سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3/ 1997ع

باب: --

صفحو :3

اعجاز علي اسد پليجو

گُلر PUPPY

(ڪُتي جو ٻچو)

دوستو! اڄوڪي ”گل ڦل“ ۾، مان اوهان کي پنهنجي آتم ڪهاڻي ٻڌايان ٿو ته ڪيئن نه آئون هڪ ننڍي گلر مان وڌي وڏو ٿي هڪ سهڻو ۽ جوان ڪتو ٿيو آهيان.

(1)                        تازو ڄائو آهيان:

آئون هڪ ڏينهن جو (ڄمار ۾) آهيان، نه ڏسي ۽ نه ٻڌي سگهان ٿو، پر سونگهي سگهان ٿو. آئون پنهنجي ماءُ جي بوُءِ سنگهي ڏانهئس سُري ويندو آهيان. امڙ مون کي کير ڌارائيندي آهي.

(2)                       سَٿجي سمهڻ:

آئون ڄمار ۾ نوَنَ ڏينهن جو ٿي ويو آهيان ۽ پاڻ کي ڪوسو رکڻ لاءِ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪٺو ٿي، سٿجي ۽ لڳي سوڙهو سگهوڙو ٿي سمهندو آهيان، مون پنهنجون اکيون کوليون آهن، پر اڃا انهن سان هر شيءِ جهڪي ۽ ڌنڌلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، تڪڙو ننڊ لڳڻ جي ڪري آئون وري سمهي پوندس.

(3)                       کاڌي جو وقت:

آئون ٻن هفتن جو ٿي چڪو آهيان، آئون کير جو خواب لهان پيو، آئون رين رين ڪري ڪنجهندو ۽ سوُن سوُن ڪري سڻڪندو آهيان، بک لڳڻ تي آئون جاڳيس نهار ڪيم ته هي سڀ (ڀائر ۽ ڀينرون) ڪيڏانهن ويا؟ اڙي! هي ته مون کان به اڳ کير ڌائي رهيا آهن، آئون به ماءُ ڏانهن کير ڌائڻ لاءِ ڌِڪجي گهڙي پيس.

(4)                       کوجنا ۽ ڳولا ڪرڻ:

آئون ٽن هفتن جو آهيان ۽ تيزي سان وڌي رهيو آهيان، هاڻ آئون چٽو ڏسي، ٻُڌي ۽ هلي به سگهان ٿو. آئون اڪيلي سر پاڻ کوجنا ۽ ڳولا ڦولها ڪرڻ لڳان ٿو، هلندي ڦرندي آئون نيون شيون لهندو آهيان، جيڪي مون کي وڻندڙ ۽ حيران ڪندڙ لڳنديون آهن.

(5)                       امان يا بابا سان کيڏڻ:

آئون چئن هفتن جو ٿي ويو آهيان، مون کي کاڌي پيتي لاءِ الڳ پيالو مليل آهي. بابا يا امان پيالو چٽي صاف ڪندا آهن. آئون پنهنجي ماءُ يا پيءُ کي پاڻ سان کيڏڻ لاءِ منٿ ڪندو آهيان، امان سوچيندي آهي ته، آئون کيڏڻ لاءِ ڪيترو نه تيار ٿي ويو آهيان.

(6)                       ويڙهه واري راند:

هاڻي آئون چهن هفتن جو ٿي ويو آهيان، ۽ ڪافي وڏو به ٿي چڪو آهيان، مون کي ڪپڙي مان ٺهيل سهي (رانديڪي) سان کيڏڻ ۾ مزو ايندو آهي، منهنجي ڀيڻ به مون سان کيڏڻ گهرندي آهي، پر آئون ان کان پاسو ڪندو آهيان، ڇو ته هن جا ڏند ڏاڍا تکا آهن.

 

(7)                       وڃڻ لاءِ تيار:

آئون اٺن هفتن جو ٿي چڪو آهيان ۽ منهنجي ڳچيءَ ۾ گلي پٽو ۽ ڏور وڌي ويئي آهي، منهنجون ڀينرون راند روند ۾ ڳلي ۾ پيل رسي سان ڇڪ ڇڪان ڪري رهيون آهن. منهنجو ڀاءُ مون کي وڙڪائڻ لاءِ (گهمائڻ ڦيرائڻ) جي ڪوشش ڪري ٿو، پر آئون وڃڻ نٿو چاهيان.

انور علي لوهار

 

ڪهاڻي چور

 

اختر کي رسالن پڙهڻ جو گهڻو شوق هو، هي هر مهيني سڀ رسالا وٺي ايندو هو، ۽ فارغ وقت ۾ انهن مان ڪهاڻيون پڙهي لطف اندوز ٿيندو هو.

جڏهن دوست پاڻ ۾ گڏجي ويهندا هئا، ته هي انهن کي اهي ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو ۽ پنهنجي دوستن کان داد حاصل ڪندو هو، هاڻي اختر کي وري اهو شوق ٿيو ته هي به ڪهاڻيون لکي ۽ رسالن ۾ موڪلي گهڻو نالو ڪمائي، اهو سوچي هن ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي، پر پني تي سواءِ اُبتين سبتين ليڪن جي ڪجهه نه لکي سگهيو انهي ڪاوڙ ۾ هن بڪ جا اڌ کان گهڻا صفحا ڦاڙي ڇڏيا، پوءِ هن سوچيو ته ڪهاڻي لکڻ هن جي وس جي ڳالهه نه آهي.

ڪا اهڙي ترڪيب سوچڻ گهرجي، جيئن منهنجو نالو رسالي ۾ اچي، اختر پنهنجو پاڻ کي چيو.

پوءِ هي اٿيو ۽ ڪٻٽ مان پراڻا رسالا ڪڍڻ لڳو سڀ رسالا ڪڍڻ کان پوءِ هي انهن مان ڪجهه ڳولڻ لڳو، انهن رسالن مان هڪ رسالو جدا ڪري ٻيا سڀ رسالا وري ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيا.

هن رسالي کي شايع ٿئي اٽڪل چار سال ٿيا آهن، جيڪڏهن هن مان ڪا ڪهاڻي لکي رسالي ۾ موڪليان ۽ اها منهنجي نالي سان شايع ٿي وڃي ته ڪنهن کي ڪهڙي خبر پوندي ته اها ڪهاڻي چوري ٿيل آهي، اختر پنهنجو پاڻ کي چيو.

اهو سوچي اختر رسالي تان ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي ۽ ڪهاڻي لکي پنهنجي نالي سان رسالي جي ايڊريس تي موڪلي ڇڏي ۽ پنهنجي سڀني دوستن کي اهو ٻڌائي ڇڏيو ته مان هڪ ڪهاڻي رسالي ۾ موڪلي آهي، جيڪا هڪ ٻن مهينن ۾ شايع ٿيندي پوءِ دوستن سميت اختر به ڪهاڻي شايع ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

آخر انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ اختر جي نالي سان اها ڪهاڻي شايع ٿي وئي، پوءِ ته اختر خوشي ۾ نه پئي ماپيو ۽ انهيءَ مهل هر هڪ دوست جي گهر وڃي اها ڪهاڻي ڏيکاري آيو.

سڀني هن جي ڪهاڻي جي تعريف ڪئي ۽ سڄي اسڪول ۾ اختر جي ڪهاڻي جو هل مچي ويو.

اسڪول جا سڀ ڇوڪرا ۽ استاد اختر جي ڪهاڻي جي تعريف ڪرڻ لڳا، هڪ مهيني کان بعد اهو ساڳيو رسالو هاڪر اسڪول ۾ کڻي آيو، اختر کان سواءِ اهو رسالو ٻين ڇوڪرن به ورتو.

رسالي ۾ ڪهاڻين پڙهڻ کان پوءِ اختر خطن وارو صفحو کوليو ۽ هڪ تفصيلي خط پڙهڻ لڳو. خط پڙهڻ کان پوءِ اختر جي منهن تي پگهر اچي ويو، ڇاڪاڻ جو اهو تفصيلي خط به اختر جي باري ۾ هو، جيڪا ڪهاڻي اختر چوري ڪئي هئي، ان ڪهاڻي جي ليکڪ رسالي جي ايڊيٽر ڏانهن خط لکيو هو ته اختر هن جي ڪهاڻي چوري ڪئي آهي. ان لاءِ اختر جو ڪوبه مواد هن رسالي ۾ شايع نه ڪيو وڃي، رسالي جي ايڊيٽر به رسالي ۾ اهو لکيو هو ته اختر ڪهاڻي چوري ڪئي آهي ان لاءِ پهرين ته هي ڪهاڻي جي ليکڪ کان معافي وٺي ۽ چوري ڪرڻ جي سزا طور اختر جو مواد ڪجهه مهينن لاءِ رسالي ۾ شايع نه ڪيو ويندو.

رسالي ۾ اهو پڙهڻ کان پوءِ اختر کي پنهنجي عزت مٽي ۾ ملندي محسوس ٿي.

ايتري ۾ سڄي اسڪول جي ڇوڪرن ۾ اها خبر پکڙجي وئي ته اختر ڪهاڻي چوري ڪئي هئي پوءِ ته اسڪول جي سڀني ڇوڪرن گڏجي هن کي چيڙايو ۽ چوڻ لڳا ته ٻين جون ڪهاڻيون چوري ڪري نالو ڪمائڻ چاهي ٿو. ٻي ڪهاڻي ڪڏهن چوري ڪري رسالي ۾ موڪليندين؟

منهنجو خيال ۾ تون ان ليکڪ جي ڪهاڻي چوري ڪر جيڪو مري ويو هجي، ان لاءِ توتي ڪو الزام نه لڳندو، اهو چئي سڀني ڇوڪرن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو.

اختر هنن کي ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ هجوم مان ٻاهر نڪري آيو. ڇوڪرن هن کي جڏهن ٻاهر نڪرندي ڏٺو ته زور سان چوڻ لڳا، اهو وڃي ٿو... ڪهاڻي چور.. ڪهاڻي چور....

اختر انهيءَ مهل اسڪول کان ڪتاب کڻي سڌو گهر آيو ۽ ٻه ٽي ڏينهن اسڪول نه ويو.

هي پنهنجي دوستن ۽ استادن کان شرمندو هو پر هاڻي ڇا پئي ٿي سگهيو؟ جيڪو ٿيڻو هو سو ته ٿي ويو پر مان ڪهاڻي چوري ڇو ڪئي؟ اختر پنهنجي پاڻ کان سوال ڪيو.

پر هن جي ذهن ۾ ڪوبه جواب نه اچي رهيو هو، ته هن ڪهاڻي چوري ڇو ڪئي؟

پوءِ اختر چوٿين ڏينهن ڊڄندي ڊڄندي اسڪول داخل ٿيو، هي ڊڄي ان لاءِ رهيو هو، ته متان ڪير ان کي ڏسي وري نه چيڙائي، پر ڪلاس روم تائين ڪنهن به ڇوڪري هن کي نه چيڙايو، هن سمجهيو ته شايد هنن کي منهنجي ڳالهه وسري وئي آهي، پر جيئن ئي هي ڪلاس روم ۾ داخل ٿيو ته سڀني ڇوڪرن گڏجي هن کي چيو ته.... خوش آمديد.... خوش آمديد.... ڪهاڻي چور صاحب اچو هتي ويهو اچي.

يار: مان توبهه ڪئي، آئينده ڪنهن جي به ڪهاڻي چوري نه ڪندس، توهان به مون کي معاف ڪيو ۽ تنگ نه ڪيو. اختر خفا ٿيندي ڪلاس جي ڇوڪرن کي چيو.

ايترو ٻڌي سڀ ڇوڪرا خاموش ٿي ويا.

پوءِ اختر همت ڪري پنهنجي هڪ ڪهاڻي لکي رسالي ۾ موڪلي، پوءِ جيڪا ڪجهه مهينن کان پوءِ شايع ٿي وئي. پوءِ سڀ ڇوڪرا اختر کان اهو پڇڻ آيا ته اها ڪهاڻي ڪهڙي رسالي مان چوري ڪئي اٿئي؟ پر اختر ڪوبه جواب نه ڏنو، پر وچ ۾ هڪ ٻئي ڇوڪري اهو چيو ته هڪ مهيني کان بعد جيڪو ٻيو رسالو اچي ته انهي ۾ خطن وارن صفحن ۾ ڏسجو، پاڻ ئي هن تي انهي ڪهاڻي جي ليکڪ جو الزام هوندو.

جڏهن هڪ مهينو گذرڻ کان پوءِ اهو رسالو آيو ته اختر سميت ٻين ڇوڪرن به اهو رسالو ورتو.

خطن واري صفحي تي هاڻي اختر لاءِ ڪوبه الزام نه هيو. ويتر هن جي ڪهاڻي جي تعريف لکيل هئي.

هاڻي ڪوبه ڇوڪرو اختر کي چور نه سڏي رهيو هو، پر ويتر هن جي ۽ هن جي ڪهاڻي جي هرڪو ڇوڪرو تعريف ڪري رهيو هو.

اڄ اختر کي احساس ٿيو ته جيڪا خوشي پنهنجي ڪهاڻي شايع ٿيڻ ۾ ٿيندي آهي، اها ٻين جي ڪهاڻي شايع ٿيڻ ۾ نه ٿيندي آهي.

پيارا ٻارؤ ۽ دوستو!

توهان به ڪنهن جي ڪهاڻي يا ڪو ٻيو مواد چوري ڪري رسالي ۾ نه موڪلجو، نه ته توهان سان به اهڙا حالات پيش اچي سگهن ٿا، جيڪو به لکو، پنهنجو لکو، ٻي ڪنهن تي نه ڀاڙيو.

سنڌيڪار: زاهده چنا

ڪُمي ۽ ٻگهه

هڪ تلاءُ جو پاڻي آئيني جيان صاف ۽ شفاف هو، مزي ۽ ميٺاج ۾ آب حيات کان گهٽ ڪونه هو، هڪ ڪمي ٻه گهه پکي ان ۾ رهندا هئا. ٽنهي ۾ تمام گهاٽي دوستي هئي. هڪ ٻئي کانسواءِ زندگي گذاري نه سگهندا هئا. اوچتو سندن دوستي کي زماني جي نظر لڳي ويئي، يعني تلاءُ ڏينهون ڏينهن سڪندو ويو. جنهن ڪري ٻگهن جو گذران تنگ ٿي پيو. ڇاڪاڻ جو هو انهي تلاءُ مان پنهنجي خوراڪ حاصل ڪندا هئا، جڏهن انهن ڏٺو ته پاڻي کان سواءِ زندگي گذارڻ مشڪل آهي ته لاچار ٿي اهو تلاءُ ڇڏي ڪنهن ٻيءَ تلاءُ جي ڳولا ۾ نڪري پيا. وڃڻ کان پهرين نهايت غمگين ۽ آلين اکين سان ڪُمي وٽ آيا ۽ کانئس اجازت ورتائون، ڪمي به انهن جي وڇوڙي جي خيال کان روئڻ لڳي روئندي سُڏڪا ڀريندي چوڻ لڳي ته:

”توهين هي ڪهڙي خبر مون کي ٻڌائي رهيا آهيو! مان توهان کانسواءِ ڪيئن زندگي گذاري سگهنديس؟ توهان جو وڇوڙو مون کان برداشت ڪونه ٿيندو، هن وڇوڙي ۾ جلد ئي مري ويندس.

ٻگهن چيو، ”اسان جي دل به تنهنجي جدائي جي خيال کان ڀاڱا ڀاڱا ٿي رهي آهي، پر مجبوري اها آهي ته پاڻي کان سواءِ اسان جي زندگي گذري نه ٿي سگهي، پاڻي کان سواءِ اسين مري وينداسون. اهوئي سبب آهي جو اسين تو جهڙي پياري دوست کي ڇڏي پرڏيهه وڃڻ جو ارادو ڪيو آهي.

ڪمي چيو، ”دوستو! توهان ڄاڻو ٿا ته پاڻي مون کي توهان کان وڌيڪ نقصان پهچائي سگهي ٿو ۽ منهنجو گذر به پاڻي کانسواءِ ناممڪن آهي. هن وقت پراڻي دوستي جي اهائي تقاضا آهي ته توهين مون کي به پاڻ سان گڏجي وٺي هلو. هتي سُڃ ۾ مون کي اڪيلو نه ڇڏيو.

تنهن تي هنن چيس ”پياري تنهنجو وڇوڙو اسان کي وڌيڪ ڏک ڏئي رهيو آهي، اسين جتي به رهنداسين توکان سواءِ خوش نه رهنداسين ۽ هميشه توکي ياد ڪندا رهنداسين، پر ڇا ڪيون زمين تي اسان جو گهڻي دير توسان پنڌ هلڻ ۽ تنهنجو اسان سان گڏ هوا ۾ اُڏامڻ ٻئي ناممڪن آهن، پوءِ اسان جو ساٿ ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟“

ڪُميءَ چيوته، ”جيڪڏهن ڪا اٽڪل توهان جي ذهن ۾ هجي ته ٻڌايو، منهنجي ذهن ۾ ته ڪا ڳالهه نه ٿي اچي.“

هُنن چيو ته ”ها، هڪ طريقو آهي، پر مجبور آهيون ته جيڪو ڪجهه چونداسين، اهو توکان نه ٿي سگهندو ۽ تون جيڪو وعدو ڪندينءَ ان تي پورو رهي نه سگهندينءَ.“

ڪُمي چيو: ”اهو ممڪن ئي نه آهي ته توهين منهنجي لاءِ ڪو طريقو سوچيو ۽ مان ان تي عمل نه ڪيان ۽ واعدو جيڪو منهنجي ڀلائي لاءِ ورتو وڃي، مان ان تي قائم نه رهان. اِئين ٿي نه ٿو سگهي.“

ٻگهن چيو، ”اسان توکي کڻي هوا ۾ اڏامنداسون، پر شرط اهو آهي ته جڏهن اسين توکي هوا ۾ کڻي اڏامون ته تون چُپ رهجانءِ ڪجهه به نه ڳالهائجان ڇو جو اهو امڪان آهي ته هر شخص جنهن جي نظر اسان تي پوندي، اسان جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور چوندو، تون ڪهڙي به ڳالهه ڇو نه ٻڌين ۽ ڪهڙي به حرڪت ڇو نه ڏسين پنهنجو وات بند رکجانءِ ۽ خراب يا سٺي ڪابه ڳالهه زبان مان نه ڪڍجانءِ.“

ڪُمي چيو ته ”توهان جو حڪم ضرور مڃيندس، ۽ ڪنهن به اعتراض جو ڪوبه جواب نه ڏينديس، ڇا به ٿيئي، هر حالت ۾ ماٺ رهندس.“

ٻگههَ هڪ سنهڙي ۽ ڊگهي ڪاٺي کڻي آيا، ڪميءَ کي ان ڪاٺي کي وات ذريعي پڪڙڻ لاءِ چيائون، هڪ پاسي کان هڪ ته “ ٻئي پاسي کان ٻئي ٻگهه، ڪاٺي چهنب سان کڻي مٿي اُڏاڻا، جڏهن گهڻو مٿي هوا ۾ اُڏامندا هڪ ڳوٺ جي مٿان اُڏاڻا تڏهن ان ڳوٺ جا ماڻهو ان دلچسپ نظاري کي ڏسي تعجب ڪرڻ لڳا ۽ ٻاهر نڪري ڪري ساڄي کاٻي زور سان چوڻ لڳا: ”ڏسو ٻگهه ڪمي کي ڪهڙي ريت کنيون پيا وڃن!“ سڀ کِلي کِلي عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳا، اهو ڏسي ڪمي ڪجهه دير تائين ته ماٺ رهي. آخر کانئس صبر نه ٿي سگهيو. ڪاوڙ ۾ چيائين ”انڌا آهيو ڇا، ڀلا ٻگهه کنيون ٿا وڃن ته ڇا ٿي پيو.“ جيئن ئي ان وات کوليو ته مٿي کان هيٺ وڃي ڪري ٻگهن چيو ته:

”دوستن جو ڪم آهي نصيحت ڪرڻ ۽ چڱن جو ڪم آهي نصيحت ٻڌڻ جيڪو دوستن جي سُهڻي صلاح تي نه هلندو ان جو اهڙوئي حالُ ٿيندو، جهڙو هن بي صبري ۽ بيوقوف ڪميءَ جو ٿيو، جنهن صبر نه ڪيو ته سندس جان هلي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com