سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3/ 1997ع

باب: --

صفحو :4

نادانن کي نصيحت

باندرن جي هڪ ٽولي ڪنهن جبل تي رهندي هئي ۽ اُهو اتي جي ميون، گلن ۽ گاهه تي گذران ڪندا هئا. اوچتو هڪ اونداهي رات ۾، برف باري ٿيڻ لڳي، ۽ سيءُ وڌي وڃڻ سبب انهن کي پنهنجو رت رڳن ۾ ڄمندي محسوس ٿيو، هو پريشان ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا. اوچتو هنن رستي ۾ هڪ کڙکٻيتو پيل ڏٺو، هنن سمجهيو ته هيءُ ڪا باهه جي چڻنگ آهي، ان جي چوڌاري ڪاٺيون گڏ ڪرڻ لڳا، ان چڻنگ تي ڪاٺيون سَٿي، پوءِ ڦوڪون ڏيڻ لڳا. هنن جي ويجهو ئي هڪ وڻ تي پکي ويٺل هو، جنهن چيو:

”هيءَ باهه ڪانهي، هن کي ڇڏي ڏيو.“

پر هو ڪونه مڙيا ڦوڪون ڏيندا رهيا، اتفاق سان ان جڳهه تي هڪ ٻيو پکي اچي نڪتو ۽ ان پکيءَ کي چوڻ لڳو:

”جيڪڏهن هوُ تنهنجي ڳالهه نه ٿا مڃن ته ڪو ڏک نه ڪر، بلڪه بيوقوفن جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ پٿر تي ترارهڻڻ ۽ زهر مان ترياق جي اميد رکڻ جي برابر آهي.“ پکيءَ جڏهن ڏٺو ته ان جي ڳالهه کي ڪوئي نه ٿو ٻُڌي ته هو ويچارو همدرديءَ طور وڻ تان هيٺ لهي آيو ته، جيئن هڪ دفعو ٻيهر کين نصيحت ڪري سگهي، ۽ کين اجائي ڪوشش ۽ محنت کان روڪي سگهي، پکي هيٺ آيو ته باندر سندس چوڌاري گڏ ٿي ويا، ۽ چڪ پائي کيس ماري ڇڏيائون.

نسيم حبيب کوسو

مان چور نه آهيان

هو وِک وڌائيندو اچي در جي چائنٺ تي هٿ ڏئي بيهي رهيو، هن چپ چوري ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي، پر همت ڪري نه سگهيو، سندس مَن ۾ هڪ ڳالهه کٽڪندي رهي، جيڪا هو چئي نه سگهيو، چوڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر زبان سندس ساٿ نه ڏنو، پر هو ساڳي طرح پيءُ ۾ نظرون ڄمائي بيٺو رهيو. سندس پيءُ سامهون کٽ تي ويٺو ماني کائي رهيو هو. آخري دفعو هن ڳالهه چوڻ جو عهد ڪري ڇڏيو، سندس همت ڏسي زبان به کيس ساٿ ڏنو ۽ پوءِ هُن ڏڪندي پنهنجا چپ چوريا، ”بابا! هڪڙي ڳالهه چوان....“ هُن ڏڪندي پنهنجي من جي کٽڪيل ڳالهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي.

”چئو رضوان پٽ ڇا ڳالهه آهي....؟“ سندس پيءُ گرهه چٻاڙيندي چيو.

”به .... به..... بابا! في لاءِ پئسا گهرجن....“ رضوان ساڳي لهجي ۾ چيو.

سندس پيءُ گرهه چٻاڙڻ کان پوءِ هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ رضوان ڏانهن عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳو، ان کان اڳ جو هو ڪاوڙ ۾ تيز ٿي وڃي ها، پر ماني اڳيان ڏسي ٿڌو ٿي ويو.

”پٽ! تون ئي کڻي ٻڌاءِ، مان هڪ غريب هوٽل جو بيرو، تنهنجي في لاءِ پئسا ڪٿان آڻيان....؟“ سندس پيءُ ٿڌي لهجي ۾ ڳالهايو، پيءُ جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ويتر کيس مايوسي جو ڪوهيڙو گهيري ويو، ۽ اڻڄاڻائي ۾ ٻاهر نڪري اچي، مَجوُ پڪوڙائي جي ٽيبل تي ويهي رهيو، سندس مايوسي واري ڪيفيت بلڪل ساڳي طرح هئي، اوچتو هڪ اڇي ڪار اچي سامهون بريڪ هڻي بيهي رهي، هڪ ڪارو ڪوٽ  پهريل شخص سگريٽ جا ڪَش هڻندو اچي سامهون بيٺو.....

”هيءُ آهي نئين نسل جي مايوسي.“ هُن هڪ ٻيو ڪش هڻندي چيو.

”جي.....!“ رضوان حيراني مان کيس ڏسندي چيو.

”منهنجو مطلب آهي ته مان اوهان جي هي مايوسي ڏسي نه ٿو سگهان....“

رضِوان کيس ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ خاموش ساڳي حالت ۾ ويٺو رهيو.

”اوهان جواب نه ڏنو..... مان اوهان جي مايوسي ڄاڻڻ ٿي چاهي.... دراصل مان هڪ انساني خدمت ڪندڙ تنظيم جو صدر آهيان. انساني خدمت ڪرڻ، سندن ڏک ۽ مايوسيون دور ڪرڻ منهنجو اُولين فرض آهي. اوهان کي مايوس ڏسي، تڏهن ته هت آيو آهيان.....“ اُن شخص رضوان سان مخاطب ٿيندي چيو.

”پر! منهنجو مسئلو ئي ٻيو آهي، يعني اسڪول جي في....“ رضوان کيس ساڳيءَ لهجي ۾ چيو، سندس لهجي ۾ ساڳي مايوسي سمايل هئي...

”اسان نيڪ دل انسان سڀ کان وڌيڪ شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪوشان رهندا آهيون، ته جيئن اُهي اڳتي اچي ملڪ ۽ قوم کي ترقي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن.....“ هُن کيس يقين دهاني ڪرائيندي چيو.

”سچ....!!“ رضوان خوشي مان چيو. سندس چهرو گلن وانگي ٻهڪي رهيو هيو. هُن کيس گاڏيءَ ۾ کيس فارم ڀرائڻ لاءِ ويهاريو. گاڏي پنهنجي پوري رفتار سان هلندي رهي، رضوان ته صرف گاڏي ۾ ويٺو مزا ماڻڻ مَجوُ هيو، گاڏي شهر جي ٻاهران هلندي رهي ۽ هڪ کنڊر نما جاءِ ڏانهن رواني ٿي. گاڏي کنڊر نما جاءِ ۾ داخل ٿي ۽ هڪ ڪنڊ ۾ بيهي رهي. گاڏي کي ڏسي ٽي هٿياربند گاڏي ڏانهن وڌيا.... ۽ گاڏي جو در کوليائون.

”اڙي جانو! هن ڇوڪري کي مهمان خاني ۾ ويٺل هل....“ اهو چئي ڪارو ڪوٽ پهريل شخص هليو ويو.

”اندر هل.....“ جانو کيس هڪ ڪمري ۾ ڌڪو ڏيندي چيو.

”پر.... هي هي...... ڇا؟، ڪمري ۾ گهڙندي ئي رضوان حيرانيءَ مان رڙ ڪئي.... ڪمري ۾ ويٺل ٻار جيڪي، تاش راند کيڏي رهيا هئا. رضوان ڏانهن بُرين نظر سان ڏسڻ لڳا.... رضوان جي ڪچي ذهن تي شڪ جا پکي گهر ڪري ويا....

”ڪٿي هي ڪو خطرناڪ گروهه ته نه آهي....؟!!“ ڪٿي هي ٻار وڪڻڻ لاءِ ته نه آندا ويا آهن ۽ مان به....؟!! نه .... نه نه نه .... هو ته نيڪ دل انسان ٿو لڳي....“ سندس معصوم ذهن عجيب خيالن جي ور چڙهي ويو.

”نه ..... نه ..... نه نه ائين نه ٿو ٿي سگهي....“ رضوان بي خياليءَ مان رڙ ڪئي.

”ڇا نه ٿو ٿي سگهي.....“ هڪ چوڏهن سالن جي ٻار چيو، جيڪو ڀت تي ٽيڪ ڏئي سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو....

”ڇڏيوس يار! نئون آ پاڻهي سيٽ ٿي ويندو....“ پتي راند کيڏندڙ هڪ ٻار چيو، جيڪو عمر ۾ ٻين کان وڏو نظر اچي رهيو هو.... خوبصورت رنگن جهڙي شام ٿي رهي هئي، پکين جا ولر آکيرن ڏانهن راهي هئا، سڄي ڏينهن جو ٿڪل ٽٽل سج جبلن جي اوٽ وٺي رهيو هو. اها ڪٺن رات رضوان سُڏڪندي ۽ لڇندي گذاري کيس يقين ٿي رهيو هو ته هي ضرور ڪي شيطاني انسان آهن، جيڪي پاڻ کي قانون کان بالادست سمجهي شيطاني چال چلندا آهن.... جيئن ئي صبح جو خوشگوار پهر ٿيو ته جانوُ ڪمري ۾ داخل ٿيو کيس ڏسندي ئي سڀ ڇوڪرا اٿي بيٺا....

”دودا.....!.....“ جانو داٻو ڪندي چيو. ”جي سرڪار!....“ دودي عاجزي مان وراڻيو.

”دودا! هي نئون ڇوڪرو توسان گڏ هلندو....“ جانو رضوان ڏانهن اشارو ڪندي چيو، جانو انهن سڀني ڇوڪرن کي گاڏيءَ ۾ سوار ڪري شهر جي هڪ مشهور مارڪيٽ جو رُخ ڪيو. مارڪيٽ جي ڀرسان گاڏي بيهاري جانو واپس هليو ويو. اُهي سڀئي ڇوڪرا ٽن ٽن گروپن ۾ ورهائجي جدا جدا جاين ڏانهن وڃڻ لڳا. دودي رضوان کي هٿ کان ورتو ۽ مارڪيٽ ۾ داخل ٿيو، دودي پنهنجي ترڇي نظر هڪ شخص تي اٽڪيل رکي، جيڪو پئسن جي ڳڻپ ڪري رهيو هو. دودي سندس پيڇو ڪيو، اچانڪ دودو پٺيءَ طرف مڙيو ۽ تيز قدمن سان ڊوڙڻ لڳو.... رضوان جو کانئس هٿ ڇڏائجي ويو ۽ رضوان پري وڃي روڊ تي منهن ڀر ڪريو، سندس منهن مان رت جا نار وهڻ لڳا، پوليس موبائيل به سيٽيون وڄائيندي اچي سندس اڳيان بيٺي ۽ کيس هڪ سپاهي هٿ کان ڇڪي موبائيل جي اندر ڌڪيو، رضوان جي حالت خراب ٿيڻ لڳي، کيس هوش ئي نه رهيو ته هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي رهيو آهي.... پوليس کيس وڃي لاڪپ ۾ قيد ڪيو، ڪجهه لمحن کان پوءِ هڪ وڏن مڇن سان ٿلهو پوليس وارو هٿ ۾ لڪڻ کنيون لاڪپ ۾ داخل ٿيو.

”اڙي ڇورا! ٻڌاءِ گهڻن جي چوري ڪئي......“ پوليس واري ڪڙڪندي کانئس پڇيو.

”ڇا ..... ڇه ڇه .... ڇا....“ رضوان هٻڪندي چيو.

”ڇا جا پٽ! جلدي ٻڌاءِ گهڻن جي چوري ڪئي.....“ پوليس واري هڪ زوردار لڪڻ کيس هڻندي چيو، سڄي لاڪپ ۾ معصوم رضوان جون رڙيون گونجڻ لڳيون، ”سائين مان چور نه آهيان.... خدا جو قسم آ مان چور نه آهيان....“

رضوان رڙيون ڪندو رهيو ۽ پوليس وارو کيس بي دردي سان لڪڻ هڻندو رهيو، ”اڙي ڇورا! تون ائين نه سُڌرندين....“ پوليس واري ڪڙڪندي چيو ۽ لاڪپ مان نڪري هليو ويو، ڪجهه لمحن کان پوءِ، هو هٿ ۾ بجلي جي تار کنيو اندر داخل ٿيو، بجلي جي تار ڏسي رضوان جو ساهه سُڪڻ لڳو، سندس جسم ڏڪڻ لڳو ۽ ”نه ..... نه ..... نه مان چور نه آهيان....“ چوندو رهيو. اوچتو بجلي جي هڪ تيز شاڪ سندس ڪومل جسم تي لڳو ۽ گلن جهڙو ڪومل ۽ نرم جسم بجلي جي شاڪن تي مڇي جيان ڦٿڪڻ لڳو ۽ سندس ڏڪندڙ جسم خاموش ٿيو ۽ اُهو پيارو گُل هميشه لاءِ مُرجهائجي ويو، پر ”مان چور نه آهيان......“ چوندو ويو. پوليس وارو هڪ مڪروهه ٽهڪ ڏئي هليو ويو، ۽ تعليم جي پرواني جو لاش سڀني قيدين اڳيان سوال بڻجي ويو....

سيف مگسي

نظم

ڀورا ڪنهن جا ڪارا آهن،

ٻار ته سڀ پيارا آهن.

 

ڪوڙ ته توکان مون کان سکيا،

ورنه سچ هو سارا آهن.

 

تنهنجي ڪوشش ڪاڻ سڪن ٿا،

ڇو ته ڪِريل ويچارا آهن.

 

ٻار سوا ڪي گهر ڏسون ٿا،

ويرانا ۽ خارا آهن.

 

سيف اسان جي مستقبل جا،

روشن باب ستارا آهن.

گل حسن ساگر ڪوري

نظم

ڪيڏا پيارا ٻار سمورا،

اک جا تارا ٻار سمورا.

 

بڻيا آهن مُنهنجي من جا،

ساهه سهارا ٻار سمورا.

 

مون کي ڏاڍا وڻندا آهن،

ڀوُرا ڪارا ٻار سمورا.

 

پيار ۾ ڪڏهن ٿيندا آهن،

ڪين ڪسارا ٻار سمورا.

 

دُعا اها آ ساگر ڪوري،

هُجن نيارا ٻار سمورا.

 

ذوالفقار علي شيخ                     پهريون نمبر مضمون

وڊيو گيم جو تعليم تي اثر

عام طور تي ڏٺو وڃي ته وڊيو گيم جي ڪري، ٻارن جي تعليم تي اثر پوي ٿو ۽ ٻارڙا پنهنجي تعليم ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران وڊيو گيم ڏانهن متوجه ٿين ٿا، ۽ پوءِ ڪوبه ٻار پنهنجي تعليم ۾ دلچسپي نه ٿو وٺي، خاص طور تي وڏن شهرن ۾ جتي وڊيو گيم جا وڏا وڏا دڪان آهن، حقيقت ۾ اهي ٻارن جي وندر لاءِ نه پر انهن جي تعليمي معيار کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، جيئن ٻار کي پنهنجي ننڍي عمر ۾ تعليم ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، اهو ٻار اڄ اسڪول کان پوءِ گهر پهچي هوم ورڪ ڪرڻ بدران وڊيو گيم تي ويهي پنهنجو قيمتي وقت برباد ڪري ٿو. وڊيو گيم جو اثر نه فقط ٻارڙن جي تعليم تي پوي ٿو، پر ان سان گڏ انهن ٻارن جي تعليم تي پڻ اثر پوي ٿو. جيڪي انهن جي سنگت ۾ آهن. وڊيو گيم اسان جي ايندڙ معمارن ۾ هڪ موذي مرض وانگر پکڙجي چڪي آهي. اڄ جو ٻار پنهنجي خرچيءَ مان ڪو معلوماتي ڪتاب خريد ڪرڻ بدران وڊيو گيم تي پئسا خرچ ڪري ٿو. وڊيو گيم جو مالڪ ته خوب پئسا ڪمائيندو آهي، پر شايد ان کي اها خبر نه هوندي آهي، ته هو پنهنجي ملڪ جو مستقبل تاريڪ ۽ ٻارن کي سندن مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ کان هٽائي رهيو آهي، ۽ سندن والدين جي خوابن کي خاڪ ۾ ملائي رهيو آهي. شايد کيس اهو احساس نه آهي ته هو چند رپين جي ڪري ننڍڙن ٻارن جو قيمتي وقت جيڪو سندن تعليم پرائڻ جو آهي، ان کي وڃائي رهيو آهي، هي وڊيو گيم فائدي پهچائڻ بدران ٻارن لاءِ سندن تعليم لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي آهي. وڊيو گيم جي ڪري ڪيترن ئي ٻارن جا مستقبل تاريڪ ۽ سندن خواب اڌورا رهجي وڃن ٿا، جيڪي والدين چاهين پيا ته سندن ٻار تعليم پرائي وڏا آفيسر ٿين ۽ اعلى عهدن تي پهچڻ، پر انهن والدين جا خواب پورا ٿي نه سگهيا، ان جو سبب صرف ۽ صرف وڊيو گيم آهي، والدين ته گهڻو ئي پنهنجي اولاد کي تاڪيد ڪندا آهن ته پنهنجو قيمتي وقت اجايو نه وڃايو، پر هيءُ چوڻي مشهور آهي ته، ”عادت انسان جو عضوو آهي.“ جهڙي طرح انسان جو ڪوبه حصو سندس يا عضوو سندس جسم کان الڳ نه ٿو ٿي سگهي، اهڙي طرح وڊيو گيم به  اڄوڪي ٻار جو هڪ عضوو بڻجي چڪي آهي، جنهن کي هو پاڻ کان الڳ ڪري نه ٿو سگهي، جيئن هڪ ٻار جو مثال وٺو، جيڪو هر سال پهرين پوزيشن حاصل ڪري ٿو، پر جڏهن هو وڊيو گيم جو عادي ٿئي ٿو ته سندس تعليمي ڪارڪردگي سٺي نه ٿي رهي. عام طور تي چيو ويندو آهي ته، ”تعليم ٻار جو زيور آهي.“ پر اڄوڪي دؤر ۾ ان ٻار کان ان تعليم جهڙي زيور جو حق کسيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس هاڻي مشغلو تعليم پرائڻ، معلوماتي ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ نه پر وڊيو گيم کيڏڻ ٿي چڪو آهي، پر حقيقت ۾ ان ٻارن جو ڪوبه ڏوهه نه آهي، اصل ۾ ان وڊيو گيم جو ئي اهو ڪرشمو آهي، جو هن ملڪ جا گهڻي قدر ٻار تعليم جي زيور کان قاصر آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com