي مٿان جملو “By Air Mail” هوائي جهاز ذريعي لکيو وڃي.

مني آرڊر: روڪ رقم موڪلڻ لاءِ پوسٽ آفيس مان مني آرڊر فارم بنا قيمت ملندو آهي، ان سان فارم ذريعي رپيا تار ۽ هوائي جهاز ذريعي موڪلي سگهجن ٿا. پوسٽ آفيس وارا رقم وصول ڪندڙ کان ٻن جاين تي صحيح ڪرائي مني آرڊر فارم جو هڪ صحيح ٿيل حصو پئسا موڪلڻ واري کي موڪليندا آهن، ته جيئن کيس معلوم ٿئي ته رقم ڪنهن وصول ڪئي.

ٻارو اڄ ڪلهه جديد دؤر ۾، پوسٽ آفيس وارن پاران (U.M.S) يعني ارجنٽ ميل سروس به شروع ٿي چڪي آهي، جيڪا عام رواجي ٽپال کان جلد ملندي آهي.

عبدالڪريم ”نادر“ بروهي

ظلم جي پڄاڻي

هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪ زميندار رهندو هو، جيڪو تمام ظالم هو، ڳوٺن جي هارين تي ڏاڍو ظلم ڪندو هو، ۽ انهن کي هٿرادو جيل ۾ قيد ڪندو هو، انهن هارين ۾ آچر نالي هڪ هاري هوندو هو. جيڪو ان وڏيري جي ظلم هيٺ دٻيل هو. هڪ ڀيري آچر جو پٽ بيمار ٿي پيو. ٻي ڪا واهر نه ڏسي ان ظالم جي در لنگهي آيو. ڏڪي ڏڪي کيس عرض ڪيائين ته ”سائين منهنجو ٻچڙو بيمار پيو آ، مهرباني ڪري منهنجي ڪا مدد ڪريو.“

تنهن تي وڏيري چيو: ”ڪهڙو مان هتي خيرات خانو کولي ويٺو آهيان، جو وتان ورهائيندو.“

”سائين ناراض ڇو ٿا ٿيو، هونءَ به بٽئي مهل پنهنجو حساب ڪٽي ڇڏيندا آهيو، اسان غريب نيٺ ڪنهن جي آسري آهيون. توهان ئي ته اسان جا آهيو.“

”هاڻي هل مٿو نه کاءُ، مٿي ۾ سوُر وجهي ڇڏيو اٿئي.“

”ها، سائين اسان جو ٿورو ڳالهائڻ توهان کي مٿي ۾ سور ٿو وجهي، منهنجو سڄو گهر بيماري ۾ ورتل آهي، منهنجو ڇا ٿيندو!“

”اڙي! وري سوال جواب ٿو ڪرين!“ وڏيرو تمام چڙ سان کٽ تان اُٿيو ۽ ٻه ٽي ٿڦڙَ ويچاري آچر جي منهن تي هنيائين ۽ منهن ڀر ڪري پيو ۽ بيهوشي جي حالت ۾ اُتي پيو هو، نه ڄاڻي ڪيڏي مهل وڏيري جو چمچو آيو اچي دڙڪن سان اُٿاريائين، هل ڙي هاڻي گهران آيو آ پئسه وٺڻ، ويچارو تڙندو ٿاٻڙندو گهر ڏانهن آيو ته ان وقت آچر جو ماسات آيل هو، جيڪو اڃان کٽ تي ويهڻ جي لاءِ پيو ڪري ته هيڏانهن آچر کي ڏٺائين ۽ حيرت مان پڇيائين ته، هي سڀ ڪجهه ڇا ٿيو؟ ڪجهه دير کان پوءِ آچر هن کي زميندار جي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ان جي ظلم بابت جيڪو  ڪيترن سالن کان ڪندو پئي آيو، احمد جيڪو آچر جو ماسات هيو، تنهن کي تمام گهڻو ڏک ٿيو، جڏهن پنهنجي ماسات جي واتان ان ظالم جو داستان ٻڌي ۽ ان سان وچن ڪيائين ته اسان سڀ ملي ڪري ان ظلم جو غرور ٽوڙينداسين ۽ ان کي ان جي ڪيئي جي سزا ملندي. آخر انهن پنهنجي ٻڌي جي ذريعي زميندار کان جند آزاد ڪرائي ۽ ٻئي هنڌ وڃي ڌنڌو ڪرڻ لڳا.

حفيظ الله ”حفيظ“ پنهور

ڊش اينٽينا جا فائدا ۽ نقصان

جڏهن کان هي ڪائنات وجود ۾ آئي آهي. هن ڌرتي تي انسان قدم رکيو آهي ته ان وقت کان انسان پنهنجي زندگي جي ڪيترن ئي مرحلن مان گذرندو آيو آهي. انهي انسان ڪيترائي دؤر گذاريا آهن. جن ۾ انسان جو شروعاتي دؤر، جنهن ۾ انسان اگهاڙو، جبلن ۽ وڻن جي وڏن پورن ۾ جانورن جيئان زندگي گذاريندو هو، پوءِ آهستي آهستي انسان ۾ شعور پيدا ٿيندو ويو ۽ هن اگهاڙپ کي ڍڪڻ لاءِ وڻن جا وڏا پن ۽ ٽاريون پٽي پنهنجي اوگهڙ ڍڪڻ لڳو، ۽ پنهنجي تحفظ لاءِ اهڙا ڏنگا هٿيار به ٺاهيائين، جو بک ۾ يا ڪنهن حملو ڪندڙ جانور کان بچاءَ لاءِ اهي پٿر جا اوزار استعمال ڪرڻ لڳو. اهو سندس پٿر وارو دؤر هو. اهڙي طرح وري پٿر جو سڌريل دؤر ۽ بعد ۾ وري لوهه جو دؤر آيو، جنهن ۾ انسان ذهن استعمال ڪري ڪيتريون شيون پنهنجي آسائش ۽ سهولت لاءِ پاڻ ٺاهڻ لڳو. جنهن ۾ انسان جي پهرين قديمي ايجاد ڦيٿو آهي، جنهن تي اڄ جي جديد دنيا جو دارو مدار آهي، اهڙي طرح ترقي جون منزلون طئي ڪندو. هن جديد دؤر ۾ انسان قدم رکيو آهي، ۽ ڪيتريون ئي عجيب و غريب شيون ايجاد ڪري رهيو آهي، انهن جديد شين ۾ ڪجهه اهڙيون شيون به ايجاد ٿيون، جيڪي انسان ذات جي فائدي سان گڏوگڏ انسان جي تباهي جو سامان به ٿيڻ لڳيون. ۽ اهو انسان ئي آهي، جنهن پنهنجي ذهن کي منفي انداز ۾ هڪ ذاتي مفاد خاطر ان شيءِ کي استعمال ڪيو، ان جو هڪ مثال آهي ته سائنسدان ”نوبل“ هڪ ”ڊائنامائيٽ“ ايجاد ڪئي، جنهن جو مقصد اهو آهي ته انسان وڏن جبلن مان سرنگهون کوٽڻ، ريلوي لائينون وڇائڻ يا تيل وغيره جي کوٽائي لاءِ استعمال ڪندو آهي پر ٻئي طرف وري انسان ذات دشمنن انهي مفيد ايجاد کي منفي انداز ۾ انسان جي تباهي لاءِ استعمال ڪيو، ثابت اهو ٿيو ته جديد ايجاد کي فائدي يا نقصان لاءِ استعمال ڪرڻ انسان تي دارومدار آهي. ته هو ان ايجاد مان ڪهڙو ٿو فائدو وٺي. اسان هت ڊش اينٽينا جي فائدن ۽ نقصانن تي ڪجهه بحث ڪنداسين. اڄ کان اڌ صدي اڳ ۾ ٽي وي ۽ اها ٽي وي ان وقت بليڪ ۽ وائيٽ هئي، جنهن ۾ هر شيءِ اڇي ۽ ڪاري نظر ايندي هئي، ۽ اڄ به اها موجود آهي.

پر جڏهن سائنس اڃا به ترقي ڪئي ته اها ٽي وي، رنگين ٽي وي جي صورت ۾ اسان وٽ آئي ۽ هر شيءِ جهڙن به رنگن ۾ آهي، اها انهيءَ رنگ ۾ ٽي وي تي اسان خوبصورت نموني ڏسي ٿا سگهون، ان بعد وري هڪ اهڙي اينٽينا آئي، جنهن ذريعي نه فقط پنهنجي ملڪ جا پروگرام پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ٽيليويزنن جا پروگرام گهر ويٺي ڏسي سگهون ٿا، ان اينٽينا مان اينٽينائن جو نالو ڊش اينٽينا رکيائون، هي هڪ اهڙي اينٽينا آهي، جنهن جي ذريعي پوري دنيا جا پروگرام گهر ويٺي ڏسي سگهون ٿا، پوءِ اهي کڻي اسان جي مذهبي، ريتن رسمن يا اخلاقيات مطابق هجن يا نه، جهڙو به چينل ڏسڻ چاهيون، ان قسم جو چينل اوهان پنهنجي گهر ۾ ڏسي سگهو ٿا.

ڊش مان فائدا:

1- سڀ کان پهريون فائدو اهو آهي ته انسان پنهنجي ذهني تفريح گهر ويٺي ڪري ٿو، اڳ ۾ انسان ٻاهر ڪنهن سئنيما وغيره تي تفريح لاءِ ويندو هو، هاڻي گهر ويٺي جهڙي به قسم جو ۽ جنهن به ملڪ جو پروگرام ڏسڻ چاهي ڏسي سگهي ٿو.

2- انسان جيڪو پنهنجي ملڪ ۾ يا گهر ۾ ويٺو آهي، اهو دنيا جي حالات کان واقفيت ڪئين حاصل ڪري ان لاءِ ڊش اهو مسئلو به حل ڪري ڇڏيو آهي، گهر ويٺي تازي معلومات ملي سگهي ٿي، ملڪ جي يا دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪٿي به ڪو اهڙو حادثو ٿئي ته ان جي حقيقت گهر ويٺي پئجي وڃي ٿي، اهو هڪ فائدو آهي.

3- شاگردن کي عام معلومات پڙهائڻ جي لحاظ کان به عالمي سطح تي پروگرام اچن ٿا، ان مان شاگرد گهڻو ڪجهه حاصل ڪن ٿا.

4- ٻار جيڪي سڄو ڏينهن يا اسڪول کان پوءِ ٻاهر ڪنهن هوٽل ۾ ڊش ڏسڻ يا سڄو ڏينهن اجايو وقت وڃائڻ بجاءِ پنهنجي گهر ۾ سڄو وقت گذارين ٿا، اهڙي طرح معاشرتي پاڙي جي براين کان به بچي ٿا سگهن.

5- اسان وٽ تفريح لاءِ راند به وڏو ذريعو آهي، ان ڪري ٻار بجاءِ ٻاهر وڃڻ جي گهر ويٺي دنيا جون عالمي رانديون ڏسي سگهن ٿا. جيڪو اسپورٽس چينل تي هر وقت مختلف قسمن جون رانديون اچن ٿيون، جيڪو ٻار جنهن به راند سان دلچسپي رکي ٿو، اهو اها راند گهر ۾ ڏسي ٿو، ۽ ان ۾ مهارت به حاصل ڪري ٿو، ۽ دنيا جي رانديگرن مان هو گهڻو ڪجهه حاصل ڪري ٿو.

6- ان کان سواءِ مختلف قسمن جون معياري فلمون يا ڊراما وغيره اچن ٿا، جن مان اسان جو معاشرو گهڻي نصيحت به حاصل ڪري ٿو.

 

ڊش مان نقصان:

1- جهڙي طرح هر شيءِ مان فائدا به آهن ته ان مان ڪجهه نقصان به آهن، اگر ان شيءِ مان فائدي بجاءِ نقصان طور استعمال ڪيو وڃي، جهڙي طرح اسان مسلمان آهيون، اسان جي مذهب اسلام ۾ خراب شيءِ ڏسڻ سخت گناهه آهي، اهڙي طرح ڊش جا ڪي اهڙا به انگريزي چينل آهن، جن تي خراب فلمون اچن ٿيون، ان سان اسان جي نوجوان نسل جي اخلاقيات تي برو اثر ٿو پوي.

2- ٻار! خاص ڪري شاگرد، جيڪي اسڪول پڙهن ٿا، اهي اسڪول وڃڻ ۽ پڙهڻ کان لنوانئن ٿا، يعني سڄو ڏينهن ڊش تي هلندڙ دلچسپ پروگرام ڏسڻ ۾ مصروف ٿين ٿا ۽ اسڪول جو گهرو ڪم يا ٻيو گهر جو ڪم به نه ٿا ڪن ايتري قدر جو ٻار اسڪول لاءِ گهران ڪتاب کڻي نڪرن ٿا، پر ٻاهر ڪنهن هوٽل تي ڊش ڏسڻ لاءِ ويهي ٿا رهن، پوءِ اسڪول بند ٿيڻ جي وقت تي گهر اچن ٿا، اهڙي طرح والدين خوش ته اسان جا ٻار اسڪول ويا هئا.

3- هي به نقصان آهي اسان وٽ مسلم معاشرو هجڻ ڪري جڏهن آذان اچي ٿي ته به اسان ڊش جي شوق ۾ آذان به نه ٿا ٻڌون ۽ جي نماز پڙهندڙ آهيون ته نماز جو وقت ڊش جي دلچسپ پروگرامن ڪري قضا ڪري ٿا ڇڏيون. اهڙي طرح صرف اسلامي نقطه نگاهه کان ڊش مان ڪيترائي اسان جي مسلم معاشري، اسلامي تعليم ۽ نوجوان نسل کي نقصان پهچي ٿو.

کل ته سهي

·  هڪ جڳهه ۾ رهندڙ ڪرائيندار،  جڳهه جي مالڪ کي چيو ته، ”رات جو جاءِ جي ڇت جون ڪاٺيون آواز ڪن ٿيون.“ جاءِ جي مالڪ چيو، ”فڪر نه ڪريو، ڪاٺيون الله جي عبادت ڪنديون هونديون.“ ڪرائيندار چيو، ”ائين نه ٿئي جو ڪاٺيون عبادت ڪندي اچي هيٺ سجدو ڪن!“

عبدالقادر بروهي، ميهڙ.

·  هڪ ڊاڪٽر پنهنجي دوست کان پڇيو، ”ڀلا هاڻي ڀاڄائي جي طبيعت ڪيئن آهي.“ همراهه جواب ڏنو، ”ويچاري گذاري ويئي.“ ڊاڪٽر جلدي ۾ چيو، ”غلط بلڪل غلط، ان کي صرف گذاري وڃڻ جو وهم هو.“

نور محمد کوسو، ٿاڻو  بولاخان.

·  هڪ پروفيسر، چانهه پيئڻ وقت گهر واريءَ کي چيو ته، چانهه ته ڦڪي آهي...“ گهر واري چيس: کنڊ ته آئون آئوٽ آف اسٽاڪ آهي.“ ننڍڙي پٽ چيو، ”بابا اهو ڇا آهي.“

·  پيءُ چيو: پٽ ان جي معنى ته کنڊ هينئر نه آهي. هڪ ڏينهن ان پروفيسر جا دوست آيا ملڻ، ڪال بيل وڄايائون، سندس پٽ ٻاهر نڪتو ته ان کان پيءُ جو پڇيائون. ڇوڪر جواب ڏنو: ”بابا هينئر آئوٽ آف اسٽاڪ آهي.“

دلبر علي جتوئي ميهڙ.

·  هڪ شخص، هڪ گهر ۾ ڪيترائي ڏينهن مهمان ٿي رهيو. گهر وارا تنگ ٿي پيا. مهمان کي چيائون. ” تنهنجي گهر وارا ته پريشان ٿيا هوندا.“ مهمان چيو: ”ها سوچان ٿو ته خط لکي ڇڏيان ته اڃان مان هفتو کن ڪونه ايندس.“

عبدالجبار ميمڻ، سجاول

·  هڪ ماڻهو جو گهوڙو بيمار ٿي پيو، سو هڪ جانورن جي ڊاڪٽر کي وٺي آڻي گهوڙو ڏيکاريائين، ڊاڪٽر ان کي هڪ اڇي دوا ڏني ۽ چيائين ته نلي کڻي اها گهوڙي جي وات ۾ ڏيئي نليءَ ۾ دوا وجهي ڦوڪ ڏجانءِ ته دوا گهوڙي جي پيٽ ۾ هلي ويندي. همراهه اڃا نلي گهوڙي جي وات ۾ وجهي ڦوڪ ڏيڻ وارو هو ته گهوڙي جو ڦوهار ڪئي ته سڀ دوا همراهه جي پيٽ ۾ هلي ويئي، همراهه ڊاڪٽر وٽ ڀڄندو آيو ۽ سڄي حقيقت اچي ڊاڪٽر کي ڪيائين!

ڊاڪٽر چيس ته: بس تون به گهوڙي وانگر هڻڪار ڪر ته ٺيڪ ٿي ويندين.

محمد ايوب عمراڻي، مانجهند

·  هڪ موالي پڪي قلعي وٽ اچي بيهي رهيو، پريان رڪشا وارو اچي سندس ڀرسان بيٺو، موالي رڪشا واري کي چيو ته پڪي قلعي هل، رڪشا واري چيس، ويهه موالي رڪشا ۾ ويٺو ڪجهه وقت کان پوءِ رڪشا واري چيس، لهه پڪو قلعو اچي ويو آهي. موالي ڀاڙو ڏيندي چيو، ايترو رڪشا تيز نه هلائيندو ڪر.

عمر لنڊ، سکر.

·  ڪنڊيڪٽر هڪ مسافر کي چيو: ڀاڙو ڏي، مسافر چيو، ”ڀاڙيو آهين تون.“ ڪنڊيڪٽر چيو، ”ڀلا ڪرايو ڏي“ مسافر چيو: ”ڪيراءِ ته خبر پوي.“

محمد ابراهيم جتوئي، چوهڙ جمالي.

گل ڦل قلمي دوستي

*  نالو: اربيلو خان لانگاهه، ڪلاس: ڏهون بي

وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت: ونود ڪريانه اسٽور، بس اسٽينڊ عادل پور، ضلعو گهوٽڪي.

*  نالو: امتياز احمد کتري، ڪلاس: پنجون بي

وندر: علم سان چاهه، عمر: 10 سال

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول، پوسٽ آفيس چوهڙ جمالي.

*  نالو: ذوالفقار علي مهر، ڪلاس: اٺون بي

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: محله گُل حسن شاهه بخاري، ميرپور ماٿيلو.

*  نالو: غلام علي ڪڇي، ڪلاس: ڇهون اي

وندر: قرآن شريف پڙهڻ، عمر: 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول پوسٽ آفيس چوهڙ جمالي.

*  نالو: احمد علي ٻرڙو، ڪلاس: ستون سي

وندر: ادبي رسالا پڙهڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: استاد غلام عمر چنا سائيڪل ورڪس، پوسٽ وارهه.

*  نالو: الهه بچايو ڪنڀر، ڪلاس: نائون ڊي

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول نمبر1، عمرڪوٽ.

*  نالو: غلام قادر چانڊيو، ڪلاس: انٽر پاس

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 18 سال

ائڊريس: پارس ڪتاب گهر، پوسٽ آفيس ملڪاڻي شريف، ٽنڊو باگو.

*  نالو: عبدالسليم ڏيرو، ڪلاس: پنجون

وندر: علم سان چاهه، علم : 10 سال

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول برانچ فريد آباد، ميهڙ.

*  نالو: نويد احمد شيخ، ڪلاس: ڇهون بي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، خيرپور ناٿن شاهه.

*  نالو: محمد سليم تنيو، ڪلاس: ستون اي

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لعلو رئنڪ، ضلعو لاڙڪاڻو.

*  نالو: وڪيل احمد سومرو، ڪلاس: ٻارهون

وندر: دستڪاري سکڻ، عمر: 17 سال

ائڊريس: مارئي ٽيلرز ويجهو ريلوي اسٽيشن روڊ سڪرنڊ.

*  نالو: منور علي پتافي، ڪلاس: فرسٽ ايئر

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 17 سال

ائڊريس: معرفت: غلام رسول ٿهيم، ڪيبن وارو، پوسٽ آفيس شيخ ڀرڪيو.

*  نالو: ناز، نصر الله مهر، ڪلاس: نائون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: ڳوٺ رُڪ شريف وايا ضلعو شڪارپور.

*  نالو: شاهنواز چانڊيو، ڪلاس: انٽر

وندر: والي بال کيڏڻ، عمر: 17 سال

ائڊريس: معرفت، اصغر شيخ ڪريانا اسٽور ڳوٺ سيدپور، ميهڙ.

*  نالو: پرنس بابو هنڱورجو، ڪلاس: نائون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: معرف: جان محمد بلوچ ڪريانا استور، ور شهر.

*  نالو: محمد اسلم دل، ڪلاس: نائون اي

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: معرفت، ايم عطا محمد دل پوسٽ آفيس گهوڙا ٻاري، ضلعو ٺٽو.

*  نالو: بشير احمد سومرو، ڪلاس: نائون اي

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي، بوائز هائي اسڪول، ڏوڪري.

*  نالو: محمد امين جروار، ڪلاس: يارهون

وندر: سماجي ڪم ڪرڻ، عمر: 18 سال

ائڊريس: عبدالله خان جروار، وايا ٽنڊو محمد خان.

*  نالو: اشفاق احمد ٽڳڙ، ڪلاس: ستون سي

وندر: وڊيو گيم کيڏڻ، عمر: 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو.

*  نالو: راشد علي شيخ، ڪلاس: انٽر پي ايم

وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 18 سال

ائڊريس: گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، خيرپور ناٿن شاهه، ضلعو دادو.

*  نالو: مهتاب حسين سيال، ڪلاس: يارهون

وندر: مطالعو ڪرڻ، عمر: 17 سال

ائڊريس: گهر نمبر ڊي 797 اسڪيم نمبر2، شمع گرائونڊ نزد پائليٽ. ڪي بي اسڪول ميرپورخاص.

*  نالو: غلام رسول ٿهيم، ڪلاس: ستون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جاتي ضلعو ٺٽو.

*  نالو: سجاد علي، ڪلاس: اٺون

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر، 14 سال

ائڊريس:گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏهرڪي، ضلعو گهوٽڪي.

*  نالو: اشفاق حسين ميمڻ، ڪلاس: نائون بي

وندر: علم سان چاهه، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول پير جو ڳوٺ، خيرپور ميرس.

*  نالو: پرنس مڪيش ڪمار، ڪلاس: نائون اي

وندر: اداڪاري ڪرڻ، عمر 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول، چمبڙ.

*  نالو: شاد، ڌڻي بخش مهر، ڪلاس: ڏهون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت، اعجاز قادر مهر ڳوٺ رڪ شريف ضلعو شڪارپور.

*  نالو: راهب لوڍو، ڪلاس: ڏهون اي

وندر: علم سان چاهه، عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول پير جو ڳوٺ، خيرپورميرس.

*  نالو: شاهنواز گهوٽو، ڪلاس: ڏهون،

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ اين، ڊي، اي، وي، هاءِ اسڪول، گهوٽڪي

*  نالو: مقبول احمد ڪاتيار، ڪلاس: اٺون

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد.

*  نالو: غلام مرتضى راڄڙي، ڪلاس: اٺون سي

وندر: قرآن شريف پڙهڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ پراونشنل هاءِ اسڪول ڏهرڪي.

*  نالو: ايم ڀڄن لعل پريماڻي، ڪلاس: اٺون

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: معرفت: ڪرشن لعل ميڊيڪل اسٽور شاهي بازار عمر ڊهو گهوٽڪي.

*  نالو : شهباز عبدالڪريم پٺاڻ، ڪلاس: يارهون

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ سائنس ڪاليج، سجاول

*  نالو: محمد اقبال ٽالپر، ڪلاس: ڏهون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: ھوٺ حاجي ميوو ٽالپر، ماتلي ضلعو بدين.

*  نالو: منظور علي کوکر، ڪلاس: نائون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس سمي وايا هنڱورجا، ضلعو خيرپور.

*  نالو: قادر سيال، ڪلاس: ڏهون

وندر: شاعري ڪرڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت، هاشم ڪڇي، سيلون وارو، ويجهو خليل اسٽور، شاهي بازار جهڏو

*  نالو: حبيب الله، ڪلاس: پنجون اي

وند: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 11 سال

ائڊريس: معرفت سجاد ميڊيڪل اسٽور بس اسٽاپ پنگريو.

*  نالو: سليم رضا هاليپوٽو، ڪلاس: چوٿون

وندر: ڪهاڻيون پڙهڻ، عمر: 9 سال

ائڊريس: معرفت، محمد عظم هاليپوٽو، پوسٽ آفيس، هٽڙي، ضلعو حيدرآباد.

*  نالو : انيل ڪمار ايل راماڻي، ڪلاس: نائون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: اسٽار ميڊيڪل اسٽور مسلم بازار ڪشمور ضلعو جيڪب آباد.

*  نالو: مهيش ڪمار کيماڻي، ڪلاس: يارهون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 17 سال

ائڊريس: مهيش جنرل اسٽور، شاهي بازار خانپور مهر.

خط

چاچا:

جيئن ته توهان کي نئين سال 1997ع جي مبارڪباد هجي ۽ جنوري 1997ع وارو شمارو به وقت تي مليو. رسالي جو ٽائيٽل تمام بهترين هو.

جيئن ته مون جنوري وارو رسالو ”گل ڦل“ خريد ڪيم، ان کان سواءِ هڪ ٻيو به گل ڦل رسالو پنهنجي دوست جي پڙهڻ لا خريد ڪيم. بس اُهي ٻئي رسالا کڻي دوست وٽ آيس ۽ سڄو رسالو ڏٺوسين، پر افسوس اسان ٻنهي دوستن جا خط شامل نه هئا، ۽ نه ئي نالا هئا، ان کان پوءِ مايوس ٿي رسالو پڙهڻ شروع ڪيوسين، جنوري واري شماري ۾ حال احوال، لطيفي لات، ۽ خط تمام بهترين هئا، انهن کان سواءِ ڪهاڻين ۾ بادشاهه جو مينار، روشن اکيون، آءٌ ڊاڪٽر ٿيندس، ۽ ڏکويل ماڻهو وغيره، ۽ نظم ۾ نئون سال آيو، دعا، ۽ ٽانڊاڻو پنهنجو مٽ پاڻ هئا.

منور علي پتافي، ڳوٺ صاحب خان پتافي.

 

چاچا

جيئن ته مان گل ڦل جو بلڪل نئون پڙهندڙ آهيان، جنوري 1997ع جو پرچو منهنجي هٿن ۾ آهي، ڪوپن نمبر نالا سڃاڻو – 8 جا جواب حاضر آهن، ڪوپن نالا سڃاڻو جو الڳ خانو رکندا، ڇو جو ڪوپن ڪٽڻ ڪري ٻارن جا به نالا ڪٽجي وڃن ٿا، هي خط شامل ضرور ڪجهه ته مهرباني ٿيندي.

فقط: محمد نواز سولنگي، ڳوٺ حيات سهتو.

 

ادل:

آئون ٻن سالن کان گل ڦل پڙهندو پيو اچان، ۽ هيءَ منهنجو پهريون خط آهي، 1997ع جو گل ڦل تمام سٺو آهي، ۽ مون سوچيو ته آئون به هڪ خط لکان.

تنهن ڪري هن خط کي مهرباني ڪري شايع ڪندا ۽ هن کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ نه اڇلائيندا.

اوهان جو پيارو ڀاءُ: وسيم عثمان، چوهڙ جمالي.

 

ادا:

آئون رسالي جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، مون کي ماه جنوري 1997ع جو گل ڦل ڏاڍو پسند آيو، ان ۾ شجاعت علي رضه، بادشاهه جو مينار، ڀاڳ، دماغ، کل ته سهي، هڪ خواب هڪ حقيقت، ۽ اصل گهر اصل ڪمرو سٺا ليک هئا ۽ رنگ ڀريو جي بدران اچو ته مضمون لکون، ڪڍي اسان جي همت افزائي ڪئي آهي. ادا منهنجو مواد اوهان وٽ پهتو آهي، شايع ڪندا هي خط شايع ڪري همت افزائي ڪندا.

اوهان جو ننڍو ڀاءُ : محمد علي عمراڻي، چوهڙ جمالي.

 

پيارا چاچا:

گذارش ته جنوري 1997ع جو گل ڦل هٿ ۾ آيو، مضمون ۽ ڪهاڻيون سٺيون لڳيون، خاص طور تي شرارتي لومڙ تمام سٺي لڳي، ادا مون پهرين به ڪجهه مواد موڪليو هو، پر توهان شايع نه ڪيو،مهرباني ڪري هن ڀيري خط شايع ڪندا، سلسلو رنگ ڀريو ختم ڪري ان جڳهه تي ڪن سٺن سوالن جا جواب رکندا.

اوهان جو ننڍو ڀائيٽيو:

نصير احمد کٽي، شهر چوهڙ جمالي.

 

محترم چاچا:

جيئن ته مان توهان ڏي پهريون دفعو خط لکي رهيو آهيان، جيئن ئي اسان 1997ع جنوري جو گل ڦل پڙهيوسين، ڏاڍو خوش ٿياسين، جنهن ۾ اسان کي ڏکويل ماڻهو، کنڊو ۽ مان، ڪتاب اسان جو دوست ۽ کل ته سهي ڏاڍا پسند آيا. منهنجو هي خط گل ڦل ۾ ضرور شايع ڪندا ته پوءِ مان توهان جو هميشه شڪرگذار رهندس، مهرباني!

لکندڙ: عبدالواجد خلجي، پير جو ڳوٺ

 

ادا سائين

جيئن ته جنوري جو گل ڦل پڙهيم ۽ بيحد پسند آيو، جنهن ۾ خاص ٻارن جو عالمي ڏينهن، بادشاهه جو مينار، ٽانڊاڻو، ڪتاب، اصل گهر، سچ سونهن، کنڊو ۽ مان، مزاحيه خبرون، بادشاهه جو پٽ، آءُ ڊاڪٽر ٿيندس، اهي تمام بيحد پسند آيا، ۽ هڪ راءِ نوٽ ڪندا ته اکر اڳتي پوئتي وارو صفحو الڳ ڪندا جو ان جي پويان اسان جا نالا آهن ۽ بلڪل اسان يادگيري کان هليا وڃون ٿا، مهرباني ڪري صفحون الڳ ڪندا ته مهرباني ٿيندي.

ڪاشف علي راٺوڙ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ملڪ

 

ادا:

گل ڦل پڙهيم ڏاڍو پسند آيو، پر مون ٻڌو آهي ته توهان ڪنهن جو مواد شايع نٿا ڪريو، صرف سفارشي مواد شايع ٿا ڪريو، ڇا اها ڳالهه صحيح آهي يانه؟

هينئر آئون ڪو مواد ڪونه موڪلي رهيو آهيان، پر آئنده ضرور موڪليندس، تيار رهجو.

اعجاز احمد ميمڻ، هالا پراڻا

 

پيارا چاچا:

گذارش ته جنوري 1997ع جو گل ڦل هٿن ۾ آهي، مضمون ۽ ڪهاڻيون سٺيون لڳيون، خاص طور تي شرارتي لومڙ تمام سٺي لڳي، ادا مون پهرين به ڪجهه مواد موڪليو، پر توهان شايع نه ڪيو، مهرباني ڪري هن ڀيري شايع ڪندا، سلسلو رنگ ڀريو ختم ڪري، ان جڳهه تي ڪن سٺن سوالن جا جواب رکندا.

اوهان جو ننڍو ڀاءُ:

محمد قاسم ميمڻ، شهر چوهڙ جمالي

 

پيارا چاچا:

جيئن ته اسان گل ڦل جا پراڻا پڙهندڙ آهيون، ۽ هي اسان جو ٻيو خط آهي، اڳ به هڪ خط لکيو، پر افسوس توهان شايع نه ڪيو، اميد ته هي اسان جو خط شامل ڪندا، ۽ مايوسي کان بچائيندا.

جيئن ته جنوري جو گل ڦل هٿ ۾ آهي ۽ اسان کي ڏاڍو پسند آيو آهي. هن ۾ هڪ خواب، عيد ملهائي ۽ کل ته سهي بيحد پسند آيا، ۽ اميد ٿي ڪجي ته اسان جو خط رديءَ جي ٽوڪري کان بچائيندا ته وڏي مهرباني ٿيندي، خدا حافظ.

اوهان جا ڀائيٽيا:

قمبر علي سهاڳ ۽ فهيم راجا منگي، رتوديرو.

 

ادا:

جيئن ته مان گل ڦل رسالو شوق سان پڙهندو آهيان، گل ڦل جنوري وارو تمام گهڻي ليٽ سان اسان جي شهر ۾ پهتو آهي، تنهن ڪري اسان توهان کي عرض ڪيون ٿا ته ٿورو سوير شايع ڪندا ڪيو،مان ڪجهه مواد موڪليو هو، انهي مواد مان هڪ به ڪونه شايع ٿيو آهي ۽ هي خط ضرور شايع ڪندا، جنوري وارو گل ڦل تمام سٺو لڳو.

فقط: ڀڄن داس ”نائڪ“ مارواڙي، شهر عمرڊهو (سرحد)

 

عرض ته ڀاءُ: آئون گل ڦل کي معياري ڪڍڻ تي اوهان کي واڌايون ٿو ڏيان ۽ اميد ته اڳتي به اهڙي ڪوشش ڪري گل ڦل کي وڌيڪ ڪامياب ڪندا ۽ ڪجهه ادبي کوٽ کي پورو ڪندا.

ادا جنوري جو شمارو تمام ليٽ سان مليو. هن ۾ هر تحرير پنهنجي رنگن سان ڀرپور هئي. خاص ڪري بادشاهه جو مينار، سريلنڪا، دماغ، اصل گهر، سچ سونهن ۽ شاعري ۾ دعا، ٽانڊاڻو ۽ خيرپور ناٿن شاهه (جوهر بروهي) تمام گهڻو پسند آيا.

ادا جوهر بروهي کي منهنجي طرفان واڌايون چوندا ۽ ان جي ائِڊريس به ڏياري موڪليندا يا پاڻ پڙهي ته جلد رابطو ڪندا.

ڀاءُ جيئن ته مون هڪ گهر ۾ لائبريري کولي آهي، جنهن به ڀاءُ يا ڀيڻ کي ڪتاب هجن، ته مهرباني ڪري مون ڏانهن موڪليندا، ته مهرباني.

فقط اوهان جو ڀاءُ: راجا ارشاد ڪيريو،

پوسٽ و ڳوٺ مجيد ڪيريو، تعلقو سڪرنڊ، سنڌ.

 

پيارا چاچا:

آئون گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، گل ڦل معياري اعتبار کان تمام بُلند آهي، دلچسپ معلوماتي سائنسي، ڪهاڻيون ۽ مضمون مون کي تمام گهڻا وڻندا آهن، پراڻن لکندڙن کان علاوه ڪيترن ئي نوَن ليکڪن جو نالو جڏهن آئون رسالي جي فهرست ۾ پڙهندو آهيان ته مون کي  به لکڻ جو نئون جذبو ۽ توانائي ملندي آهي، جيئن ته ڪجهه مواد اوهان ڏانهن پهرين به اُماڻي چڪو آهيان.

هن ڀيري گل ڦل ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون تمام سُٺا ۽ اثرائتا هئا، خاص ڪري بادشاهه جو مينار، کنڊو ۽ مان، دماغ، سچ سونهن جي خوشبو، ڪتاب، مزاحيه خبرون ۽ لطيفا تمام وڻيا.

فقط اوهان جو ڀائيٽو:

ايم، حُسين سيال، ميرپورخاص.

 

ادا:

جنوري 1997ع وارو گل ڦل پڙهيوسين، گهڻو پسند آيو، سڀ ڪهاڻيون شاعري ۽ مضمون سٺا هئا، رنگ ڀريو سلسلو ڪٽي ان جي جاءِ تي مضمونن وارو سلسلو رکيو اٿوَ اهو ڪم ڏاڍو وڻيو.

سائين عرض ته مان اڳ به ڪافي مواد توهان ڏانهن موڪلي چڪو آهيان، پر توهان الائي ڇو گل ڦل ۾ شامل نه ٿا ڪيو، وري به مان اميد ڪري هڪ ڪهاڻي ”وقتي سوچ“ ۽ هڪ غزل ”نصيحت“ جي عنوان سان موڪلي رهيو آهيان، اميد ته مانائتي موٽ ڏيندا.

فقط: احسان راهوجو، ڀونڀٽ پور، نئون ديرو.

ادا

جيئن ته مان گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، ۽ خط ڪافي ڀيرا لکيا اٿم، مگر اوهان کي جاءِ ڪونه ٿي ملي جو شامل ڪريو اميد ته هي خط ردي جي ٽوڪري کان بچائيندا، ته مهرباني ٿيندي ۽ هڪ راءِ ٿو موڪليان، جيڪا قبول ڪندا، راءِ اها آهي ته جيڪر اکر اڳتي پوئتي وارا سوال آهن ان جو صفحو الڳ لکندا جو ان ۾ ڪجهه اسان جون يادگيريون آهن، جيڪي خاڪ ۾ ملي وڃن ٿيون، ڇو جو اهو اسان جي نالن جو صفحو جنهن ۾ اسان جا نالا آهن، اهو اوهان ڏانهن موڪليون ٿا ته اسان جون يادگيريون مٽجي وڃن ٿيون، اميد ته ايندڙ گل ڦل ۾ صفحو الڳ هوندو، ماهه جنوري جو گل ڦل ۾ نئون سال، خاص ٻارن جو عالمي ڏينهن، بادشاهه جو مينار، ٽانڊاڻو، عيد ملهائي، ڪتاب، اصل گهر، سچ سونهن، بادشاهه جو پٽ، آءٌ ڊاڪٽر ٿيندس، پسند آيا.

موڪليندڙ: وفا منير احمد ٿهيم، ڳوٺ ملڪ

نتيجو اچو ته مضمون لکون -1

هن سلسلي ۾ پهريون نمبر آيو: ذوالفقار علي شيخ، ڪلاس اٺون اي، گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول سوڀو ديرو، ضلعو لاڙڪاڻو.

ٻيو نمبر آيو، خاوند بخش سنديلو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول داد لغاري، گهوٽڪي، باقي هيٺين دوستن جا مضمون پهتا، جن جا نالا شايع ڪجن ٿا.

(3) ڪئڊٽ منهاج الدين شيخ، پيٽارو، (4) عابد طاهر سريوال، ٽنڊو الهيار، (5) عاجر تنيو، ميهڙ، (6) سروپاچند مٽي (7) علي گل مـڱڻيجو، وارهه (8) علي مردان ريٽي، ڳوٺ علي جان ريٽي، (9) وفا سوائي لال مهاراج، ڳوٺ چارنور، (10) عرفان علي خواجه، شهر ڪڍڻ، (11) غلام مجتبى مهر، پيٽارو، (12) پارس بنت محمد پناهه ڊيهو، ڳوٺ لعل مسائخ (13) نويد سهيل لاکو، حيدرآباد، (14) انيل ڪمار، ڪشمور (15) وشن داس عمرڪوٽ، (16) ساجد علي چنا، ڳوٺ ٺٽ ڳوراهو.

ايم عرس پارابي

اُستاد جو ادب

حضرت ابو هريره رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته علم سکو ۽ علم پراڻن لاءِ وقار ۽ سنجيدگي اختيار ڪريو. جن کان علم پرايو ٿا، انهن سان نوڙت ۽ عاجزي وارو ورتاءُ ڪريو. انسان تي ماءُ ۽ پيءُ جي تعظيم، احترام ۽ ادب کان پوءِ استاد جو ادب ۽ تعظيم لازم آهي، ڇاڪاڻ ته ماءُ ۽ پيءُ انسان جا جسماني پاليندڙ آهن ته استاد انسان جو روحاني، اخلاقي ۽ علمي پيڙهه آهي، اهي انسان لاءِ معمار جي حيثيت رکن ٿا، ته استاد ان جو سينگاريندڙ آهي، انهيءَ ڪري حضور ﷺ جن پاڻ کي معلم جو لقب ڏنو آهي. ارشاد نبوري آهي انم ابعثتُ مُعلماُ ”بيشڪ آئون معلم بڻائي موڪليو ويو آهيان.“ اسلامي معاشري ۾ استاد جو درجو تمام مٿانهون آهي، مشهور بزرگ حضرت طائوس فرمايو آهي ته ”عالم، پوڙهي مسلمان، عادل بادشاهه ۽ والد جي عزت ۽ تعظيم ڪرڻ سنت آهي“ حضرت علي رضي الله عنہ جن جو مشهور قول آهي، ”جنهن شخص مون کي هڪ حرف سيکاريو سو منهنجو آقا آهي. آئون سندس ٻانهون آهيان، جيڪڏهن وڻيس ته مون کي وڪڻي ڇڏي جيڪڏهن وڻيس ته مون کي آزاد ڪري ڇڏي“ مولانا محمد قاسم نانوتوي جو چوڻ آهي ته ”جيڪو استاد جي خدمت ۾ بي ادب آهي، ان کي علم نه ايندو.“ اهڙي طرح علم سان تعلق رکندڙ شين جهڙوڪ: ڪتاب، ڪاغذ، قلم، مدرسي ۽ مڪتب جو ادب ۽ احترام به ضروري آهي، سڪندر اعظم کان ڪنهن پڇيو ته ”تون ماءُ پيءُ کان استاد کي وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏين؟“ چيائين ته: ”ماءُ پيءُ مون کي عرش تان لاهي پَٽ تي پهچايو آهي. استاد (ارسطو) مون کي پَٽ تان کڻي عرش تي پهچايو آهي.“ ان ڪري شاگردن کي هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ گهرجي. (1) استادن جي اڳيان هلڻ، سندس جاءِ تي ويهڻ، سندس سامهون بلند آواز سان ڳالهائڻ نه گهرجي، استاد جو لحاظ رکڻ گهرجي.

(2) استاد جي سامهون اهڙي نموني ادب سان ويهي جنهن مان نوڙت ۽ عاجزي ظاهر ٿئي. سندس آڏو کلڻ، اشارا ڪرڻ، هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ، ٽيڪ ڏئي ويهڻ ۽ ٻي ڪابه حرڪت نه ڪرڻ گهرجي. (3) پنهنجي استادن جي عزت ۽ تعظيم ڪرڻ گهرجي، ائين ڪرڻ سان استاد به اسان کي خلوص ۽ سچائي سان پڙهائي وڏي درجي تي پهچائيندا.

نتيجو نالا سڃاڻو – 8

هن ڀيري هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي ٻارن حصو ورتو، هيٺين ٻارن جو جواب صحيح آيا، (ڪن ٻارن سادي پني تي جواب لکي موڪليا، جيڪي شامل نه ڪيا ويا آهن) هيٺين دوستن کي رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.

جواب: (1) لئمبرڪ (2) سائون (3) سرويچ سجاول (4) سراج الحق ميمڻ،

1.      جميل مصطفى چنا، پوسٽ آفريد آباد، ميهڙ

2.     مسعود علي ميمڻ، معرفت، رجب آزاد سولنگي، مين اسڪول دادو.

3.     مدد علي چنا، گورنمينٽ هاءِ اسڪول فريد آباد، ميهڙ

4.     صدف خواجه، صدف ميڊيڪل اسٽور، سجاول

5.     فرحان عباسي، غفار ڪولڊ ڪارنر مڇي مارڪيٽ دادو.

6.     نظام الدين لاکو، معرفت، ساگر ٽيلرز محمود مارڪيٽ، سڪرنڊ.

7.     مسعود جروار، پوسٽ صاحب خان جروار، ٽنڊو الهيار

8.     شعبان اختر سولنگي، گهر نمبر 48 هائوسنگ سوسائٽي، دادو.

9.     غلام شبير دايو، مارئي ڪتاب گهر، سڪرنڊ

10. فياض حيدر ڀٽي، شاهه آباد محلو دادو.

11.  غوث بخش پٺاڻ، بابڙ، محلو ڳڙهي ياسين.

12. سعيد الله جروار، گورنمينٽ هاءِ اسڪول بڪيرا شريف، تعلقو ٽنڊو الهيار،

13. قمر الدين ابڙو، ماروئڙا ماڊل مڊل اسڪول، ڪنڊيارو

14. سيد سليمان شاهه، گهر نمبر 124 – بي ڀٽائي ٽائون، حيدرآباد

15. برڪت علي ميمڻ، محلو حاجي الهه بچايو ميمڻ، دادو.

16. وڪيل احمد سومرو، مارئي ٽيلرز سڪرنڊ.

17. حفيظ الله پنهور، معرفت، بينظير ميڊيڪل اسٽور، نيو بس اسٽاپ دادو.

18. اياز علي ڇڄڙو، شاهه پنجو وايا راڌڻ اسٽيشن.

اچو ته مضمون لکون -3

اچو ته مضمون لکون سلسلي ۾ فل اسڪيپ جي ٽن صفحن کان مٿي لکيل نه هجي، هن سلسلي ۾ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ ٻار حصو وٺي سگهن ٿا. مضمون موڪلڻ وقت ڪلاس  اسڪول جو نالو ضرور لکيو وڃي، پهريون ۽ ٻيو نمبر مضمون شايع ڪيا ويندا، باقي مضمون لکندڙ ٻارن جا نالا شايع ڪبا.

عنوان:

(نياڻين جي تعليم جي اهميت)

موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس:

نالا سڃاڻو – 10

هيٺ ڏنل نالن جا اکر اڳتي پوئتي ڏنل آهن، اوهان اکر ملائي صحيح نالا لکي موڪليو، جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا، انهن کي ”گل ڦل“ رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي. (سادي پني تي جواب قابل قبول نه هوندو)

1.      ڳ – ن ر – ي (پکي جو نالو)

2.     و، ا، ش، ر، م، هه، د، ل، هه، ي و، ب، ش، س، خ، (سياسي شخصيت)

3.     ش، ع، خ، ي، ق، (آرٽسٽ)

4.     ي، ح، آ، س، ي، ع، ل، د، ن، ن، ف، (علمي سياسي شخصيت)

موڪليندڙ جو پورو نالو ۽ ائڊريس:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com