حضرت علي رضه بيبي فاطمہ رضه سان مشورو ڪري سڀ
کاڌو، ان فقير کي ڏنو. اهڙي طرح ٻئي ڏينهن جڏهن
روزي کولڻ جو وقت آيو ته هڪ يتيم دروازو کڙڪايو ۽
بک جو احوال ڪيو، پاڻ ٻنهي سڀ گهر جو کاڌو ان جي
حوالي ڪري پاڻي سان روزو کوليو، اهڙي طرح ٽئين
ڏينهن حضرت علي رضه مزدوريءَ کان واپس آيو. روزي
کولڻ جو وقت ٿيو، جيئن ماني هٿ ۾ کنيائين ته در تي
هڪ قيدي صدا ڏني ۽ پنهنجي سخت حاجت جو اظهار ڪيو.
پاڻ سمورو کاڌو کڻي ان جي حوالي ڪيو. چوٿين ڏينهن
روزو بَک تي رکيائون ڇو ته کاڌي پچائڻ لاءِ گهر ۾
ڪجهه ڪونه هو.
حضرت علي رضه پنهنجن ٻن صاحبزادن حضرت حسن رضه ۽
حضرت حسين رضه کي وٺي حضور ﷺ جن وٽ آيا.
ٻيئي صاحبزادا ڪمزوري سبب هلي به نه پي سگهيا.
حضور ﷺ جن چيو ته تنهنجي حالت ڏسي مون کي تڪليف
ٿئي ٿي، اٿ ته هلون بيبي فاطمہ رضه وٽ. گهر آيا ته
بيبي فاطمہ رضه نماز پڙهي رهي هئي. بک جي ڪري
اکيون ڏرا ڏيئي ويون هُيس. حضور ﷺ جن کيس پنهنجي
سيني سان لڳايو ۽ خدا کان دعا گهري ته خدا ان جو
بندوبست ضرور ڪندو.
الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ٻين جي مدد ضرور ڪندا آهن،
پنهنجن هٿن سان ڪنهن کي تڪليف نه پهچائيندا.
پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ رکندا آهن. زبان سان ڪنهن
کي برو نه چوندا آهن، ۽ نه ئي ڪنهن جي دل آزاري
ڪندا آهن، جيڪو به انسان پنهنجي هٿن ۽ زبان کي
قابو ۾ رکندو. اهو هميشه هِن دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو
رهندو. هن دنيا ۾ فتنه فساد هٿن ۽ زبان جي غلط
استعمال جي ڪري ٿيندا آهن. پيارا ٻارو، اوهان ته
پيارا ٻار آهيو. اوهان پنهنجا اخلاق بهتر ڪندا ۽
ڪنهن کي هٿن سان يا زبان سان تڪليف نه پهچائيندا.
اها ئي انسان جي وڏي مان وڏي خدمت آهي، ان ۾ ئي
عظمت آهي!
محمد آچر گڏاڻي
ويران مستقبل
اچي وئي اخبار... تازي اخبار... ڪاوش، سنڌو،
عبرت.... تازي اخبار، اچي وئي تازي اخبار، آءُ
انهن لفظن ٻڌڻ سان ڇرڪي پيس، ڪنڌ ورائي ڏٺم، ته
منهنجو دوست، هڪ هوشيار ۽ باوفا دوست ڪاشف بيٺو
هو، سندس هٿن ۾ اخبارن جو بنڊل هئس، ميرا ڪپڙا
پاتل هئس، هر هڪ ماڻهوءَ ڏانهن اميد ڀري نگاهن سان
ڏسي رهيو هو، مون کيس سڏ ڪيو. منهنجي سڏ تي هن ڪنڌ
ورائي مون ڏانهن ڏٺو، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سندس اکين
مان ٻه لڙڪ نڪري پيا ۽ بي اختيار آواز ۾ صرف اِهي
لفظ چئي سگهيو هو، امجد مون کي افسوس آهي، ته مان
تنهنجي ۽ پنهنجي اميد تي پورو نه لٿس، مون کيس
ڀاڪر پاتو ۽ پُڇڻ لڳس ته ”يار! هي تون ڇا ڪري رهيو
آهين؟ ڇا تو اسڪول وڃڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، تنهنجي
هٿن ۾ اخبارن جو بنڊل؟ ائين ڇو ٿيو آهي.
بس يار، امجد ڪهڙا سوُر ٻڌايائين، بس منهنجي قسمت
مون سان ساٿ نه ڏنو، بابا جي گذاري وڃڻ کان پوءِ
مون اسڪول کي خير باد ڪيو آهي، ڇو ته ادل، امڙ
ويچاري ڪراڙي آهي، گهر جو سڄو خرچ مون تي بار ٿيو
آهي، مان ڪتابن جي بدران هاڻي اخبار هٿن ۾ کڻندو
آهيان، ڇو ته منهنجي نصيب ۾ شايد ڊاڪٽري بجاءِ
اخبار فروشي لکيل هئي، هن مون کي ٻڌائيندي چيو.
پر يار ڪاشف تون ته چوندو هئين ته پاڻ کي (توکي ۽
مان کي) هڪ وڏو آفيسر ٿيڻو آهي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي
غيرن جي پليت پيرن کان پاڪ بڻائينداسون، ۽ پنهنجي
غريب ماروئڙن جي خدمت ڪنداسين، پوءِ تو پنهنجا اهي
خواب اڌورا ڇو ڇڏيا؟ مون وري هن کان سوال ڪيو.
تون صحيح چئي رهيو آهين، امجد دوست، پر يار غريب
جا نصيب به غريب هوندا آهن، مان ته عرش تان تارا
لاهڻ پئي گهريا هئا، پر شايد اها منهنجي غلط سوچ
هئي، تنهن ڪري مان پنهنجي حال تي خوش آهيان، پر
يار امجد تون ضرور محنت ڪجانءِ ۽ منهنجي جاءِ
والاري پنهنجي امڙ ڌرتيءَ جي خدمت ڪجانءِ، مون کي
يار اجازت ڏي مون کي اڃان سڄي بازار گهمڻي آهي، ۽
اخبارون وڪرو ڪرڻيون آهن، ڪاشف مون کي خدا حافظ
چئي هليو ويو، پر مان خيالن جي دنيا ۾ ايترو ته
غرق ٿي ويس جو مون کي اهي ڏينهن ياد اچڻ لڳا، جڏهن
اسين ٻئي گڏجي پڙهندا هئاسين، اسان ٻئي اسڪول ۾
پوزيشن کڻندا هئاسين، ڪجهه مهينا اڳ ڪاشف جي پيءُ
کي (جيڪو ڪينسر جو مريض هو) ڪنهن ٻئي شهر ۾ مزدوري
ملي وئي هئي ۽ هو منهنجو شهر ڇڏي هليا ويا هئا، اڄ
جي ملاقات شايد اسان جي آخري ملاقات ثابت ٿي هئي.
ڪاشف ته هليو ويو، پر مون کي سندن چيل لفظ هر هر
ياد اچي رهيا آهن.
”تون صحيح چئي رهيو آهين، امجد دوست، پر يار امجد
غريب جا نصيب به غريب هوندا آهن، مان ته عرش تان
تارا لاهڻ پئي گهريا هئا، پر اها شايد منهنجي غلط
سوچ هئي. مان پنهنجي حال تي خوش آهيان....“
ڪاشف جو مستقبل مون کي صفا ويران نظر اچڻ لڳو هو،
ڇا صرف ئي صرف اميرن جا پٽ ئي ڊاڪٽر ٿي سگهندا
آهن، انشاءَ الله ڪاشف جي ويران مستقبل کي آءُ
روشن حال ڪري ڏيکاريندس؟“
عطا محمد ڀنڀرو
دليرُ ٻَڪرُ
هڪ جهنگ ۾ ٽي ٻَڪرَ رهندا هئا، جن جي پاڻ ۾ گهاٽي
ياري هئي. هڪ ڀيري هنن صلاح ڪئي ته هلي جبل جي
پاسي گاهه چَري متارا ٿيون، ڇو ته هتان گاهه ختم
ٿي ويو آهي، انهن ٽِنهي ٻَڪرَن جو نالو ”ويڙهاڪ“
هو.
هو هلندا هلندا اچي هڪ پل تي بيٺا، جيڪا ڪاٺ جي
ٺهيل هئي، جنهن تان کين پار اڪرڻو هو ۽ پُل جي
هيٺيان هڪ ديوَ رهندو هو، جنهن جو اکيون ٿالهين
کان وڏيون۽ نڪ بُنڊ جهڙو ٿلهو هو.
پهريون ننڍو ويڙهاڪ ٻَڪرُ پُل تان گذرڻ لڳو.
ٽپ.... ٽپ... ٽپاڪ.... ٽپ... ٽپاڪ ٽپاڪ، پل کڙڪڻ
لڳي.
”ڪير منهنجيءُ پل تان گذري رهيو آهي.؟“ ديوَ گجگوڙ
ڪري چيو. ”او! مان آهيان، تمام هلڪڙو نازڪ ۽ ڏُٻرو
ٻڪر، مان ٿلهي متاري ٿيڻ لاءِ جبل پاسي گاهه چرڻ
ٿو وڃان.“ ڏٻري ٻڪَر تمام جهيڻي آواز ۾ چيو.
”مان توکي ڳڙڪائڻ لاءِ اچان ٿو.“
ديوَ چيو.
”نه سائين، مون تي رحم ڪريو مان تمام ننڍڙو
آهيان.“ ڏُٻري ننڍڙي ٻڪرَ چيو، ”ٿورو ترس منهنجي
پٺيان هڪ ٿلهو متارو ٻڪر ٿو اچي، انهيءَ کي مزي
سان کائجانءِ، مون مان تنهنجو ڍؤ به ڪونه ٿيندو.
”چڱو تون وڃ.“ ديوَ چيو.
ٿوريءَ گهڙي کان پوءِ ٻيو ٻَڪرُ پُل ٽپڻ لاءِ آيو،
ٽپ.... ٽپ... ٽپ... ٽ... ٽَپ... ٽَپ.... پُل کڙڪڻ
لڳي.
”ڪير آهي، جيڪو منهنجي پل تان لنگهي ٿو پيو.“ ديوَ
گجگوڙ ڪري پڇيو.
”مان آهيان ڏاڙهي وارو ٻَڪرُ، مان جبل پاسي گاهه
چرڻ ٿلهو متارو ٿيڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.
ڏاڙهيءَ واري ٻڪر چيو جنهن جو آواز ڪجهه ٿلهو هو.
”مان توکي کائي ڳڙڪائي ڇڏيندس.“
ديوَ چيو.
”او سائين مون کي نه کائجانءِ، ٿوري گهڙي ترس، مون
کان پوءِ هڪ ڏاڍو ٿلهو متارو ۽ وڏو ٻَڪرُ اچي ٿو،
تون ان کي کائجانءِ.“
”چڱو تون هَلُ.“ ديوَ چيو.
ٿوري گهڙيءَ کان پوءِ ٿُلهو ٻُچي ڏاڙهي وارو ٻڪرُ
آيو.
ٽَپ... ٽَپ... ٽپ... پل کڙڪڻ لڳي، ۽ ٺڪاءُ ڏيڻ
لڳي.
”ڪير آهي، جيڪو منهنجي پُل تان گذري رهيو آهي.“
ديوَ گجگوڙ ڪندي چيو.
”اهو مان آهيان، وڏو ٻوچيءَ ڏاڙهي وارو ٻَڪرُ.“
سندس آواز ڪِرِپَ جهڙو ڪِنو هو.
”مان بُکيو آهيان، مان توکي کائي ڳڙڪائي ڇڏيندس.“
ديوَ رانڀاٽ ڪري چيو. تنهن تي ٻَڪَرَ چيس:
مون وٽ ڀالن جي آجوڙي،
توکي هڻندس ڊوڙي ڊوڙي،
تنهنجو اکيون ٻيئي ڪڍندس،
تنهنجا ٻيئي ڪن ڪَٽيندس،
پٿر آهن هٿ ۾ منهنجي،
لڳڻا آهن، سِرَ ۾ تنهنجي،
ٺَڪ ٺَڪ ٿي جو لوڻيا لڳندءِ،
ماس هڏا سڀ قيمون ٿيندءِ.
ٻڪر اهو چئي وڃي ٽپو ڏيئي ديوَ تي چڙهي ويو، سڱ
هڻي سندس ٻئي دوڏا ڪڍي رکيائين. تَڪَرُ هڻي هڻي
سندس ماس ۽ هَڏَ چِٿي ڇڏيائين ۽ کيس پري اڇلائي
ڇڏيائين.
پوءِ هو جبل پاسي هليو ويو، اتي گاهن جي گلزاري
لڳي پئي هئي. سو گاهه چري ٻڪرَ ڏاڍا ٿلها متارا ٿي
پيا، ايڏا ٿلها ٿي ويا جو هلڻ کان لاچار ٿي پيا،
شايد سندن ٿولهه نه لٿي آ، جو اڃا واپس ڪونه وريا
آهن.
ٻڪَر ٻيءَ ڀر بيٺا آهن،
پُل ٽپڻ لئه آتا آهن،
ڪير انهن کي پل ٽپائي،
ڪير انهن کي گهر پُڄائي.
آصف مٺياڻوي
نصيحت
چيو هنئين آچر کي عرفان،
تون ڇو کائين پيارا پان،
پان ته کائڻ ٺيڪ نه آهي،
ائين چيو آ هڪڙي ڏاهي،
جيڪو پان آکائيندو،
ڳاڙهو وات بنائيندو،
هرڪو تنهن کان نفرت ڪندو،
۽ پوءِ ان کي چريو چوندو،
ڪپڙا جلدي ميرا ڪندو،
ٻين ڏانهن پڻ ڦيرا ڪندو،
هرڪو تنهن کان لهرائيندو،
ملڻ کان پڻ ڪيٻائيندو،
نصيحت هيءَ جي هنڍائيندين،
مان پو جت ڪٿ پائيندين،
هيءُ ٻُڌي عرفان کان ڏس،
پان کان ڪئي پوءِ اچي بس،
ٻارو اوهين رهو هوشيار،
اهڙي سنگت کان رهو ڌار،
ٻارن گڏجي پوٺاهي ٻاري،
پان کان تن ڪئي توبهه زاري.
عزيز ڪنگراڻي
نظم
بابا! مون کي آڌي ڏي،
آڌي نيندس هٽ تي،
هٽ تان ملندم قلم،
قلم وٺي لکندس،
لکي سياڻو ٿيندس،
پڙهي وڏڙو ٿيندس،
روشن نالو ڪندس،
ملڪ جو مالهي بڻجي،
توکي ڏيندس سُکڙا،
سڀڪو چوندو وهوا،
واهه ڙي نينگر ننڍڙا! |